حم (آيت : 1) |
ﷅ (حا ـ ميم) |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي، جيڪو زبردست ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
گناهه بخشي ڇڏيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ آهي. تمام سخت سزا ڏيندڙ ۽ وڏي فضل وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڏانهن ئي سڀني کي موٽي هلڻو آهي |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
الله جي آيتن بابت ته رڳو اهي جهڳڙو ڪندا آهن، جيڪي ڪافر هوندا آهن. پوءِ شهرن ۾ انهن جو هلڻ توکي ڪنهن دوکي ۾ نه وجهي |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو سڏيو هو ۽ کانئن پوءِ ٻين به ڪيترن ئي جٿن ائين ڪيو. هر قوم پنهنجي رسول کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو، انهن سڀني باطل جي هٿيارن سان حق کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نيٺ مون کين قابو ڪيو. پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
اهڙيءَ طرح تنهنجي رب جو اهو فيصلو به انهن سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿي ويو آهي. جن ڪفر ڪيو آهي سي جهنم ۾ پوڻ وارا آهن |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
اهي فرشتا جيڪي عرش کي کنيون بيٺا آهن ۽ اهي جيڪي عرش جي چؤگرد حاضريءَ ۾ بيٺا آهن، اهي سڀئي پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا، انهن جو مٿس ايمان آندل آهي ۽ ايمان وارن لاءِ گناهن جي بخشش جي دعا گهرندا رهن ٿا. چون ٿا ته "اي اسان جا رب! تون پنهنجيءَ رحمت ۽ پنهنجي علم سان هر شيءِ تي ڇانيل آهين، تنهنڪري تون کين معاف ڪري ڇڏ ۽ دوزخ جي باهه کان انهن کي بچاءِ ، جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ ورتي آهي |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا رب! انهن کي سدائين قائم رهندڙ جنتن ۾ داخل ڪر، جنهن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ سندن پيءُ ماءُ ۽ اولاد مان به جيڪي صالح هجن (تن کي به اتي پهچاءِ ) تون بيشڪ وڏيءَ طاقت وارو ۽ داناءُ آهين |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ کين بڇڙاين کان پناهه ۾ رک. جنهن کي تو قيامت جي ڏينهن بڇڙاين کان بچايو، تنهن تي تو وڏو فضل ڪيو ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
جن ڪفر ڪيو آهي، تن کي قيامت جي ڏينهن سڏي چيو ويندو ته "اڄ جيڏي سخت ڪاوڙ توهان کي پنهنجو پاڻ تي ٿي اچي، تنهن کان وڌيڪ غضبناڪ الله توهان تي ان وقت ٿيندو هو، جڏهن توهان کي ايمان ڏانهن سڏيو ويندو هو ۽ توهان وري ڪفر ڪندا هيؤ" |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
هو چوندا: "اي اسان جا رب! تو برابر اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا حياتي ڏني، هاڻي اسان پاڻ پنهنجا گناهه باسيون ٿا، ڇا پوءِ (هتان) ڪا نڪرڻ جي واهه آهي؟" |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(جواب ملندن) اهو ته ان ڪري آهي جو جڏهن هڪڙي الله ڏانهن سڏيو ويندو هو ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪندا هيـوَ ۽ جڏهن ساڻس گڏ ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو ته توهان مڃيندا هيؤ. هاڻي ته فيصلو الله مٿانهين ۽ وڏي جي هٿ آهي |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اهوئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو رهي ٿو ۽ آسمان مان توهان لاءِ رزق نازل ڪري ٿو پر (انهن نشانين مان) سبق فقط اهو ٿو پرائي، جيڪو الله ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو آهي |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ (الله ڏانهن ورڻ وارؤ) الله کي ئي سڏيندا ڪريو، پنهنجي دين کي خالص ان جو ئي ڪري، کڻي اها ڳالهه ڪافرن کي ڪيتري به اڻ وڻندڙ ڇو نه لڳي |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
