حم (آيت : 1) |
حم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
(هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ (خاص) خدا کان آهي جو (سڀ تي) غالب وڏو واقف ڪار آهي، |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
گناهن جي بخشڻ وارو، توبه جي قبول ڪرڻ وارو، سخت عذاب ڏيڻ وارو، صاحب فضل ۽ ڪرم آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي انهيءَ ڏي (سڀ ڪنهن) کي موٽي وڃڻو آهي. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
خدا جي آيتن ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو جهڳڙو ڪن ٿا جي ڪافر آهن ته (اي رسول) سندن شهرن (کان شهر) گهمڻ ڦرڻ (۽ دولت حاصل ڪرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي (ته ڪو انهن تي عذاب نه ٿيندو). |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ ان کان پوءِ (ٻين نبين) جي امتن (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پڻ هر امت پنهنجي پيغمبرن جي باري ۾ اهو ارادو ڪيو ته کين گرفتار (ڪري قتل) ڪري ڇڏيو ۽ بيهوده ڳالهين جي اوٽ ۾ مقابلو ڪرڻ لڳا هن لاءِ ته اهڙي نموني حق ڳالھ جي پاڙ پٽن ته مون کين پڪڙ ڪئي پوءِ (تو ڏٺو ته مٿن) منهنجو عذاب ڪهڙو (نه سخت) ڪڙڪيو. |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جي (عذاب جو) حڪم (انهن) ڪافرن تي پورو ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو يقينا دوزخي آهن. |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي (فرشتا) عرش کي کينون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري (مقرر ڪيل) آهن (سي سڀ) پنهنجي پالڻهار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ان تي ايمان رکن ٿا پڻ مومنن لاءِ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا ته پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر شيءَ تي حاوي آهي ته جن ماڻهن (سچيءَ) دل سان توبه ڪئي ۽ تنهنجي راھ تي هليا تن کي بخش! ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچائي. |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻهار! کين سدا بهار باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي نيڪ هجن تن کي به (بخش) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ کين هر قسم جي براين کان بچائي ۽ جنهن کي تون ان ڏينهن (قيامت) جي عذابن کان بچائيندين تنهن تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
(پر) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جيترو اوهين (اڄ) پنهنجي جان کان بيزار آهيو تنهن کان وڌيڪ خدا توهان کان بيزار هو جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويو ٿي ته انڪار ڪيو. |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
اهي ماڻهو چوندا ته اسان جا پروردگار! تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو، هاڻي اسين پنهنجي گناهن جو اقرار ڪريون ٿا ته ڇا (هتان) نڪرڻ جي به ڪا راھ آهي؟ |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
هي (عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. ته (اڄ) خدا جي ئي حڪومت آهي جو عاليشان ۽ بزرگ آهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هو اهو ئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي نازل ڪري ٿو ۽ نصيحت به رڳو اهو ئي حاصل ڪري ٿو جيڪو (ان ڏي) رجوع ٿئي ٿو. |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ اوهين خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. توڙي جو ڪافرن کي نه وڻي. |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
خدا ته عالي مرتبي (وارو) عرش جو مالڪ آهي. اهو پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ٿو پنهنجي حڪم سان وحي نازل ڪري ٿو پر هن لاءِ ته اهو (عبد ماڻهن کي) ملاقات (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄاري. |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
جنهن ڏينهن اهي ماڻهو (قبرن مان) اٿي کڙا ٿيندا (۽) سندن ڪا به شيءِ خدا کان ڳجهي نه رهندي (۽ سڏ ٿيندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (خود خدا فرمائيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي. |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪي ان ڪيو هوندو تنهن جو بدلو ڏنو ويندو اڄ ڪنهين تي ڪجھ (به) ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ (اي رسول) کين ان مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جو جلد اچڻ وارو آهي. جنهن ڏينهن دليون نڙگهٽن جي ويجهيون ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا (ان وقت ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نڪو سفارش ڪندڙ، جنهن جي ڳالھ مڃجي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
