حم (آيت : 1) |
حا- ميم |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
هي رحمان ۽ رحيم خدا وٽان نازل ٿيل (وحي) آهي. |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
اهوهڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون ۽ حڪم تفصيل سان (چٽيءَ طرح) سماجهايل آهن. اهو عربي قرآن آهي ۽ انهن ماڻهن لاءِ آهي جي علم ۽ سمجهه وارا آهن. |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
(اهو قرآن صالح عمل ڪندڙ مؤمنن کي ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي برن نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به هنن مان گهڻا ماڻهو منهن ڦيرائي هليا ٿا وڃن سو هو ٻڌن ئي ڪين ٿا (ته قرآن جا حڪم ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا نه چڱا ۽ مفيد آهن.) |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ اهي (ڪافر حضرت جن کي) چون ٿا ته، جنهن ڳالهه ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان اسان جون دليون پردن ۾ (لڪل ۽ محفوظ) پيل آهن، ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳوراڻ ۽ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو پيل آهي، سو تون (اسان کي قرآن مجيد نه ٻڌاءِ باقي جيڪي وڻيئي سو) ڪر ۽ ڪندو رهه. (اسان کي جيڪي وڻندو سو) اسان به ڪندا رهنداسين. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان (نڪي خدا آهيان نڪي مَلَڪَ آهن پر) مون ڏي هي وحي ٿو اچي ته، توهان جو خدا فقط هڪ خدا آهي (ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي) سو فقط انهيءَ (جي ٻانهپ) ۾ سچائيءَ سان محڪم ۽ ثابت قدم رهو ۽ کانئس بخشش گهرو (يعني سندس ڏيکاريل نظام هيٺ اچي سندس حفاظت ۽ پناهه ۾ رهو) ۽ (ياد رکو ته) مشرڪن لاءِ تباهي آهي. |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي (مشرڪ) زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت کي به نٿا مڃن (سي يقيناً تباهه ٿيندا). |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
(پر) جيڪي ماڻهو (قرآن مجيد تي) ايمان ٿا آڻين ۽ (ان جي حڪمن مطابق) صالح عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ يقيناً دائمي اجر (۽ نعمتون) آهن. |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته، ڇا توهان انهيءَ الله (جي حڪمن مڃڻ) کان انڪار ٿا ڪيو جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ خلقيو؟ ۽ توهان هن سان ٻيا شريڪ ٿا ٺهرايو (۽ انهن جي پوڄا ٿا ڪيو؟) ياد رکو ته اهوئي سڀني جهانن جو پروردگار آهي (جنهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيو آهي). |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ انهيءَ ئي ان (زمين) تي جبل ٺاهيا ۽ ان ۾ برڪتون وڌائين، ۽ ان ۾ سندن قوت (يعني سڀ گهرج واريون شيون سڀني نباتات ۽ حيوانات لاءِ) پوري انداز ۾ رکيائين جيئن ڏينهن ۾ (اهي برڪتون ۽ گهرج واريون شيون) سڀني گهرندڙن (يعني گهرج وارن) لاءِ هڪ جهڙيون يا برابري طور رکيائين. |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
پوءِ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو بلڪل دونهون هو. پوءِ ان (آسمان) کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان اچو (يعني منهنجي قانونن جا پابند رهو) هنن چيو ته، اسان خوشيءَ سان اچون ٿا ۽ تابعداري ڪيون ٿا. |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪيائن ۽ هرهڪ آسمان کي پنهنجو پنهنجو ڪم يا فرض ادائي ٻڌائي ڇڏيائين، ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) ويجهي اسمان کي سج چنڊ تارن وغيره سان زينت ڏني ۽ پڻ حفاظت ۾ رکيو. اهو آهي (مناسب ۽ موزون) انداز (۾ ڪائنات جو ٺاهڻ ۽ قائم رکڻ) انهيءَ الله جو جيڪو سڀ قدرت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