هو تمام مٿانهن درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي چاهي پنهنجي حڪم سان روح (وحي) ٿو نازل ڪري، تانته ملاقات واري ڏينهن کان کين خبردار ڪري |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
اهو ڏينهن جڏهن سڀ قبرن مان نڪرندا، انهن جي ڪابه شيءِ الله کان لڪل نه هوندي (ان ڏينهن وڏي واڪي پڇيو ويندو ته) اڄ بادشاهي ڪنهن جي آهي؟ (سموري مخلوق جواب ۾ چوندي ته) الله هيڪڙائيءَ واري ۽ سڀني تي ضابطو رکندڙ جي |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
(چيو ويندو) اڄ هرهڪ کي سندس ڪمائيءَ جو ڦل ملندو، جيڪا ان ڪئي هئي. اڄ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ تمام تڪڙو آهي |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
(اي نبي) ڊيڄار انهن ماڻهن کي ان ڏينهن کان جيڪو اچي ويجهو ٿيو آهي، جڏهن ساهه مٺ ۾ ٿي ويندا ۽ ماڻهو ڏک ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪي ڪو دوست هوندو ۽ نه وري ڪو اهڙو سفارشي، جنهن جو چيو ورتو وڃي |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
الله نظرن جي چوري به ڄاڻي ٿو ته سينن جا سانڍيل راز به |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله فيصلو بلڪل حق جو ڪندو. باقي جن کي (اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي پڪاريندا آهن، سي ڪنهن به شيءِ جو فيصلو ڪرڻ وارا ناهن. بيشڪ الله ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڀلا اهي زمين ۾ ڪو گهميا ڦريا ناهن ڇا جو کين انهن جي پڇاڙي نظر اچي ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ اهي هنن کان طاقت ۾ زور هئا ۽ هنن جي ڀيٽ ۾ زمين ۾ يادگار به وڌيڪ زبردست ڇڏي ويا آهن، پر الله سندن گناهن سبب کين پڪڙيو ۽ کين الله کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هو |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اها سندن پڇاڙي ان ڪري ٿي جو وٽن سندن رسول چٽيون نشانيون کڻي آيا، ته انهن مڃڻ کان انڪار ڪيو، نيٺ الله به کين قابو ڪيو. بيشڪ هو وڏيءَ سگهه وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين ۽ چٽيءَ ســَـنــَـدَ سان گڏ موڪليو |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پر انهن چيو ته "جادوگر آهي، ڪوڙو آهي" |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جنهن وقت ان اسان جي پاران حق سندن آڏو آندو ته انهن چيو ته "جيڪي ايمان آڻي ساڻس شامل ٿيا آهن، تن جي سڀني پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيو". مگر ڪافرن جي رٿيل رٿ ته بيڪار ٿي وئي |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
هڪڙي ڏينهن فرعون پنهنجي درٻار وارن کي چيو ته "مونکي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ٿو ڪريان، ڀلي سڏي ڏسي پنهنجي رب کي. مونکي ڊپ آهي ته هيءُ توهان جو دين بدلائي ڇڏيندو يا ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهندو". |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
موسيٰ چيو: "مون ته هر انهيءَ وڏائي ڪندڙ جي مقابلي ۾ جنهن جو حساب ڪتاب جي ڏينهن تي ايمان نه آهي، پنهنجي ۽ توهان جي رب جي پناهه ورتي آهي" |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
