حم (آيت : 1) |
حَقِيقت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
هِي اُتارا اَطْهار، سَخِي سَٻاجھي ڪنان. |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
ڪِتاب ڪَرِيم، جنهن جا فرمودا، فرمان، کوليا خوب طرح وِيا، عَرِبئَ ۾ آسان، تِنهن قوم لئي قرآن، جي صَحِي سوچِين ڳالهيون. |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
کِيرون ڏِيندڙ خير جون، پڻ ڄيري ڪندڙ ڄاڻ، پوءِ گھڻا مُنهن موڙي ويا، اَنهن مان اَڄاڻ، پوءِ سُڻنِ نه ڪَنن ساڻ، اُهي واڪا ۽ واڌائيون. |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چيائون، ته چِت اَسان جا، آهِن پَردن ۾ پاڻ، جنهن ڏي، سَڏيِينِ تون، ۽ اُن کان ٻِي، ڪَنن ۾ ٻوڙاڻ، ۽ تو ۽ اَسان جي وِچ ۾، ڪو حِجاب آهي هاڻ، پوءِ عَمل ڪر اڳواڻ! اَسِين بِه عامِل آهيون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
چئو، آئون بيشڪ آهيان، ماڻهو اَوهان مِثال، وَحِي ڪَئـِي ٿِي وَڃي، مون ڏي هِئَ مَقال، ته آهي سائـِين اَنهنجو، بيشڪ هِڪ بحال، پوءِ سَنوان سِڌا اُن ڏي، هَلو هر ڪِنهن حال، ۽ تِنهن کي سَڏ، سُوال، بي شڪ ڪريو بَخشِيش جا. ۽ ٻَر ٻَر! ٻيلارن لئي، جي گَڏِين ساڻِس غير، |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
ڏِين نه ڏکيَن ڏان ڪو، خدا ڪارڻ خير، ۽ ڦِريَل بنا ڦير، اُهي آهِن آخِرت کان. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
مَڃيو جَن مَذڪُور، پڻ موچارا ڪم ڪيا، ته مَهندان آهي مُور، اکٽ اُجُورو اُنهن لئي، |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
چئو، اَوهين ڇا، آهِيو، اُن جا اِنڪارِي؟ جنهن ڏاتر ٻِن ڏِينهَن ۾، ڀُون بَنائـِي سارِي، ۽ ٺاهِيو، ٻِيا ڪم ڪار ۾، تِنهن سان تڪرارِي، بي شڪ سوبارِي، آهي صاحب، سَڀ جھان جو. |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ مٿاهان تِنهن مٿان، جوڙيا جَبل جبار، ۽ وَڌائـِين واھ جا، مَنجھسِ وَئَ وَلهار، ۽ کاڌا کاڄ اُنهن جا، مَنجھسِ ڪَٿيا ڪلتار، چَئن ڏِينهن ۾ ڏاتار، پُورو جواب پُڇَندڙين |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
وَرِي اُڀ ڏي آئـِيو، جو بلڪل هُئو بخار، پوءِ اُن کي، پڻ زمين کي، ڪَهيو رَبَّ، قهار، ته اَچو سَرها اَرها؛ وراڻيون تِنهن وار، ته سَرها ٿِي سَرڪار!، آياسون تو اڳيان. |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ سَت اُڀ، ڪيو تيار اُنهن کي، ٻِن ڏِينهَن ۾ ڏاتار، ۽ هَر اُڀ کي، وَحِي اُن جا، ڪيائـِين ڪم ڪار، ۽ اُڀ سِينگاريوسون، اوڏڙو، سِين قَندِيلَن قطار، پڻ اُڀن تي اِبليس کان چونڪِئَ لئي چوڌار، آهي اِها اِظهار، سِٽا سَٻر ۽ سَٻوجھ جِي، |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ، جي اُنهن اِنڪار ڪيو، ته کولي ڏي خبر، ته آن کي، ڪيو اِطلاع مون، قابُو ڪَڙڪي ڀَر، وَاقعي تِنهن وانگر، جو آهي عاد، ثمود جو. |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
آيا سَندِن اَ ڳ، پوءِ کان، جڏهن پارِس پيغمبر، ته ڌاران ڌڻئَ هيڪڙي، ٻيو پوڄيو نه ڪِنهِين پَر، چي، آگي اَسان جي، جي گُھريو ته مَلڪ مُڪائـِين ڪَر، پوءِ جنهن جو اوهان کي اَمر، اَسِين اِنڪارِي اُن ڪنان. |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پوءِ ظالمِ عاد زَمِين ۾، ڪيو، هَٺ، حَق بغير، چي، آھِ اَسان کان زور ۾، ڪَسر قرارو ڪير؟ ڇا، ڳهيلن هِن ڳالھ کي، نه وِيچاريو ڪِنهن وير؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ جِنهن جوڙئيَنِ، ڏيئـِي هَٿ، پير، سو زَبر تَن کان زور ۾، مِڙِني کان مَٿير، ۽ ٺَلها کائـِن ڦير، اسان جي اُهڃاڻن کان. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
