حم (آيت : 1) |
حم |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
هي (اهو) ڪتاب عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن جون آيتون سمجھ وارن لاءِ کولي بيان ڪيون ويون آهن. |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
(نيڪن کي) خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ (بدڪارن کي) ڊيڄاريندڙ آهي تڏهن به انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ ٻڌن ئي نه ٿا. |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چوڻ لڳا ته جنهن (ڳالھ) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان (ته) اسان جون دليون پردي ۾ آهن (جو دل کي نه ٿي لڳي) ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي (جو ڪجھ به ٻڌون نه ٿا) ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪ آڙ (پيل) آهي ته تون پنهنجو ڪم ڪر اسين (پنهنجو) ڪم ٿا ڪريون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
(اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ به (شڪل شباهت ۾) اوهان جهڙو آهيان (پر فرق هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو اهو ئي) اڪيلو خدا آهي، ته پوءِ ان ڏي توجه ڌريو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا (به) انڪار ڪندڙ آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ اهو (ته) اجر آهي جيڪو کٽڻ جو نه آهي. |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
(اي رسول! کين) چئو ته اوهين ان (خدا) جو انڪار ڪريو ٿا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي انهيءَ جي برابر ڪريو ٿا اهو ئي ته ساري جهان جو سرپرست آهي. |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ ان ئي زمين ۾ مٿانس پهاڙ پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ اها ڳالھ چٽي طرح بيان ڪئي وئي آهي. |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
وري آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو (ان وقت) دونهو هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواھ مجبوري سان اچو! انهن ٻنهي عرض ڪيو ته اسين خوشيءَ سان حاضر آهيون (۽ حڪم جا پابند آهيون.) |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن (آسمان ان جي انتظام) جو حڪم (ڪارڪنان قضا ۽ قدر ڏي) موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي (ستارن جي) چراغن سان سينگاريو ۽ (انهن کي شيطانن کان) محفوظ رکيو. اها زبردست ڄاڻڻهار (خدا) جي (قائم ڪيل) تدبير آهي. |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ هوندي به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر کين) چئو ته مان اوهان کي اهڙي وڄ ڪرڻ (جي عذاب) کان ڊيڄاريان ٿو جهڙي قوم عاد ۽ ثمود جي وڄ جو ڪڙڪاٽ (هو). |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جو جڏهن وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان (هيءَ خبر کڻي) آيا ته خدا کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو ته چوڻ لڳا، جيڪڏهن اسان جو پالڻهار گهري ها ته فرشتا نازل ڪري ها ۽ جيڪي (ڳالهيون اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي سي اسين ته ڪين مڃينداسون. |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پوءِ عاد (جي قوم) به زمين ۾ ناحق وڏائي ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته جنهن خدا کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي. مطلب ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
ته اسان به (سندن) نحوست جي ڏينهن ۾ مٿن وڏي زور سان نداري موڪلي ته جيئن دنيا جي حياتيءَ ۾ به کين خواري جي عذاب جو مزو چکايون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪرڻ وارو ئي هوندو ۽ (پوءِ) کين ڪنهن پاسي کان به مدد نه ملندي. |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
باقي رهيا (قوم) ثمود (وارا) ته اسان کين سڌي راھ ڏيکاري ڇڏي پر انهن ماڻهن هدايت جي بدلي گمراهيءَ کي پسند ڪيو ته سندن ڪرتوتن سبب ذلت جي عذاب جي بجليءَ انهن کي پڪڙيو. |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي اسان (ان مصيبت کان) بچائي ورتو. |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ جنهن ڏينهن خدا جا دشمن دوزخ ڏي هڪليا ويندا ته اهي ترتيب وار بيهاريا ويندا. |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
نيٺ جڏهن سڀئي دوزخ وٽ ايندا، سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن (گوشت ۽) کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون جيڪي اهي ڪندا هئا. |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ اهي ماڻهو پنهنجن عضون کي چوندا ته اوهان اسان جي خلاف ڇو شاهدي ڏني ته اهي جواب ۾ چوندن ته اسان کان ان الله ڳالهارايو جنهن (پنهنجي قدرت سان) سڀ ڪنهن شيءِ کان ڳالهارايو ۽ ان اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو ۽ (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
