حم (آيت : 1) |
حٰـمۗ |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(هي قرآن ڪريم) نهايت مهربان ٻاجھاري طرفان نازل ڪيل آهي |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چون ٿا توهان جنهن ڏانهن اسان کي سڏيو ٿا ان لاءِ اسان جي دلين تي پردا آهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي، ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ حجاب آهن پوءِ توهان عمل ڪريو بيشڪ اسين عامل آهيون |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان جهڙو بشر آهيان، مون ڏانهن وحي موڪلي وڃي ٿي، توهان جو معبود هڪ (الله) آهي پوءِ توهان ان ڏانهن سِڌا ٿيو ۽ ان کان بخشش طلب ڪريو، ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي ماڻهو زڪوات نٿا ڏين ۽ اهي ئي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
پوءِ جن ماڻهن (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم تي) ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا انهن لاءِ اَڻ کُٽ ثواب آهي |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان ان مقدس هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا، جنهن زمين کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا فرمايو ۽ توهان ان جا شريڪ بنايو ٿا، اهو رب العالمين آهي |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ الله تعالى انهيءَ زمين مان، ان جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ان ۾ ان جي رهندڙن لاءِ رزق روزي مقرر ڪيائين، ٺيڪ چَئِن ڏينهن ۾ سوال ڪندڙ لاءِ (ان جو مڪمل جواب آهي) |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
ان کان پوءِ آسمان ڏانهن توجهه ڪيائين ۽ اهو دونهون هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي حڪم ڪيائين ته توهان ٻئي خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان حاضر ٿيو، ٻنهي عرض ڪيو اسين خوشيءَ سان حاضر ٿياسين |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ سَتَن آسمانن کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا ڪيائين ۽ هر هڪ آسمان ڏانهن سندس حڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي اسان تارن سان سينگاريو ۽ ان کي محفوظ بنايو، اها تقدير آهي (اُن) غالب، علم واري جي |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته آئون توهان کي ان سخت عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو سخت عذاب عاد ۽ ثمود جي قوم تي آيو |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جنهن وقت انهن وٽ اڳيان ۽ پويان پيغمبر آيا (انهن چيو) توهان نه عبادت ڪريو مگر الله جي، انهن چيو جيڪڏهن اسان جو رب چاهي ته موڪلي ها ملائڪن کي، پوءِ بيشڪ اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پر پوءِ عاد قوم پوءِ انهن زمين ۾ ناحق تڪبر ڪيو ۽ چيو ته اسان کان قوت ۾ وڌيڪ ڪير آهي، ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى اُهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو اهو انهن کان قوت ۾ گھڻو وڌيڪ آهي، ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
پوءِ اسان انهن تي منحوس ڏينهن ۾ تيز طوفان موڪليو، ان لاءِ ته اسين انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ انهن جي ڪا به مدد نه ڪئي ويندي |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ پر ثمود جي قوم پوءِ اسان انهن کي هدايت ڏني، پوءِ انهن هدايت جي عيوض گمراهيءَ کي پسند ڪيو پوءِ اسان انهن کي سندن بداعماليءَ سببان عذاب ڏئي هلاڪ ڪيو |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ اسان انهن ماڻهن کي نجات ڏني جن انهن مان ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى جا دشمن دوزخ ڏانهن هڪليا ويندا پوءِ اهي (پوين جي اچڻ تائين) روڪيا ويندا |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
ايستائين جو جڏهن اُھي اُتي پهچندا ته انهن تي سندن ڪَنَ ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون سندن ڪيل عملن بابت شاهدي ڏينديون |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ اهي پنهنجي کلن کي چوندا ته توهان اسان تي شاهدي ڇو ڏني آهي، اُهي چونديون اسان کي ان الله ڳالهرايو آهي جنهن هر (ڳالهائيندڙ) شيءِ کي ڳالهرايو آهي ۽ انهي توهان کي پهريون دفعو پيدا ڪيو ۽ توهان ان ڏينهن موٽا ويندا |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