سو جيڪڏهن هي ماڻهو منهن ڦيرائي هليا وڃن (۽ خدا جي حڪمن تي هلڻ کان انڪار ڪن) ته کيس چئو ته، مان ته توهان کي انهيءَ عاد ۽ ثمود واري سزا ۽ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، (جو بجلي ۽ گجگوڙ وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندڙ آهي.) |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جڏهن هنن ڏي رسول اڳيان ۽ پٺيان آيا (۽ کين هدايت ڪيائون) ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو تڏهن هنن چيو ته، (توهان ڪوڙا آهيو) جيڪڏهن اسان جو رب (اسان ڏي رسول موڪلڻ) چاهي ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (نه اوهان کي) سو جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو (۽ جيڪي حڪم توهان اسان کي ٻڌايو ٿا) تن کي اسان هرگز ڪونه ٿا مڃون. |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
سو (اي منڪرؤ ٻڌي ڇڏيو ته) عاد قوم جي ماڻهن ناحق ئي ناحق زمين تي تڪبر ڪيو ۽ چيائون ته ڪير آهي جو اسان کان طاقت ۾ وڌيڪ آهي؟ ڇا هنن ايترو به نه ڏٺو ۽ سمجهيو ته اهو الله جنهن کين خلقيو آهي سو يقيناً کانئن قوت ۽ طاقت ۾ وڌيڪ سخت آهي. (هنن دولت ۽ حڪومت جي نشي ۾ حقيقت کي نه سمجهيو) ۽ اسان جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪندا رهيا. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
سو اسان نڀاڳن مصيبتن وارن ڏينهن ۾ مٿن سخت انڌاري موڪلي، انهيءَ لاءِ اسان کين هن دنيا جي زندگيءَ ۾ خوار خراب ڪندڙ عذاب جو مزو چکايون ۽ يقيناً آخرت جو عذاب وڌيڪ خوار خراب ڪندڙ آهي، ۽ هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي. |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ (هاڻي) ٻڌو ثمود جي قوم جو احوال. اسان هنن کي هدايت ڪئي، پر هنن هدايت کان انڌائي کي وڌيڪ پسند ڪيو. سو هنن کي ذليل ڪندڙ وڄ ۽ گجگوڙ جهڙي عذاب اچي پڪڙ ڪئي هن ڪري جو هو بدعمل ڪندا رهيا. |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي اسان (ان عذاب کان) بچائي ورتو. |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ جنهن ڏينهن خدا جي دشمنن کي باهه ڏي وٺي وڃڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو تڏهن (گڏ ڪرڻ بعد) کين صفن ۾ (ڪري دوزخ ڏانهن) ڪاهيو ويندو. |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
تان جو جڏهن ان وٽ پهچندا تڏهن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙيون (بلڪه سڀ عضوا) سندن خلاف شاهدي ڏيندا ته ڪهڙا ڪهڙا (بد) عمل هنن ڪيا هئا. |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ اهي (دوزخي) پنهنجي چمڙين کي چوندا ته توهان ڇو اسان جي خلاف شاهدي ڏني آهي؟ هو چونديون ته اسان کي انهيءَ الله ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي، جنهن سڀني شين کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي. ۽ هن اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو ۽ (وري جيئاري) ڏانهس موٽايا ويا آهيو. |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
(چمڙيون وڌيڪ کين هيئن به چونديون ته) توهان ته پاڻ کي لڪائڻ جو خيال ئي ڪونه ڪندا هئو (يعني اسان کان پنهنجا گناهه ڪونه لڪائيندا هئو. توهان کي اهو انديشو هئو ئي ڪونه ته) متان اوهان جا ڪن. اکيون ۽ چمڙيون اوهان جي خلاف شاهدي ڏين، پر اٽلندو توهان ڀائيندا هئو ته الله تعاليٰ توهان جي گهڻن ئي عملن کان ناواقف آهي. |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
پر اهو اوهان جو خيال جيڪو پنهنجي پروردگار بابت رکندا هئو تنهن ئي توهان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي توهان وڏي تباهيءَ هيٺ اچڻ وارا ٿي پيا آهيو. |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