۽ (اوهان جو هي حال هو جو) اوهين هن خيال سان (پنهنجي گناهن جي) پرده پوشي به ته ڪين ڪندا هئا ته اوهان جا ڪن ۽ اوهان جون اکيون ۽ اوهان جا عضوا ڪي اوهان جي برخلاف شاهدي ڏيندا بلڪ اوهين ته هن خيال ۾ (ڀليل) هئا ته خدا کي توهان جي ڪيترن ئي ڪمن جي خبر ئي نه آهي. |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ اوهان جي اها (بد) خيالي جا اوهين پنهنجي پالڻهار بابت رکندا هئا اوهان کي تباھ ڪري ڇڏيو نيٺ اوهين نقصان وارا ٿيو. |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن اهي صبر به ڪندا ته به سندن رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي. |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ اسان (ڄڻ ته شيطان کي) سندن پٺيان سندن سنگتي لڳائي ڇڏيا هئا ته انهن اڳيون پويون ڳالهيون سندن نظرن ۾ سٺيون ڪري ڏيکاريون ته جنن ۽ انسانن جون امتون جي انهن کان اڳ ۾ گذري چڪيون هيون تن سان گڏ (عذاب جو) وعدو انهن جي حق ۾ به پورو ٿيو. بيشڪ اهي پنهنجو نقصان ڪرڻ وارا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافر چوڻ لڳا ته هن قرآن کي ٻڌو ئي نه! ۽ (جڏهن پڙهي ته وچ ۾ وٺي) گوڙ ڪريو ته من اوهين غالب ٿيو. |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ته اسين به ڪافرن کي سخت عذاب جا مزا چکائينداسون ۽ سندن ڪرتوتن جي کين تمام سخت وڏي سزا ڏينداسون. |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
هو دوزخ ئي خدا جي دشمنن جو بدلو آهي. انهن لاءِ ان ۾ هميشه (رهڻ) جو گهر آهي. ان (ڏوھ) جي سزا ۾ جو اهي اسان جي آيتن جا منڪر هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي اهي جن ۽ انسان ڏيکارجن جن اسان کي گمراھ ڪيو ته انهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو ته جيئن اهي چڱيءَ طرح ذليل ٿين. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
۽ جن ماڻهن (سچيءَ دل سان) چيو ته اسان جو پالڻهار ته (رڳو) خدا آهي ۽ پوءِ اهي ان تي قائم رهيا تن جي (موت وقت، رحمت جا) فرشتا نازل ٿيندا (۽ چوندن) ته ڪو خوف نه ڪريو ۽ ڏک نه ڪريو ۽ جنهن بهشت جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو هو تنهن جي خوشي ڪريو. |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسين اوهان جا دنيا جي حياتيءَ ۾ به دوست هئاسون ۽ آخرت ۾ به (ساٿي) آهيون جنهن شيءِ لاءِ اوهان جي دل گهري سا بهشت ۾ اوهان لاءِ موجود آهي ۽ جا به شيءِ اوهين گهرندو سا اتي اوهان لاءِ (حاضر) هوندي. |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
(اها) معاف ڪندڙ مهربان (خدا) جي طرفان (اوهان جي) مهماني هوندي. |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
۽ ان ڳالھ ۾ ان کان ٻيو ڪير چڱو آهي جيڪو (ماڻهن کي) خدا ڏي سڏي.۽ چڱا چڱا ڪم ڪري ۽ چوي ته آءُ به پڪ (خدا جي) فرمانبردار بندن مان آهيان. |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ ڀلائي برائي (ڪڏهين به) برابر ٿي نه ٿي سگهي. تون (سخت ڪلاميءَ جو) اهڙي طريقي سان جواب ڏي جو تمام چڱو هجي (ائين ڪندين) ته (تون ڏسندين) ته جنهن ۾ ۽ تو ۾ دشمني هئي سو ڄڻ ته تنهنجو دل گهريو دوست آهي. |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
اها ڳالھ رڳو انهن ماڻهن کي حاصل ٿئي ٿي جي صبر ڪرڻ وارا آهن پڻ انهن کي اها خوبي عطا ٿئي ٿي جي خوش نصيب آهن. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
۽ جيڪڏهن اوهان کي شيطان جي طرفان وسوسو پيدا ٿئي ته خدا جي پناھ گهرندا ڪريو ۽ بيشڪ اهو (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن (ته) اوهين ماڻهو نه سج کي سجدو ڪجو ۽ نه چنڊ کي ۽ جيڪڏهن اوهان کي خدا جي ئي عبادت ڪرڻي آهي ته رڳو ان کي ئي سجدو ڪريو جنهن انهن سڀني (شين) کي پيدا ڪيو آهي. |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو وڏائي ڪن ته (خدا کي به انهن جي پرواھ ناهي) جيڪي (فرشتا) اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ آهن سي رات ڏينهن ان جي تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ اهي نه ٿا ٿڪجن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته اوهين زمين کي سڪل ۽ سواءِ ساوڪ جي ڏسو ٿا. وري جڏهن ان تي مينهن وسايون ٿا. ته سرسبز ٿئي ٿي ۽ ڦلاري ٿي. بيشڪ جنهن (خدا مئل) زمين کي جيئرو ڪيو سو مردن کي به جياريندو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڦير گهير پيدا ڪن ٿا سي هرگز اسان کان ڳجها نه آهن. ڀلا جو ماڻهو دوزخ ۾ وجهيو سو چڱو آهي يا جيڪو قيامت جي ڏينهن سواءِ خطري جي ايندو؟ (خير!) جيڪي وڻيو سو ڪريو! (پر!) جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي اهو ضرور ڏسي رهيو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
