حم (آيت : 1) |
حَا، ميم |
عسق (آيت : 2) |
عينٓ-سين-قافٓ |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
غالب حڪمت وارو الله اهڙيءَ طرح تو ڏانهن خواهه تو کان اڳين ڏانهن وحي موڪلي ٿو. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي، هو مٿاهون ۽ وڏو آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
آسمان سندن مٿان سگهو ئي ڦاٽندو ۽ ملائڪ پنهنجي ڌڻي جي ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، تنهن لاءِ بخشش گهرندا آهن- خبردار! بيشڪ الله ئي بخشيندڙ، مهربان آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جن ان کان سواءِ ٻيا مددگار ورتا آهن، تن تي الله نگهبان آهي ۽ تون انهن تي نگهبان نه آهين. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
۽ اهڙيءَ طرح توڏانهن عربيءَ ۾ قرآن وحي ڪيوسون، ته مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين- ۽ انهي ڏينهن کان به ڊيڄارين، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي- هڪ ٽولي بهشت ۾ هڪ ٽولي دوزخ ۾ هوندي_ |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن مڙني کي هڪ ٽولي ڪري ها، پر جنهن کي گهري، تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ظالمن لاءِ نڪو دوست آهي، نڪو مددگار. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
ڇا هنن الله کان سواءِ ٻيا مددگار ورتا آهن؟ چئو ته الله ئي سچو مددگار آهي ۽ هو ئي مئلن کي ٿو جيئاري ۽ اهو هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي- |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ جنهن ڳالهه بابت تڪرار ٿا ڪريو، ان جو فيصلو الله ڏي آهي- اهو ئي منهنجو ڌڻي آهي، مون ان تي ڀروسو رکيو آهي ۽ ان ڏي موٽان ٿو. |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
هو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، هن اوهان جي جنس مان اوهان لاءِ زالون پيدا ڪيون ۽ ڍورن مان به جوڙا پيدا ڪيائين، انهي طرح اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ٿو- ان جي مثال جهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي ۽ هو ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن، جنهن لاءِ وڻيس ان لاءِ رزق ڪشادو خواهه تنگ ٿو ڪري، بيشڪ هو هر هڪ شيءِ کي ڄاڻي ٿو. |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هن اوهان لاءِ دين مقرر ڪيو، جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو توڏي وحي ڪيوسون، جنهن جو ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيوسون، ته ”دين“ کي قائم ڪريو، ۽ ان ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو.“ مشرڪن کي اها ڳالهه ڏکي ٿي لڳي جنهن ڏي تون ڪوٺين ٿو_ الله جنهن کي گهري ان کي پاڻ ڏي چونڊيندو آهي ۽ جيڪو ان ڏانهن ورندو آهي، تنهن کي پاڻ ڏانهن رستو ڏيکاريندو آهي. |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ هو پاڻ ۾ سرڪشي ڪري وٽن علم اچڻ کان پوءِ ئي جدا جدا ٿيا، جيڪڏهن تنهنجي رب کان مقرر مدت تائين اڳي حڪم ٿيل نه هجي ها، ته ضرور انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪجي ها، ۽ انهن کان پوءِ جيڪي ڪتاب جا وارث ڪيا ويا، اهي دين کان وڏي شڪ ۾ آهن. |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
پوءِ تون انهي (دين) ڏانهن سڏ ۽ جيئن توکي حڪم ڪيو ويو آهي، تيئن قائم رهه، انهن جي سڌن جي پيروي نه ڪر ۽ چئو ته جيڪي خدا ڪتاب مان لاٿو، ان تي مون ايمان آندو- مون کي حڪم ٿيو آهي ته اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان ۽ الله اسان ۽ اوهان جو ڌڻي آهي. اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ اوهان جا عمل اوهان لاءِ آهن. اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو ڪونهي- الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو، ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي. |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
۽ جيڪي الله بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جهڳڙو ٿا ڪن، تن جي دعويٰ سندن رب وٽ ڪوڙي آهي، مٿن ڏمر آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
