حم (آيت : 1) |
ﷅ (حا ـ ميم) |
عسق (آيت : 2) |
ﰹ (عين. سين. قاف) |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
(اي نبي) اهڙي ئي نموني الله زبردست ۽ داناءُ توڏانهن ۽ توکان اڳ ٿي گذريل (رسولن) ڏانهن وحي ڪندو رهيو آهي |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سندس ئي آهي، هو تمام مٿانهون ۽ تمام وڏو آهي |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
اجهو ٿا آسمان مٿان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ زمين وارن جي حق ۾ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا. خبر هجيوَ ته بيشڪ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
جن ماڻهن ان کي ڇڏي پنهنجا ٻيا مددگار بڻايا آهن، انهن تي نظرداري ڪندڙ به الله آهي، تون انهن جو رکوالو نه آهين |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
اهڙيءَ طرح ئي اي نبي! اسان توڏانهن هيءُ عربي زبان وارو قرآن ان لاءِ وحي ڪيو آهي ته جيئن تون آبادين جي مرڪز (شهر مڪي) ۽ ان جي چؤطرف رهڻ وارن کي ڊيڄارين ۽ مــِـڙي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان کين ڊيڄارين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي، هڪڙو ٽولو ته جنت ۾ وڃڻو آهي ۽ ٻيو ٽولو دوزخ ۾ پوڻو آهي |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هڪڙي ئي امت بڻائي ڇڏي ها، پر هو ته جنهن کي چاهيندو آهي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو آهي ۽ ظالمن جو ڪوبه ولي ۽ مددگار ڪونهي |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
اهي ڀلا (اهڙا نادان آهن ڇا جو) کيس ڇڏي ٻيا ولي ورتا اٿن، ولي ته الله ئي آهي. اهوئي ٿو مئن کي جيئرو ڪري ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
توهان جو پاڻ ۾ ڪنهن به معاملي ۾ ڪو اختلاف آهي ته ان جو فيصلو الله کي ڪرڻو آهي، اهوئي الله ته منهنجو رب آهي، انهيءَ تي ئي مون ڀاڙيو آهي ۽ ان ڏانهن ئي رجوع ٿيان ٿو |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ وارو جنهن توهان جي پنهنجيءَ ئي جنس مان توهان لاءِ زالون پيدا ڪيون آهن ۽ ان ريت جانورن ۾ به (پنهنجيءَ پنهنجيءَ جنس مان) جوڙا بڻايا اٿائين ۽ ان طريقي سان توهان جا ڪــَـڻي مان ڪيچ ڪري ٿو، ان جهڙي ڪائنات جي ڪا شيءِ ڪانهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون هن وٽ ئي آهن. جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن جو گهري تنگ ڪري ڇڏي ٿو، کيس هر شيءِ جو علم آهي |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هن توهان لاءِ دين جو اهوئي نمونو مقرر ڪيو آهي، جنهن جو حڪم هن نوح کي ڏنو هو ۽ جنهن کي (اي محمد) هاڻي اسان توڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏئي چڪا آهيون، انهيءَ تاڪيد سان ته انهيءَ دين کي قائم ڪريو ۽ ان معاملي ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. اهائي ڳالهه ته انهن مشرڪن کي ڏاڍي ڏکي لڳي آهي، جنهن ڏانهن (اي نبي) تون کين سڏين ٿو، الله جنهن کي وڻيس پنهنجي لاءِ چونڊي وٺي ٿو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو هو، انهيءَ کي ٿو ڏَسي جيڪو ڏانهس ورندو هجي |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
ماڻهن جون واٽون جو جدا ٿيون ته اهي وٽن علم اچي وڃڻ کان پوءِ ئي ٿيون ۽ ان ڪري ٿيون جو هنن هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي گهري. جيڪڏهن تنهنجو رب اڳيئي اهو قول نه ڏئي چڪو هجي ها ته فيصلو هڪڙي مقرر وقت تائين ملتوي ٿيل آهي، ته سندن وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ اڳين کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪتاب جا وارث بڻايا ويا آهن، سي ان بابت ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهن |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
(صورتحال ڪيئن به هجي) تون اي نبي! انهيءَ دين ڏي سڏيندو رهه ۽ جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي، انهيءَ تي قائم رهه ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن تي نه هل ۽ چئي ڇڏين ته "الله جيڪو ڪتاب به نازل ڪيو آهي، مان ان تي ايمان آندو آهي ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان توهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي. اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ . اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهيڙو ڪونهي. الله نيٺ اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ ڏانهس ئي سڀني جو موٽڻ آهي" |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
الله جي دين کي قبولڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو (انهن سان) الله جي باري ۾ تڪرار ڪن ٿا، انهن جي حجت بازي سندن رب جي نظر ۾ بي وزن آهي ۽ مٿن ڏمر ٿيل آهي ۽ انهن لاءِ ڏاڍو سخت عذاب آهي |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
