حم (آيت : 1) |
حٰم |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
نازل ڪيل آهي (هي ڪتاب) رحمٰن رحيم خدا جي طرفان |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
(هڪ اهڙو) ڪتاب جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيل آهن قرآن آهي عربي زبان ۾ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم رکن ٿا |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (آهي) پر منهن موڙيو آهي انهن مان گهڻن ماڻهن، پوءِ اهي نٿا ٻڌن ڪجهه به |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چون ٿا، اسان جي دلين تي پيل آهن پردا، جنهن شيءِ ڏي تون سڏي رهيو آهين ۽ ڪَن اسان جا ٻوڙا ٿي ويل آهن ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو اچي ويو آهي، پوءِ تون پنهنجو ڪم ڪر بيشڪ اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
چؤ (اي نبي!) آئون ته هڪ بشر آهيان توهان جهڙو وحي ذريعي ٻڌايو پيو وڃي مون کي ته توهان جو خدا ته بس هڪ ئي آهي تنهن ڪري سڌو ان ڏي ئي رخ ڪريو ۽ ان کان ئي معافي گهرو، ۽ تباهي آهي انهن مشرڪن جي لاءِ |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي نٿا ڏين زڪوات ۽ اهي آخرت جا به منڪر آهن |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، انهن جي لاءِ اجر آهي، ان جو سلسلو ڪڏهن نه ٽٽندو |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
چؤ کين (اي نبي!) ڇا توهان ڪفر ڪريو ٿا ان (خدا) سان جنهن پيدا ڪيو زمين کي ٻن ڏينهن ۾؟ ۽ ڪريو ٿا شريڪ ان سان ٻين کي، اهو ئي ته رب آهي سڄي جڳ جهان جو |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ کوڙيائين ان ۾ ڳرا جبل ان جي مٿان ۽ منجهس برڪتون رکيائين ۽ مقرر ڪيائين ان ۾ کاڌي جو سامان، اهي سڀ ڪم چئن ڏينهن ۾ ٿي ويا، طلب مطابق سڀني گهرندڙن لاءِ |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
پوءِ هو متوجه ٿيو آسمان ڏانهن، جيڪو ان وقت دونهون هو، پوءِ چيو ان کي ۽ زمين کي وجود ۾ اچي وڃو، پوءِ چاهيو يا نه چاهيو، ٻنهي چيو، اچي وياسين فرمانبردارن جيان |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ هن ٺاهي ڇڏيا ست آسمان ٻن ڏينهن ۾، ۽ وحي ڪيائين هرهڪ آسمان ۾ قانون کي، ۽ سينگاريوسين دنيا جي آسمان کي ڏيئن سان ۽ محفوظ ڪيو چڱي طرح، اها سڀ ڪجهه رٿا آهي هڪ زبردست ڄاڻندڙ جي |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ منهن موڙيندڙ کي چئي ڇڏ ته آئون ڊيڄاريان ٿو توهان کي اوچتي ڪڙڪندڙ عذاب کان، جهڙو ڪڙڪندڙ عذاب عاد ۽ ثمود تي نازل ٿيو هو |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جڏهن آيا هئا انهن وٽ رسول (خدا جا) انهن جي اڳيان کان ۽ انهن جي پويان (هر طرف کان) کين سمجهايو ته نه عبادت ڪريو سواءِ الله جي، انهن چيو جي گُهري ها رب اسان جو ته نازل ڪري ها فرشتا، تنهن ڪري جنهن سلسلي ۾ موڪليا ويا آهيو ان کي نٿا مڃون |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
هي حالت هئي عاد جي، جو وڏا بڻجي ويٺا هئا زمين ۾ بنا ڪنهن به حق جي، ۽ چوڻ لڳا، ڪير آهي ڏاڍو اسان کان طاقت ۾، ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن خدا انهن کي پيدا ڪيو آهي، اهو انهن کان وڌيڪ آهي طاقت ۾؟ ۽ اهي ته اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
