حم (آيت : 1) |
حٰ- مٓ. |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(ڪتاب جو) نازل ٿيڻ ٻاجهاري مهربان وٽان آهي. |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
اهڙو ڪتاب جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيل آهن، قرآن عربيءَ ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ. |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي_ پوءِ منجهانئن گهڻن منهن موڙيو، ان ڪري اهي ان کي نه ٻڌندا آهن. |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چون ٿا ته ”تون جنهن ڏانهن اسان کي سڏين ٿو، ان کان اسان جا قلب پردي ۾ آهن، اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پردو آهي_ پوءِ تون به پيو ڪم ڪر ۽ اسين به پيا ڪم ڪريون.“ |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
چئو ته آءُ به اوهان وانگر ماڻهو آهيان، مون ڏانهن وحي ٿيندو آهي، ته اوهان جو سائين فقط اڪيلو سائين آهي، پوءِ سڌا ان ڏي مهاڙ ڪريو ۽ انکان بخشش گهرو- ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي. |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي زڪوات نه ڏيندا آهن ۽ اهي آخرت کي به نه مڃيندا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻکٽ اجر آهي. |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
چئو ته ڇا، اوهين انهي جو انڪار ٿا ڪريو، جنهن زمين ٻن ڏينهن ۾ خلقي؟ ۽ ان جا شريڪ ٿا بنايو؟ اهو ئي جهانن جو ڌڻي آهي. |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ هن چئن ڏينهن ۾ مٿس ڳرا جبل بنايا، منجهس برڪت رکيائين، ۽ منجهس سندس رهاڪن جا وقت مقرر ڪيائين_ پڇندڙن لاءِ برابر بيان ڪيل آهي. |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
پوءِ وري آسمان ڏانهن مهاڙ ڪيائين، جو ان وقت دونهون هو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته ”خوشيءَ سان خواهه رنج سان اچو، ”چيائون“ خوشيءَ سان اچون ٿا“_ |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪري بيهاريائين ۽ هر ڪنهن آسمان ۾ سندس ڪم جو حڪم موڪليائين ۽ اورئين آسمان کي ڏيئن سان سينگاريوسون ۽ سندس سنڀال ڪئي سون_ اها رٿ آهي غالب ڄاڻيندڙ جي. |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته چئو ته مون اوهان کي اهڙي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جهڙو عاد ۽ ثمود جو عذاب هو. |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جڏهن سندن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان وٽن آيا ته ”الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو.“ چيائون ”جي اسان جو ڌڻي چاهي ها، ته ضرور ملائڪ موڪلي ها، پوءِ اوهان کي جنهن حڪم سان موڪليو ويو آهي، اسين انهي کان انڪار ڪريون ٿا.“ |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پوءِ عاد وارن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته ”اسان کان وڌيڪ طاقت وارو ٻيو ڪير آهي؟“ ڇا هنن نه ڏٺو ته بيشڪ اهو الله، جنهن کين خلقيو، سو کانئن وڌيڪ طاقت وارو آهي؟ ۽ هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ٿي رهيا. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
ان ڪري اسان مٿن نڀاڳن ڏينهن ۾ سخت واءُ موڪليو، ته کين دنيا جي حياتيءَ ۾ ئي خواريءَ وارو عذاب چکايون_ اڃا آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ هنن کي ڪا به مدد نه ملندي. |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ جيڪا ثمود قوم هئي ان کي اسان رستو ڏيکاريو، پر هنن سنئين واٽ وٺڻ کان انڌي هجڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو، پوءِ سندن ڪمن سبب کين خواري ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي اچي ورتو. |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ جن ايمان آندو هو ۽ نيڪ هئا، تن کي اسان بچائي ڇڏيو. |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪبا، ته هڪ ٻئي لاءِ ترسائبا. |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
