حم (آيت : 1) |
ح-م |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
قسم آهي هن ڪتاب پڌري جو |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اسان بنايو آهي ان کي قرآن عربي زبان جو، جيئن توهان ان کي سمجهي سگهو |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ثبت (لکيل) اسان وٽ اوچي مرتبي وارو حڪمت سان ٽمٽار آهي |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڇا بيزار ٿي توهان کان اهو درس نصيحت جو موڪلڻ ڇڏي ڏيون رڳو ان ڪري جو توهان ماڻهو حد کان ٽپي ويل آهيو |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ ڪيترا ئي موڪليا آهن اسان نبي گذريل قومن ۾ اڳي |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ ٿيو ڪڏهن ائين جو آيو انهن وٽ هجي ڪو نبي، ته انهن نه ڪيون هجن ان تي ٺٺوليون |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ اسان هلاڪ ڪيو انهن کي جڪي انهن مان سگهارا هئا ۽ گذري چڪا آهن مثال اڳي ڪيترا ئي |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ جي تون پڇين انهن ماڻهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ته اهي پاڻ چوندا انهن کي خلقيو آهي ان زبردست ڄاڻ رکندڙ |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
اهو ئي جنهن بڻايو توهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ ٺاهيائين توهان جي لاءِ ان ۾ رستا، جيئن توهان لهي سگهو پنهنجي منزل |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ جنهن لاٿو آسمان مان توهان لاءِ پاڻي خاص مقدار ۾ ۽ ان سان بڻايو زنده مئل زمين کي، اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن توهان به ڪڍيا ويندؤ زمين مان |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا جوڙا سڀئي ۽ جنهن بڻايو توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي (واسطي) سواري جي |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
جيئن توهان سوار ٿيو انهن جي پٺيءَ تي پوءِ ياد ڪريو احسان پنهنجي رب جو جڏهن سوار ٿيو انهن تي ته چئو، پاڪ آهي اهو جنهن تابع ڪيو اسان جي لاءِ انهن کي نه ته انهن کي قابو رکڻ جي سگهه ڪنهن کي به ناهي |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ موٽڻو آهي اسان کي پنهنجي رب ڏي |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
(اهو سڀ ڄاڻندي) مقرر ڪيو انهن (الله) سان سندس بندن کي هڪ حصو، بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي ظاهر ظهور |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا (الله) چونڊيون آهن پنهنجي مخلوق مان ڌيئرون ۽ نوازيائين توهان کي پٽن سان؟ |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
۽ جڏهن خوشخبري خود انهن مان ڪنهن کي ڏني ويندي آهي، نسبت رحمٰن جي سان مثال طور ته ڪاراڻ اچي ويندي آهي انهن جي چهرن تي ۽ اهو غم ۾ ٽمٽار ٿي ويندو آهي |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا (الله جي) حصي ۾ اهو ڳهن ڳٺن ۾ پاليل اولاد آيو آهي جيڪو ڪنهن جهيڙي جهڳڙي ۾ پنهنجو مقصد پوري طرح پڌرو نٿو ڪري سگهي؟ |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ قرار ڏنو ملائڪن کي جيڪي آهن خاص ٻانها رحمٰن جا عورتون، ڇا انهن جي جسم جي بناوٽ انهن ڏٺي آهي؟ لکي ويندي سندن شاهدي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ اهي چوندا، جي گهري ها رحمٰن ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون ته) اسان کين نه پوڄيون ها. اهي ان بابت ڪجهه نٿا ڄاڻن، بس اهي رڳو هڻن ٿا ڌڪا |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
ڇا اسان ڏنو هو ڪتاب هن کان اڳي، جنهن جي (ملائڪ پرستي لاءِ) ڪا سند پاڻ وٽ رکندا هجن؟ |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
نه، پر اهي چوندا آهن ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو آهي ۽ اسان انهن جي نقشِ قدم تي هلي رهيا آهيون |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن کي اسان موڪليو اڳ ۾ تو کان جنهن آبادي ۾ ڪو نذير (ڊيڄاريندڙ) ته چيو ان جي سَرندي وارن ماڻهن، اسان ڏٺو پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ۽ اسان انهن جي ئي پيروي ڪري رهيا آهيون |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
