حم (آيت : 1) |
حا ــ ميم |
عسق (آيت : 2) |
عين ــ سين ــ قاف |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
اهڙي طرح الله تعالى زبردست حڪمت وارو، توهان ڏي ۽ توهان کان اڳ (رسولن ڏي) وحي موڪليندو رهيو آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ ان جو ئي آهي. اهوئي سڀ کان مٿانھون ۽ وڏي عظمت وارو آهي. |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
اجهو ٿا آسمانَ (الله تعالى جي هيبت کان) مٿان کان ڦاٽي پَون. ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ زمين وارن لاءِ بخشش جي دُعا گهري رهيا آهن. خبردار! بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
جن ماڻهن ان کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي، انهن تي الله تعالى نگاهه رکندڙ آهي. توهان جي مٿان انهن جي ڪابه ذميداري نه آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
اهڙي طرح اسان توڏي عربي ٻولي ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ته جيئن تون مڪي ۽ ان جي پسگردائي وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) ان قيامت واري ڏينھن کان ڊيڄارين جنھن (جي اچڻ) ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. (ان ڏينهن) هڪ گروهه جنت ۾ ويندو ته ٻيو گروهه جھنم ۾. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن سڀني کي هڪ امت ٺاهي ڇڏي ها پر هُن جي مرضي آهي ته جنھن کي وڻي پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري. ۽ ظالمن جو ڪير به ساٿي ۽ مددگار نه آهي. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
اُنهن اُن (اَلله) کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي. (حالانڪه) مددگار ته الله تعالى آهي. اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ توهان جي هر قسم جي اختلافن جو فيصلو ڪرڻ الله تعالى جي ذمي آهي. اهوئي الله منھنجو پالڻھار آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ مان ان ڏانھن ئي رجوع ڪريان ٿو. |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
هو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. جنهن توهان جي لاءِ توهان جي پنهنجي جنس مان ئي جوڙا پيدا ڪيا (اهڙي طرح) جانورن جا به جوڙا ٺاهيا. اهڙي طريقي سان توهان کي (زمين تي) ڦھلائي ٿو. (ڪائنات جي) ڪابه شيءِ ان جھڙي نه آهي. هو خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڏسندڙ آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪُنجيون (۽ ڪنٽرول) ان وٽ ئي آهن. هُو جنھن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ۽ جنھن جو چاهي گهٽائي ٿو. بيشڪ هو هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي. |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هُن توهان جي لاءِ دين جو اهوئي طريقو مقرر ڪيو آهي جنھن جو حڪم نوح ($) کي ڏنو هو ۽ هاڻي جيڪو اسان توڏي به وحي ڪيو آهي ۽ جنھن جو حڪم اسان ابراهيم، موسى ۽ عيسى (ؓ) کي به ڏئي چڪا آهيون ته دين کي مضبوط ۽ قائم رکو، ان ۾ ڪنھن به قسم جو اختلاف پيدا نه ڪريو. تون مشرڪن کي جنھن شيءِ ڏانھن سڏين ٿو، انهن ماڻهن کي اهائي ڳالهه ته ڏکي لڳي ٿي. الله تعالى جنھن کي چاهي پنھنجي قربت (۽ ويجهڙائپ) ۾ وٺندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان ڏانهن رجوع ڪندو آهي، ان کي ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ ماڻهن علم اچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ ضد ۽ بحث ڪري فرقي بازي پيدا ڪئي. جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان مقرر مدت تائين مھلت جو حڪم جاري ٿيل نه هجي ها ته ضرور انهن جي وچ ۾ ڪڏهو ڪو فيصلو ٿي چڪو هجي ها. بيشڪ جن ماڻهن کي پيغمبر سڳورن کان پوءِ ڪتاب جو وارث بنايو ويو، اهي ئي دين جي معاملي ۾ وڏي شڪ ۾ پيل آهن. |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