اهو الله ئي آهي، جنهن حق وارو هيءُ ڪتاب ۽ انصاف جي تارازي نازل ڪيا آهن ۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جي گهڙي متان اچي سڻائي ئي ٿي هجي |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جن جو مٿس ايمان ئي ناهي سي ته ان جي اچڻ لاءِ تڪڙ مچائي رهيا آهن ۽ جن جو مٿس ايمان آهي، اهي ته ان کان ڊڄندا ٿا رهن ۽ ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ برحق آهي. ٻڌي ڇڏيو! ته جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ جي اچڻ جي باري ۾ شڪ جي ڪري اجايا بحث ڪن ٿا، سي گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي پيا آهن |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله پنهنجن ٻانهن تي ڏاڍو مهربان آهي. جنهن کي جيڪي وڻيس سو ڏئي ٿو ۽ هو وڏيءَ سگهه وارو ۽ زبردست آهي |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو آخرت وارو فصل طلبي ٿو اسان ان جي پوک کي وڌائي ڇڏيون ٿا ۽ جيڪو دنيا واري فصل جو طالبو آهي، تنهن کي دنيا منجهان ئي ٿا ڏئي ڇڏيون، پر پوءِ ان جو آخرت ۾ ڪوبه ڀاڱو ناهي |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڀلا انهن ماڻهن جا ڪي اهڙا (خدائيءَ ۾) شريڪ آهن ڇا، جن هنن لاءِ دين جي قسم جو ڪو اهڙو طريقو مقرر ڪيو آهي، جنهن جي الله اجازت نه ڏني آهي؟ جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه طيءِ ٿيل نه هجي ها ته انهن جو معاملو ڪڏهوڪو نبيرجي چڪو هجي ها. بيشڪ انهن ظالمن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
(اي نبي) تون ڏسندين ته اهي ظالم پيا پنهنجي ڪئي جي نتيجي کان ڊڄندا هوندا ۽ اهو ته آڏو اچڻو اٿن. هوڏانهن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، سي جنت جي باغن ۾ هوندا. جيڪي گهرندا پنهنجي رب وٽ لهندا، اهوئي ته وڏو فضل آهي |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اها اٿوَ اها شيءِ جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا. اي نبي! چوين ته مان انهيءَ ڪم لاءِ توهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، پر ايترو سو چاهيان ٿو ته عزيزن قريبن ۾ محبت هجي. جيڪو به ڀلائي کَٽندو ته اسان ان لاءِ منجهس اڃا به خوبيءَ جو واڌارو ڪنداسون، بيشڪ الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ قدردان آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا اهي چون ٿا ته انهيءَ شخص الله تي ڪوڙ هنيو آهي؟ جيڪڏهن الله چاهي ته تنهنجي دل تي مهر هڻي ڇڏي. الله باطل کي مٽائي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجن فرمانن وسيلي حق کي حق ڪري ڏيکاريندو آهي. هو سينن جا لڪل راز به ڄاڻندو آهي |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
اهوئي پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو ۽ بڇڙاين کي نظرانداز ڪندو رهي ٿو. توڻي جو جيڪو توهان ڪيو ٿا سڀ ڄاڻي ٿو |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
هو ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جون دعائون قبول ٿو ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين اڃان به گهڻو ٿو ڏئي، باقي ڪافرن لاءِ ڏاڍي سخت سزا آهي |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
جيڪڏهن الله پنهنجن سڀني ٻانهن جو رزق ڪشادو ڪري ڇڏي ها ته زمين ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪن ها، پر هو اندازي سان جيترو چاهي ٿو نازل ڪري ٿو. بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کان واقف آهي ۽ اهي نگاهه ۾ اٿس |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
اهوئي آهي، جيڪو ماڻهن جي نااميد ٿي وڃڻ کان پوءِ مينهن ٿو وسائي ۽ پنهنجيءَ رحمت کي پکيڙي ٿو ڇڏي ۽ اهوئي ساراهه جي لائق سرپرست آهي |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو پيدا ٿيڻ سندس نشانين مان آهي ۽ اهي ساهدار به جيڪي ٻنهي ۾ پکيڙي ڇڏيا اٿائين، وري جڏهن گهري ته کين ميڙي گڏ ڪري سگهي ٿو |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
توهان تي ڪابه مصيبت آئي آهي ته توهان جي پنهنجي هٿن جي ڪمائي سببان آهي، نه ته توهان جا گهڻائي گناهه ته هو هونئن ئي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
توهان زمين ۾ ان کي پڄي سگهڻ وارا ناهيو ۽ نڪي الله جي مقابلي ۾ توهان جو ڪو ڀرجهلو ۽ مدد ڪندڙ آهي |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
سندس ئي نشانين مان آهن، اهي جهاز جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر ٿا ڏسجن |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
الله جيڪڏهن گهري ته هوا کي روڪي ڇڏي ۽ اهي سمنڊ جي مٿاڇري تي هڪ هنڌ بيهي وڃن، ان ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو حد درجي جو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا (منجهن سوار ٿيلن جي) گهڻن ئي گناهن کان ٽارو ڪندي به رڳو سندن ڪجهه عملن جي ڪري ئي کين غرق ڪري ڇڏي |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