پوءِ اُماڻيوسون اُنهن مَٿي، ڌُوڌُو واء ڌَمڪار، ڏُهاڳِين ڏِينهَن ۾، تان مَنجھ ڄامڙِي ڄَمار، چَکايون خوارِئَ خُوب جو، اُنهن کي آزار، ۽ آهي عذاب آخرت جو، ڪندڙ خُوب خوار، ۽ جِنهن حالت ۾ تَن هارِ، وَرندو ڪير نه واهِرُو!. |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
پر سَنئينءَ واٽ ثَـمُود کي، پوءِ آچيو سونِ اِظهار، ته ڪَيؤن سُونهپ صاف تي، اَنڌپ اِختيار، پوءِ قابُو ڪَڙڪي پَڪڙيا، جو اُ گرو حَد آزار، ڪَندا هُئا، جا ڪار، ڪارڻ تنهن ڪاراٺ جي. |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ پوءِ آجو ڪيوسون اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ جيڪي منجھ جَھان، هُئا ثابِت رَکندا سِيل کي. |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ جنهن ڏِينهن عدو اَلله جا، ڪَبا ڀيڙا پاسي باھِ، |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
پوءِ قطاري ڪاهِبا، تان آيا، سِر آڙاھ، ڀَري بِيٺا اُنهن مَٿي، سَندنِ گوش گُواھ، پڻ سَنديون اُنهن اکيون، پڻ جي کَلون مٿان ماھ، جي ڪندا هُئا گُناھ، تِنهن مُوجِب مَحشر ماڳ ۾. |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ چَونِ پَنهنجي چَمڙيِين، ته اي ساٿِي! سَدائـِين، اَسان تي آئـِين، ڪِهڙي سَبب ساک ڏِيو. چَون، ته سچ چوائـِيو، اَسان کي اَللهُ، سَڀ ڪِنهن شئِ سيکاريو، جنهن واحِد وايون واھُ!، ۽ پيدا پهرِين پور ڪَيان، صاحب ڏيئـِي ساھ، ۽ اُن ڏي سَنجھ، صُباح، مِڙئـِي موٽو مُورهِين. |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
۽ هُئا نه ڪَندا حِجاب، ڪو ڪَندي ڪَرتوتن، ڪَنان ڪَنن پَنهنجي، ته شاهد ٿِي بِيهن، پڻ چِشم، چَمڙيون، اَهنجيون؛ ۽ مُرڳو ڀانيان مَن، ته سائـِين نه سمجھي تَن، جيڪِي لِڪِي ڪَندا هُئا لوڪ کان. |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ پَنهنجو غَلط گُمان، اُهو رکيان پَنهنجي رَبَّ ۾، پوءِ اُڇلي هَيان اُهڏ ۾، اِنهِئ اَنُو مان، پوءِ هارِيَنِ مان حيران، صُبح سويرو ٿِي پِيا. |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ، جي سَهن سُور، سي ته، ڀاڻو تَن جو باھ، ۽ ريجھائـِين، ته نَه ريجھندو، اُنهن سان اَلله، |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ سَلهاڙِياسون ساڻ تَن گڏ، ڪَندڙ گُمراھ، اڳيان، پويان اُنهن جي، جيڏانهن ڪن نِگاھ، ته اُنهن لئي عيب، گُناھ سَڀ ڪيؤن سِينگاري سامهان. ۽ اُنهن اُمّتن ۾، اُنهن تي ٿِئي سَزا حَقَّ صَحِي، جِنن ۽ ماڻهن مَنجھان، جي وِيُون ڪالھ ڪَهِي، حالت تَن جِي هِي، ته صَفا سُڃ تي سَندِن سَندرو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ جي ڦِريا، تَن فرمائيو ته هِي قُرآن نه ٻُڌو توڙ، ۽ مَنجھسِ مَچايو گوڙ، اَوهِين ٿيو مَن آڪرا! |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ڦِريا،جي فَرمان کان، تَن سَخت ڏِينداسُون سُور، ۽ تَن مَدين بَدلو مُور، جيڪِي ڪَن جَھان ۾. |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