سو (اي نبيﷺ!) ماڻهن کي ان دين ڏي سڏ ۽ توکي جيڪو حڪم ڏنو وڃي ان مطابق ئي دين تي مضبوطيءَ سان ڄمي بيهه. انهن ماڻهن جي مرضيءَ جي پويان نه هَل ۽ چؤ ته الله تعالى جيڪو ڪجهه نازل ڪيو آهي مون ان تي ايمان آندو. مون کي اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. الله تعالى ئي اسان جو ۽ توهان جو پالڻھار آهي. اسان جا عمل اسان سان ۽ توهان جا عمل توهان سان آهن. توهان سان، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه آهي. الله تعالى اسان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي. |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
(حقيقت هي آهي ته) دين کي قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي دين ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تن جو اهو جهڳڙو ڪرڻ پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ غلط آهي. انهن جي مٿان (الله تعالى جو) غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
اهو الله تعالى ئي آهي جنھن ڪتاب ۽ انصاف (يعني شريعت) کي برحق نازل ڪيو آهي. توهان کي ڪهڙي خبر ته شايد قيامت ويجهو ئي پھتي هجي؟ |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جيڪي ماڻهو (قيامت) کي مڃين ئي نٿا اُهي ئي ان جي اچڻ لاءِ جلدي مچائين ٿا. باقي جيڪي ماڻهو ان کي مڃين ٿا اهي ته ان کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن کي خبر آهي ته ان جو اچڻ برحق آهي. خبردار! بيشڪ جيڪي ماڻهو قيامت جي اچڻ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا سي ئي وڏي گمراهيءَ ۾ پيل آهن. |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله تعالى پنھنجي ٻانهن تي وڏو نرمي ڪندڙ آهي. هو جنھن کي گُهري روزي ڏيندو آهي ۽ اهوئي زبردست طاقت وارو آهي. |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک چاهيندو آهي ته ان لاءِ اُهائي پوک وڌائيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهيندو آهي ته ان کي ان مان ئي ڪجهه حصو ڏيندا آهيون پر آخرت ۾ ان جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي. |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڇا انهن ماڻهن ڪجهه اهڙا به شريڪ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن (پنهنجي پوئلڳن لاءِ) دين جا ڪجهه طريقا ٺاهيا آهن؟ جن جو الله تعالى جي طرفان ڪوبه حڪم مليل نه آهي. جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو وعدو اڳ ۾ طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ ڪڏهوڪو هي معاملو حل ٿي وڃي ها. بيشڪ ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
(اي نبيﷺ!) تون ڏسندين ته ظالم پنھنجي ڪيل بُرن عملن جي عذاب کان ڊڄندا پر اهو عذاب انهن جي مٿان (ضرور) ايندو ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سي جنت جي باغيچن ۾ هوندا. انهن لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ هر اُها شيءِ هوندي جيڪا هو چاهيندا. اها (الله تعالى جي) وڏي مھرباني آهي. |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اِها ئي ته اُها خوشخبري آهي جيڪا الله تعالى اُنهن ٻانهن کي ڏي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان کان ڪوبه اجر نٿو گهران، سواءِ ان جي جو مان (اخلاقي لحاظ سان) رشتي داري ۾ (فطري) محبت ته ضرور چاهيان ٿو ۽ جيڪو ماڻهو نيڪي ڪمائي آڻيندو ته اسان ان جي نيڪي کي اڃا به (سنواري ۽ سينگاري) سھڻو ڪري وڌائينداسين. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهيو آهي؟ (اِيئَن آهي ته) پوءِ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته تنھنجي دل تي مھر هڻي ڇڏي. هُو ته ناحق کي نابود ڪري ڇڏيندو آهي ۽ حق کي پنھنجي ڪلام سان سچو ڪري ڏيکاريندو آهي. بيشڪ هُو سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو ٻانهن جي توبہ کي قبول ۽ انهن جي گناهن کي معاف ڪندو آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا هُو ان کي ڄاڻي ٿو. |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي دعائن کي قبول ڪندو آهي ۽ پنھنجي مھربانيءَ سان اڃا به وڌيڪ عطا ڪندو آهي ۽ ڪافرن لاءِ ته سخت عذاب آهي. |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
