حم (آيت : 1) |
حٰمٓ |
عسق (آيت : 2) |
عٓـسٓـقٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
اِن پَر وَحي موڪلي، تو ۽ اَڳـيَن پارِ، صاحِب رَبّ، سَتار، جو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
اُن لئي اُڀ ۽ ڀويُون، پڻ جيڪا مَنجھنِ جوڙ، ۽ اُهو تَوَنگر توڙ، وَڏِي وَڏائـِئَ جو ڌَڻِي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
اُڀ ذَري گھٽ اُنهن مَٿان، ڦاٽن ڦارون ڦار، ۽ مَلڪ سَندنِ مالِڪ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ مڱن مَعافِيون تَن لئي، جي ڀُون ۾ بَرقرار، صاحِب رَبُّ، سَتار، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جَن اَجھا ۽ اَوليا، ڌاريا اِنهيان ڌار، اَلله پاڪ اُنهن تي، چونڪِي آهي چوڌار، ۽ سَونپِيَل سَنڀاليدار، تون اَصل ناهِين اُنهن مٿي. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
۽ ڪَيوسون قُرآن عرِبي، اِنپر ته ڍول ! ڊيڄار، اُن سان مُک ڳوٺ کي، پڻ اُن جون ڪَنڌيون، ڪِنار، ۽ ميلي مَحشر ڏِينهن کان، جنهن ۾ وَهم نه وار، ڪا جوڙي جَنَّت پار، ۽ ڪا ٽولِي ٽانڊي وِچم. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
۽ قادِر گُھريو ڪَر، ته ڪَيائـِين مِڙِئي ميڙ يَڪو، پَر پَروَر پنهنجي ٻاجھ ۾، جنهن کي گُھري، ڏيٿو گَھر، ۽ نه ٻيلِي، نه ڏِيندڙ ٻَر، ڪو ڏُکـئي ڏِينهن ڏکوئـِيندڙِين. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
ڇا، اولا ۽ اَولياء، ڌاريؤن اِنهيان ڌار؟ پوءِ جو مُئا جِياري مُورهِين، ۽ اَللهُ اُهو آڌار، ۽ سوئـِي رَبُّ، ستار، قادِر هَر ڪم ڪار تي. |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ ڪهڙي ڪِنهن ڪَم ڪار ۾، توهان ڪيو تڪرار، پوءِ آخِر اُن جو فيصلو، آهي پَروَر پاري، سائـِين مُنهنجو سو ڌَڻي، جنهن کي سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ موٽان ڏانهسِ مُورهين، |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
ٻِيا طرف ڇَڏيمِ تڪرار، اُپائيندڙ اُڀ، ڀُويون، نَئـِين سِر نِروار، جوڙئينِ جوڙا، جويُون، اَوهان مان اَوهان هار، پڻ جوڙا جانور مان، جوريا جوڙڻهار، اوهان کي انهئَ ۾، پکيڙِين هَر پارِ، جِھڙسِ ناھ جھان ۾، جِنس، ڪو جِنسار، سڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
ڪُنجون اُڀن ۽ ڀُون جون، ان جي هَٿ هَموار، وَڻيسِ وَڌائي رِزق تِنهن، جنهن کي گُھري جبار، ۽ ڪِنهن تي تنگ ڪري تڪرار، سو سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
ڌڻئَ اوهان لئي دِين ڪيو، قائـِم برقرار، جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير! وَحي، پڻ جيڪا پاڪ پَچار، عيسٰى، موسٰى ۽ اِبراهِيم کي، آڇِيسُون اِظهار، ته قائم ڪريو دِين کي، ۽ نه ٿِيو تِنهن ۾ ڌار، جنهن ڏي ڪوٺينِ ڪافِرِين، سو بَڙو مَٿنِ بار، ڌَڻِي نه ڌُڻي تِنهن کي، جنهن کي گُھري غَفار، ۽ تِنهن سُهائـِي سَئون پار، جو موٽي ڏانهسِ مورهِين. |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ نَه ٿيا ڌُريؤن ڌار، مگر مُقرر اِن پُٺيان، ته آئـِي اُنهن کي عِلم مان، صَحِي سَماچار، هِڪ ٻِئي سان هوڏ ڪري ۽ مَطلب ماڻڻهار، هُوند وَهَيو نَه، تُنهنجي والِئَ کان، قَلم بَرقرار، مُقرر مُدت پارِ، ته وِين نِياءُ نِبيرِيو. ۽ اُهي، جَن عَطاٿيو، تن کان بَعد ڪتاب، آهن اُنهِئَ باب، گُمان گاڏهِين شڪ ۾. |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
