حم (آيت : 1) |
حم |
عسق (آيت : 2) |
عسق |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
(اي رسول) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ هئا وحي موڪلي ٿو. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
۽ جيڪي آسمان ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي. ۽ اهو ئي (ته وڏو) عاليشان (۽) بزرگ آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
(انهن جي ڳالهين کان) آسمان (سندس هيبت سبب) پنهنجي مٿان ڦاٽي نه پون ۽ فرشتا ته پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. ياد رکو! بيشڪ خدا ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻيا (ڪيئي) پنهنجا سرپرست بنايا آهن تن جي خدا نگراني ڪري رهيو آهي ۽ (اي رسول) تون سندن ذميوار نه آهين. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي عربي زبان ۾ قرآن هن ڪري موڪليو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي. ان ڏينهن هڪ فرقو (مڃڻ وارو ته) بهشت هوندو ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي گروھ بنائي ها. پر اهو ته جنهن کي گهري ٿو (هدايت) ڪري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ظالمن جو ته (ان ڏينهن) ته ڪوئي يار آهي ۽ نه مددگار. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
ڇا انهن ماڻهن خدا کان سواءِ (ڪي ٻيا) مددگار بنايا آهن؟ مددگار ته رڳو الله ئي آهي ۽ اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ اوهان جنهن ڪم جو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پالڻهار آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو. |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
(اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان ئي اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙي طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جو ڪير مٽ نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمان ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هن اوهان جي لاءِ دين جو اهو رستو مقرر ڪيو جنهن (تي هلڻ) جو نوح کي حڪم ڏنل هو ۽ (اي رسول) اهو ئي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي حڪم ڪيو (اهو) هي (آهي) ته دين کي قائم رکجو ۽ ان ۾ تفرقو نه وججهو. جنهن دين طرف تون مشرڪن کي سڏين ٿو اها (ڳالھ) کين ڏاڏي ڏکي لڳي ٿي. خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي بارگاھ جو برگزيده ڪري وٺي ٿو ۽ جو ان ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو. |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ اهي ماڻهو ڌار ڌار ٿيا به ته علم (حق) اچڻ کان پوءِ ۽ (سو به) رڳو پاڻ ۾ ضد جي ڪري ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار (جي طرف) کان مقرر مدت تائين (قيامت جو وعدو نه ٿيل هجي ها) ته سندن فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن کان پوءِ (خدا جي) ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن بابت اهي وڏي شڪ ۾ (پيل) آهن. |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
پوءِ (اي رسول) تون (ماڻهن کي) ان (دين) ڏي سڏيندو رھ (ان تي) قائم رھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪج ۽ (صاف کولي) ٻڌائين ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي آءُ ايمان رکان ٿو پڻ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ اوهان جي (اختلافن جي) وچ ۾ انصاف (سان فيصلو) ڪريان الله ئي اسان جو پالڻهار آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن اسان ۾ ۽ اوهان ۾ ته ڪا حجت (يا تڪرار جي ڪا ضرورت) نه آهي. الله ئي اسان سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
۽ جيڪي خدا (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پالڻهار وٽ باطل آهي ۽ انهن تي (خدا جو) غضب ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
الله ئي ته آهي جنهن حق (سچ) سان ڪتاب نازل ڪيو ۽ عدل ۽ انصاف به نازل ڪيو. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته متان اها قيامت ويجهي هجي (پوءِ غفلت ڇو؟) |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
۽ جيڪي ان تي ايمان نه ٿا رکن سي ان (قيامت) جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن. خبردار! جيڪي ان (قيامت جي اچڻ) ۾ شڪ ڪن ٿا سي وڏي گراهي ۾ آهن. |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
خدا پنهنجن بندن (جي حال) تي وڏو مهربان آهي جنهن کي (جيتري) روزي چاهي ٿو ڏئي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جو شخص آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي ان مان ڪجھ ڏيون ٿا پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڇا انهن ماڻهن جا (بنايل) اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي خدا اجازت نه ڏني آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ (جي ڏينهن) جو وعدو نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ يقينا (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ دردناڪ عذاب آهي. |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
(قيامت جي ڏينهن) ڏسندين ته ظالم ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن (جي خوف) ڪري ڊڄندا هوندا ۽ اهو (عذاب) مٿن پوندو. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ هوندو. اهو ئي ته (خدا جو) وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي. |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اهو ئي اهو (انعام) آهي جنهن جي خدا پنهنجن انهن بندن کي خوش خبري ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ هن (تبليغ رسالت) جو پنهنجي قرابت دارن (اهل بيت) جي محبت کان سواءِ اوهان کان ڪو به اجر نه ٿو گهران ۽ جو شخص نيڪي حاصل ڪندو اسين ان لاءِ سندس ان نيڪيءَ ۾ واڌارو ڪنداسون. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار قدردان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا اهي ماڻهو (تنهنجي نسبت) چون ٿا ته هن رسول خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو آهي ته جيڪڏهن (ائين هجي ها ته) خدا گهري ها تنهنجيءَ دل تي مهر هڻي ڇڏي ها (جو تون ڳالهائي نه سگهين ها) ۽ خدا ته ڪوڙ مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جي راز کان به چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان زياده ڏئي ٿو ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي. |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن خدا پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ته اهي زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر هو ته جيڪي چاهي ٿو تنهن کي اندازي سان روزي نازل ڪري ٿو. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ هو اهو آهي جو ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪارساز (۽) حمد ۽ ثنا جو لائق آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ سندس قدرت جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪرڻ ۽ جاندار پڻ ان (خدا) زمين ۽ آسمان ۾ ڦهلايا آهن ۽ جڏهن گهري انهن جي گڏ ڪرڻ تي (به) قادر آهي. |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سان ۽ (تنهن هوندي به) اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪندڙ آهي. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