عَدُوّن اَلله جي، لاشڪ اِهو لاڳ، آهي آگ اُنهن لئي، مَنجھسِ مُدامِي ماڳ، بي شڪ تِنهنجو ڀاڳ، جو مَڃيؤن نه، اَسان جون آيتون. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، وَراڻيون تِنهن وار، ته جَن ڪيو وَهِينءَ واٽ کان، اسان کي آوار، جِنن ۽ ماڻهن مَنجھان، سانَيمِ! سي ڏيکار، ته پنهنجي پيرن هيٺ ڪريون، تَنِين کي تڪرار، کوري مَنجھ خُوار، اَسان هيٺان هُونِ سي. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
جَن چيو، ته اَلله اَسان جو آهي، پَروَر پالڻهار، پوءِ قائم پَنهنجي قول تي، بِيٺا بَرقرار، اُنهن تي مَلڪ اَلله جا، اُترن آخِرڪار، ته نه ڏرو، نه ڳَرو، ڪِنهن ڳالھ کان، ماڻيو بهشت بَهار، جنهن جا قول قرار، ڏِبا هُئان، هُن ڏيہ ۾. |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
هِن حَياتِي ننڍڙِئَ ۾، اَسِين اَنهنجا مَددگار، ۽ پڻ آخِرت ۾؛ جنهن ۾ آهن اَوهان هار، جيڪي گُھرن جِئَ اَهنجا، حاصِل سي هَموار، ۽ تُحفي طَور اوهان لئي، جيڪي طلبيو، سو تيار، |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
پاران پالڻهار، جو مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
۽ اَڇو ڪير، اُن کان، ٻولن مَنجھ ٻيو ؟ جنهن ڪوٺيو رَبَّ، ڪَرِيم ڏي، ۽ چَڱَو ڪم ڪيو، پڻ چِٽئَ رِيت چيو، ته آئون اِقرارِيَن مان آهيان. |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
هَر نيڪِي نه هِڪ جِھڙِي، ۽ هَر مَدِي نه هِڪ مِثال، پوءِ اَٽڪ ٽار اُن سان، چَڱِي جيڪا چال، پوءِ، تو ۽ جِنهن جي وِچ هُجي، ڪا دُشمنِي ڌَمتال، ته ڦِري ٿِئي فِى الحال، گَھرو دوست، دِل گُھريو. |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
۽ سَوا تِنهن ، جِنهن صبر ڪيو، ماڻي سو نه ماڳ، ۽ بِنا وَڏي ڀاڳ، سا نِعمت ٻِئي نَه نَصِيب ٿِئي. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
پوءِ جي شُوم شيطان کان، ڪو کُٽڪو کُٽڪئـِي خان! ته گُھر اَللهَ کان اَمان، جو سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
اُن جي آيتن مان، نِشانِيون نِروار، مَٿي ڏيہ ڏِينهن، راتيون، ۽ سِج، چَنڊ چَلن چوڌار، پوءِ نَه پُوڄيو سِج، چَند کي، ۽ پُوڄيو پالڻهار، جِنهن جوڙيا، سي جِنسار، جي آهيو ٻانَها اُن جا. |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پوءِ سائـِين کي سَجدي کان، جي غافِل ڪن غُرور، پوءِ جي تُنهنجي ڌَڻِئَ وَٽ، حاضر مَنجھ حُضور، ڏِينهن، رات نَمن اُن کي، آڌِئَ، خواھ اَسُور، ۽ اُهي نَه ٿڪن مُور، صاحِب جي ساراھ کان. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ اُن جي آيتن مان، ڀُون پَسِين بيران، پوءِ جڏهن اُتاريوسون، اُن مٿي، ڀيج ڀِنِي باران، ته چُرِي ۽ مَٿِي چَڙِهي، ٿِيا چِلر مَنجھ چوگان، جنهن جِياريو اُن کي، وَسائـِين ويران، مُئا جيارِيندڙ مُورهِين، آهي سو عيان، سوبارِي بي گمان، آهي قادِر هَرڪِنهن ڪم مَٿي. |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
اَسان جي اُهڃاڻن ۾، جي وَر هَلن وَهلور، اسان کان اَصل نه رَهن، مَخفِي سي مَخمور، ڇا، ڀَلو سو، جو اُڇلبو، باھِ ۾، ڀَرپُور؟، يا اِيندو مَحشر ماڳ ۾، جو اَمن سان اَهگور؟ وَڻي ڪِهڙا ڪم ڪريو، مَرضي مُوجِب مُور، جي ڪريو ڪَم، قُصور، هُو مَٿان ڏِسَندڙ مُورهِين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
اُهي جَن ڪُوڙ ڪوٺيو، هِي موچارو مَذڪُور، آيُنِ جڏهن، ۽ آهي اِهو ڪِتاب زَبر ضَرُور، |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