اُنهِئَ پر پُوڪار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ۽ جِيئن اَمر ٿئـِي، اُنتي پُختا پير بِيهار، ۽ هَل نَه سَندنِ سَڌنِ پُٺيان، ۽ چئو، آندمِ اِعتبار، اَلله جي اُتارِيا، نُسخا نُور، نِبار، ۽ اَمر ٿِـيُمِ ته اَوهان وِِچ، ڪريان عدل سان آچار، اَسان جو ۽ اَوهان جو، هِڪ پَروَر پالڻهار، اَسان جا ڪَم اَسان لئي، اَوهان جا اَوهان هار، اَسان ۽ اوهان وچ ۾، ٻِي ٻولِي ناھ ٻِيهار، پَنهنجو پَروَر پاڪ ڪندو، ميلو مَحشَر وار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هرگز آهي هَلڻو. |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
اَجايو اَلله ۾، جي تَڙيل ڪَن تَڪرار، جنهن بَعد بيشڪ ڪيو ويو، اُنهِئَ لئي اِقرار، باطِل بات اُنهن جِي، بَحث سَندنِ بيڪار، مالِڪ وَٽ مُورهِين، ۽ مٿن ڏمر ڏاتار، آهي اُنهن هار، سُورن ڀَريو ساڙ ڪو! |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
اَلله جنهن اُتاريو، ڪامِل هِي ڪِتاب، سَچ تي ۽ ساهمِي؛ ۽ ڪِنهن ڏنِئي سُڌ صَواب؟ ته هرگز روز حساب، اوڏي اُهکِي وار سا. |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
تِنهنِ لئي تَڪڙائـِين گھڻو، جي نه مَڃِيننَسِ مُور، ۽ ڏَرندڙ اُن کان ڏِيل ۾، مَڃيو جَن مَذڪور، ۽ ڀانئـِن ته برحق آهي سا، مُقرر مَنظور؛ سَمجھ ته، جيڪي ساعت ۾، وَهم رَکن وَهلور، مُنجھيل سي مَجبور، ڪِنهن ڏولائي ڏور ۾! |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
سائـِين سَٻاجھو گھڻو، سَندسِ سپاهِيَن ساڻ، جنهن کي گُھري جَلَّشانہ، سُرهي ڏيئي سانجاڻ، ۽ پُهچ وارو پاڻ، جابِر ڪُل جهان تي. |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جو پوک گُھري پَرلوڪ لئي، ته پوک وَڌايونسِ پاڻ، جو کيڙي، پوکي کيٽ کي، دُنيا دُرڙِي ڪاڻ، ته ڏيونسِ مَنجھانسِ ڏاڻ ، ۽ پُورِي نه سَندسِ پَرلوڪ ۾. |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڇا، سانئيَنِ سَندنِ دين مان، ڪي پَريون ٺاهيون پاڻ، اِجازت نه ڏِنِي جَن جي، صاحِب سُرت سُڃاڻ، قلم قضا جو هُوند نه هُئو، ته حُڪم ڪيو ويو هاڻ، ۽ هاڃيڪارن ڪاڻ، سُورن ڀَريو ساڙڪو! |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
۽ ڏسندِين تون ڏاڍن کي، هارِيَل تِنهن هارِ، جو پاڻ ڪيائون پورهيو، ۽ اُهو اَچڻو مَٿِن آزار، ۽ جَن مَڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، داخِل دلقرار، باغن مَنجھ بهشت ۾، تَنين لئي تيار، طلب ڪن جنهن طعام جِي؛ سائـِين وٽ ستار؛ آهي وَڏو اِظهار، ڀالن ۾ ڀال اِهو. |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اُهو آهي، جِنهن جِي خدا ڏيٿو کِير، سَندسِ سپاهِيَن کي، وِسهيا جيڪي وِير، ۽ ڪيون نيڪ ڪمايون، چئو لاڳ نه گُھران ٻِئو لِير، مگر محبت مائـِٽِي، عَزازت اَڪسير، جو نيڪي ڪري، ته نيڪِئَ ۾ سُڌاريون سُڌِير، قادِر رَبُّ قَدِير، مَرهِيندڙ ڳُڻ موکڻو. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا، ڪَهن ٿا ڪُفار، ته ٺاهِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي؟ مُهر تُنهنجي مَن تي، جي گُھري ته هَڻي غفار، ۽ ناحق نيئي ۽ حق کي، ڪيي بَرقرار، پَنهنجي ڪَلمن سان ڪَلتار، سو سَمجھندڙ سِينن واريون. |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ سو سَندسِ سپاهِيَن جِي، ميڙ مَڃي ٿو مُور، ۽ ميٽي مَدايَن مان، ڪوڙين عيب قُصُور، ۽ معلوم تِنهن کي مور، ڪريو جيڪي ڪمڙا. |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ مَڃي تَن جِي، جَن مَڃيو، پڻ چڱا ڪيون ڪم ڪار، ۽ ڪَرينِ پَنهنجي ڪرم سان واڌُو ويرو تار، ۽ آهي اِنڪارِيَن هار، سَزا ڪا سَخت ڳَري!. |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
