حم (آيت : 1) |
ح-م |
عسق (آيت : 2) |
ع-س-ق |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
اهڙيءَ طرح وحي ڪندو رهيو آهي تو ڏانهن (الله) ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳ ۾ (گذريل رسول آيا) الله غالب حڪمت وارو آهي |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
انهيءَ جو ئي آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾، ۽ اهو ئي مٿانهون ۽ عظيم آهي |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
ويجهو آهي ته آسمان مٿان کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ تسبيح ڪري رهيا آهن ساراهه سان پنهنجي رب جي ۽ بخشش جون درخواستون ڪندا رهن ٿا زمين وارن لاءِ، ٻڌو! بيشڪ الله ئي بخشڻ وارو ٻاجهارو آهي |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جن ماڻهن ان کي ڇڏي پنهنجا ڪي ٻيا سرپرست ٺاهي ورتا آهن، الله ئي انهن تي نگهبان آهي ۽ ناهين تون انهن جو ذميوار |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
ها، اهڙيءَ طرح (اي نبي!) اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن هي قرآن عربي ۾، جيئن تون خبردار ڪرين وستين جي اهم شهر (مڪي) ۽ ان جي آس پاس (وارن کي) ۽ ڊيڄارين ان ڏينهن لاءِ (جڏهن سڀ گڏ ٿيندا) ڪو شڪ ناهي ان جي اچڻ ۾، هڪ ٽولي کي جنت ۾ وڃڻو آهي ۽ ٻئي ٽولي کي دوزخ ۾ |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
۽ جي چاهي ها الله ته انهن سڀني کي بڻائي ڇڏي ها امت هڪڙي ئي، پر اهو داخل ڪندو آهي جنهن کي گهرندو آهي پنهنجي رحمت ۾، ۽ ظالمن جي لاءِ ناهي ڪوبه دوست ۽ نه ڪو مددگار |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
ڇا اهي اهڙا نادان آهن جو الله کي ڇڏي ڪي ٻيا ڪارساز ورتا اٿن! بيشڪ ڪارساز ته الله ئي آهي جيڪو جياري ٿو مئلن کي ۽ اهو ئي آهي هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ جيڪو به اختلاف توهان جي وچ ۾ هجي ڪنهن ڳالهه تي ته فيصلو ڪرڻ ڪم الله جو آهي، اهو ئي الله آهي منهنجو رب (پالڻهار) جنهن تي ڀروسو ڪيو مون ۽ ان ڏانهن ئي رجوع ٿيان ٿو |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
جيڪو آهي پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جو، جنهن بنايا توهان جي لاءِ توهان جي پنهنجي جنس مان جوڙا ۽ جانورن ۾ (انهن جا هم جنس) جوڙا بنايا، اهڙيءَ طرح پکيڙي ٿو نسل توهان جا، ڪائنات ۾ ڪابه ان جهڙي شيءِ ناهي، اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو آهي |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
انهيءَ (الله) وٽ آهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين (جي خزانن جون) ڪشادو رزق ڏئي ٿو جنهن کي گهري ۽ (جنهن کي گهري) توريل تڪيل (ڏي)، اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
مقرر ڪيو آهي ان توهان جي لاءِ دين جو اهو طريقو جنهن جي وصيت ڪئي نوح ۽ اهو ئي اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن (اي محمد!) ۽ ڪئي هدايت ان جي ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي (ان تاڪيد سان ته) قائم ڪريو انهيءَ دين کي ۽ نه ڪريو فرقي بازي ان ۾، اها ڳالهه سخت ڏکي لڳي آهي انهن مشرڪن کي، جنهن ڏانهن تون (اي محمد) کين دعوت پيو ڏين، الله پنهنجو ڪري وٺندو آهي ان کي جنهن کي گهرندو آهي ۽ هدايت ڪندي رستو ڏيکاريندو آهي ان کي جيڪو رجوع ڪري |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ جيڪو تفرقو (ڏڦيڙ) ماڻهن ۾ پيو اهو ان کان پوءِ ٿيو جو اچي ويو هو انهن وٽ علم (۽ ان ڪري ٿيو جو اهي) هڪ ٻئي تي سرڪشي ڪرڻ پيا گهرن) ۽ جي فرمايو نه هجي ها اڳي ئي تنهنجي رب ته هڪ وقت مقرر تائين ترسايو ويندو فيصلو انهن جي وچ ۾ (ته هاڻي ئي حل ملي وڃي ها) ۽ حقيقت هيءَ ته وارث بنايا ويا جيڪي ڪتاب جا اڳين کان پوءِ، سي ان جي طرفان کان پريشان ڪندڙ هئا شڪ ۾ پيل |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