اَڳي، پوءِ اُن ۾، نَه اَچي ڪُوڙ فُتُور، نازِل آهي نُور، ساراهِيَل سَٻوجھ کان. |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
توسان نه ڳالهائـِينِ ڳالھ، مگر توکان مَهند ڀَرو، پِيارن پيغمبرن کي، چيو وِيو جِنهن چال رَبُّ بَخشِيندڙ بَحال، پڻ سَزا ڏِيندڙ سَخت گھڻو. |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جيڪر ٻولِي ٻِئَ ۾، ڪَيوسون قُرآن، چي، ڇو نه اَسان لئي اُن جا، وِيا کوليا خُوب بيان؟ سُڻندڙ صَفا عَرِبي، ۽ ٻِي ٻولِئَ ۾، فَرمان، چَئو، سُونهپ ۽ صِحت تَن لئي، آندو جَن اِيمان، ۽ ڳَراڻَ تَن ڪَنن ۾، نه وِسهن، جي ويران، ۽ اِهوئي اُنهن تي، اَنڌپ آهي عيان، ڪَرڪنان ڏور مَڪان، ڪجن جن کي ڪُوڪَرا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ ڪتاب مُوسٰى مِير کي، بَخشيو سُون بَحال، پوءِ اُبـتِي سِٽيائون اُن ۾، پٽ ٿيا پائـِمال، ۽ تُنهنجي آگي کان، اَڳي نه هُئي، مُقرر ٿِيَل ڳالھ، ته تَن وِچ ۾ ڪَيو وِيو، فيصلو فِى الحال، ۽ ڦاٿل سي ڦيريال، ڦِرندڙ، گِرندڙ گُمان ۾! |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جنهن چَڱِي ڪَئـِي ته پاڻ لئي، بَدِي ته مَٿسِ بار، ۽ بارِي بَندن هارِ، ذَرو ظالِم نه آهي ڪِي. |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
آهي اُنهِئَ پار، ڪَر قيامت ڏِينهن جِي، ۽ ميوا نَه نِڪرن مُکِڙيَن مان، نه بار کَڻِي ڪانار، ۽ نه نار ڄَڻي ڪا ٻار، مگر سَندسِ سَنڀال سِين. جِنهن ڏِينهن ڪَبَن پُڪار، ته مُنهنجا ڀائيوار ڪٿي؟ چي، اَسان چتايو اَ ڳ ۾، ته اَسان سُڌ نه سار، |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ جَن اڳي ڪيون آزيون، وِيا وِڃائجِي تِنهن وار، ۽ سَمجھون ته سَندنِ هارِ، ڪانهِي ڪُنڊ پَناھِ جِي. |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
سُکَن لاءِ سَڏن ۾، ٿَڪي نه ماڻهو مُور، ۽ جي رَسيسِ سَخِتي سُور، ته آسَرپَل، بي آسري. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
۽ جَڏهن پنهنجي پاران، مِهر جو مَزو چکايونسِ مُور، جنهن بَعد بَرسِر اُن تي، آيون سَختيون سُور، ته مُورک چَوي پِيو مُور، هِي ڀَلايون مُنهنجي ڀاڳ ۾. ۽ آئون اصَل نه ڀانيان، اَچڻِي اُهکِي وار، ۽ جي مُون کي موٽايو وِيو، سَندمِ سائـِينءَ پارِ، ته هرگز وَٽِس مون هارِ، وَڏا ڀاڳ، ڀَلائيون. پوءِ ڪَل ڏِينداسون ڪافِرِين، جي ڪيائون قُصُور، ۽ مَزو چکائـِينداسونِ مُور، ڪنهن سَخت سَزا ساڙ جو. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ ماڻهوءَ کي مُورهِين، جڏهن صَحِي ڏِنوسُون سُک ، ته ڦِريو ۽ ڦيرئـِين پنهنجِي، ڪَنڌ پاسي ڪُک، ۽ جڏهن ڏاڍو پُهتسِ ڏُک، ته وَڏو آهي وَظيفائـِي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
چئو، سوچيان ڪِين سَوير؟ ته آهي، جي اَلله وَٽان، اَوهِين ڦِريا اُن ڪنان، ته اَوتڙا اِن کان ڪير؟ پاتو جِنهن پير، ڪِنهن ڀُل پَراهِين پار ۾. |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
ڏيکارِينداسونِ ڏيهن ۾، پَنهنجا پتا پار، پڻ سَندنِ جانِيَن جوڙ ۾، تان اُتن ٿئي اِظهار، حق برابر آهي هِي، ڇا بس نه بَرقرار، تُنهنجي هادِئَ هار؟ ته هُو سانکي سَڀڪِنهن ڳالھ تي. |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
سَمجھ ته، آهِن سي صَحِي، سَندا شَڪَ شِڪار، سَندنِ مالِڪ جي ملڻ کان، مَهندان مَحشر وار، چونڪِي اَسِين چوڌار، هَرگز هَر ڪِنهن ٽول تي. |