۽ سائـِينءَ سَندسِ سپاهِيَن، هُوند کاڌو ڏِنو کوڙ، ته بِلڪل وِڌائون ڀُون ۾، وَڏو ڪو وِڳوڙ، پَر وڻيسِ اُتاري اُنهن لئي، تور پَٽاندڙ توڙ، سوجانچِيندڙ پَنهنجِي جوڙ، ۽ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي. |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ اُهوئـِي آهي سو، جو لاهي مينگھ مَلهار، جنهن بعد ماڻهو مِينهن مان، ٿيا نا اُميد نِبار، ۽ ربَّ پنهنجي رحمت کي، ٿو پکيڙي هر پار، ۽ سو سڀ جو سَنڀاليدار، سدا ساراهيل گھڻو. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ اُنجي اُهڃاڻن مان، اُڀ، ڀُون عجب اسرار، ۽ جيڪي کيڙائو اُنهن ۾، پکيڙيائـِين هر پار، ۽ سَندنِ ميڙڻ تي مُختيار، سوارو سو، وڻيسِ تڏهن. |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جڏهن رَسيو جھان ۾، ڪو اوهان کي آزار، اَنهنجي هَٿن، جي ڪيا، اُهو اِن آڌار، ۽ صاحِب ربُّ، ستار، گھڻن کان گُذر ڪري. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
اَوهين نه آهيو ڏيھ ۾، ڏاڍا ڪنان ڏاتار، ۽ نه يار، نه مَددگار، ڪو اوهان جو اَلله ري. |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، دنگيون مَنجھ دَرياءَ، ڪَر ڏاڍا ڏُونگر ڏيھ ۾، |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جي وڻسِ ته جَھلي واءَ، ته اُن پاڻِي جي پُٺ مٿي، بِيٺا رَهو بَرجاء، اُن ۾ عبرت آءِ، هَر سَهندڙ شُڪر گُذار لئي. |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا اُونڌو هَڻي اُنهن کي، سَندنِ ڪَمَن ڀَر ڪَلتار، صاحِب رَبُّ، سَتار، گَھڻن کان گُذر ڪري. |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
ته اَسان جي ثابِتيَن ۾، جي بَحث ڪَن بيڪار، هرگز نه تَن هارِ، ڪِٿي ڪُنڊ پناھ جِي. |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
پوءِ جو ڪُجھ مِليا مال، سو نفعو ننڍِي ڄَمار، ۽ جيڪِي آهي اَلله وَٽ، سو بِهتر برقرار، جي وِسهيا تَن واسطي، ۽ چڱان ڪيؤن ڪم ڪار، ۽ بَرسِر رکن بار، سائـِينءَ سَندِن سُبحان تي. |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ جي وَڏِين بَدِيَن ۽ بَد چال کان، دائـِم رهن دُور، ۽ جڏهن ڪاوڙائـِن ڪِنهن کَڻِي، ته معافِي ڏِيَنِ مُور، |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ سَندنِ صاحِب پاڪ لئي، ڪَن مِڙئـِي مَنظور، ۽ سَڀڪو ڪم، سَندنِ صَلاح سان ۽ پڙهيو نِمازون نور، ۽ زڪوٰتون ضَرُور، ڏِينِ، ڏِنون سُونِ تِنهن مَنجھان. |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ جڏهن جاڳيو جھڳڙو، ته وَرنِ ٿا وَلهار، |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ بَدِي، بَدلو بَدِئَ جو، جِھڙسِ پُور پار، پوءِ جِنهن مُورهِين مَعاف ڪيو، ۽ صُلح ڪيو سَچار، پوءِ آهي اُجورو اُن جو، صاحِب سِر سَتار، پَر وَر ڏِئي نه پِيار، ڏاڍَن ڏيہ ڏُکوئـِيندڙِين. |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جنهن پُٺ ڀَرائي، تِنهن پُٺيان، ته ساڻسِ ٿيو ڪَلُور، ته هرگز نه حُجت تَن مَٿي، حُجت تَنِين تي مُور، |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