الله اهو آهي، جنهن حق سان ڪتاب ۽ انصاف لاٿو، توکي ڪهڙي پروڙ، ته شايد قيامت ويجهي هجي. |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جيڪي قيامت کي نٿا مڃين، سي ان کي جلد ٿا گهرن ۽ جن ايمان آندو اهي ان کان ڊڄندا آهن ۽ ڄاڻن ٿا، ته بيشڪ اها سچ آهي_ ياد رک! جيڪي قيامت بابت تڪرار ٿا ڪن، سي وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي، جنهن کي وڻيس، تنهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ هو سگهارو ۽ غالب آهي. |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو آخرت جي پوک ٿو گهري، تنهن لاءِ سندس پوکي ۾ واڌارو ٿا ڪريون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ٿو ڪري، تنهن کي ڪجهه ان مان ڏيندا آهيون، ۽ آخرت ۾ ان لاءِ ڪو به ڀاڱو ڪونهي. |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڇا، انهن جا ڪي ٿورا اهڙا شريڪ آهن،جن انهن لاءِ دين مان نئون رستو ٺاهيو، جنهن جو حڪم خدا نه ڏنو آهي؟ ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو انجام نه ٿيل هجي ها، ته ضرور سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ها، ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
تون ظالمن کي ڏسين ٿو ته جيڪي ڪم ڪيا اٿن، تن کان ڊڄن ٿا ۽ اهو (عذاب) کين پهچندڙ آهي_ ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا_ جيڪي گهرندا، سو سندن رب وٽ انهن لاءِ آهي، اهو ئي وڏو فضل آهي. |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
هي اهو آهي، جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ٿو ڏئي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا_ چئو ته آءُ اوهان کان هن تي ڪو به اجورو نٿو گهران، سواءِ مائٽيءَ ۾ محبت رکڻ جي ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو، تنهن لاءِ ان ۾ چڱائي وڌائينداسون، بيشڪ الله بخشڻ وارو قدردان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا، هو چون ٿا ته (نبيءَ) الله تي ڪوڙ ٺاهيو؟ پوءِ جيڪڏهن الله گهري، ته تنهنجي دل تي مُهر هڻي، الله ڪوڙ کي ميٽي ٿو ڇڏي ۽ پنهنجي ڪلمن سان حق کي ثابت رکندو آهي، بيشڪ هو دلين جو ڄاڻندڙ آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ هو اهو آهي، جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ٿو ڪري ۽ مداين کي معاف ٿو ڪري_ ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ڄاڻي ٿو. |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي دعا قبول ڪندو آهي ۽ پنهنجي فضل مان انهن کي وڌائي ٿو ڏئي_ ۽ ڪافرن لاءِ سخت سزا آهي. |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
جيڪڏهن الله سندس ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ها، ته ملڪ ۾ ضرور بگيڙو وجهن ها، پر جيترو مناسب سمجهندو آهي، اوترو ڏيندو آهي_ بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کي ڄاڻندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ اهو آهي، جو (ماڻهن جي) نا اميد ٿيڻ کانپوءِ مينهن وسائيندو آهي، پنهنجي رحمت پکيڙيندو آهي ۽ اهو ئي مددگار ساراهيل آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
آسمانن، زمين ۽ جيڪي به ان ۾ پکيڙيو اٿس، سو ان جي نشانين مان آهي_ ۽ هو جڏهن به چاهي، تڏهن انهن جي گڏ ڪرڻ تي سگهه وارو آهي. |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جيڪا به اوهان کي تڪليف پهچي ٿي، سا اوهان جي هٿن جي ڪمائي سببان آهي، ۽ الله گهڻو ئي درگذر ڪندو آهي. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
اوهين زمين ۾ عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو به دوست خواهه مددگار ڪونهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ سندس نشانين مان سمنڊ ۾ جبلن جيڏن جهازن جو هلڻ آهي. |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جيڪڏهن گهري ته واءَ کي بيهاري ڇڏي، پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺيءَ تي بيهي رهن_ بيشڪ هن ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا انهن کي سندن ڪمائي سبب ناس ڪري ۽ گهڻن کي بخش ٿو ڪري. |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
ته جيڪي اسان جي نشانين بابت جهڳڙو ٿا ڪن، سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪا واهه ڪانهي. |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