۽ ان وقت اسان جي آيتن جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ وارن کي پتو پئجي وڃي ته انهن لاءِ ته پناهه وٺڻ جي ڪا جاءِ ئي ڪانهي |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو ويو آهي، اهو ته رڳو دنيا جي چند ڏينهن واري زندگيءَ جو ئي مال متاع آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، اهو ڀلو به آهي ۽ جٽاءَ وارو پڻ! اهو انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي ئي ڀروسو ڪن ٿا |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ وڏن گناهن کان ۽ بي حيائيءَ وارن ڪمن کان پاسو ڪن ٿا ۽ جنهن وقت ڪاوڙ ٿي اچين ته معاف ٿا ڪري ڇڏين |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
جيڪي پنهنجي رب جو حڪم مڃين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ پنهنجا معاملا هڪ ٻئي جي صلاح مشوري سان هلائين ٿا، جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ جڏهن ساڻن ڪا ڏاڍائي ڪئي وڃي ٿي ته مڙس ٿي منهن ڏين ٿا |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
برائيءَ جو بدلو اوتري ئي برائي آهي، پر جي ڪو معاف ڪري ڇڏي ۽ ڳالهه کي ٺاهي ڇڏي ته ان جو اجر الله تي آهي، هـُـن کي ته ظالم وڻندا ئي ناهن |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جيڪي ماڻهو ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو وٺن ته انهن تي ڪا ميار ڪانهي |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
ميار لائق ته اهي آهن، جيڪي ٻين تي ظلم ٿا ڪن ۽ زمين ۾ ناحق ڏاڍايون ڪندا ٿا وتن، اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
۽ جيڪو صبر ڪندو ۽ معاف ڪري ڇڏيندو ته اها وڏي همت واري ڳالهه آهي |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنهن کي الله ئي گمراهه ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي مدد ڏيڻ وارو الله کان پوءِ ٻيو ڪوبه ناهي. تون ڏسندين ته ظالم جڏهن عذاب ڏسندا ته چوندا، ڇا هاڻي واپس ٿيڻ جي به ڪا واٽ آهي؟ |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ (اي نبي) تون ڏسندين ته جڏهن جهنم جي سامهون آندا ويندا ته ذلت سبب پيا جهڪندا ويندا ۽ ان کي ٽيڏي اک ڪري پيا ڏسندا. ان وقت اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، چوندا ته اصلي خساري ۾ پيل ته اهي آهن، جن اڄ قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجن واسطيدارن کي به خساري ۾ وڌو آهي. خبردار! ظالم ماڻهو دائمي عذاب ۾ پوندا |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ سندن ڪي به مددگار نه هوندا، جو کڻي الله جي مقابلي ۾ سندن ڪا مدد ڪن، جنهن کي الله گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي، تنهن لاءِ ته ڪو چارو ئي ناهي |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
پنهنجي رب جو حڪم مڃيو، هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي وڃي، جنهن جي ٽري وڃڻ جي ڪا صورت الله پاران آهي ئي ڪانه. انهيءَ ڏينهن توهان لاءِ نڪي ڪا پناهه وٺڻ جي جاءِ هوندي ۽ نه وري توهان جي حالت کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو ئي ڪو هوندو |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
هاڻي جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا ته اي نبي! اسان توکي مٿن ڪو نگهبان ڪري ته نه موڪليو آهي، توتي رڳو ڳالهه پهچائڻ جي ذميواري آهي. انسان جي حالت ته اها آهي ته جڏهن اسان کيس پنهنجيءَ رحمت جو مزو وٺائيندا آهيون ته ان تي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجن هٿن سان آندل ڪا مصيبت ٿي ڪڙڪي پويس ته ڏاڍو ناشڪرو ٿئي ٿو |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
الله، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي، جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو، جنهن کي وڻيس نياڻيون ٿو ڏئي ۽ جنهن کي گهري پٽ ٿو ڏئي |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
جنهن کي چاهي پٽ ۽ نياڻيون گڏي ٿو ڏئي ۽ جنهن کي گهري ســَـنڍ ٿو ڪري ڇڏي. بيشڪ هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهندڙ آهي |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
ڪنهن به بشر جي اها حيثيت نه آهي ته الله ساڻس روبرو ڳالهائي، ها باقي وحيءَ جي وسيلي يا پردي جي پويان ڳالهه ٿيندي آهي يا وري هو ڪو پيغام آڻيندڙ (فرشتو) موڪليندو آهي، جيڪو سندس حڪم سان جيڪي هو چاهيندو آهي، وحي ڪندو آهي. بيشڪ هو مٿانهون ۽ داناءُ آهي |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ اهڙيءَ ريت (اي نبي) اسان پنهنجي حڪم وارو هڪڙو روح توڏانهن وحي ڪيو آهي، توکي ڪا خبر ئي ڪانه هئي ته ڪتاب ڇا ٿيندو آهي، ايمان ڇا هوندو آهي، پر انهيءَ روح کي اسان هڪ روشني بڻايو، جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون واٽ ٿا ڏيکاريون. بيشڪ تون سڌي واٽ ڏيکارين ٿو |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
انهيءَ الله واري واٽ، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي. خبردار! سمورا معاملا الله ڏانهن ئي موٽڻا آهن |