جي مُفت ماڻهن ساڻ ڪَن زِيادتيون ضرور، بِگيڙو وِجھن بي واجبِي، ڀُون ۾ بي شُعور، ته ساڙ سراسر سُور، مُقرر تَن لئي مُورهِين. |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
جِنهن سِر تي سَٺو سُور، ۽ معاف ڪيو قُصور، ته آهي اِي ضرور، پَڪن پُختن ڪَمن مان. |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
جنهن کي رَبَّ روليو، پوءِ ساڻِي سَندسِ ڪاڻ، اُن پُڃاڻا ناھِ ڪو، ۽ ڏِسندِين ڌاڍن ڪاڻ، جڏهن ڏِسَن عَذاب کي، چَون ته هَي هَي! هاڻ، وَرِي ڏانهن وَٿاڻ، ڪا وَهِين آهي واٽڙِي. |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ ويکِيندين تِنهن وار، جڏهن اُن تي آڻبا، هاڻو هِيڻائـِي کان، ڪن زاريون زارو زار، آڏئَ اَ ک ڪُنڊ مان، پَسن اُنهئ پار، ۽ جي وِسهيا، تَن وَراڻيو، ته کُٽا سي خوار، جَن پالهو ڪيو پاڻ کي، ۽ گھاٽي ۾ گَھر ٻار، مَهندان مَحشر ماڳ ۾، هرگز ٿي هوشيار، ته هُوندا هاڃيڪار، عُمر ڀَر عَذاب ۾. |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ اَجھا، اولا، اَولياءَ، نه هُئا ڪي تَن هارِ، جي سائـِينءَ سوا، تَن جِي، ڪَن وِچان ٻئي واهار، جنهن کي رولي روه ۾، مالڪ رَبُّ، مختيار، تَنِين لئي تڪرار، پوءِ ناھِ گَھٽِي گھيڙ ڪو. |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
پَنهنجي آگي لئي اَ ڳي ڪريو، قَبول ۽ مَنظور، ته اَچي ڏِينهن ڏاتار کان، جنهن موٽڻ ناهي مور، اُن ڏِينهن نه اڳهان جو ڇوٽڪو، نه واھ ڪا وَهلور! ۽ نه ذَرو زور ضرور، اوهان کي اِنڪار جو. |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جي مُنهن موڙيؤَن، ته توکي نَبِي نور! تَن جو تَلهِيدار ڪري، نه موڪليوسون مُور، پَڌرو آهي پُهچائـِڻو، تولئي هِي مَذڪُور، ۽ جڏهن مَزو چکايوسون مِهر جو، ماڻهؤ کي مَغرور، ته ڏِسِي ڏاڍو خُوش ٿيو، وَهسيو مَٿسِ وَهلور، ۽ جَڏهن ڪارڻ ڪَئي اُن جي، پُهتسِ ضَرر ضُرور، ته بَندو بي شُعور، بي قدر ڪُوڙو آھِ ڪو. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
آهي اُڀن ۽ ڀُون جو، سڀ مُلڪ مالِڪ هارِ، جوڙن جوڙي، جِيئن گُھري، جوڙي جوڙڻهار، وَڻيسِ تِنهن کي وَنيون ڏي، وڻي مَرد موچار، |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
جوڙي جوڙا پُٽ، ڌِيئون، وَڻيسِ سَنڍ ڪري ستار، سو صَحِي سَمجھدار، قادِر هر ڪم ڪار تي. |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
۽ مُور نه ماڻهوءَ هارِ، ته اَلله ڳالهائي اُن سان، مگر وَسيلي وَحئَ جي، يا پَردي کان ٻاهار، يا موڪل سَندسِ سان موڪلي، ڪو مرد مُرسل مڻيادار، ڪري اِلهام اُن ڏي، گُھري جِيئَن غفار، سو مٿاهون مُختيار، حِڪمتي هوشيار گھڻو. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ رُوح پَنهنجي اَمر مان، موڪليوسون نِئـِي مُور، سَمجھندو نه هُئـِين ته، سِٽ ڇا، ڇا مَڃڻ جو مَذڪور، پر اُن کي تِنهن اِنسان لئي، ڪيوسونِ نِسورو نُور، پَنهنجي پُوڄارِين مان، جنهن کي ڪريون مَنظور، سَهايونسِ واٽ سَنئين، اُنهي ساڻ ضرُور، ۽ هرگز تون حُضور!، ٿو سُهائـِين سَنئينءَ ڏي. |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
واٽ اُنهِئَ واحد جِي، جنهن جا سَڀ جھان، جيڪي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بي گمان، سَڀ فيصلا فرمان، موٽن اُن ڏي مورهِين. |