پوءِ جيڪي به اوهان کي ڏنو ويو آهي، سو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ جيڪي الله وٽ آهي، سو ڀلو ۽ هميشه رهڻ وارو آهي، انهن لاءِ، جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ڌڻيءَ تي ڀروسو ٿا ڪن. |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ کان پاسو ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪاوڙبا آهن، تڏهن بخشش ڪندا آهن- |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جن پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم مڃيو، نماز پڙهي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان هوندو آهي، ۽ جيڪو کين رزق ڏنو سون ان مان خرچيندا آهن. |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ اُهي اهڙا آهن، جو جڏهن انهن تي ڪو ظلم ٿو ٿئي، تڏهن بدلو ٿا وٺن. |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ مدائي جو بدلو اهڙي ئي مدائي آهي_ پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صلح ڪري، ان جو اجر الله تي آهي- بيشڪ الله کي ظالم پسند نه آهن. |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جيڪي شخص پنهنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن، تن تي ڪا به ميار ڪانهي. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
ميار رڳو انهن تي آهي، جيڪي ماڻهن کي ايذائن ٿا ۽ ملڪ ۾ ناحق فساد ٿا ڪن، انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
باقي جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي، ته اهو همت جي ڪمن مان آهي. |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنهن کي الله ڀلائي، تنهن جو ان کان پوءِ مددگار ڪونهي- ۽ تون ظالمن کي ڏسندين، ته جڏهن عذاب ڏسندا تڏهن چوندا ته ”(دنيا ۾) موٽڻ جي ڪا واهه آهي ڇا؟“ |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
جڏهن هو پيش ڪبا، تڏهن تون انهن کي ڏسندين ته خواريءَ کان عاجزي ڪندڙ ٿي، اک ترڇي ڪري پيا ڏسندا- ۽ مؤمن چوندا ته ”بيشڪ نقصان وارا اهي آهن، جن پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان پهچايو“- خبردار! بيشڪ ظالم هميشه واري عذاب ۾ هوندا. |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ انهن لاءِ ڪو به مددگار نه هوندو، جو کين الله کان سواءِ مدد ڏئي ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري، ته ان لاءِ ڪا به واٽ ڪانهي. |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم مڃيو_ انهي کان اڳ، جو اهڙو ڏينهن اچي، جو الله جي طرفان نه ٽرڻو آهي- انهي ڏينهن اوهان لاءِ نڪا پناهه جي جاءِ هوندي ۽ نه ڪو انڪار- |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙين، ته توکي انهن تي نگهبان ڪري ڪونه موڪليو اٿئون، توتي حڪم پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي_ ۽ جڏهن انسان کي اسين پنهنجي طرفان ڪا رحمت ڏيندا آهيون ته هو ان ڪري خوش ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا تڪليف سندن هٿن جي ڪمائي ڪري مٿن ايندي آهي، تڏهن سچ پچ انسان بي شڪر آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي، جيڪي به گهري سو پيدا ٿو ڪري، جنهن کي چاهي ان کي ڌيئرون بخشي ۽ جنهن لاءِ گهري، تنهن کي پٽ عطا ڪري. |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا کين پٽ ۽ ڌيئرون ٻئي ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي بي اولاد ڪري ڇڏي، بيشڪ اهو ڄاڻيندڙ ۽ قدرت وارو آهي. |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
ڪنهن ماڻهو لاءِ ائين ٿيڻو ناهي، جو الله ساڻس ڳالهائي_ سواءِ هن جي، جو وحي سان يا پردي جي پٺيان يا ڪو رسول موڪلي_ پوءِ جيڪي الله گهري، سو ان جي اجازت سان پهچائي ڏئي_ بيشڪ هو سڀ کان مٿاهون ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
اهڙيءَ طرح اسان تو ڏي پنهنجي امر سان قرآن وحي ڪيو، تون نه ڄاڻيندو هئين ته ڪتاب خواهه ايمان ڇا آهي، پر قرآن کي اسان نور بنايو آهي، جنهن جي وسيلي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون تنهن کي رستي تي لايون_ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانهن رهبري ڪرين ٿو. |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
يعني انهي الله جو رستو، جو جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ان جو آهي، خبردار سڀئي ڪم الله ڏانهن موٽايا ويندا. |