خدا ته اکين جي چوراڻي نگاھ کي ۽ انهن ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو جي (ماڻهن جي) سينن ۾ لڪل (راز) آهن. |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ خدا انصاف سان حڪم ڪري ٿو. ۽ جن کي ان کان سواءِ سڏين ٿا سي ڪجھ به حڪم نٿا ڪري سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو آهي ته جي ماڻهو انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ ڏاڍا وڌيڪ هئا. پوءِ خدا کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ انهن کي خدا (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪو به نه هو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر معجزا آڻيندا هئا تڏهن به انڪار ڪيائون تنهن ڪري خدا کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ۽ ظاهر دليلن سان، |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو ته اهي چوڻ لڳا ته (هي به) هڪ وڏو ڪوڙو (۽) جادوگر آهي. |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان وٽان سچو دين کڻي آيو ته چوڻ لڳا ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي (ٻانهيون بنائڻ لاءِ) جيئرو ڇڏيو ۽ ڪافرن جون تدبيرون ته بيڪار ئي آهن. |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فرعون (چوڻ لڳو) ته مون کي ڇڏيو ته موسى کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي رب کي سڏي. (ڀائرو!) مون کي انديشو آهي ته (متان) اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ڪري. |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
۽ موسى چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هيٺلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن (قيامت) کي نه ٿو مڃي، پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار جي پناھ ورتي آهي. |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد (حزقيل)جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو تنهن ماڻهن کي چيو ته (اوهين) هڪ اهڙي شخص کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا جو (رڳو) هي چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي، هوڏانهن اهو اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان وٽ معجزا وٺي آيو آهي پر جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي جنهن (عذاب جي) ڌمڪي ڏئي ٿو تنهن مان ڪجھ نه ڪجھ اوهان کي ضرور پهچندو. بيشڪ خدا ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پر جيڪڏهن خدا جي آفت اسان تي آڻي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو آءُ ته اوهان کي اهو ئي رستو ڏيکاريان ٿو ۽ اها ئي ڳالھ سمجهايان ٿو جنهن ۾ ڀلائي آهي. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
ته جنهن شخص (ڳجھ ۾) ايمان آندو هو سو چوڻ لڳو: اي منهنجي قوم! سچ ته آءُ ڊڄان ٿو اڳين جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان. |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا، تن جهڙي حال کان. ۽ خدا ته ٻانهن تي ظلم ڪرڻ گهري ئي نه ٿو. |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منهنجي قوم! مون کي ته اوهان بابت قيامت جي ڏينهن جو انديشو آهي. |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏئي ڦرندو. (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به نه هوندو. ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان کي ڪو به راھ تي آڻڻ وارو نه آهي. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ (هن کان) اڳ ۾ يوسف به اوهان ڏي معجزا وٺي آيو هو ته پوءِ جي جي (معجزا) آندا هئائين ته ماڻهو ان ۾ هميشه شڪ ڪندا رهيا تان جو جڏهن ان رحلت ڪئي ته اوهين چوڻ لڳا ته ان کان پوءِ خدا ڪڏهين به رسول نه موڪليندو. جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪرڻ وارو هجي تنهن کي خدا اهڙي طرح گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڇڏيندو آهي. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
جيڪي ماڻهو سواءِ ان جي جو ڪا ثابتي وٽن آيل هجي خدا جي آيتن بابت (اجايو) جهڳڙو ڪندا رهن ٿا سا خدا ۽ مومنن وٽ سخت نفرت جي ڳالھ آهي اهڙي طرح خدا (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي نشاني مقرر ڪري ٿو. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ فرعون چيو اي هامان! مون لاءِ هڪ اهڙو محل بنائي (جنهن تي چڙهي) رستن تي پهچي وڃان. |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
(يعني) آسمان جي رستن تي، پوءِ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسى کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (سڌي) راھ کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو ... ۾ هئي. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
