حم (آيت : 1) |
حَقِيقَت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
آهِن ڪتاب قديم مان، هِي اُتارا اِظهار، پاران پَروَر پاڪ جي، سو سَٻر، سَمجھدار، |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
بَديون بَخشِيندڙ، توبه سان، ڪندڙ معاف مَيار، سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گَھڻو، سَدا شاهوڪار، ٻِيو ڌَڻِي، نه اُن کان ڌار، آخِر به اُن ڏي هَلڻو. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
آيتن ۾ اَلله جي، تَن ڌاران، دَڙي نه ڪير، ڦِريا جي فَرمان کان، پِوءِ ڌُتارئـِي نه دِلير! سَندنِ سفر سَير، شَهرِين، بَحرِين شانَ سان. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
اُنهن کان اڳڀرو، ڪوٺِي ڪُوڙي ڳالھ، قوم نوح نِهال، پڻ تَن پُڃاڻا نِپٽ ٻِيا. ۽ هَر پَنٿ پَہ پَچائـِيو ، پَنهنجي پَيغمبر ڪاڻ، تان بَند ڪَنِس ۽ بَحث ٻَڌئون، بِلڪُل باطِل ساڻ، ته ساڻسِ صَفا سَچ کي، هيٺ هَڻِي ڪَن هاڻ، پوءِ پَڪڙِيُمِ اُنهن کي پاڻ، ڏِس قهر مُنهنجو آھِ ڪِيئَن. |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ حُڪم تُنهنجي رَبَّ جو، ثابِت ٿِيو صَحِي، اِهڙِئَ پَر اُنهن مَٿي، جي وِيا، ڪُفر ڏانهن ڪَهِي، آھِ حقَيِقت هِي، ته اُهي آهن ڀاتِي باھِ جا. |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
اُهي، جي کڻن عرش کي، يا چونڪِي سَندسِ چوڌار، وَڙ پَنهنجي والِئَ جا، ڳائـِن نِج نِبار، مَڃِين مُدامِي اُن کي، قَلب ساڻ قرار، مَعافِيون مَڱن اُنهن لئي، جَن آندو اِعتبار، پَنهنجي ٻُجھڻ ۽ ٻاجھ سان، سانَيِم! ربّ، ستار، ڪُل شئِ کي ڪَلتار!، پُورِي پَئـِين پاڻ تون. پوءِ مَرِھ تَن، جي موٽيا، پڻ وَرتـؤن تُنهنجِي واٽ، ۽ ڪَنان آڳ اُساٽ، رک اَمن ۾ اُنهن کي. |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
ڌَڻِيَمِ! داخل تَن ڪَرِين، مَنجھ باغَن بَقادار جَن جا ڏِنئـِي جَھان ۾، اُنهن کي قول قرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جَن چڱا ڪيا ڪَم ڪار، پڻ اُنهن جون عورتون، ۽ سَندنِ پَچاٻار، آهِين تون اِظهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ بَچائـِين بَديُن کان، غالِب، ربَّ غفور! اُنهِئَ ڏينهن، ڏُکن کان جِنهن کي داوَر! رَکِين دُور، پوءِ مَرهئـِي تِنهن کي مُور، ۽ سَڀنِيان وَڏِي سوڀ اِئَ. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
جي ڦِريا، تَن م ڦيربو، پَڙهو اِهڙِئَ پَر، ته آن تي ڏمر ڏاتارجو، آهي وَڏو ويتر، اَنهنجي ڏَمر کان پاڻ تي، جڏهن ڪوٽيا وڃو ڪافِر! مَڃڻ ڏي مُقرّر، پوءِ اَوهين پِيا مَن موڙيو. |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
چي، ماريئـِي اَسان ٻه مَرتبا سانيَمِ ربَّ ستار! ٻه ڀيرا پَنهنجي ڀال سان جِياريئـِي جبّار!، پوءِپَنهنجي پاپن جو، اَسان ڪيو اِقرار، پوءِ ڪا ڏِس ڏاتار! نِڪرڻ ڏانهن نِڪوج مان؟ |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
انهئَ لئي ته اَوهان کي، جڏهن مَنجھ جَھان، هُئو سائـِينءَ هِڪ ڏي سَڏبو، ته ڦِريا کون فَرمان، جڏهن ساڻسِ گَڏيو غير ويو ته آڻيو پيا ايمان، پوءِ آهي حُڪم اَلله جو، جنهن جو اَعَلىٰ آهي شانُ سوئـِي سو سُلطان، وَڏِي وَڏائـِي جو ڌَڻِي. |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اُهو جو ڏيکاري پَنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان قُوت اَوهان جي ڪاڻ، ۽ ڪو نه پِرائي پاڻ، مَگر جيڪو موٽندو. |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ سَڏيو سائـِينءَ هيڪ کي، ڏيندڙ اُن کي ڏان ۽ مَر ته ڀانئـِن مَن ۾، ڪَراهت ڪُفران، |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
