حم (آيت : 1) |
حا ــ ميم |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(هي ڪتاب) بيحد مھربان ۽ وڏي رحم ڪرڻ واري جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
هي (هڪ) اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن. عربي زبان ۾ هي قرآن علم رکڻ وارن لاءِ آهي (ته جيئن هو ان مان فائدو حاصل ڪن) |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
(هي ڪتاب) خوشخبري ڏيندڙ به آهي ته ڊيڄاريندڙ به ، پر گهڻن ماڻهن ان کان منھن موڙي ورتو ۽ هن کي ٻڌندا ئي نه آهن. |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
هو اهو به چوندا آهن ته جنھن شيءِ ڏي تون اسان کي سڏين ٿو ان لاءِ اسان جي دلين تي پردو پيل آهي ۽ اسان جي ڪنن ۾ (قرآن ٻڌڻ کان) ٻوڙاڻ آهي. اسان جي ۽ تنھنجي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ پيل آهي تنهن ڪري تون پنھنجي طريقي سان ڪم ڪر ۽ بيشڪ اسان پنھنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ وارا آهيون. |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان جھڙو ئي انسان آهيان،(فرق رڳو هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪئي ويندي آهي ته بيشڪ توهان سڀني جو معبود هڪڙو ئي معبود آهي. پوءِ ان ڏانھن ئي متوجھه رهو ۽ ان کان ئي معافي گهرو. (بھرحال) مشرڪن لاءِ ويل آهي. |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
هي ماڻهو زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت جي ڏينھن جو انڪار ڪن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اُنهن لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي. |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
تون چؤ ته ڇا توهان ان هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو؟ ان جي باوجود توهان ٻين کي ان جي برابر سمجهو ٿا. اُهو ئي ته سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
اُن ئي زمين جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ بَرڪتون (يعني خزانا) رکيا ۽ اُن ۾ هر هڪ ضرورتمند مخلوق لاءِ ضرورت مطابق (قيامت تائين) خوراڪ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. اِهي سڀئي ڪم چئن ڏينھن ۾ اُڪلايا ويا. |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
پوءِ هو آسمان ڏانھن متوجھه ٿيو. جيڪو اُن وقت دونھين جي شڪل ۾ هو. پوءِ الله تعالى آسمان ۽ زمين کي فرمايو ته: توهان ٻئي (منهنجي ارادي واري شڪل ۾) چاهيندي يا نه چاهيندي (وجود ۾) اچي وڃو. ٻنهي چيو ته (ڇو نه!) اسان (توهان جي ارادي واري شڪل ۾) فرمانبردار ٿي اچي وياسين. |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ هُن ٻن ڏينھن ۾ ستن آسمانن کي ٺاهي ڇڏيو ۽ هر هڪ آسمان ۾ پنھنجي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ حڪم موڪليو ۽ اسان دنيا جي ظاهري آسمان کي تارن سان سينگاري ڇڏيو (اهڙي طرح تارن جي ذريعي) آسمان کي محفوظ ڪري ڇڏيو. اهو (سڀ ڪجهه) زبردست ۽ وڏي علم واري جو مقرر ڪيل منصوبو آهي. |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ جيڪڏهن (هي ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ به) ماڻهو (حق ڳالهه کان) منھن موڙين ٿا ته انهن کي چؤ ته مان توهان کي اهڙي رڙ جي عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جھڙو رڙ جو عذاب عاد ۽ ثمود (قومن) تي اچانڪ آيو هو. |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جڏهن انهن وٽ رسول سڳورا هر طريقي سان سمجهائڻ لاءِ آيا هئا ته توهان الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو،ته انهن جواب ڏنو ته جيڪڏهن اسان جو پالڻھار چاهي ها ته ڪنھن ملائڪ کي موڪلي ها (بھرحال) جيڪا شيءِ توهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي اسان ان جو انڪار ڪريون ٿا. |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پوءِ عاد (قوم) وارن ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير ڏاڍو آهي؟ ڇا انهن ماڻهن کي اها حقيقت سمجهه ۾ نه آئي ته جنھن کين پيدا ڪيو آهي، اهو انهن کان طاقت ۾ ڏاڍو آهي پر هو اسان جي آيتن جو (برابر) انڪار ڪندا رهيا. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