۽ توهان ان کان ڪيئن لِڪِي سگھو ٿا جو توهان تي توهان جا ڪَنَ ۽ توهان جون اکيون ۽ توهان جون کَلون توهان جي خلاف شاهدي ڏينديون پر توهان گمان ڪيو ته بيشڪ الله تعالى توهان جي گھڻن عملن کي نٿو ڄاڻي |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ اهو فقط توهان جو گمان آهي جيڪو توهان پنهنجي رب لاءِ رکيو هو، (انهي) توهان کي هلاڪ ڪيو، پوءِ توهان ڦِري نقصان وارن مان ٿي پيا |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن اهي صبر ڪن پوءِ باه انهن لاءِ ٽڪاڻو آهي، ۽ جيڪڏهن اهي (پنهنجي رب کي) راضي ڪرڻ چاهين پوءِ اهو انهن جو چوڻ نه مڃيندو |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ اسان انهن (ڪافرن) لاءِ (دنيا ۾) ڪجھه ساٿي مقرر ڪيا پوءِ انهن، انهن جي نگاهن ۾ دنيا کي سينگاريو ۽ آخرت کي وساريو ۽ انهن تي ڳالهه ثابت ٿي انهن اُمتين ۾ جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذريا آهن، بيشڪ اهي نقصان ڪندڙ هئا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافرن چيو (جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته) توهان هيءُ قرآن نه ٻُڌو ۽ توهان ان ۾ اجائي گفتگو ڪريو ته من توهان غالب ٿيو |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسين يقيناً ڪافرن کي سخت عذاب چکائينداسين ۽ يقيناً اسين انهن کي سندن بداعماليءَ کان وڌيڪ سزا ڏينداسين |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
اها باه، الله تعالى جي دشمنن جي جزا آهي، انهيءَ ۾ انهن لاءِ هميشه رهڻ آهي، (اها) جزا ان جي ڪري ته اهي اسان جي آيتن جو انڪارڪندا هئا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ ڪافر چوندا اي اسان جا رب اسان کي اهي جِن ۽ ماڻهو ڏيکار جن اسان کي گمراه ڪيو، اسين انهن کي پنهنجي پيرن جي هيٺان ڪريون ان لاءِ ته اهي تمام هيٺين مان هجن |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو اسان جو رب الله آهي ان کان پوءِ ثابت قدم رهيا انهن تي (وصال وقت) ملائڪ نازل ٿين ٿا (ملائڪ چون ٿا) توهان خوف نه ڪريو ۽ توهان ڏک نه ڪريو ۽ توهان ان بهشت جي ملڻ تي خوش ٿيو جنهنجو (دنيا ۾ پيغمبرن) توهان سان وعدو ڪيو هو |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ اسين توهان جا مددگار آهيون ۽ توهان لاءِ بهشت ۾ اهو آهي جيڪو توهان جي دل چاهيندي ۽ توهان لاءِ ان ۾ اهو آهي جيڪو توهان گھرندا |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
(اها) الله تعالى جي طرفان مهماني آهي |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
رسولِ عربي جي قول کان بهتر ڇا ٿي سگھي ٿو جيڪو پاڻ الله تعالى ڏانهن سڏي ٿو ۽ پاڻ عمل صالح ڪري ٿو ۽ چوي ٿو بيشڪ آئون فرمانبردارن مان آهيان |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ ڀلائي ۽ برائي پاڻ ۾ برابر ٿي نه ٿيون سگھن. توهان برائي جي بدلي ۾ ڀلائي ڪريو پوءِ فوراً توهان جو دشمن ڦري ايئن ٿيندو جيئنڪ توهان جو پڪو دوست |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
۽ اها نعمت نه ٿي ملي مگر جن ماڻهن صبر ڪيو، ۽ اها نعمت نه ٿي ملي مگر وڏي خوش نصيب کي |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
۽ (اي ٻڌندڙ) جيڪڏهن توکي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو پيدا ٿئي ته پوءِ تون فوراً الله کان پناه گھُر بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ ان جي نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهي، توهان سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪريو پر ان الله تعالى کي سجدو ڪريو جنهن انهن کي پيدا ڪيو جيڪڏهن خاص توهان ان جي عبادت ڪريو ٿا |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪڏهن اهي تڪبر ڪن ٿا پوءِ اهي مقرب فرشتا جيڪي رات ڏينهن الله جي تسبيح پڙهن ٿا ۽ اُهي ٿڪجي بيزار نه ٿا ٿين |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ بيشڪ تون ان جي نشانين مان خشڪ غيرآباد زمين ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسين ان جي مٿان بارش وسايون ٿا ته اها (زمين) تازي ٿي سلا اُڀاري ٿي، بيشڪ جيڪو ان کي جياري ٿو يقيناً (اهو ئي) مُئلن کي جياريندڙ آهي، بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ ٽيڙائي طلب ڪن ٿا (اُهي) اسان کان مخفي ناهن، ڇا پوءِ اهو ماڻهو بهتر آهي جيڪو باه ۾ وڌو وڃي يا اهو بهتر آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن (باهه کان) امن ۾ آهي، جيڪو توهان چاهيو اهو عمل ڪريو، بيشڪ اهو توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو مقدس ذڪر جو انڪار ڪن ٿا جڏهن اهو انهن وٽ پهتو، بيشڪ اهو هڪ مقدس ڪتاب آهي |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