(جيئن اها حالت آئي) ته پوءِ (اي محمد!) هاڻي تون دعوت ڏي ان دين جي جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو آ، مضبوطيءَ رهه ان تي ۽ سندن سڌن کي ڏس ۽ کين چئي ڇڏ، مون ان تي ايمان آندو جيڪو نازل ڪيو آهي الله مون تي ڪلام ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون انصاف ڪريان توهان جي وچ ۾، الله پالڻهار آهي اسان ۽ توهان جو به، اسان جا عمل اسان جي لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ، ناهي ڪو تقرار اسان جي وچ ۾ ۽ توهان جي وچ ۾، الله هڪ ڏينهن گڏ ڪندو اسان سڀني کي ۽ انهيءَ ڏانهن سڀني کي موٽڻو آهي |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
۽ جيڪي ماڻهو جهڳڙو ڪندا آهن الله جي باري ۾ بعد ان جي ته ان جي دعوت قبول ڪئي وئي آهي سندن دليل باطل آهن سندن رب وٽ ۽ انهن تي سخت ڏمر آهي ۽ انهن جي لاءِ عذاب تمام سخت آهي |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
الله اهو (ئي آهي) جنهن نازل ڪيو آهي ڪتاب ۽ ميزان (ساهمي)، ۽ ڪهڙي خبر توکي ته فيصلي جي گهڙي (قيامت) ويجهي اچي وئي آهي |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جلدي ڪن ٿا ان جي لاءِ اهي ئي ماڻهو جيڪي نٿا رکن ان تي ايمان، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان کان ڊڄندا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته پڪ سان اها حق سان اچڻ واري آهي (چڱيءَ طرح ٻڌي ڇڏيو) جيڪي ماڻهو شڪ وجهن ٿا ان گهڙيءَ (قيامت) جي اچڻ ۾، سي گمراهيءَ ۾ گهڻو پري نڪري ويا آهن |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله گهڻو مهربان آهي پنهنجي ٻانهن تي، جنهن کي چاهي رزق ڏيندو آهي ۽ اهو ئي وڏي طاقت وارو زبردست آهي |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو گهرندو آهي پوک آخرت جي، تنهن کي واڌارو ڏيندا آهيون پوک ۾ ۽ جيڪو گُهرندو آهي پوک دنيا جي، تنهن کي دنيا ۾ ئي ڏيندا آهيون، پر ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه آهي |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
ڇا اهي ماڻهو ڪي اهڙا شريڪ رکن ٿا خدا جا، جن اهڙو طريقو مقرر ڪيو آهي دين ۾ جنهن جو حڪم نه ڏنو آهي الله؟ ۽ جي طئي ٿيل نه هجي اها ڳالهه فيصلي جي اڳ ۾ ته انهن جي وچ ۾ نبيرو ٿي ئي وڃي ها، بيشڪ ظالمن جي لاءِ عذاب تمام سخت آهي |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
تون ڏسندين ته اهي ظالم (ان وقت) ڊڄي رهيا هوندا پنهنجي ڪيل ڪمن جي نتيجي ۾ ۽ اهو اچي ئي رهندو انهن تي، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا سي بهشت جي باغن ۾ هوندا، اهي جيڪي ڪجهه چاهيندا پنهنجي رب وٽ لهندا، اهو ئي ته فضل آهي سڀ کان وڏو |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
هي آهي اها شيءِ جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ڏيندو آهي جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، (اي نبي!) انهن کي چئي ڇڏ، ته آئون توهان کان نٿو گهران انهيءَ ڪم تي ڪو اجورو، البته ماڻهن جي محبت ضرور گهران ٿو، ۽ جيڪو ڪمائيندو چڱائي ته اسان واڌارو ڪنداسين ان ۾ چڱائيءَ جو، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ۽ قدردان آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته بهتان مڙهيو آهي هن شخص الله تي ڪوڙو؟ پوءِ جيڪڏهن گهريو الله ته مهر هڻي ڇڏي تنهنجي دل تي، ۽ مٽائيندو آهي الله باطل کي ۽ حق کي حق ڪندو آهي پنهنجي فرمانن سان، بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو ڳجها راز سينن جا |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ اهو ئي آهي جيڪو قبول ڪندو آهي توبهه پنهنجن بندن جي ۽ درگذر ڪندو آهي براين کان ۽ ڄاڻي ٿو اهو سڀ ڪجهه جيڪي توهان ڪريو ٿا |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ دعا قبول ڪري ٿو انهن ماڻهن جي جيڪي ايمان وارا ۽ عمل سٺا ڪرڻ وارا آهن ۽ وڌائيندو آهي انهن تي پنهنجي فضل کي، ۽ ڪافرن جي لاءِ ته عذاب آهي ئي تمام سخت |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
۽ جي ڪشادو ڪري ها الله رزق کي پنهنجي سڀني بندن لاءِ ته سرڪشي ڪن ها (فساد ڪن ها) زمين ۾، پر اهو نازل ڪندو آهي حساب سان جيترو گهرندو آهي، بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن کان باخبر ۽ انهن تي نظر رکندڙ آهي |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ اهو ئي آهي جيڪو مينهن وسائي ٿو ان کان پوءِ جو ماڻهو مايوس ٿين ٿا ۽ پکيڙيندو آهي پنهنجي رحمت ۽ اهو ئي آهي ولي (دوست) ساراهيل |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ ان جي نشانين مان آهي هي پيدائش آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي پکيڙيائين انهن ٻنهي ۾ ساهوارا، ۽ اهو ئي انهن کي گڏ ڪندو، جڏهن اهو چاهيندو قدرت رکڻ وارو |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جيڪا به توهان تي آئي آهي مصيبت سا آهي ڪمائي توهان جي هٿن جي ۽ درگذر ڪندو آهي (الله) ڪيترا توهان جا قصور |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
۽ نه آهيو توهان عاجز ڪرڻ وارا پنهنجي خدا کي زمين ۾، ۽ نه ٿا رکو توهان الله جي مقابلي ۾ پنهنجو ڪوبه ڪارساز ۽ ڪوبه مددگار |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ سندس نشانين مان جهاز آهن جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر نظر ايندا آهن |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جڏهن چاهي (الله) روڪي ڇڏي هوا کي، پوءِ اهي بيهي رهن سمنڊ جي پٺيءَ تي، بيشڪ ان ۾ آهن نشانيون ان شخص جي لاءِ جيڪو وڏو صابر ۽ شاڪر هجي |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا انهن کي هلاڪ ڪري سندن ڪرتوتن جي ڪري، پر معاف ڪري ٿو (الله) گهڻو ڪجهه |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
۽ معلوم ٿي ويندو انهن ماڻهن کي جيڪي جهيڙو ڪن ٿا اسان جي آيتن جي باري ۾ ته انهن لاءِ ڪابه پناهه جي جڳهه ناهي |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
پوءِ جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو آهي، سو رڳو ٿورڙو سامان آهي حياتيءَ دنيا جي ٿورن ڏينهن لاءِ، ۽ جيڪو ڪجهه آهي الله وٽ سو چڱو ۽ پائيدار آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو ڪندا آهن |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ جيڪي پرهيز ڪندا آهن وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان ۽ جي اچينِ ڪاوڙ ته ڪندا آهن درگذر |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ماڻهو حڪم مڃيندا آهن پنهنجي رب جو ۽ قائم ڪندا آهن نماز ۽ پنهنجا معاملات مشوري سان پاڻ ۾ هلائيندا آهن ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ جڏهن انهن تي زيادتي ڪئي ويندي آهي ته ان جو مقابلو ڪندا آهن |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ بدلو برائيءَ جو برائيءَ سان ڏين، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ اصلاح ڪري ته ان جو اجر الله جي ذمي آهي، بيشڪ (الله) پسند نٿو ڪري ظالمن کي |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ جيڪي ماڻهو بدلو وٺن بعد ظلم ٿيڻ جي، پوءِ انهن تي ڪابه ناهي ڏوراپي جي واٽ |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