انهيءَ موقعي تي فرعون وارن مان هڪ شخص جنهن پنهنجو ايمان لڪايو هو، چئي ڏنو ته "ڇا توهان هڪڙي شخص کي رڳو ان ڪري قتل ڪندؤ جو هو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي، توڻي جو هن توهان جي رب وٽان توهان وٽ چٽيون ثابتيون به آنديون آهن. جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو، پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته جن ڀوائتن نتيجن کان هو توهان کي ڊيڄاري ٿو، تن مان ڪي ته توهان کي ضرور آڏو ايندا. الله ته ڪنهن اهڙي شخص کي هدايت نه ڪندو آهي، جيڪو حد کان لنگهي ويل هجي ۽ ڪوڙ تي سندرو ٻڌل هجيس |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منهنجيءَ قوم وارؤ! اڄ توهان جي بادشاهي آهي، جنهن ڪري زمين ۾ توهان جو ڌاڪو ڄميل آهي، پر جيڪڏهن اسان تي الله جو عذاب اچي پيو ته پوءِ ڪير آهي جو اسان جي مدد ڪندو". فرعون چيو ته "مان ته توهان کي اها ئي ٿو راءِ ڏيان، جيڪا مونکي ٺيڪ ٿي نظر اچي ۽ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان ٿو" |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
جنهن شخص ايمان آندو هو، تنهن چين ته "اي منهنجي قوم! مونکي ڊپ آهي ته متان توهان تي به اهڙو ڏينهن نه اچي وڃي، جهڙو ڪيترن ئي جٿن تي اچي چڪو آهي |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جهڙو ڏينهن نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي آيو هو ۽ اها ته حقيقت آهي ته الله پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه چاهيندو آهي |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
اي منهنجي قوم! مان ڊڄان ٿو ته توهان تي دانهن ڪوڪن وارو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جڏهن توهان ڀڄي نڪرڻ جي ڪندؤ پر ان وقت الله کان بچائڻ وارو توهان لاءِ ڪوبه نه هوندو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي هدايت ڏيڻ وارو ڪو به نه آهي |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
ان کان اڳ يوسف توهان وٽ ثبوت آندا هئا، پر توهان ان بابت به شڪ ڪرڻ نه ڇڏيو، تان جو جڏهن هو فوت ٿي ويو ته توهان چيو ته هن کان پوءِ الله ڪو رسول موڪليندو ئي نه. اهڙيءَ ريت الله انهن سڀني ماڻهن کي گمراهيءَ ۾ ٿو وجهي جيڪي حد کان لنگهڻ وارا ۽ شڪ ڪندڙ آهن |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
۽ الله جي آيتن بابت جهڳڙو ٿا ڪن، بنا ان ڳالهه جي جو وٽن ڪا ســَـنــَـدَ آئي هجي. اها هلت الله ۽ ايمان وارن جي نظرن ۾ ڏاڍي ڪاوڙائيندڙ آهي. ان نموني الله هر وڏائي ڪندڙ ۽ ڏاڍايون ڪندڙ جي دل تي مهر هڻي ٿو" |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
فرعون چيو ته "اي هامان! مون لاءِ ڪا ڊگهي ماڙي اڏاءِ ، ته جيئن مان جيڪي لنگهه (گس) آهن، انهن تائين پهچي سگهان |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
آسمان جي گــَـسن تائين ۽ موسيٰ جي رب کي جهاتي پائي ڏسان. مونکي ته اهو (موسيٰ) ڪوڙو ٿو لڳي. ان ريت فرعون لاءِ سندس بڇڙي هلت ڏسڻ ۾ سهڻي ڪئي وئي ۽ هو سڌيءَ راهه کان روڪيو ويو. فرعون جو سارو منصوبو (سندس ئي) تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
(انهيءَ ماڻهوءَ) جنهن ايمان آندو هو چين ته "اي منهنجي قوم! منهنجو چوڻ وٺو، مان توهان کي صحيح واٽ ٿو ڏسيان |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي قوم! اها دنيا واري زندگي ته آهي ئي ٿورن ڏينهن لاءِ ، سدائين رهڻ جي جاءِ ته آخرت آهي |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جيڪو بڇڙائي ڪندو تنهن کي اوترو ئي بدلو ملندو ۽ جيڪو نيڪ عمل ڪندو مرد هجي يا عورت پر هجي سو مؤمن، اهڙا سڀئي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا، جتي کين رزق بنا ڪنهن حساب جي ملندو |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