اُتم دَرجن جو ڌَڻِي، عَرش سَندو سُلطان، گُهري سَندسِ گولن مان، جَنهِين کي جَلَّ شان، ته اُڇلي پَنهنجي اَمر مان، رُوح اُتِس رَحمان، ته خوف ڏِياري خان، ڏينهن ملڻ، کان ڏيہ کي. |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
اُن ڏِينهن، اُهي سڀ کُليا، مِڙِندا مَنجھ ميدان، اُنهن جي اَلله کان، لک لِڪندِي ڪانه، اَڄ مِڙئـِي مُلڪ ڪِنهن جو؟ اِي ڦيربو فَرمان، ته جُمله جَڳ جَھان، هِڪ قادِر، ربَّ، قهار لئي. |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
مِلندو هَر ماڻهو کي، جيڪِي پورهيو ڪَيائـِين پاڻ، ظُلم ذَري جيترو، اَڄ ڪيو نه وَڃي ڪِنهن ساڻ، صاحب سُرت سُڄاڻ، هِرگز تِکو حِساب ۾. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ ڏاڍي ڏِينهن قيام کان، ڍوليا! تَن ڊِڄار، واتان وَرڻ کي، ويجھڙا، جڏهن هِنيان هِڪِي پارِ، ڏاڍن لئي اُن ڏِينهن ۾، نه گھرو ڪو غَمخوار، ۽ نه داڙُو مَنجھ دَربار، جنهن جِي مِنت کي مَڃيو وڃي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
هڄاڻي چورِي اَک جِي، پڻ جي اَندر مَنجھ اَسرار، |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
الله ته آهي ڪَم ڪندو، حقا حق هزار، تِنهن ڌاران دانهِن جَن کي، سي ڪري نه سَگھن ڪاڪا، سُڻندڙ رَبُّ، سَتار، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا، ڀُون نه گُھميا، ڀورڙا؟ پوءِ نِرتئون ڪَن نِهار، ته ڪِهڙا اِنهيان اڳين جا، ٿِيا پَڇاڙئَ پار، جي ڪَثر هُئا قُوَّت ۾، تَنِين کان تڪرار، پڻ ڀُون ۾ بنگلا باغ ڪَئـِين، چاڙهيون، چِٽ چوڌار، پوءِ قابو ڪيو اُنهن کي، ڏوهن ۾ ڏاتار، پوءِ هُئو نه ڪو تَن هارِ، جھالائُو جَبَّار،کان. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اُهو اِن آڌار تي، سَندنِ نَبِي نُور، اُنهن وَٽ اِيندا هُئا، کَڻِي مُعجزا مَشهور، ڦِريا پوءِ فرمان کان، ڪِينَ مَڃيائون مُور، پوءِ پَڪڙيو اُنهن کي، پَروَر پاڪ حُضور، سو زورا وَر ضَرُور، پڻ سزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ مِهتر مُوسٰى مِير کي، موڪليوسون مُور، پَنهنجي پَڌرايُن سان، پڻ نِشانبر نُور، |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فِرعون، هامان، قارُون ڏي، پوءِ وِڦليا وَهلور، ته هِي جادُوگر ضرور، پڻ قَرارو ڪُوڙن ۾. |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان وَٽان، سَچ سان سو سُڄاڻ، چي، ڪُهو ڪَلها اُنهن جا، آهِن جي اُن ساڻ، پڻ جويُنِ تَن جِيئَدان ڏِيو، گَھرُو ڪَمن ڪاڻ، ۽ پُٺيرن جا پَرياڻ ناهِن مگر مُنجھ ۾. |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فِرعون چَيو فِى الحال، ڇَڏيومِ، ته مُوسٰى مارِيان، ۽ ڀَلي ته سَندسِ سائـِينءَ کي، ڪري سَڏ سُوال، مَٽي مَذهب اَنهنجوا، اِي آهِمِ خوف خيال، يا بِگيڙو بَحال، ڪو ظاهِر ڪري زَمِين ۾. |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
تڏهين مُوسٰى مير چيو، ته پِنان ٿو پَناھ، مُون ۽ اَنهنجي رَبَّ جو، جو آهي سَچو اَللهَ، تِنهن هَٺِئَ کان هَرگاھ، جو مَڃي نه مَحشر ڏينهن کي. |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ تڏهن چَڱائـِئَ طور چَيو، ظاهِر ساڻ زبان، فِرقي مان فِرعون جي، ڪِنهن مُؤمِن مُسلمان،جنهن مخفِي رکيو مَن ۾، اڳ پَنهنجو اِيمان، ڇا مارِيو ٿا مَرد کي؟ جنهن جو فقط هِي فرمان، ته مُنهنجو مِهربان، اَلله جَلَّ جَلالہٗ. ۽ آندئـِين اَنهنجي رَبَّ کان، حُجتون هَرباب، ۽ ڪُوڙ به سَندسِ ڪَنڌ تي، جي ڪُوڙو آھِ ڪَذاب، ۽ جي صَحِي سَچو آھِ سو، نُورانِي نَواب، ته ڪُجھ اَوهان تي ڪَڙڪَندو، اُنِهئَ مان عَذاب، اَوهان کي، اَنجام ڏِئي، جنهن جو پاڪ جناب؛ واھ نه ڏَسي وَهاب، هَر وِڦِليندڙ وَهلور کي. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