جيڪڏهن الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي سندن حيثيت کان وڌيڪ روزي ڏي ها ته هو زمين ۾ بغاوت جو طوفان مچائي ڇڏين ها. پر هو جيترو مناسب سمجهندو آهي اوتري حساب سان ڏيندو آهي. بيشڪ هو پنھنجي ٻانهن جي (مالي) حالتن کان خوب واقف ۽ نظر رکندڙ آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
اُهو (الله) ئي آهي جيڪو ماڻهن جي مايوسي کان پوءِ مينھن وسائيندو آهي ۽ پنھنجي رحمت کي ڪشادو رکندو آهي. اهوئي ڪمن کي ٺاهيندڙ ۽ تعريف جي لائق آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
ان جي نشانين مان آسمان ۽ زمين ۽ انهن ٻنهي ۾ پکڙيل چُرندڙ پُرندڙ مخلوق کي پيدا ڪرڻ آهي ۽ هو جڏهن چاهي انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهي ٿو. |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ توهان جي مٿان جيڪا به مصيبت ايندي آهي سا توهان جي پنھنجي بُرن ڪمن جي ڪري ايندي آهي ۽ هو توهان جي گهڻن ئي گناهن کي هونئن ئي معاف ڪري ڇڏيندو آهي. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
توهان هُن کي زمين ۾ بي وس نٿا ڪري سگهو. توهان جو هُن کان سواءِ ٻيو ڪير به سرپرست ۽ مددگار نه آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ سمنڊ ۾ جبلن جيڏا ٻيڙا به ان جي نشانين مان آهن. |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جيڪڏهن هو چاهي ته هوا کي بند ڪري ڇڏي، پوءِ اُهي (ٻيڙا) سمنڊ جي مٿاڇري تي (پاڻي جي مٿان هلڻ کان) بيهجي وڃن. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ڪندڙ ۽ شڪرگذار ٻانهي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا کين سندن بُرن ڪمن جي ڪري تباهه ڪري (ٻوڙي) ڇڏي يا انهن مان گهڻن کي معاف ڪري ڇڏي. |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
ته جيئن اسان جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪندڙن کي معلوم ٿي وڃي ته انهن جي لاءِ ڀڄڻ جي ڪابه جاءِ نه آهي. |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
سو توهان کي جيڪو ڪجهه ڏنو ويو آهي اهو ته رڳو دنيا جي زندگي (گذارڻ) جو سامان آهي ۽ جيڪي شيون الله تعالى وٽ آهن سي ( انهن شين کان) وڌيڪ بھتر ۽ هميشه رهڻ واريون آهن. اهي اُنهن ماڻهن لاءِ آهن جن ايمان آندو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو رکندڙ آهن. |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ اِهي ماڻهو وڏن گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان بچندا آهن ۽ جڏهن هو ڪاوڙ ۾ هوندا آهن ته (ڪاوڙ کي ختم ڪري) ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي (دل سان) قبول ڪندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن ۽ پنھنجا ڪم پاڻ ۾ مشوري سان هلائيندا آهن ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن. |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
انهن جي مٿان ڪير ڏاڍ ڪندو آهي ته هو ان جو چڱي طرح (مقابلو ڪري) پورو بدلو وٺندا آهن. |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
تڪليف جو بدلو اوتري ئي تڪليف آهي جيتري توهان کي پھتي آهي. البته جنھن معاف ڪيو ۽ صلح ڪيو ته ان جو اجرالله تعالى جي ذمي آهي. بيشڪ الله تعالى ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جنھن ماڻهو پنھنجي مٿان ٿيل ظلم جو بدلو ورتو ته ان ماڻهوءَ تي ڪا به ميار نه ٿيندي. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