باطل ان جي اڳيان ۽ پويان نٿو اچي سگھي، ۽ اهو نازل ڪيل آهي وڏي حڪمت واري ساراهيل رب جي طرفان |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
ڪافرن جي طرفان توهان کي اهو ڪجھه چيو وڃي ٿو جيڪو انهن توهان کان اڳين پيغمبرن کي چيو، بيشڪ توهان جو رب مغفرت جو مالڪ ۽ دردناڪ عذاب ڪندڙ آهي |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏهن اسين قرآن ڪريم کي عجمي زبان ۾ نازل ڪريون ها ته يقيناً اهي چون ها ته ان جون آيتون ڇو نه چٽيون ڪيو ويون. ڇا قرآنُ عجمي ۽ رسولُ عربي ! رسولِ عربي توهان فرمايو اهو قرآن مؤمنن لاءِ هدايت ۽ شفاء آهي، ۽ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻن انهن جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي ۽ قرآن ڪريم انهن لاءِ اونداهي آهي جيئنڪ انهن کي پري کان سڏيو وڃي ٿو |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب عطا ڪيو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن (عذاب لاءِ) الله جو پهريائين فيصلو ٿيل نه هجي ها ته يقيناً انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ اهي ئي ان شڪ ۾ مشڪوڪ آهن |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو اهو پنهنجي لاءِ ڪري ٿو ۽ جيڪو گناه ڪري ٿو پوءِ ان جو بار ان تي آهي ۽ توهان جو رب ٻانهن تي ظلم ڪندڙ ناهي |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
قيامت جو علم الله تعالى ڏانهن موٽايو وڃي ٿو ۽ ڪو ميوو پنهنجي خول مان نٿو نڪري ۽ ڪا مؤنث حمل واري نه ٿي ٿئي ۽ ڪا مؤنث ٻار نه ٿي ڄڻي مگر الله تعالى جي علم ۾ آهي، ۽ اهو ان ڏينهن مشرڪن کي سڏيندو (۽ چوندو اڄ) منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ اهي چوندا اسان توکي اطلاع ڏنو ته اسان مان ڪوبه (شرڪ لاءِ) گواه ناهي |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ انهن کان (اهي بت) غائب ٿيندا، جن جي اهي دنيا ۾ عبادت ڪندا هئا ۽ اهي يقين ڪندا ته انهن لاءِ ڪا ڀڄڻ جي جاءِ ڪانهي |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
ڪافر جي دل خير جي دعا کان نٿي ڀرجي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پاڻ خير ۽ رحمتِ الاهي مان مايوس ٿئي ٿو |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن اسين ان کي تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان رحمت جو مزو چکايون ٿا ته ضرور چوندو هي منهنجو حق آهي، ۽ مون کي قيامت جي اچڻ جو گمان ناهي، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) آئون پنهنجي رب ڏانهن موٽايو وَيُسِ ته يقيناً ان وٽ مون لاءِ ڀلائي هوندي، پوءِ اسين ڪافرن لاءِ سندن بداعمالي ضرور بيان ڪنداسين ۽ اسين ضرور انهن کي سخت عذاب چکائينداسين |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جنهن وقت اسين ڪافر تي ڪا نعمت ڪريون ٿا ته اهو منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجي طرف پري هٽي ٿو، ۽ جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي پوءِ گھڻيون دعائون گھري ٿو |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو مون کي توهان ٻڌايو جيڪڏهن (قرآن ڪريم) الله جي طرفان آهي پوءِ توهان ان جو انڪار ڪريو ٿا، ان کان وڌيڪ ڪير گمراه ٿي سگھي ٿو جيڪو پري واري بدبختي ۾ آهي |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
اسين جلد انهن کي آس پاس ۾ پنهنجون نشانيون ڏيکارينداسين ۽ سندن وجودن ۾ به ايستائين جو ظاهر ٿيندو ته بيشڪ قرآن ڪريم حق آهي. رسولِ عربي ڇا توهان جي رب جي لاءِ اهو ڪافي ناهي ته بيشڪ اهو هر شيءِ تي گواه آهي |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
خبردار ! بيشڪ اهي پنهنجي رب سان ملاقات ڪرڻ ۾ مشڪوڪ آهن، خبردار ! بيشڪ اهو هر شيءِ کي احاطو ڪندڙ آهي |