سو جيڪڏهن هو صبر ڪن ته به سندن ٽڪاڻو دوزخ آهي، (پر جيڪڏهن صبر نه ڪن ته به سندن ٽڪاڻو دوزخ آهي) ۽ جيڪڏهن هو معافي ۽ رحم جي درخواست ڪندا ته اها قبول نه پوندي. |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ (دنيا واريءَ زندگيءَ ۾) اسان هنن سان (برا ۽ بدڪار) سنگتي لڳائي ڇڏيا هئا. سو انهن (سندن عملن) کي جيڪي سندن اڳيان هئا (يعني هاڻي ڪيائون پئي) ۽ جيڪي سندن پٺيان هئا (يعني اڳي ڪري چڪا هئا) تن سڀني کي سهڻو ڪري پئي پيش ڪيو (يعني کين چيائون پئي ته اهي چڱا ۽ فائدي وارا عمل آهن) ۽ جيڪو قول (يا واعدو) انهن جنن ۽ انسانن کي ڏنو ويو هو جي کانئن اڳي ٿي گذريا هئا سو سندن حق ۾ به سچو نڪتو جو هو يقيناً برباد ٿي ويا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافر چون ٿا ته هي قرآن نه ٻڌو، ۽ (جڏهن مؤمن قرآن پڙهي ٻڌائين تڏهن) شور مچايو (سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايو ته ڪوبه قرآن مجيد ٻڌي نه سگهي) انهيءَ لاءِ ته توهان غالب پئجي وڃو (۽ مؤمن اسلام پکيڙڻ ۽ طاقت وٺڻ ۾ ناڪامياب رهن). |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پر (هو هرگز غالب نه پوندا) اسان ڪافرن کي يقيناً سخت عذاب جو مزو چکائينداسين ۽ جيڪي (بد) عمل هو ڪن ٿا تن جو کين پورو پورو بدلو ڏينداسين. |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
الله جي دشمنن لاءِ سزا هيءَ آهي. ڪهڙي؟ باهه. ان باهه ۾ ئي هنن جو دائمي گهر آهي. اها سزا هن ڪري آهي جو هو اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي نه مڃيندا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر جي واٽ ورتي هئي سو (جڏهن عذاب ۾ پوندا تڏهن) چوندا ته اي اسان جا پروردگار جنن ۽ ماڻهن مان جن اسان کي گمراهه ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته اسان هنن کي پنهنجي پيرن هيٺان رکون (۽ لتاڙيون) انهيءَ لاءِ ته هو سڀني کان وڌيڪ ذليل ۽ خوار خراب ٿين. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
پر جيڪي ماڻهو ايمان ٿا رکن ته اسان جو پروردگار فقط الله آهي ۽ پڻ (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) محڪم ۽ ثابت قدر رهن ٿا تن تي يقيناً فرشتا نازل ٿين ٿا (۽ کين چون ٿا) ته نڪي ڊڄو، نڪي ڪو غم ڪيو (خدا ۾ پورو پورو ڀروسو رکو ته هو اوهان کي ڪامياب ڪندو) ۽ انهيءَ جنت جي خوشخبري وٺو جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل آهي. |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسان (فرشتا) دنيا جي هن زندگيءَ ۾ توڙي آخرت ۾ اوهان جا يار ۽ مددگار آهيون. ۽ توهان کي ان ۾ اهو سڀ ڪجهه ملندو جيڪو توهان جون دليون چاهينديون ۽ ان ۾ اهو سڀ ڪجهه اوهان جي لاءِ ميسر ٿي ويندو جنهن لاءِ توهان طلب ڪندؤ. |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
اها مهماني آهي (مؤمنن لاءِ) جا کين غفور ۽ رحيم خدا وٽان نصيب ٿيندي. |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
۽ گفتار ۾ انهيءَ شخص کان ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو جيڪو الله ڏي (۽ سڌيءَ واٽ ڏي) سڏي ٿو، ۽ نيڪ ڪم ٿو ڪري ۽ اعلان ٿو ڪري ته يقيناً مان (پاڻ) فرمانبردارن مان آهيان (۽ الله جي حڪمن جي پوري پوري پيروي ڪندڙ آهيان). |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ (ياد رکو ته) نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. (سو اي پيغمبر!) تون (بدي ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي. پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي. |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