پوءِ اسان انهن جي مٿان نڀاڳ کنيل ڏينھن ۾ سخت آنڌي موڪلي ته جيئن کين هن دنيا واري حياتيءَ ۾ به خواريءَ وارو عذاب چکايون ۽ آخرت وارو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪندڙ هوندو ۽ اُتي انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ اسان ثمود قوم جي اڳيان به سڌي رستي تي اچڻ جي دعوت پيش ڪئي هئي. پر انهن به ان دعوت کان اکيون ٻوٽي ويهڻ کي پسند ڪيو، پوءِ کين سندن ئي ڪرتوتن جي ڪري خواري واري عذاب جي ڌماڪي اچي پڪڙيو. |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ اسان انهن ماڻهن کي بچايو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي. |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ الله تعالى جي دشمنن کي جڏهن باهه جي طرف موڪليو ويندو ته انهن کي هڪ هنڌ روڪيو ويندو. (ته جيئن ٻيا ڏوهاري به اچي گڏ ٿين) |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
پوءِ جڏهن اهي سڀ (ڏوهاري) جھنم جي ويجهو پھچندا ته هاڻي مٿن ڪَنَ، اَکِيُون ۽ جسم جون کلون انهن جي خلاف گواهي ڏينديون. |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
اُهي پنھنجي کَلُن کي چوندا ته توهان اسان جي مٿان ڇو گواهي ڏني؟ اُهي جواب ڏينديون ته اسان کي اُن اَلله ڳالهرايو آهي جنھن هر شيءِ کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي ۽ ان ئي توهان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو ۽ ان ڏانھن ئي توهان سڀني کي موٽڻو آهي. |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
لِڪي (گناهه جا ڪم ڪرڻ وقت) توهان ان ڳالهه جو لحاظ نه رکندا هئا ته توهان جا ڪَن، اکيون ۽ کَلون توهان تي شاهد ٿي بيهندا. (حقيقت هي آهي ته) توهان اهو گمان رکيو هو ته توهان جي گهڻن ڪمن جي الله تعالى کي خبر ئي نه آهي. |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
توهان پنھنجي پالڻھار جي باري ۾ جيڪو گمان رکيو هو ان ئي توهان جو ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيو. تنھن ڪري توهان نقصان وارن مان ٿي ويا. |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
(هاڻي صبر ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟) جيڪڏهن صبر ڪندا ته به باهه ئي انهن جي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪڏهن هُو معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي. |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ (حقيقت هي آهي ته) اسان انهن جي پويان سندن اهڙا دوست لڳائي ڇڏيا هئا جو اٿندي ويهندي هر طريقي سان انهن جي هر ڪم کي هو سھڻو ڪري پيش ڪندا هئا. آخرڪار انهن تي به (عذاب جو) اهوئي حڪم نافذ ٿيو جيڪو انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن جي جماعتن تي لاڳو ٿي چڪو هو. بيشڪ اُهي سڀ ماڻهو نقصان وارن مان ٿي ويا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته هن قرآن کي ٻُڌو ئي نه ۽ جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ته ان ۾ رُخنو وجهو ته شايد توهان حاوي ٿي وڃو. |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسان ڪافرن کي ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسين ۽ هُو جيڪي بُرا ڪم ڪندا هئا تن جو کين بدلو ڏنو ويندو. |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