بيشڪ ڏوراپي جا حقدار ته اهي آهن جيڪي ظلم ڪندا آهن ٻين تي ۽ زيادتيون ڪندا آهن زمين ۾ بنا ڪنهن حق (سبب) جي، اهڙن ئي ماڻهن لاءِ عذاب آهي دردناڪ |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
البته جيڪو صبر ۽ درگذر کان ڪم وٺي بيشڪ اهو وڏي اولو العزمي (همت) جي ڪمن مان آهي |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنهن کي اڇلائي گمراهيءَ ۾ الله، ته ان جو ڪوبه ڀرجهلو (الله) کان پوءِ ناهي، ۽ تون ڏسندين (اي نبي!) ته اهي ظالم جڏهن ڏسندا عذاب ته چوندا، هاڻي آهي ڪا موٽڻ جي واٽ؟ |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ تون ڏسندين ته، اهي جهنم جي سامهون جڏهن آندا ويندا ته جهڪي رهيا هوندا ذلت جي ڪري، ان کي ڏسندا پيا ٽيڏين اکين سان، ۽ (ان وقت) چوندا اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، بيشڪ خساري وارا اهي ئي ماڻهو آهن جن خساري ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي واسطيدارن کي اڄ ڏينهن قيامت جي وڌو آهي. خبردار! بيشڪ ظالم هوندا عذاب ۾ هميشه جي لاءِ |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ نه هوندا انهن جا ڪي به ڀرجهلا ۽ سرپرست، جيڪي اچن مقابلي ۾ الله کانسواءِ، ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ الله اڇلي، پوءِ ان جي لاءِ ناهي ڪابه بچاءَ جي واٽ |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
مڃو ڳالهه پنهنجي رب جي ان کان اڳي جو اچي وڃي اهو ڏينهن جنهن لاءِ ٽرڻ جي ناهي ڪابه صورت الله طرفان، ڪابه توهان لاءِ پناهه جي جاءِ ان ڏينهن نه هوندي، ۽ نه توهان جي حال کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو هوندو |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪي موڙين ٿا منهن ته اي نبي! اسان انهن تي نگران ڪري توکي نه موڪليو آهي، تون ته فقط انهن کي ڳالهه پهچائڻ جو ذميوار آهين، ۽ بيشڪ اسان جڏهن چکائيندا آهيون انسان کي پنهنجي رحمت جو مزو ته خوشيءَ ۾ ڦونڊجي ويندو آهي ۽ جي مصيبت اچيس ٿي سندس ڪيل برائيءَ جي سبب سندس هٿن سان ته پوءِ اهو ئي انسان ناشڪرو ٿي ويندو آهي |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين جي، خلقيندو آهي جيڪي چاهي، ڏئي ٿو جنهن کي گُهري ڌيئرون ۽ جنهن کي گُهري ڏيندو آهي پٽ |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا جنهن کي وڻيس گڏ ڏيندو آهي پٽ ۽ ڌيئرون ۽ جنهن کي وڻيس ته سَنڍ ڪري ڇڏي (بي اولادي)، بيشڪ اهو ئي ڄاڻي ٿو قادر آهي هر شيءِ جو |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
۽ ناهي هي مقام ڪنهن بشر جو ته ڳالهائي اهو الله سان، ان جي ڳالهه وحي (اشاري) طور هوندي آهي يا پردي جي پويان کان يا موڪليندو آهي قاصد (فرشتو) اهو وحي ڪندو آهي ان جي حڪم سان جيڪي گُهري بيشڪ اهو مٿاهون حڪمت وارو آهي |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ اهڙيءَ طرح (اي نبي!) اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن هڪ روح کي پنهنجي حڪم سان، توکي ڪا خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿيندو آهي ڪتاب ۽ ڇا ٿيندو آهي ايمان پر ليڪن بنايو اسان ان نور کي روشني، جنهن سان واٽ ڏيکاريندا آهيون جنهن کي گهرون پنهنجن بندن مان، بيشڪ تون رهنمائي ڪري رهيو آهين واٽ سڌي ڏانهن |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
واٽ ان خدا جي ڏانهن، جيڪو مالڪ آهي آسمانن ۽ جيڪي آهي زمين ۾ هر شيءِ جو، خبردار! الله ڏانهن ئي سڀ معاملا موٽڻ وارا آهن |