(هر نبيءَ کانئن پڇيو) ڇا توهان انهيءَ گس تي هلندؤ؟ (ڀلي آئون صحيح توهان کي ڏسيان) جنهن تي ڏٺو آهي توهان ابن ڏاڏن کي، انهن سڀني رسولن کي چيو: جنهن دين ڏي سڏڻ لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ان جا منڪر آهيون |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
آخرڪار اسان انهن جي خبر ورتي، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي (انهن) ڪوڙن جي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن ابراهيم چيو هو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي، بيشڪ منهنجو انهن سان واسطو ناهي جن جي بندگي ڪريو ٿا |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
واسطو ان سان اٿم جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي رهنمائي ڪندو |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ڇڏي ويو (ابراهيم) اهو ئي ڪلمو (ڳالهه) پنهنجي پويان پنهنجي اولاد ۾، جيئن اهي ان ڏانهن موٽن |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
(ماڻهن پوءِ به ٻين جي بندگي ڪئي ته مون کين ناس نه ڪيو) سندن وڏن کي زندگيءَ جو سامان ڏنم تان جو وٽن اچي ويو حق ۽ رسول پڌرو بيان ڪرڻ وارو |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
پر جڏهن آيو انهن وٽ حق ته انهن چئي ڏنو، هي ته جادو آهي ۽ اسان ان جي مڃڻ کان انڪاري آهيون |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چون ٿا، ڇو نه نازل ڪيو ويو اهو قرآن وڏن ماڻهن مان ڪنهن تي ٻنهي وڏن شهرن جي |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا اهي ورهائن ٿا رحمت تنهنجي رب جي؟ اسان ته ورهايا آهن انهن جي وچ ۾ وسيلا زندگي جي گذر بسر جا دنيا ۾، ۽ بلند ڪيوسين ڪن ماڻهن کي فضيلت ڏئي ڪن ٻين تي ڪيترا درجا، جيئن وٺن هڪ ٻئي کان خدمت ۽ رحمت تنهنجي رب جي ان دولت کان وڌيڪ قيمتي آهي (جيڪا سندن رئيس) گڏ ڪري رهيا آهن |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
جي اهو انديشو نه هجي ها ته ماڻهو سمورا هڪ ئي طريقي جا ٿي ويندا ته اسان رحمٰن سان ڪفر ڪرڻ وارن لاءِ سندن گهرن جون ڇتيون بنايون ها چانديءَ جون ۽ انهن جون ڏاڪڻيون به جن تي اهي چڙهندا آهن |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ تخت ۽ جن تي اهي وهاڻا هڻي ٽيڪ ڏيندا آهن |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ سڀ چاندي ۽ سون جا بنايون ها اهو ته رڳو سامان آهي حياتي دنيا جو، ۽ آخرت آهي تنهنجي رب وٽ صرف پرهيزگارن جي لاءِ |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو شخص غفلت ڪندو ذڪر (ياد) رحمٰن جي کان، مقرر ڪندا آهيون ان تي هڪ شيطان پوءِ اهو ان جو دوست بنجي ويندو آهي |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ يقينًا (اهي شيطان) روڪيندا آهن کين سڌي واٽ تي اچڻ کان ۽ اهي سمجهندا آهن پنهنجي ليکي ته اسان هدايت وارا آهيون |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
آخر جڏهن پهچندو اهو شخص اسان وٽ ته چوندو (دوست شيطان کي) اي ڪاش! منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ دوري هجي ها اوڀر اولهه جيتري، تون ته بڇڙو ساٿي نڪتين |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
(کين چيو ويندو) هرگز توهان کي نفعو نه ملندو اڄ، جڏهن ته توهان ظلم ڪيو آهي، بيشڪ توهان ۽ توهان جا شيطان عذاب ۾ شريڪ آهيو |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
هاڻي ڇا اي نبي! تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ يا واٽ ڏيکاريندين انڌن ۽ انهن کي جيڪي گمراهيءَ ۾ پيل آهن ظاهر ظهور! |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏهن وٺي وڃون توکي دنيا مان، پوءِ ته انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون (سزا سان) |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا ڏيکاريون توکي انهن جو نتيجو جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو آهي، اسان کي انهن تي مڪمل قدرت حاصل آهي |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