اي منهنجي قوم! مونکي ڇا ٿيو آهي ته مان ته توهانکي سڏيان ٿو ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ توهان مون کي سڏيو ٿا باهه ڏانهن |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
توهان مون کي سڏيو ٿا ته مان الله سان ڪفر ڪيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن کي مان نٿو ڄاڻان، جڏهن ته مان توهانکي سڏيان ٿو انهيءَ (الله) زبردست ۽ بخشڻهار ڏانهن |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بيشڪ جن ڏانهن توهان مونکي سڏيو ٿا، انهن لاءِ ته سڏجڻ جو حق نڪي دنيا ۾ آهي ۽ نه آخرت ۾ ۽ بيشڪ اسان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن ئي آهي ۽ حد کان لنگهڻ وارا باهه ۾ پوڻ وارا آهن |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
مان جيڪي توهانکي چوان ٿو، توهان اهو ياد ڪندؤ ۽ مان ته پنهنجو معاملو الله کي سونپيان ٿو، بيشڪ الله پنهنجن ٻانهن جو نگهبان آهي" |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ انهن جيڪي به ســِـٽون ان مؤمن جي خلاف ســِـٽيون، تن سڀني کان الله کيس بچائي ورتو ۽ فرعون جا ساٿي پاڻ تمام بڇڙي عذاب ۾ اچي ويا |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
اها باهه دوزخ جي آهي، جنهن جي آڏو صبح شام پيا ٿا پيش ڪيا وڃن ۽ جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته حڪم ٿيندو ته ڪريو داخل فرعون جي ساٿين کي اڃان به وڌيڪ سخت عذاب ۾ |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
پوءِ اهو وقت ياد ڪريو! جڏهن اهي ماڻهو دوزخ ۾ پيا هڪ ٻئي سان تڪرار ڪندا. دنيا ۾ جيڪي هيڻا هئا سي انهن کي جيڪي هٺيلا هئا چوندا ته "اسان توهان جا پوئلڳ هئاسون، ڀلا هاڻي اسان کان جهنم جي باهه جو ڪو حـصو ٽاري سگهندؤ؟" |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
اهي هٺيلا جواب ڏيندا: "اسان سڀئي هتي ساڳيءَ ئي حالت ۾ آهيون ۽ الله ته ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي" |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
پوءِ اهي دوزخ ۾ پيل ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا ته "پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته اسان جي عذاب ۾ ڪا هڪڙي ڏينهن جي ئي کڻي هلڪائي ڪري" |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
هو پڇندا: "ڇا توهان وٽ توهان جا رسول چٽيون نشانيون کڻي نه آيا هئا؟" هو چوندا: "هائو". جهنم جا داروغا چوندا: "پوءِ ته توهان پاڻ ئي دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا جو ڪو نتيجو نه نڪرندو آهي" |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
پڪ ڄاڻو ته اسان پنهنجن رسولن ۽ ايمان آڻڻ وارن جي مدد هن دنيا واري حياتيءَ ۾ به ڪندا آهيون ۽ ان ڏينهن به ڪنداسون جڏهن شاهد اٿي بيهندا |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جڏهن ظالمن کي سندن بهاني بازي ڪوبه فائدو نه ڏيندي ۽ مٿن ڦـٽڪار پئي پوندي ۽ بڇڙو ٺڪاڻو ملندن |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
اسان موسيٰ کي هدايت ڏني هئي ۽ بني اسرائيل کي انهيءَ ڪتاب جو وارث بڻايوسون |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت هو |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
تنهنڪري اي نبي تون صبر ڪر، الله جو وعدو سچو آهي، پنهنجي قصور جي معافي گهر ۽ شام توڙي صبح پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو بنا ڪنهن دليل جي جيڪو کڻي وٽن آيو هجي، الله جي آيتن جي باري ۾ اجايا جهڳڙا ڪن ٿا، انهن جي دلين ۾ ته رڳو وڏائي ڀري پئي آهي، پر هو ته انهيءَ کي پهچڻ وارا ئي ناهن. پوءِ تون الله جي پناهه وٺ، هو ته بيشڪ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ برابر تمام وڏو ڪم آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ انڌو ۽ سڄو برابر ٿي ئي نٿا سگهن. نه وري ايمان وارا ۽ نيڪ عمل ڪندڙ ئي بدڪارن جي برابر ٿيڻا آهن، پر توهان ٿورو ئي ٿا ڪا سمجهه ڌاريو |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت جي گهڙي اچڻ واري آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