الله تعالى جي دشمنن جو بدلو باهه ئي آهي. انهن جي لاءِ اُن ۾ هميشه رهڻ واري جاءِ آهي. اسان جي آيتن جو انڪار ڪرڻ وارن جو اهوئي بدلو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي گمراهه ڪرڻ وارا جِنَ ۽ انسان (ته) ڏيکار، اسان انهن کي پنھنجي پيرن هيٺان چيڀاٽيون ته جيئن هو چڱي طرح ذليل ۽ خوار ٿين. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته الله تعالى ئي اسان جو پالڻھار آهي پوءِ هُو ان ڳالهه تي قائم به رهيا، اهڙن ماڻهن جي مٿان ملائڪ نازل ٿيندا آهن ۽ انهن کي چوندا آهن ته توهان خوف ۽ ڳڻتي نه ڪريو ۽ اوهان سان جيڪو جنت جو وعدو ڪيو ويو هو، توهان کي اُن جنت جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي. |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسان ئي توهان جا دنيا ۽ آخرت جا (حقيقي) ساٿي آهيون ۽ توهان جي دل جنھن شيءِ جي تمنا ڪندي يا جيڪا شيءِ توهان گهرندا توهان جي لاءِ موجود هوندي. |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
اها مھمان نوازي وڏي معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم ڪندڙ جي طرفان هوندي. |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
ڀلا ، ان شخص جي ڳالهه کان سھڻي ٻئي ڪنهن جي ڳالهه هوندي، جنھن الله تعالى ڏي سڏيو ۽ خود نيڪ عمل ڪيو ۽ چيو ته بيشڪ مان مسلمانن مان آهيان. |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ ڀلائي ۽ برائي برابر نٿيون ٿي سگهن ــ تنھن ڪري تون برائي کي سھڻي شيءِ (يعني نيڪي) سان ٽاري ڇڏ. پوءِ تون محسوس ڪندين ته تنھنجي ۽ جنھن شخص جي وچ ۾ دشمني هئي اهو يڪايڪ تنھنجو پَڳ مَٽ دوست ٿي ويو آهي. |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
پر اها شيءِ صبر ڪندڙن کي ئي نصيب ٿيندي آهي ۽ اهو درجو وڏي ڀاڳ وارن کي عطا ڪيو ويندو آهي. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
پر جيڪڏهن توهان کي شيطان (بدلو وٺڻ لاءِ) اڀاري ته توهان فوراً الله تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو. بيشڪ هو ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ به ان جي نشانين مان آهن، تنھن ڪري سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪندا ڪريو پر جيڪڏهن عبادت ڪرڻي آهي ته اُن الله کي سجدو ڪريو جنھن انهن شين کي پيدا ڪيو آهي. |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پر جيڪڏهن هي ماڻهو (سجدي ڪرڻ کان) وڏائي ڪن ٿا ته (ڇا ٿي پيو؟ ڇو ته) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ ملائڪ آهن، اهي رات ڏينھن تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ ڪڏهن ٿڪجندا به نه آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
ان جي نشانين مان هي به آهي ته تون زمين کي صفا خشڪ ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان جي مٿان پاڻي نازل ڪريون ٿا ته اها فوراً سر سبز ٿي وڃي ٿي ۽ پوک لهرائڻ لڳي ٿي. بيشڪ جيڪو زمين کي جياري ٿو اهو ئي مئل انسانن کي به جياريندو. بيشڪ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن جي غلط معنيٰ ڪن ٿا، سي اسان کان ڪو لڪيل ته نه آهن. ڇا جنھن ماڻهوءَ کي باهه ۾ اڇلايو ويندو، اهو بھتر آهي يا اهو جيڪو قيامت جي ڏينھن وڏي سڪون سان اچي حاضر ٿيندو؟ اوهان کي جيڪو وڻيوَ سو ڪريو. بيشڪ هو توهان جي عملن تي خوب نظر رکي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
بيشڪ جن ماڻهن وٽ قرآن آيو، انهن (ان جو) انڪار ڪيو (سي به اسان کان لڪيل نه آهن) بيشڪ هي هڪ زبردست ڪتاب آهي. |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
ڪوڙ ۾ اها جرئت ئي نه آهي ته هو هن قرآن جي سامھون اچي مقابلو ڪري ۽ نه ئي هن جي پويان اچي وار ڪري. ڇوته هي هڪ وڏي حڪمت واري ۽ تعريف جي لائق هستي طرفان نازل ٿيل آهي. |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
(هنن ماڻهن جي طرفان) جيڪو ڪجهه توکي چيو وڃي ٿو (بلڪل اهڙي طرح) توکان اڳ گذريل رسولن کي به چيو ويو هو. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو بخشڻهار ۽ دردناڪ عذاب ڏيڻ تي قدرت رکي ٿو. |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