پوءِ اسان موڪلي انهن تي سخت طوفاني هوا ڪن اهڙن ڏينهن ۾ جيڪي منحوس هئا، جيئن کين چکايون عذاب ذلت ۽ خواري وارو دنياوي حياتي ۾، ۽ عذاب آخرت جو ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪندڙ آهي ۽ ڪوبه نه هوندو اتي سندن مددگار |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ رهيا ثمود، ته انهن جي آڏو رکي سڌي راهه پر انهن پسند ڪيو انڌو ٿي رهڻ کي بجاءِ هدايت وٺڻ جي، پوءِ انهن کي اچي ورتو ڪڙڪيدار عذاب جيڪو خوار ڪندڙ هو سندن ڪرتوتن جي ڪري |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ اسان بچائي ورتو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ گمراهي ۽ بري هلت کان بچندا هئا |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ ان وقت جو خيال ڪر جڏهن گڏ ڪيا ويندا دشمن الله جا دوزخ ڏانهن، پوءِ اهي بڻايا ويندا ٽولا (اڳيان پوين تائين ترسيل هوندا) |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
پوءِ جڏهن سڀ پهچي ويندا ته شاهد ٿيندا انهن تي سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن بدن جون کلون ته اهي دنيا ۾ ڇا ڇا ڪندا رهيا |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ چوندا اهي پنهنجي بدن جي کلن کي توهان ڇو شاهدي ڏني اسان تي؟ اهي چونديون، اسان کي ڳالهائڻ جي قوت الله ڏني، جنهن ڳالهائڻ ڏنو آهي هر شيءِ کي ۽ انهيءَ ئي پيدا ڪيو آهي توهان کي پهرين ڀيري ۽ هاڻي به انهيءَ ڏي ئي موٽايا وڃو پيا |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن توهان (دنيا ۾ ڏوهه ڪرڻ) وقت لڪي ٿي ويا (تڏهن اهو خيال نه آيو ته) شاهد ٿيندا توهان تي توهان جا ڪَن ۽ توهان جون اکيون ۽ توهان جون جسماني کلون پر توهان ته ائين سمجهيو هو ته الله به بي خبر آهي ڪيترن ئي توهان جي ڪيل عملن کان |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ توهان جو اهو ئي گمان جيڪو ڀانيو توهان پنهنجي رب لاءِ تنهن توهان کي برباد ڪيو، انهيءَ ڪري ئي توهان وڃي پيا وڏي خساري ۾ |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ ڀلي اهي صبر ڪن (يا نه ڪن) پوءِ باهه ئي هوندي سندن اصل ماڳ ۽ جي چاهيندا واپسيءَ جو موقعو ته کين ڪوبه اهڙو موقعو نه ملندو |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ مڙهي ڇڏيا هئا انهن تي اسان اهڙا دوست جيڪي سهڻو بڻائي ڏيکاريندا هئا هر شيءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان کان، ۽ آخرڪار انهن تي اهو عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويو جيڪو لاڳو ٿي چڪو هو انهن کان اڳ ۾ گذريل جنن ۽ انسانن تي، بيشڪ اهي خساري ۾ ئي رهڻ وارا هئا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، نه ٻڌو هرگز هي قرآن ۽ خلل وجهو جڏهن اهو ٻڌايو وڃي، شايد اهڙيءَ طرح غالب پئجي وڃو |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ مزو چکائينداسين انهن ڪافرن کي عذاب جو تمام سخت، ۽ ضرور بدلو ڏينداسين انهن کي برو جيڪي به اهي بڇڙايون ڪندا رهيا آهن |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