تان جو جڏهن سڀ اتي ايندا، تڏهن مٿن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙي سندن ڪيل ڪمن جي شاهدي ڏيندا. |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
هو سندن چمڙين کي چوندا ”اسان تي شاهدي ڇو ڏنوَ؟“ چونديون اسان کي انهي الله ڳالهارايو آهي، جنهن هر چيز کي ڳالهارايو، هن اوهان کي پهريون دفعو به خلقيو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽائبو.“ |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
اوهين پنهنجي ڪَنن، اکين ۽ کَلن جي پاڻ تي شاهدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا هئا، مگر اوهان ائين سمجهيو هو ته جيڪي ڪند اهئا، ان مان گهڻو الله نه ڄاڻندو آهي- |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ اوهان جو گمان، جيڪو اوهين پنهنجي ڌڻيءَ بابت ڪندا هئا، تنهن هاڻي اوهان کي چٽ ڪيو ۽ اوهين نقصان پائيندڙ ٿي ويا. |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏهن صبر ڪندا، ته به سندن ٺڪاڻو باهه آهي، ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به ڪا نه ملندين. |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ انهن لاءِ اهڙا سنگتي بناياسون، جن کي سندن آسپاس جيڪي هو، سو سهڻو ڪري ڏيکاريو ويو، ان ڪري هو انهن ٽولين مان ٿي ويا، جيڪي کانئن اڳ جنن خواهه انسانن مان گذري ويل هيون ۽ مٿن عذاب ثابت ٿي چڪو- بيشڪ اهي سڀ نقصان پائيندڙ هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافرن پاڻ ۾ چيو ته ”هن قرآن کي نه ٻُڌو ۽ ان وچ ۾ گوڙ مچايو، ته مَن اوهين سوڀارا ٿيو.“ |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت عذاب چکائينداسون ۽ سندن ڪيل بڇڙن ڪمن جي سزا ضرور ڏينداسون. |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
اها باهه آهي الله جي دشمنن جي سزا! انهن لاءِ ان ۾ هميشه جو گهر هوندو، اها سزا ان ڪري هوندي جو هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ ڪافر چوندا ته ”اي اسان جا ڌڻي! جن جنن ۽ انسانن اسان کي گمراهه ڪيو هو، سي اسان کي ڏيکار، ته اسين انهن کي پنهنجي پيرن هيٺان ڪري لتاڙيون، ته ڀلي هو تمام هيٺ ٿين!“ |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
بيشڪ جن چيو ته ”اسان جو ڌڻي الله ئي آهي“ پوءِ وري ان تي قائم رهيا، تن تي ملائڪ لهندا، ته ”نڪي ڊڄو، نڪي ارمان ڪريو ۽ انهي بهشت جي مبارڪ هجيوَ، جنهن جو اوهان کي وعدو ڏبو هو. |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسين دنيا جي حياتيءَ ۾ به اوهان جا ساٿي هئاسون ۽ آخرت ۾ به_ هن ۾ اوهان لاءِ اهو سڀ آهي، جيڪي اوهان جي دل چاهيندي ۽ هن ۾ اوهان لاءِ اهو سڀ آهي، جيڪي اوهين گهرندا. |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
اها مهماني آهي بخشيندڙ مهربان وٽان!“ |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
ان کان وڌيڪ سٺيءَ ڳالهه وارو ٻيو ڪير آهي؟ جنهن الله ڏانهن سڏيو ۽ چڱا ڪم ڪيائين؛ ۽ چيائين ته ”بيشڪ آءُ مسلمان آهيان!“ |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
چڱائي ۽ برائي پاڻ ۾ برابر نه آهن_ چڱائيءَ سان برائي کي ٽار، ته اهو شخص گهر ي دوست جهڙو ٿي ويندو، جنهن ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي. |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
۽ اها ڳالهه فقط صبر وارن کي حاصل ٿيندي آهي ۽ فقط وڏي نصيب واري کي حاصل ٿيندي آهي. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
مگر جيڪڏهن شيطان کان توکي دل ۾ ڪا غلطي اچي، ته الله وٽان پناهه گهر، بيشڪ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ سندس نشانين مان آهن_ اوهين نه سج کي سجدو ڪريو، نڪي چنڊ کي، پر انهي الله کي سجدو ڪريو، جنهن هنن کي خلقيو آهي، جيڪڏهن اوهين فقط انهي جي عبادت ڪريو ٿا. |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪڏهن هو هٺ ڪن، ته جيڪي (ملائڪ) تنهنجي ڌڻيءَ وٽ آهن سي رات ڏينهن سندس پاڪائي بيان ڪندا آهن ۽ هو نه ٿڪبا آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ سندس نشانين مان هڪ هيءَ آهي، جو تون زمين کي وساميل ڏسندو آهين؛ پوءِ جڏهن مٿس پاڻي وسايون ٿا، ته چري ۽ اڀامي ٿي_ بيشڪ جنهن انهي کي جيئاريو آهي، سو ضرور مئن کي به جيئاريندو_ اهو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪن ٿا سي پڪ اسان کان ڳجها نه آهن_ ڀلا جيڪو باهه ۾ پوندو سو چڱو، يا جيڪو قيامت ڏينهن امن وارو ٿي ايندو؟ جيڪو وڻيوَ سو پيا ڪريو، الله اوهان جي ڪمن کي پڪ ڏسي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