پوءِ تون مضبوط رک ان ڪتاب کي قابو ۾ جيڪو وحي ذريعي توکي موڪليو آهي، بيشڪ تون (ان) راهه تي آهين جيڪا سڌي آهي |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته اهو ڪتاب تو ۽ تنهنجي قوم لاءِ وڏو شرف آهي ۽ سگهوئي توهان کان ان جو پڇاڻو ٿيندو |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ پڇي ڏس انهن سڀني رسولن کان جيڪي توکان اڳي موڪليا هئا اسان ڇا اسان مقرر ڪيا هئا ڪي ٻيا خدا سواءِ رحمٰن جي، جو انهن جي بندگي ڪئي وڃي؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس حڪومتي سردارن وٽ، هن وڃي چيو، بيشڪ آئون رسول آهيان رب العالمين جي طرفان |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ جڏهن هن پيش ڪيون اسان جون نشانيون انهن جي آڏو ته اهي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ اسان ڏيکاريندا وياسين نشانيون هڪ ٻئي پٺيان جيڪا پهرين کان وڏي هئي ۽ کين جڪڙيوسين عذاب ۾، جيئن اهي پنهنجي هلت کان مڙي وڃن |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ چوندا هئا (هر عذاب جي موقعي تي) اي جادوگر! پنهنجي رب طرفان توکي جيڪو مرتبو حاصل آهي، ان ڪري اسان لاءِ دعا گهر، اسان ضرور سڌي راهه لهنداسين |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جيئن ئي اسان ٽاريندا هئاسين انهن تان عذاب، ته اهي پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندا هئا |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ هڪ ڏينهن پڪاري فرعون پنهنجي قوم کي چيو، اي قوم! ڇا نه آهي منهنجي بادشاهي مصر جي ۽ اهي واهه منهنجي هيٺان نٿا وهن؟ ڇا توهان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
ڇا آئون چڱو نه آهيان هن کان (يا) اهو شخص جيڪو ذليل هيڻو آهي، ۽ اهو پنهنجي ڳالهه به بيان ڪري نٿو سگهي |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
پوءِ ڇو نه لاٿا ويا انهن تي ڪنگڻ سون جا (آسمان مان) يا ڇو نه آيا ان سان گڏجي ملائڪ (جيڪي) نٿا هلن |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ بيوقوف بنايو هن پنهنجي قوم کي، پوءِ انهن سندس تابعداري ڪئي، بيشڪ اهي ماڻهو هئا فاسقن مان |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏهن غضبناڪ ڪيو اسان کي ته اسان بدلو ورتو انهن کان، پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسين کين گڏ ڪري |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ ڪيوسين انهن کي گذريل داستان ۽ نمونو عبرت جو |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جيئن ئي ڏنو ويو آهي ابن مريم جو مثال، ته تنهنجي قوم جي ماڻهن ان تي گوڙ ڪيو |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چوڻ لڳا، اسان جا خدا چڱا آهن يا اهو (عيسيٰ)؟ اهو مثال تنهنجي آڏو اجايو بحث لاءِ آندو آهي، حقيقت هيءَ آهي ته اهي آهن ئي جهيڙيڪار |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
(مريم جو پٽ ان بنا ڪجهه نه هو) ته اهو هڪ بندو هو اسان جو انعام ڪيل هو ۽ بنايوسين ان کي هڪ مثال (قدرت جو) بني اسرائيل جي لاءِ |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جي چاهيون ته پيدا ڪريون توهان مان فرشتا، جيڪي زمين تي توهان جا جاءِ نشين ٿين |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ اهو (ابن مريم) هڪ نشاني آهي قيامت جي، پوءِ توهان ان ۾ شڪ نه ڪريو ۽ مڃو منهنجي ڳالهه، اها ئي واٽ سڌي آهي |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ ائين نه ٿئي جو روڪي توهان کي ان کان شيطان، بيشڪ اهو ته توهان جو دشمن آهي ظاهر ظهور |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن آيو هو عيسيٰ پڌرين نشانين سان، ته ان چيو، بيشڪ آئون توهان وٽ آيو آهيان حڪمت کڻي، ۽ ان لاءِ آيو آهيان ته توهان تي ڪن ڳالهين جي حقيقت پڌري ڪريان، جن ۾ اختلاف ڪري رهيا آهيو توهان، سو ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله ئي آهي منهنجو رب ۽ توهان جو به رب، پوءِ ان جي عبادت ڪريو، اهو ئي رستو سڌو آهي |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
(پر سندس ان صاف تعليم جي به) اختلاف ڪيو ٽولن پاڻ ۾، پوءِ بربادي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو، عذاب آهي هڪ ڏينهن انهن لاءِ دردناڪ |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