اهو ته بدلو آهي دشمنن الله جي لاءِ دوزخ جو، انهن جو اتي رهڻ سدائين جي لاءِ هوندو، اها آهي جزا انهن جي لاءِ، ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ چوندا اتي اهي ڪافر ته، اي اسان جا رب! اسان کي ڏيکار اهي جن اسان کي گمراهه ڪيو هو، اهي جن ۽ انسان، ته اسان انهن کي لتاڙيون پنهنجي پيرن هيٺان ته ڀلي اهي خوب ذليل ۽ خوار ٿين |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته رب اسان جو الله آهي، پوءِ ان تي ثابت قدم رهيا، نازل ٿيندا آهن انهن تي ملائڪ ۽ انهن کي چوندا آهن ته، نه ڊڄو ۽ نه ئي ڳڻتي ڪريو ۽ انهيءَ بشارت جنت جي تي خوشي ڪريو جنهن جو ڪيو ويو آهي توهان سان وعدو |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسان توهان جا ساٿي آهيون هن حياتي دنيا جي ۾ ۽ آخرت ۾ ته اتي جيڪي به چاهينديون توهان جون دليون، ۽ توهان لاءِ اتي اهو آهي سڀڪجهه |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
اهو مهمانيءَ جو سامان ان هستي وٽان آهي جيڪو غفور ۽ رحيم آهي |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
۽ ڪنهن جي سٺي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي هوندي جنهن سڏيو الله ڏانهن ۽ عمل سٺا ڪيا ۽ چيائين ته بيشڪ آئون مسلمان آهيان |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ (اي نبي!) ناهن برابر نيڪي ۽ نه برائي، تون بديءَ کي اهڙي نيڪيءَ سان بدلائي ڇڏ (جيڪا سهڻي هجي) پوءِ تون ڏسندين ته تنهنجي ۽ ان جي وچ ۾ جيڪا دشمني هئي سو دوست ٿي ويو گهاٽو |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
۽ (اها صفت) نصيب نه ٿيندي آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي صبر ڪن ۽ نه نصيب ٿيندو آهي اهو مرتبو سواءِ ڀاڳ وارن وڏن کي |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
۽ جي تون ڪوبه محسوس ڪرين شيطان جي طرفان وسوسو ته پناهه وٺ الله جي، بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ (الله جي) نشانين مان آهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ، نه سجدو ڪريو سج کي ۽ نه چنڊ کي، پر سجدو ڪريو ان خدا کي جنهن پيدا ڪيو آهي انهن کي، جيڪڏهن سچ پچ توهان ان جي عبادت ڪندڙ آهيو |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پر جيڪڏهن پنهنجي غرور تي اهي ماڻهو اڙجي بيٺا ته (پرواهه ناهي) (فرشتا جي) ساراهه ڪندا رهن ٿا پنهنجي رب جي رات ۽ ڏينهن ۽ اهي ٿڪبا ناهن |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ (الله جي) نشانين مان هڪ اها به آهي جو تون ڏسندو آهين ته زمين ويران پئي آهي، پوءِ جيئن ئي اسان وسايو ان تي پاڻي ته امالڪ اها ڪر کڻي ٽڙي پوندي آهي، بيشڪ جيڪو (خدا) حياتي بخشي ٿو ان مئل (زمين) کي، سو مئن کي حياتي ڏيندڙ آهي، بيشڪ اهو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
بيشڪ جيڪي شخص ابتيون معنائون ڏين ٿا اسان جي آيتن کي، ناهن لڪل سي اسان کان، پاڻ ئي سوچيو، ڇا اهو شخص جيڪو اڇليو ويندو باهه ۾، ڀلو آهي يا اهو جيڪو سلامتيءَ سان اچي حاضر ٿيندو قيامت جي ڏينهن؟ ڪندا رهو جيڪي وڻيوَ، بيشڪ اهو (الله) توهان جي سڀني حرڪتن کي ڏسي رهيو آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
بيشڪ هي اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو نصيحت ڀرئي ڪلام جو جڏهن انهن وٽ آيو، پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ڪتاب تمام زبردست آهي |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
نٿو اچي سگهي باطل ان تي سامهون ۽ نه پويان کان، هي نازل ڪيل آهي حڪمت واري حميد جي طرفان |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