آهيو زور زمين ۾، عزيزو!، اَڄ ڪالھ، پوءِ ڪير خدا جي قهر کان، لهندو سون سار سنڀال، جڏهن سو جنجال اَسان سِر اَچِي وِيو. فِرعون سَندسِ فِرِق کي، پاٻوهيو اِن پَر، آئون اوهان کي ٿو ڏَسيان، ڀانيان جو بهتر، ۽ مُور نه ڏَسيان مگر، وَهِين اوهان کي واٽِڙي. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ جو وِسهيو، تِنهن وَراڻيو، ته مُنهنجِي قوم ڪُلال! آئون اوهان تي ٿو رکان، دِل ۾ خوف خيال، ڪنان هيڻي حال، ڏِينهن ڏُکيري ٽوليِين. |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
ڪار قوم نُوح جِي، ڪِ عذاب عاد، ثمود، ۽ ڪِ مُنڪر ٻِيا مَردُود، تَن بعد، جي بَرباد ٿِيا. ۽ سائـِين سَندسِ ٻانهن سان، ظُلم نه گُھري ذَرو، |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ عزيزو! اوهان مٿي، ٿو ڀانيان خوف کَرو، ڏاڍو ڏِينهن ڳَرو، قِيامت جي ڪوٺ جو! |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
پانهِين پُٺين باھ ڏي، وارِبا جنهن وار، ڪونهِي اَنهنجو اُن ڏِينهن ۾، ڪو جھالُو کان جبّار، ۽ هادِي نه ڪو تِنهن هارِ، جنهن کي مالِڪ کڻِي مُنجھائيو. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ يُوسف اڳ ۾ آيان، پَڌراين سان پَڪ، پوءِ آندئـِين جيڪِي، اُن هُئا هميشه مَنجھ شَڪ، گوهر جڏهن گذاريو، ته ڀورا! ٻَڌايان بَڪ، ته آگو آخِرتَڪ، تِنهن بَعد، نه مُرسل موڪلي. پَروَر اِنهئ پَر، سَئـِين نه سُهائي اُن کي، جو اَجايو اَبتر سدا شِڪار شَڪ جو. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪن تڪرار، سوا سچِي ثابـتِي، جا آئـِي اُنهن پارِ، ۽ وَڏِي ٿِي ڏَمر ۾، وَٽ ڏيهن جي ڏاتار، ۽ پڻ اُنهن وَٽ، جَن آندو اِعتبار، ۽ اِيئن مالِڪ ٿو مُهر هڻي، تِنهنجي قلب تي، ڪلتار، جو خودِي مَنجھ خوار،، پڻ ڪندڙ ڏاڍايون ڏيہ ۾. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ تڏهن هَڪل ڪئـِي هامان کي، فِرعون بي فرمان، ته جلد جوڙ مون لئي، ڪو مَٿاهون مَڪان، ته پُهچان چَڙهِي چاڙيِين، |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
جي سَنديون آسمان، پوءِ مُوسٰى جي مالِڪ کي، معلوم ڪريان مانَ!، آهِمِ اِي گـمُان، ته اُهو ڪُوڙو آهي قول ۾. ۽ بَدفِعل سَندسِ فِرعون کي، اِنپر پياپَسند، ۽ هدايت ۽ حق جي، روڪيو ڪنان رَند، ۽ فرعون جا فند ناهِن مگر نُقصان ۾. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
وَرِي تِنهن وَراڻيو، جنهن آندو اِعتبار، ته رَهو عَزِيزو مُهنجا!، تهدِل تابِعدار، ته آن کي چڱِئَ پار، وَهِين لائـِيندِس واٽڙِي. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي عزيزو مُنهنجا!، سُڻو سَماچار، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، وَٽابو ڪا وار، آهي اڳيان جَھانَ ٻِيو، جائـِي جاءِ قرار، |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جنهن بُڇڙا ڪَم ڪيا، تنهن کي نه مِلي تڪرار، مگر برابر بَدِئ جي، بَرسِر بَدلو بار، ۽ جنهن چَڱٖي چڱا ڪم ڪيا، نَر هُجي يا نار، بيشڪ ٿِيندا بهشت ۾، اُهي داخِل دِل قرار، ڳڻڻ کان ٻَهار، ڏِبن اُنهِئ ۾ ڏاتيون. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي ڪُڙم، قَبِيلا مُنهنجا! مون لئي ڪِهِڙي ڪار؟ ته آئون اوهان کي ڪوٺيان آخِر آزادِئَ پار، ۽ اَوهِين اُٽلو آگ ڏي، ڪوٺيو مِ ٿا ڪُفار!، |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