ڇا هاڻي انتظار ۾ آهن اهي ماڻهو ته قيامت اچي انهن تي اوچتو ئي ۽ انهن کي ڪا خبر به نه پوي |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
ايندو جڏهن اهو ڏينهن ته ڪيترا ئي دوست به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ويندا سواءِ پرهيزگارن جي |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
(چيو ويندو) اي منهنجا ٻانهؤ! ڪوبه خوف ناهي توهان تي اڄ، ۽ نه توهان جي لاءِ آهي ڪوبه غم |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
جن ماڻهن ايمان آندو اسان جي آيتن تي ۽ فرمانبردار ٿيا |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
داخل ٿيو بهشت ۾ توهان ۽ توهان جون زالون، توهان کي خوش ڪيو ويندو |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
ڦيرايا ويندا انهن جي اڳيان ٿالهه جيڪي هوندا سونا ۽ صراحيون ۽ (اهي شيون به پيش ڪبيون) جن جي خواهش ڪندا سندن نفس ۽ لذت ڏيندڙ نگاهن کي هر وڻندڙ شيءِ، کين چيو ويندو، توهان هاڻ هميشه هت رهندؤ |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
۽ هن ئي جنت جا رهندؤ وارث توهان پنهنجي ڪيل عملن سببان، جيڪي دنيا ۾ ڪيا |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
توهان جي لاءِ هتي ميوا جام آهن جيڪي توهان کائيندؤ |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
(باقي رهيا ڏوهاري) بيشڪ اهي مجرم آهن سي سدائين عذابِ جهنم ۾ داخل رهندا |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
ڪابه گهٽتائي ڪانه ٿيندي انهن لاءِ ۽ اهي اتي مايوس پيا هوندا |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
۽ ناهي ڪيو ظلم انهن تي اسان پر اهي پاڻ ئي پنهنجي مٿان ظلم ڪندا رهيا |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
۽ پڪاريندا اهي (دوزخ جي داروغي کي) اي مالڪ! اسان جو ڪم پورو ڪري تنهنجو رب ته چڱو، اهو جواب ڏيندو، بيشڪ توهان ائين ئي پيا رهندؤ |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
بيشڪ اسان توهان وٽ حق کڻي آياسين پر توهان مان گهڻن کي حق پسند ئي ڪونه هو |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن ماڻهن ڪنهن قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ ته اسان به هڪ فيصلو ٿا ڪريون |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڇا سمجهيو آهي انهن ماڻهن ته اسان نٿا ٻڌون انهن جون (لڪل) صلاحون؟ ها! ۽ اسان سڀڪجهه ٻڌي رهيا آهيون ۽ اسان جا فرشتا وٽن لکي رهيا آهن |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
کين چؤ جي هجي ها ڪو رحمٰن جو اولاد، ته آئون ئي سڀ کان پهريون عبادت ڪندڙ هجان ها |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
پاڪ آهي مالڪ آسمانن ۽ زمين جو، حاڪم عرش جو، انهن ڳالهين کان جن لاءِ اهي ماڻهو ان ڏي نسبت ڪن ٿا |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ رڌل رهڻ ڏي انهن کي ته بحث ڪن ۽ ڀلي کيڏندا رهن، تان جو اهي ڏسن اهو ڏينهن جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ويو هو |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ اهو ئي آهي جيڪو آهي آسمانن ۾ خدا ۽ اهو ئي آهي زمين ۾ به خدا ۽ اهو ئي آهي حڪمت رکڻ ۽ ڄاڻ رکڻ وارو |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ برڪت وارو آهي اهو جيڪو بلند ۽ تمام مٿانهون، جنهن جي قبضي ۾ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جي بادشاهي آهي ۽ ان وٽ ئي آهي علم قيامت جي گهڙيءَ جو، ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ ان کي ڇڏي جن کي پڪاريندا آهن اهي سي ڪنهن به شفاعت جو اختيار نٿا رکن، پر ڪير آهي جيڪو شاهدي ڏي حق جي علم جي بنا تي (ته اها ٻي ڳالهه آهي) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جي تون انهن کان پڇين ڪنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي ته اهي پاڻ ئي چوندا ته الله، پوءِ ڪٿان اهي دوکو پيا کائن؟ |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ قسم آهي رسول جي هن ڳالهه جو، ته اي منهنجا رب! هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪڏهن نٿا مڃين |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
چڱو اي نبي! درگذر ڪر انهن کي ۽ چئي ڇڏ ته سلام آهي توهان کي، پوءِ کين جلد معلوم ٿي ويندو |