جن شخصن وٽن قرآن جي اچڻ تي، انڪار ڪيو (سي اسان کي پڪ معلوم آهن) ۽ بيشڪ اهو عزت وارو ڪتاب آهي. |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
جنهن جي نڪي اڳيان باطل اچي سگهندو، نڪي پٺيان؛ اهو ڏاهپ واري ۽ واکاڻ واري (الله) کان لٿل آهي. |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
اي رسول! تو کي به ائين ئي چئجي ٿو، جيئن توکان اڳ ٻين رسولن کي چيو ويندو هو- بيشڪ تنهنجو ڌڻي بخشش وارو به آهي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب وارو پڻ! |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڪريون ها ته هي ضرور چون ها ته ”سندن آيتون کولي ڇو نه بيان ڪيل آهن؟ ڀلا (ائين ڇو جو) غير عربي ٻولي ۽ عربي ٻڌندڙ!“ چئو ته اهو مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ شفا آهي، ۽ نه مڃيندڙن جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اها مٿن انڌائي آهي- اهي ڄڻ ته ڪنهن پرانهين هنڌ کان ٿا سڏجن! |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پوءِ منجهس اختلاف ٿيو- ۽ جيڪڏهن تنهنجي ڌڻيءَ کان آڳاٽو حڪم نه ٿئي ها، ته ضرور سندن وچ ۾ فيصلو ڪجي ها- ۽ بيشڪ اهي کانئس وڏي شڪ ۾ آهن. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
۽ جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پنهنجي لاءِ ۽ جيڪو بُرا ڪم ڪندو سي مٿس ئي پوندا- تنهنجو ڌڻي ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
قيامت جي سڌ ان کي آهي ۽ ان جي ڄاڻپ کان سواءِ نڪي ميوا پنهنجن ڳڀن مان ٿا نڪرن، نڪي ڪا به مادي پيٽ سان ٿي ٿئي ۽ نڪي ڄڻي ٿي. ان ڏينهن کين سڏبو، ته”ڪٿي آهن منهنجا شريڪ؟“ چوندا ته ”توکي خبر نه ڏني سون، ته اسان مان ڪو به واقف ڪونهي.“ |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ جن کي اڳي پڪاريندا هئا، سي انهن کان ڀلجي ويندا ۽ يقين ڪندا، ته انهن لاءِ ڪا واهه ڪانهي. |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
ماڻهو چڱائيءَ جي دعائن گهرڻ کان نه ٿڪبو آهي، پرجيڪڏهن ان کي ڪا به تڪليف پهچندي آهي، ته پوءِ آسرو لاهي نا اميد ٿيندو آهي. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
جيڪڏهن ان کي تڪليف پهچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا رحمت چکائيندا آهيون، ته ضرور چوندو آهي ته ”هيءَ مون لاءِ آهي، آءُ نٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آهي ۽ جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب ڏانهن موٽائبس، ته به مون لاءِ وٽس ضرور چڱائي هوندي“. پوءِ جيڪي ڪافرن ڪيو آهي، تنهن بابت ضرور انهن کي خبردار ڪنداسون ۽ انهن کي سخت عذاب چکائينداسون. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏهن ماڻهوءَ تي مهرباني ڪندا آهيون ته هو منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجو پاسو موڙيندو آهي_ پرجڏهن کيس ڪا تڪليف پهچندي آهي ته وڏيون دعائون گهرندو آهي- |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
چئو ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ پوءِ اوهين انڪار ڪريو، ته جيڪو وڏي ضد ۾ آهي، تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو گمراهه آهي؟ |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
اسين پنهنجيون نشانيون ملڪن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ کين جلدي ڏيکارينداسون، تان جو انهن تي ظاهر ٿيندو ته، بيشڪ اهو سچو آهي_ ڇا تنهنجو رب ڪافي ناهي، جو سڀ ڪنهن شيءِ تي حاضر آهي؟ |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
خبردار، بيشڪ اهي پنهنجي رب جي ملڻ کان شڪ ۾ آهن، خبردار اهو هر هڪ شيءِ کي گهيريندڙ آهي. |