اها (اعليٰ درجي جي) نيڪي (يعني دشمن سان به احسان ڪرڻ جي رغبت) فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي صبر ڪن ٿا ۽ پاڻ تي ضابطو ٿا رکن، ۽ فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي تمام وڏي بخت وارا آهن. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪڏهن به شيطان توکي بي اتفاقيءَ لاءِ ڀڙڪائي ته پوءِ خدا کان پناهه گهر (۽ سندس حڪم ياد ڪري پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪر) بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ رات ۽ ڏينهن، ۽ سج ۽ چنڊ سندس نشانين مان ڪي نشانيون آهن. سو سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪيو پر انهيءَ الله کي سجدو ڪيو جنهن انهن کي خلقيو آهي. جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ ٿا چاهيو. (نٿا چاهيو ته بي جان شين يا پاڻ جهڙن ماڻهن جي ڳيان نوڙي پاڻ کي ذليل ۽ خوار ڪيو). |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پر جيڪڏهن (اهي ڪافر) تڪبر ڪن (۽ حق جي راهه تي نه اچن ته خدا کي ڪهڙي پرواهه آهي) ڇو ته جيڪي (فرشتا) تنهنجي پروردگار وٽ آهن سي رات ڏينهن سندس حمد ۽ ثنا ڪندا ٿا رهن (۽ سندس حڪمن جي پوري پوري پيروي ڪرڻ ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪندا ٿا رهن) ۽ اهي ڪڏهن به ڍرائي يا سستي نٿا ڪن ۽ ٿڪجن نٿا. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ سندس نشانين مان هڪ هيءَ آهي جو تون زمين کي ويران ڏسين ٿو. پوءِ جڏهن ان جي مٿان مينهن وسايون ٿا تڏهن اها (گاهن پوکن ۽ اوڀڙن سان) لڏڻ لمڻ لڳي ٿي ۽ گل ڦل وڌائي ٿي. جنهن الله (اهڙيءَ طرح) انکي زنده ڪري ڇڏيو سو يقيناً (قيامت جي ڏينهن) مئلن کي جيئرو ڪري ٿو سگهي. يقيناً هو هر چيز تي قادر آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
اهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن بابت غلط فهمي پيدا ڪن ٿا سي ماڻهو اسان کان ڳجها ڪونه آهن، پوءِ جنهن کي باهه ۾ اڇلايو ويندو سو بهتر آهي يا اهو جو قيامت جي ڏينهن امن امان سان سلامت هليو ايندو؟ (اي ڪافرو!) جيڪي وڻيوَ سو ڪيو يقيناً هو اهو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا (۽يقيناً هو اوهان کي ناڪام ۽ مغلوب ڪندو). |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
جن ماڻهن (خدائي) وحي ۽ پيغام کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي جڏهن اهو وٽن اچي ويو آهي (سي ماڻهو خدا کان ڳجها ڪونه آهن). ۽ يقيناً اهو (وحي يعني قرآن) وڏي طاقت ۽ اثر وارو ڪتاب آهي. |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
ڪابه باطل (يعني ڪوڙي يا غلط) ڳالهه اڳئين طرف کان يا پٺئين طرف کان ان جي ويجهو اچي نٿي سگهي. اهو ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو وڏي حڪمت وارو آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
(اي پيغمبر!) توکي (وحي جي وسيلي) اهوئي ٻڌايو وڃي ٿو جو توکان اڳين رسولن کي ٻڌايو ويو هو. يقيناً تنهنجو پروردگار (مؤمنن لاءِ) بخشش جو مالڪ ۽ (ڪافرن لاءِ) سخت سزا جو مالڪ آهي. (يعني سچن مؤمنن جون خطائون معاف ڪندڙ آهي ۽ منڪرن کي سخت سزا ڏيندڙ آهي.) |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
جيڪڏهن اسان (عربي زبان ۾ نه پر) ڪنهن ٻي عجمي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد موڪليون ها ته هي ماڻهو چون ها ته ان جون آيتون ۽ حڪم تفصيل سان چٽيءَ طرح ڇو نه سمجهايل آهن. ڇا (قرآن) عجمي ٻوليءَ ۾ ۽ (رسول) عربي؟ (تنهن ڪري قرآن مجيد عربي ۾ نازل ڪيو ويو) (اي پيغمبر!) تون (ماڻهن کي) کولي ٻڌاءِ ته اهو قرآن مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ (روحاني يعني دل ۽ دماغ جي بيمارين لاءِ) شفا آهي. پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ڳوراڻ ۽ ٻوڙاڻ آهي ۽ هي ڪتاب انهن جي لاءِ نابينائي آهي (يعني قرآن تي غور ڪندڙ روشنيءَ ۾ اچي ٿا وڃن ۽ قران جي مخالفت ڪندڙ عقل جا انڌا ٿي ٿا پون). (اهي اهڙا ته ٻوڙا ٿي ٿا پون جو ڄڻ ته) هنن کي ڪنهن تمام دوريءَ واري جاءِ تان سڏيو ٿو وڃي (سو هو بلڪل ڪونه ٿا ٻڌن). |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پر پوءِ ان بابت اختلاف ڪيا ويا (۽ فرقا ٺاهيا ويا) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان اڳ ئي حڪم صادر ٿيل نه هجي ها ته هنن جي وچ ۾ فيصلو ڏنو وڃي ها، ۽ يقيناً اهي (يهودي تورات جي پيشنگوئي ۽ قرآن مجيد بابت) شڪ ۾ پيل ۽ منجهيل ۽ پريشان آهن. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو شخص نيڪ عمل ٿو ڪري سو پاڻ کي ئي فائدو ٿو ڏئي. پر جيڪو برا ڪم ٿو ڪري سو پنهنجي برائيءَ جو نتيجو پاڻ ئي ٿو لوڙي ۽ (ياد رک ته) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ وارو ناهي. |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
(عذاب جي اچڻ واري) گهڙيءَ جي علم جو حوالو سندس ئي طرف ڏيئي سگهجي ٿو. (يعني فقط الله ئي ڄاڻي ٿو ته اها گهڙي ڪڏهن اچڻي آهي) ۽ ٻور مان ميوا نٿا نڪرن، ۽ ماديءَ کي حمل (يعني پيٽ ۾ ٻچو) نٿو ٿئي ۽ هوءَ ٻچو نٿي ڄڻي پر سندس ئي علم سان (يعني الله تعاليٰ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو) ۽ جنهن ڏينهن هو کين پڪاري پڇندو ته، ڪٿي آهن اهي (ديوتائون) جن کي اوهان مون سان شريڪ ٺهرائيندا هئو؟ تڏهن هو چوندا ته، (اي خدا) اسان توکي يقين سان ٻڌايون ٿا ته اسان مان ڪوبه ان ڳالهه جي شاهدي ڪونه ڏيندو (ته ٻيو به ڪو تو سان خدائيءَ ۾ شريڪ آهي). |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ جن (ديوتائن) کي هو اڳي پڪاريندا (۽ پوڄيندا) هئا سو سڀ کانئن غائب ۽ گم ٿي ويندا ۽ هو ڏسندا ته (هاڻي) سندن لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪوبه چارو ڪونهي. |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
انسان نعمتن جي گهر ڪرڻ ۾ ٿڪجي ئي نٿو (يعني سندس حرص جي حد ئي ڪانهي). ۽ جيڪڏهن کيس ڪابه تڪليف پهچي ٿي ته بلڪل مايوس ۽ نااميد ٿي ٿو پوي. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن اسان کيس ڪنهن تڪليف بعد جا کيس پهتي هجي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ته هو يقيناً چوندو ته، هي منهنجو حق آهي ۽ مان نٿو ڀانيان ته (پڇاڻي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي. ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار ڏي کڻي موٽايو به وڃان ته به يقين آهي ته وٽس ضرور منهنجي لاءِ چڱائي (۽ نعمتون) موجود هونديون. (اها آهي منڪرن جي ذهنيت) پر اسان ڪافرن کي سندن (بد) عملن جي حقيقت کولي ٻڌائينداسين ۽ کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏهن اسان انسان تي نعمتون ڪيون ٿا تڏهن هو (اسان کان) منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ (اسان کان) پاسي ٿي هليو ٿو وڃي (يعني اسان جي حڪمن جي تعميل نٿو ڪري) ۽ جڏهن وري کيس ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن ڊگهيون ڊگهيون دعائون ٿو گهري. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، غور ڪري ڏسو نٿا ته جيڪڏهن هي (وحي قرآن مجيد سچ پچ) الله وٽان آيل هجي ۽ پوءِ توهان ان کي نه مڃيو ته پوءِ انهيءَ شخص کان وڌيڪ گمراهه ڪير ٿي سگهي ٿو جو مخالفت ۾ پري نڪري وڃي؟ |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
جلد ئي اسان هنن کي هن ئي جهان ۾ ۽ خود سندن جانين ۾ پنهنجون نشانيون ظاهر ڪري ڏيکارينداسين تان جو هنن کي چٽو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو بيشڪ حق آهي. (اي پيغمبر!) ڇا تنهنجي رب جي اها ڳالهه ڪافي ناهي ڇا ته يقيناً هو هر چيز تي شاهد آهي. |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
هي ماڻهو پنهنجي رب جي روبرو پيش ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهن. پر يقين ڄاڻو ته هو هر چيز کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي. |