بيشڪ جن ماڻهن وٽ نصيحت آئي ۽ ان جو انڪار ڪيو (سي پنهنجو نتيجو ڏسندا) ۽ بيشڪ هي قرآن ته يقينا هڪ وڏي مرتبي وارو ڪتاب آهي. |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
۽ ڪوڙ نه ان جي اڳيان اچي سگهي ٿو ۽ نه ان جي پٺيان ۽ (هي ڪتاب ته) حڪمت واري ساراهيل (خدا) جي طرفان نازل ٿيل آهي. |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
(اي رسول) تو کي به اهو ئي چيو وڃي ٿو جيڪي تو کان اڳ ۾ پيغمبرن کي چيو ويو آهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشڻهار به آهي ۽ دردناڪ عذاب (ڏيڻ) وارو به آهي. |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏهن اسين هن قرآن کي عربي زبان کان سواءِ (ڪنهن) ٻي زبان ۾ نازل ڪريون ها ته اهي (مڪي جا ڪافر) چون ڪين ها ته ان جي آيتن کي (اسان جي زبان) ۾ ڇو نه تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ڇا (قرآن جي) عجمي ۽ (ٻڌڻ وارا وري) عربي ٻوليءَ وارا! (اي پيغمر!) کين چئو ته اهو (قرآن) ايمان وارن لاءِ (سموري) هدايت ۽ (هر مرض جي) شفا آهي. ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اهو (قرآن) سندن حق ۾ انڌائيءَ (جو سبب) آهي ته (ٻوڙائپ سبب ڄڻ ته) کين ڏوراهين هنڌ کان سڏيو وڃي ٿو (۽ ٻڌن نه ٿا). |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ اسان ئي موسى کي به ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته ان ۾ به اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪ ڳالھ (مهلت ڏيڻ جي) اڳي چڪتو ٿيل نه هجي ها ته ڪڏهين جو فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ اهي اهڙي شڪ ۾ آهن جنهن کين بيقرار ڪري ڇڏيو آهي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو سو پنهنجي فائدي لاءِ ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو تنهن تي ئي ان جو وبال آهي. ۽ تنهنجو پروردگار ته بندن تي (ڪڏهين به) ظلم ڪرڻ وارو نه آهي. |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
قيامت جي خبر خدا جي حوالي ئي آهي (اهو ئي ڄاڻي ٿو). ۽ سواءِ سندس ڄاڻپ ۽ (ارادي) جي نه ته ميوا پنهنجي (پنهنجي) ٻور مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪا مادي پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي. ۽ جنهن ڏينهن (خدا) انهن (مشرڪن) کي سڏيندو (۽ پڇندو) ته منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ اهي چوندا ته اسان ته تو کي عرض ڪيو ته اسان مان ڪو (به انهن جو) واقف ئي نه آهي. |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ جن کي هن کان اڳ پوڄيندا هئا اهي انهن کان ڀلجي ويندا. ۽ اهي يقين ڪندا ته سندن لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي. |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
انسان ڀلائيءَ جون دعائون گهرڻ کان ته نه ٿو ٿڪجي پر جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي ٿي ته (يڪدم) نا اميد ۽ بي آس ٿئي ٿو. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان ان کي ڪا مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ته پڪ چوندو، هي ته مون لاءِ آهي ۽ آءُ نه ٿو ڀانئيان ته (ڪا) قيامت قائم ٿيڻ واري آهي. پر جيڪڏهن (قيامت ٿي به ۽) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايو به وڃان ته پڪ وٽس منهنجي لاءِ ڀلائي هوندي.۽ پوءِ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ته جيڪي اهي ڪم ڪندا رهيا تن جي انهن کي ضرور (قيامت ۾) خبر ڏينداسون ۽ کين ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسون (سو جدا). |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏهن اسين ماڻهوءَ تي احسان ڪريون ٿا ته (اسان جي پاسي کان) منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجو پاسو ڦيري هلي ٿو. ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته وڏيون (وڏيون) دعائون گهرڻ لڳي ٿو. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
(اي رسول! کين) چئو ڀلا ٻڌايو ته سهي ته جيڪڏهن هي (قرآن) خدا جي بارگاھ مان (آيو) هجي (۽) پوءِ (به) اوهين انڪار ڪريو ته جنهن کي (اهڙو) وڏو ضد آهي تنهن کان وڌيڪ ڪير گمراھ ٿي سگهي ٿو. |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي چوڌاري ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو حق آهي. ڇا تنهنجي پالڻهار جي هيءَ ڳالھ ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
ڏسو! اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي سامهون حاضر هجڻ کان شڪ ۾ (پيل) آهن! خبردار اهو بيشڪ سڀ ڪنهن شيءِ تي حاوي آهي. |