توهان جو رب ٿو چوي ته مونکي سڏيو، مان توهان جون دعائون اگهائيندس. جيڪي ماڻهو وڏائيءَ ۾ ڀرجي منهنجي عبادت کان منهن موڙين ٿا، اهي ته ضرور ذليل ۽ خوار ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
اهو الله ئي آهي جنهن توهان لاءِ رات ٺاهي، تانته توهان منجهس قرار وٺو ۽ ڏينهن کي سوجهري وارو بڻايائين. بيشڪ الله انسانن تي ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهوئي الله (جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي) توهان جو رب آهي، هر شيءِ جو خالق جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڀٽڪايا وڃو؟ |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
ائين ئي ٿا اهي سڀئي ڀٽڪايا وڃن، جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
اهو الله ئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ بڻايو ۽ مٿان آسمان جو ڇـَـٽُ بڻايائين. جنهن توهانجيون شڪليون بڻايون ۽ ڪهڙيون نه سهڻيون شڪليون بڻايائين. جنهن توهان کي پاڪ شين وارو رزق ڏنو. اهوئي الله (جنهن جا اهي ڪم آهن) توهان جو رب آهي. بيحد برڪتن وارو آهي |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهو ساريءَ ڪائنات جو رب. اهوئي (سدائين) جيئرو آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، سو توهان به کيس ئي سڏيو. پنهنجي دين کي خالص انهيءَ جو ئي ڪري. سموري ساراهه الله جهانن جي پالڻهار لاءِ آهي |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
اي نبي! چوين ته مونکي ته انهن جي عبادت کان منع ڪئي وئي آهي، جن کي توهان الله جي بدران سڏيندا رهو ٿا (مان ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان) جڏهن جو مون وٽ منهنجي رب وٽان ثبوت اچي چڪا آهن. مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
انهيءَ ئي توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ ٽيپي (نطفي) مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ توهان کي ٻار جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍي ٿو، پوءِ توهان کي واڌ ٿو ڏئي، ته جيئن توهان پنهنجيءَ ڀرپور طاقت کي پهچو، پوءِ اڃان به ٿو واڌ ڪرائي ته جيئن ڪراڙا ٿي وڃو ۽ توهان مان ڪو وري اڳيئي ٿو واپس گهرايو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿو ڪيو وڃي ته جيئن توهان وڃي مقرر ڪيل ماڳ کي پهچو ۽ مــَـنَ توهان عقل کان ڪم وٺو |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهوئي (الله) آهي، جيڪو حياتي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي موت ڏئي ٿو. هو جنهن به ڳالهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته رڳو حڪم ٿو ڏئي ته "ٿي پؤ" ۽ اها ٿي پوي ٿي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
(اي نبي) ڇا نه ڏٺو اٿئي انهن ماڻهن کي، جيڪي الله جي آيتن بابت جهڳڙا ٿا ڪن. ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃن؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
اهي ماڻهو جيڪي هن ڪتاب (قرآن) کي ۽ انهن سڀني ڪتابن کي به جيڪي اسان رسولن سان گڏ موڪليا هئا ڪوڙو ٿا سڏين، تن کي سگهوئي خبر پئجي ويندي |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ هوندا ۽ زنجير پڻ پيل هوندن، جن وسيلي پيا گــِـهلبا ويندا |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽهڪندڙ پاڻيءَ ڏانهن ۽ پوءِ دوزخ جي باهه ۾ اڇلايا ويندا |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