جيڪڏهن اسان هن قرآن کي عربي ٻولي کان سواءِ ٻي ٻولي ۾ نازل ڪيون ها ته هي ماڻهو ضرور چون ها ته ان جي آيتن کي صفا کولي (عربي ٻوليءَ ۾) ڇو نه بيان ڪيو ويو (اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته) قرآن ٻي ٻولي ۾ ۽ وري ٻڌندڙ ۽ مخاطب عربي ٻولي ڳالهائڻ وارا؟ تون چؤ ته جيڪي ماڻهو ان تي ايمان آڻيندڙ آهن انهن لاءِ ته اهو قرآن هدايت ۽ (هر قسم جي بيمارين جي) شفا جو ذريعو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان کي نٿا مڃين انهن جا ڪَنَ(حق ڳالهه ٻڌڻ کان) بند آهن ۽ قرآن (جي روشني) انهن لاءِ انڌائپ (جو سبب) آهي (جيئن چمڙو ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ اک کڻي نه ڏسي سگهندو آهي) ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته کين پري کان ٿو سڏيو وڃي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
اسان موسى ($) کي به ڪتاب ڏنو سو ان ۾ به اختلاف پيدا ڪيا ويا، جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان اڳ ۾ ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (ڪڏهو ڪو) فيصلو ٿي چڪو هجي ها. بيشڪ هي ماڻهو قرآن جي باري ۾ انتهائي پريشان ٿيندڙ شڪ ۾ پيل آهن. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪندو ان جو ان کي ئي فائدو ٿيندو ۽ جيڪو برو عمل ڪندو ان جو وبال مٿس ئي پوندو ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانهن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
قيامت جي اچڻ جو صحيح علم الله تعالى ئي وٽ آهي. ميوَن جو پنھنجي خول مان نڪري اچڻ، هر مؤنث جو پيٽ سان ٿيڻ ۽ ٻچي ڄڻڻ تائين مسلسل ٿيندڙ تبديليون سڀ ان جي علم ۾ آهن. جنھن ڏينھن هو انهن ماڻهن کي چوندو ته (ٻڌايو) منھنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ هو چوندا ته اسان جو نماڻو عرض آهي ته هن حقيقي حالت کي ڏسي اسان مان ڪير به (انهن ڪوڙن جي) شاهدي نه ڏيندو. |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ هن کان اڳ هو جن کي پڪاريندا هُئا سي سڀ انهن کان وسري چڪا هوندا ۽ هاڻي کين سمجهه ۾ ايندو ته انهن لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ نه آهي. |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
انسان (اسان کان) ڀلائي گهرڻ ۾ ته ٿڪجندو ئي نه آهي پر جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پھچندي اٿس ته هو (اسان کان) مايوس ٿي آسرو لاهي ويهندو آهي. |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
جڏهن اسان کيس تڪليف ڏيڻ کان پوءِ پنھنجي طرفان رحمت جو مزو چکائيندا آهيون ته هو چوندو آهي ته ان رحمت جو ته مان حقدار ئي هئس ۽ مون کي قيامت ايندي نظر ئي نٿي اچي. جيڪڏهن واقعي مان پنھنجي (حقيقي) پالڻھار ڏي موٽيس به ته بيشڪ ان وٽ (هن کان به وڌيڪ) بھتر حالت ۾ هوندس. اسان ڪافرن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ضرور ٻڌائينداسين ۽ کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين. |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏهن اسان انسان کي نعمتون ڏيون ٿا ته هو منھن ڦيرائي سِيٽجي وڃي ٿو ۽ جڏهن کيس برائي پھچي ٿي ته هو ويھي ڊگهيون دعائون گهرڻ لڳي ٿو. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
(اي نبيﷺ!) (انهن کي) چؤ ته (اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) جيڪڏهن قرآن واقعي الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل آهي پوءِ به توهان ان جو انڪار ڪيو (هاڻي ٻڌايو ته) اُن شخص کان وڌيڪ گمراهه ڪير هوندو جيڪو وڏي ضد ۾ پيل هجي؟. |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
اسان ته کين جلد ئي ڪائنات ۽ اُن جي وجود ۾ ڪيتريون ئي نشانيون ڏيکارينداسين. پوءِ انهن کي چڱي طرح خبر پئجي ويندي ته قرآن واقعي سچو (ڪلام) آهي. ڇا اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته تنھنجو پالڻھار ئي هر شيءِ تي گواهه آهي؟ |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
خبردار! بيشڪ هي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ٿيڻ ۾ ئي شڪ ۾ پيل آهن. خبردار! بيشڪ هو هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. |