ميار ته انهن ماڻهن تي ٿيندي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد ڦھلائين ٿا. اهڙن ماڻهن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
پر جنھن صبر ڪيو ۽ معاف ڪيو ته بيشڪ اهي وڏي همت وارا ڪم آهن. |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
باقي جنھن کي الله تعالى ئي گمراهه ڪري ته ان کان پوءِ ان جو ڪير به مددگار نه آهي ۽ تون ظالمن کي ڏسندين، جڏهن هو عذاب کي ڏسندا ته چوندا ته ڇا هاڻي دنيا ڏي پوئتي موٽڻ لاءِ به ڪو رستو آهي؟ |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ تون انهن کي ان وقت ڏسندين جڏهن هو باهه جي سامھون آندا ويندا ته سندن خواريءَ کان ڪنڌ هيٺ جهڪيل هوندا ۽ ٽيڏي اک سان (هيڏي هوڏي) ڏسندا رهندا ۽ ايمان وارا انهن کي ڏسي چوندا ته بيشڪ (اڄ قيامت جي ڏينهن) اصل نقصان وارا اُهي ٿيا جن پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کي نقصان ۾ وڌو. بيشڪ ظالم ماڻهو هميشه رهڻ واري عذاب ۾ هوندا. |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ (ان ڏينهن) انهن جو الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه هوندو، جيڪو انهن جي مدد ڪري سگهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري ته ان لاءِ (گمراهيءَ کان نڪرڻ جو) ڪوبه رستو نه آهي. |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
توهان پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي ان ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ئي مڃي وٺو جنھن کي الله تعالى جي طرفان رد ناهي ٿيڻو. ان ڏينھن توهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ نه هوندي ۽ نه ئي وري توهان (پنهنجي عملن کان) انڪار ڪري سگهندا. |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪڏهن هي (مڪي وارا) ماڻهو منھن موڙين ٿا ته اسان توکي انهن جي مٿان نگھبان ڪري ته نه موڪليو آهي، توهان جي مٿان رڳو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي. بيشڪ اسان جڏهن انسان کي پنھنجي طرفان رحمت جو مزو چکائيندا آهيون ته هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي پر جيڪڏهن مٿس پنھنجي بُرن عملن جي ڪري ڪا تڪليف ايندي آهي ته بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو ٿي ويندو آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي آهي. هو جيڪو ڪجهه چاهيندو آهي، پيدا ڪندو آهي. هو جنھن کي چاهي ڌيئرون ڏي ۽ جنھن کي چاهي پُٽَ ڏي. |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا انهن کي پُٽَ ۽ ڌيئرون ٻئي عطا ڪري (يا) جنھن کي چاهي سَنڍ (يعني بي اولاد) ڪري ڇڏي. بيشڪ هو وڏي علم ۽ وڏي قدرت وارو آهي. |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
ڪنھن به انسان لاءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته الله تعالى ان سان ظاهر ٿي ڳالهائي پر (ان جي ڳالهه ٻولهه) يا ته وحي جي ذريعي ٿيندي آهي يا پردي جي پويان ٿيندي آهي يا هو ڪنھن فرشتي کي موڪليندو آهي ۽ اهو فرشتو سندس حڪم سان ئي جنھن کي چاهي ان ڏي وحي ڪندو آهي. بيشڪ هو وڏو مٿانھون ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ اهڙي طرح اسان توڏي پنھنجي حڪم سان روح (يعني قرآن) وحي ڪيو آهي. توکي اها خبر نه هئي ته ڪتاب ۽ ايمان ڇا هوندو آهي؟ پر هن (قرآن) کي اسان روشني بنايو جنھن جي ذريعي اسان پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي گهرون سڌو رستو ڏيکاريندا آهيون. بيشڪ تون سڌو رستو ئي ڏيکارين ٿو. |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
اُن الله تعالى جي رستي ڏانهن جيڪوآسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي. خبردار! سڀ جا سڀ ڪم الله تعالى ڏانھن ئي موٽندا آهن. |