پوءِ کانئن پڇيو ويندو ته "هاڻي ڪٿي اٿوَ جن کي شريڪ ڪندا هيؤ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
الله کي ڇڏي" هو جواب ڏيندا: "اهي ته اسان کان ويا گم ٿي! نه نه، اسان ته اڳي ڪنهن شيءِ کي به نه سڏيندا هئاسون". اهڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گمراه ڪري ٿو |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
چيو ويندن ته "اها توهان جي پڇاڙي ان ڪري ٿي آهي، جو توهان زمين ۾ حق تي نه هوندي به خوش ٿيندا هئا ۽ هن ڪري جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
هاڻي داخل ٿي وڃو جهنم جي دروازن ۾، اتي ئي سدائين رهڻو اٿوَ، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي تڪبر ڪندڙن جو |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
تنهنڪري اي نبي تون صبر ڪر، الله جو وعدو سچو آهي. هاڻي کڻي اسان تنهنجي آڏو ئي کين انهن بڇڙن نتيجن جو ڪو حصو ڏيکاريون، يا (ان کان اڳيئي) توکي دنيا مان واپس گهرائي وٺون، موٽي اچڻو ته نيٺ اسان ڏانهن ئي اٿن |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
اي نبي! توکان اڳ اسان ڪيترائي رسول موڪلي چڪا آهيون، جن مان ڪن جا حال اسان توکي ٻڌايا آهن ۽ ڪن جا نه ٻڌايا آهن. ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪا نشاني آڻي سگهي. پوءِ جڏهن الله جو حڪم اچي ويو ته حق مطابق فيصلو ڪيو ويو ۽ ان وقت باطل جي ڪڍ لڳل ماڻهو نقصان ۾ پيا |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله ئي توهان لاءِ اهو چوپايو مال بڻايو آهي تانته انهن مان ڪن تي توهان سواري ڪريو ۽ ڪنهن جو گوشت کائو |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ انهن ۾ ته توهان لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن ۽ اهي اهو ڪم به ڏين ٿا ته توهان انهن تي اتي پهچي سگهو جتي پهچڻ جي توهان جي دل ۾ خواهش هجي، انهن تي ۽ ٻيڙين تي ته توهان کي سواري ڪرائي وڃي ٿي |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ الله توهان کي پنهنجيون اهي نشانيون ڏيکاري ٿو، پوءِ ڀلا توهان الله جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندؤ؟ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
اهي زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن ڇا جو کين انهن ماڻهن جي پڇاڙي نظر اچي ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ اهي هنن کان تعداد ۾ به گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ به زور هئا ۽ زمين ۾ انهن کان وڏا يادگار ڇڏي ويا آهن، پوءِ جيڪا به ڪمائي ڪيائون سا ڪنهن به ڪم نه آين |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
جڏهن سندن رسول وٽن ثبوت کڻي آيا ته هو وري پنهنجي انهيءَ علم تي خوش ٿيڻ لڳا، جيڪو وٽن هو ۽ پوءِ انهيءَ شيءِ جي ڪڙڪي ۾ اچي ويا، جنهن تي چٿرون ڪندا هئا |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا ته مڃيوسون الله اڪيلي کي ۽ انهن سڀني معبودن جو انڪار ٿا ڪريون، جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسون |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پر اسان جو عذاب ڏسڻ کان پوءِ سندن ايمان کين ڪوبه فائدو پهچائي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اهوئي الله جو مقرر ڪيل قاعدو آهي، جيڪو اصل کان وٺي سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي ٿو ۽ ان وقت ڪافر نقصان ۾ پئجي ويا |