(اي نبي!) جيڪي ٻڌايو وڃي ٿو توکي ان ۾ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جيڪا چيل نه هجي رسولن کي توکان اڳي جيڪي آيا، بيشڪ تنهنجو رب وڏو معاف ڪندڙ آهي ۽ ان سان گڏ سزا به ڏيڻ وارو آهي دردناڪ |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جي موڪليون ها قرآن کي عجمي زبان ۾ ته اهي چون ها، ڇو نه ان جون آيتون چٽيون بيان ڪيون؟ عجب آهي جو ڪلام عجمي آهي ۽ مخاطب عربي، چؤ انهن کي، اهو (قرآن) ايمان آڻڻ وارن لاءِ هدايت ۽ شفا آهي، ۽ جيڪي نٿا ايمان آڻين، تن جي لاءِ ڪنن جو ٻنجو ۽ اهو انهن جي لاءِ پٽي آهي اکين جي، انهن جي حالت ائين آهي جيئن کين پڪاريو ويندو هجي ڪنهن پراهين هنڌ کان |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ اسان ڏنو هو موسيٰ کي ڪتاب (هن کان اڳ) پوءِ اختلاف ٿيو هو ان باري ۾ اهو ئي ۽ جي ڪيل نه هجي ها هڪڙي ڳالهه تنهنجي رب جي طرفان اڳي ئي، ته فيصلو انهن ۾ (ڪڏهوڪو ٿي وڃي ها) ۽ حقيقت اها آهي ته شڪ ۾ پيل آهن اهي ماڻهو ان جي طرفان سخت پريشان |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو به ڪو ڪم نيڪ ڪندو ته اهو سندس لاءِ چڱو هوندو ۽ جيڪو برائي ڪندو ته ان جو وبال مٿس پوندو ۽ ناهي تنهنجو رب ظلم ڪندڙ پنهنجي ٻانهن تي |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
انهيءَ (الله) ڏي ئي موٽايو وڃي علم ان گهڙيءَ جو، ۽ نٿو نڪري ڪوبه ميوو پنهنجي پنهنجي گوشي (پردن) مان ٻاهر ۽ نه پيٽ واري مادي ٻار ڄڻي ٿي، اهو به ان جي علم ۾ آهي ۽ جنهن ڏينهن اهو (الله) کين سڏيندو ته ڪٿي آهن منهنجا شريڪ؟ اهي چوندا، اسان عرض ڪيو آهي ته اڄ اسان مان ڪوبه ان جي شاهدي نه ڏيندو |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ گم ٿي ويندا سڀ خدا انهن کان جن کي اهي پڪاريندا هئا ان کان اڳ ۾، اهي ماڻهو سمجهي ويندا ته هاڻي انهن جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ناهي |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
نه ٿو ٿڪجي انسان (ڪڏهن به) دعا گهرڻ ڀلائيءَ جي کان، ۽ جڏهن به مٿس ڪا آفت اچي ٿي پوءِ مايوس ٿي ويندو آهي ٽٽل دل |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
پر جيئن ئي چکايون ٿا کيس پنهنجي رحمت پاڻ وٽان، ته پهتل سختي کان پوءِ چوندو آهي، آئون انهيءَ جو حقدار آهيان، آئون نٿو سمجهان ته ڪڏهن قيامت به ايندي، پر جيڪڏهن (سچ پچ) آئون موٽايو به ويس پنهنجي رب ڏي ته اتي به مزا ڪندس، پوءِ ضرور خبردار ڪنداسين انهن کي جن ڪفر ڪيو ته اهي ڇا ڇا ڪري رهيا آهن ۽ چکائينداسين اسان (کين) مزو عذاب سخت جو |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏهن ڪابه نعمت ڏيندا آهيون اسان انسان کي، ته منهن مٽي ويندو آهي ۽ آڪڙ ڪندو آهي ۽ جڏهن کيس رسندي آهي مصيبت ته گهرڻ لڳندو آهي دعائون ڊگهيون |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
(اي نبي!) کين چؤ، ڪڏهن توهان سوچيو به آهي جي واقعي اهو قرآن الله جي طرفان هجي ۽ توهان انڪار ڪندا رهيا ان جو، ته پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ڀٽڪيل ڪير هوندو، جيڪو ان جي مخالفت ۾ پري نڪري ويو |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
سگهوئي انهن کي پنهنجون نشانيون آفاق ۾ ڏيکارينداسين ۽ سندن وجود ۾ به، ايستائين جو انهن تي اها ڳالهه کلندي ته اهو (قرآن) واقعي حق آهي، ڇا اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته تنهنجو رب بيشڪ هر شيءِ تي شاهد آهي (ڏسندڙ آهي) |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
خبردار! بيشڪ اهي ماڻهو شڪ رکن ٿا پنهنجي رب جي ملاقات ۾، پر ٻڌي ڇڏيو، بيشڪ هو هر شيءِ تي حاوي آهي هر طرف کان |