۽ جو شخص (لڪل) ايماندار هو چوڻ لڳو ڀائرو! منهنجو چوڻ مڃو آءُ اوهان کي هدايت جا رستا ڏيکاريندس. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي ڀائرو! هيءَ دنيا جي زندگي ته رڳو (ٻه ٽي ڏينهن) فائدو آهي ۽ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي. |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جو برو ڪم ڪندو ته ان کي عوض به اهڙو ئي ملندو. ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو مرد هجي يا عورت پر ايماندار هجي ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا اتي کين بي حساب روزي ملندي. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باھ ڏي سڏيو ٿا. |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) وڏي معافي ڪندڙ خدا ڏي سڏيان ٿو. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا سو نه ته دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جي لائق آهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ خدا ڏي آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
ته جا ڳالھ آءُ اوهان کي چوان ٿو جلد ئي تنهن کي ياد ڪندو! ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم خدا جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ خدا بندن (جي حال) کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
ته خدا کين انهن جي مڪرن جي بڇڙاين کان بچايو ۽ فرعوني ماڻهن تي بڇڙو عذاب (هر طرف کان) اچي ڪڙڪيو. |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
(۽ هاڻي ته قبر ۾ دوزخ جي) باھ آهي جو اهي ماڻهو (هر) صبح ۽ شام ان جي سامهون آڻي بيهاريا وڃن ٿا. پڻ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (ته حڪم ٿيندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت کان سخت عذاب ۾ اڇلايو. |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ اهي جڏهن دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته گهٽ حيثيت وارا وڏن ماڻهن کي چوندا ته اسين اوهان جا تابعدار هئاسون. ڇا پوءِ اوهين اسان کان (دوزخ جي) باھ جو ڪجھ حصو ٽاري سگهو ٿا. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
ته وڏا ماڻهو چوندن (هاڻي ته) اسين (۽ اوهين) سڀئي باھ ۾ (پيا) آهيون. خدا کي ته بندن جي باري ۾ (جيڪي) فيصلو (ڪرڻو هو) سو ڪري ڇڏيو. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي درخواست ڪندا ته پنهنجي پالڻهار کي عرض ڪريو ته هڪ ڏينهن اسان وٽان عذاب هلڪو ڪري. |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
اهي جواب ڏيندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر صاف ۽ کليل معجزا کڻي نه آيا هئا؟ اهي چوندا ته هاءُ (آيا ته هئا) تڏهن فرشتا چوندن ته پوءِ اوهين پاڻ (ڇو نه ٿا) دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا ته بيڪار ئي آهي. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتي ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنهن ڏينهن شاهد (پيغمبر فرشتا شاهديءَ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به) |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو به فائدو نه ڏيندي ۽ انهن تي لعنت (وسندي) هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (دوزخ) آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ اسان ئي موسى کي هدايت (جو ڪتاب توريت) عطا ڪيو ۽ بني اسرائيلن (کي ان) ڪتاب جو وارث ڪيو، |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
ته (اي رسول) تون انهن جي شرارت تي) صبر ڪر! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي (امت جي) گناهن جي معافي گهر پڻ صبح ۽ شام پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ڪندو رھ. |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
جن ماڻهن وٽ (خدا جي طرف کان) ڪا ثابتي ته آئي ڪانهي ۽ (وري) اهي خدا جي آيتن ۾ بيجا جهڳڙو ڪن ٿا. تن جي دلين ۾ رڳو وڏائي (جي بيجا هوس) آهي جنهن کي اهي پهچي نه سگهندا. ته تون بس خدا جي پناھ گهرندو رھ! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پر گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ انڌو ۽ سڄو (ٻئي) برابر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نڪي مومنن جي چڱا ڪم ڪيا ۽ بدڪار (ئي) برابر ٿي سگهن ٿا. ڳالھ هيءَ آهي ته اوهين ماڻهو بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت ضرور اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان نٿا رکن. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ اوهان جو پروردگار ارشاد فرمائي ٿو ته اوهين مون کان دعائون گهرو آءُ اوهان جي (دعا) قبول ڪندس . جي ماڻهو منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي يقينا دوزخ ۾ داخل ٿيندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي روشن (بنايائين ته جيئن ڪم ڪار ڪريو) بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل ۽ ڪرم ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو سندس شڪر نٿا ڪن. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهو ئي خدا توهان جو پالڻهار آهي جيڪو هر شيءِ جو خالق آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃو ٿا. |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
جي ماڻهو خدا جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا سي اهڙي طرح ڀٽڪندا رهيا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