۽ اوهين ماڻهو زمين ۾ (رهي ڪري ته خدا کي) ڪنهن طرح عاجز ڪري نه ٿا سگهو ۽ خدا کان سواءِ ته اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار. |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ (هلڻ وارا بادباني) جهاز آهن جي ڄڻ ته جبل آهن. |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جيڪڏهن خدا گهري ها ته هوا کي بيهاري ڇڏي ته جهاز به سمنڊ جي سطح تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (خدا جي قدرت جون) نشانيون آهن، |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا (جيڪڏهن گهري ته) ٻيڙين کي سندن (بد) اعمالي جي ڪري برباد ڪري ڇڏي ۽ اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪري ٿو. |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين ۾ (اجايو) جهڳڙو ڪن ٿا سي ڇڱيءَ طرح ياد رکن ته کين ڪنهن طرح (به عذاب کان) ڇوٽڪارو ڪونهي. |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
(انسانو!) اوهان کي ته جو ڪجھ (مال متاع ڏنو ويو آهي سو (رڳو) دنيا جي حياتيءَ جو (ٻن ٽن ڏينهن) جو ساز سامان آهي ۽ جو ڪجھ خدا وٽ آهي اهو گهڻو چڱو آهي ۽ پائدار آهي (پر اها نعمت) خاص انهن ماڻهن لاءِ آهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ جي شخص وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڳالهين کان پاڻ کي بچائيندا رهن ٿا ۽ جڏهين ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪري ڇڏين ٿا. |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جي پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ انهن جا سڀ ڪم پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ سان هوندا آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ) ۾ ڏين ٿا. |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ (اهي اهڙا آهن جو) جڏهن مٿن (ڪا) زيادتي ٿئي ٿي ته اهو رڳو واجبي بدلو وٺندا آهن. |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي ٻئي برائي آهي. تنهن هوندي به جو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ (معاملي کي) ٺاهي ڇڏي ته ان جو ثواب خدا جي ذمي آهي. بيشڪ اهو ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي جيڪڏهن ان کان پوءِ بدلو (يا انتقام) وٺي ته اهڙن ماڻهن تي ڪو به الزام ڪونهي. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
الزام ته رڳو انهن ماڻهن تي آهي جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ روءِ زمين تي ناحق زيادتيون ڪندا وتن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي. |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
۽ جو صبر ڪري ۽ قصور معاف ڪري ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏي حوصلي جا ڪم آهن. |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي تنهن کان پوءِ ان جو ڪو به سرپرست نه آهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن (دوزخ جو) عذاب ڏسندا ته چوندا ڀلا (دنيا ۾) وري موٽڻ جي ڪا واھ آهي. |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ تون کين ڏسندين ته دوزخ جي سامهون آندا ويا آهن تڏهن ذلت (خواريءَ) جي وگهي جهڪيل هوندا. ۽ ڪن اکين سان پيا ڏسندا هوندا ۽ مومن چوندا ته حقيقت ۾ اهي ئي وڏي نقصان ۾ آهن جن قيامت جي ڏينهن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي (اهڙي خساري ۾ وڌو. ڏسو (ڏسو) ظلم ڪرڻ وارا (ائين ئي) دائمي عذاب ۾ رهندا. |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ خدا کان سواءِ ته انهن جا ڪي سرپرست ئي هوندا جو سندن مدد لاءِ اچن ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته تنهن جي لاءِ (هدايت جي) ڪا واٽ نه آهي. |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
(اي انسانو!) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪو خدا جي طرف ايندو جو ڪنهن طرح (ٽارڻ سان) نه ٽرندو پنهنجي پروردگار جو چوڻ مڃيو (ڇو ته) ان ڏينهن نه اوهان کي ڪا پناھ جي جڳھ ملندي ۽ نه وري اوهين (گناهن جو) انڪار ئي ڪري سگهندو. |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين ته (اي رسول) اسان تو کي مٿن نگهبان بنائي ته نه موڪليو آهي. تو تي رڳو (حق سچ جو) پيغام پهچائڻو آهي.جڏهن اسين انسانن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا ته اهو تنهن سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس سندس هٿين ڪيل بدڪارين سبب ڪا تڪليف پهچي ٿي (سڀ احسان وساري ڇڏي ٿو) بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
سڀني آسمانن ۽ زمين جي حڪومت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (۽) جنهن لاءِ گهري ٿو (رڳو) ڌيئرون ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو (فقط) پٽ (ئي پٽ) ڏي ٿو. |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا کين پٽ ۽ ڌيئرون (اولاد جا) ٻئي قسم عنايت فرمائي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سنڍ ڪري ڇڏي ٿو. بيشڪ اهو وڏو ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي. |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
۽ ڪنهن ماڻهو لاءِ هيءَ ڳالھ ٿيڻي نه آهي ته خدا ان سان ڳالهائي سواءِ وحي جي (جيئن دائود) يا پردي جي پٺيان (جيئن موسى) يا ڪو فرشتو موڪلي (جيئن آنحضرت) مطلب ته اهو پنهنجي اختيار سان جيئن گهري اهو وڏي شان (شوڪت ۽) حڪمت وارو آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ (اي رسول!) اهڙي طرح اسان تو ڏي روح (قرآن) تنهنجي طرف وحي ذريعي موڪليو. تون نه ته ڪتاب کي ئي ڄاڻندو هئين ته ڇا آهي؟ ۽ نه ايمان کي پر (اسان) هن قرآن کي هڪ نور بنايو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي رسول! تون ماڻهن کي) سڌي راھ ڏيکارين ٿو. |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
(يعني) ان الله جي راھ جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ياد رکو! سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽن ٿا (۽ اهو ئي فيصلو ڪندو). |