خدا اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ اوهان جون شڪليون بنايائين ته شڪليون به تمام چڱيون بنايائين ۽ اوهان کي صاف سٺيون شيءَون کائڻ لاءِ ڏنائين. اهو خدا توهان جو پالڻهار آهي. ۽ خدا نهايت ئي متبرڪ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهو ئي (سدائين) زندھ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو جهانن جو پالڻهار آهي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جڏهن مون وٽ منهنجي پروردگار جي بارگاھ مان ظاهر معجزا آيا ته مون کي هن ڳالھ جي منع ڪئي ويئي آهي ته خدا کي ڇڏي جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ انهن جي پوڄا ڪريان پڻ مون کي ته اهو حڪم ملي چڪو آهي ته آءُ سڀني جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
هو اهو آهي جنهن اوهان کي (پهريان) مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو هن لاءِ ته (وڌو) وري (جيئرو رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني کي رسو (۽ جيئرو ٿو رکي) هن لاءِ ته اوهين پريا ٻڏا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (هن کان) اڳ ۾ ئي مري وڃي ٿو ۽ (اوهان کي ان وقت تائين جيئرو رکي ٿو) ته اوهين (موت جي) مقرر وقت تائين پهچو ۽ من (سندس قدرت کي) سمجهو. |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
هو اهو (خدا) آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
(اي رسول) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حالت) تي غور نه ڪيو آهي! جي خدا جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا اهي ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃن ٿا. |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
جن ماڻهن (هن) ڪتاب کي ۽ انهن ڳالهين کي جيڪي اسان پيغمبرن کي ڏيئي موڪليو هو، ڪوڙو ڪيو ته جلد ئي (تنهن جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو. |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن (ڳرا ڳرا) زنجير سندن ڳجين ۾ هوندا. (۽ پهرين) گهليا ويندا. |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ۽ پوءِ دوزخ جي باھ ۾ اڇلايا ويندا. |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
پوءِ انهن کان پڇيو ويندو ڪٿي آهن اهي جن کي اوهين (سندس) شريڪ ڪندا هئا. |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
خدا کان سواءِ اهي چوندا هاڻي ته اهي اسان کي ڇڏي ويا پر (سچ ته) اسين شروع کان ئي (خدا کان سواءِ) ڪنهن شيءِ کي ڪئين پوڄيندا هئاسين. اهڙيءَ طرح خدا ڪافرن جا حوصلا خطا ڪندو (جو ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندن). |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
هيءَ سزا هن ڪري آهي جو اوهين دنيا ۾ ناحق (ڳالھ تي) خوش ٿيندا هئا ۽ ان جي سزا آهي جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا. |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ داخل ٿيو (۽) هميشه پيا ان ۾ رهو. مطلب ته وڏائي ڪرڻ وارن جي (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
ته (اي رسول) تون صبر ڪر! خدا جو وعدو پڪ سچو آهي. ته جنهن (عذاب) جي اسين کين ڌمڪي ڏيون ٿا جيڪڏهن اسين تو کي تنهن مان ڪجھ ڏيکاريون يا تو کي ئي (ان کان اڳ دنيا مان) کڻي وٺون ته (نيٺ به ته) کين اسان ڏي موٽي اچڻو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ تو کان اڳ ۾ به اسان ڪيئي رسول موڪليا، جن مان ڪجھ ته اهڙا آهن جن جا احوال تو کي ٻڌايا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جون حالتون تو سان دهرايون نه آهن ۽ ڪنهين پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو خدا جي اختيار ڏيڻ کان سواءِ ڪو به معجزو ڏيکاري سگهي پوءِ جڏهن خدا جو حڪم (عذاب) اچي وين ته پورو پورو فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
پڻ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته اوهين انهن تي (چڙهي) پنهنجي مرضيءَ مطابق پهچو ۽ انهن تي ۽ (پڻ) ٻيڙين تي چڙهي گهمو ٿا. |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ اهو (خدا) اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو ته پوءِ اوهين خدا جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي (تعداد ۾) انهن کان گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي پنهنجيون نشانيون (يادگار) ڇڏي وڃڻ ۾ به تمام وڌيڪ هئا پوءِ جو سندن ڪيو ڪرتيو هو سو کين ڪجھ به ڪم نه آيو. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون (معجزا) کڻي آيا ته جيڪو علم (سندن سمجھ ۾)وٽن هو تنهن تي آڪڙيا ۽ جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو کلندا هئا تنهن کين چوڌاري اچي وڪوڙيو. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ ته جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شيءِ کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو. |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب (ايندي) ڏٺائون ته هاڻي سندن ايمان آڻڻ انهن کي ڪجھ به فائدو نه ڏيندو اهو خدا جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس بندن ۾ هلندو ٿو اچي ۽ ڪافر اتي نقصان وارا ٿيا. |