ڪوٺيومِ ته ڪرين، اَللهَ کان اِنڪار، ۽ ڪريان آئون اُن سان، ڀيڙا ڀائيوار، مُون کي ناهي مُورهِين، جَن جو پتو پار، ۽ آئون ڪوٺيانـوَ برقرار، غالِب ۽ غفار ڏي. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
اَوهين مون کي اُن ڏي، ڪوٺيو ٿا ڪُفار! هِن ۽ هُن جھان ۾، ڪوٺڻ نه جنهن جو ڪار، ۽ اسان مِڙن کي موٽڻو، آهي پَروَر پارِ، ۽ آهِن ڀاتِي باھ جا، بيقاعدا بدڪار، |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
اکر اوهان کي ٿو چوان، جي چڱائئَ جا چار، تڪڙو پوءِ تڪرار، سڀ سارِيندا اِن ڳالھ کي. ۽ پَنهنجو ڪم ڪَرِيم کي ، آئون سونپيان ٿو سارو، ٻانَهن ٻِپارو، ڏسندڙ آهي، ڏيہ ڌڻِي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ جيڪِي رِٿون رِٿيئون، تن کان اَمن ڏِنسِ اَللهُ، ۽ فِرعون تان فوج سان، اُٿلِي پِيو اوڙاھ، |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
صُبح، سانجِھي آڻِجن بَرسِر مٿي باھ، ۽ قِيامت قائـِم ٿِئي، جڏهن مٿي سِر صُباح، مَنجھ اَڙانگي آڙاھ، فورًا گِھڙو سڀ فِرعونيو!، |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ جڏهن جَھَنَّم وِچ ۾، ٻَڌن ٻائيتال، ته هِيڻا هَٺِيلن کي، چوندا اِهڙِئَ چال، ته اَسِين تابِع اَنهنجا، هوا سون هَر حال، پوءِ اَڄ اَسان تان، آگ مان ڀاڱو ڪو بحال، مَٿي تي مَتوال! اوڍڻ وارا آهيو؟ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
جَن پَڏايو پاڻ کي، تَن چيو سُڻِي سُوال، ته آهيو پاڻ آگ ۾، هيڪاندا هر حال، بَندن وِچ بَحال، سائـِينءَ نِياءُ نِبـيريو. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دَربانن کي دوزخ جي، ڪيون وينتيون تِنهن وار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ٻاڏايو ٻِيهار، ته هَلڪو ڪري هيڪار، ڏُک اَسان تان، ڏِينهن ڪو. |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
چي، آيان ڇا، نه اَوهان جا، نَبِي نامدار؟ کڻِي خُداپاڪ کان، نِشانيون نِروار، آنہ، چيائون اُنهن کي، وَراڻيون تِنهن وار، پوءِ وَڻي تِئين وينتيون، ڪريو کي ڪَلتار، ۽ ڪِير تون ڪُفار، ناهِن، مگر نُقصان ۾. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
پَنهنجي پيغمبرن کي، اَسِين ڏِيون آڌار، هِن ۽ هُن جھان ۾، پڻ جَن آندو اعتبار، پڻ بِيهندا بَرقرار، جنهن ڏينهن شاهِد سامهان. |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
سندن ميڙيون، منتيون، زاريون زارو زار، ۽ حيف تنين هار!، ۽ تن لئي، گھر به گھڻو بڇڙو! |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ ڏنِي سون مُوسىٰ مِير کي، هِدايت هر باب، ۽ اسرائـِيل جي اولاد کي، ڏِنوسون بِه، ڪِتاب، |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
سُونهون بَرصواب، ۽ سبق سَٻوجھن لئي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ سَھ، ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرقرار، پڻ پڇتائي پانهنجا، بَخشائـِج، تون بار، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ جي ساراھ کي، ڌارِيَن گڏڻ ڌار، ڳائـج نِج نِبار، سَدا صُبح ۽ شام ۾. |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
آيتن ۾ اَلله جي، جي تڙيل ٻَڌن تڪرار، سوا سَچِي ثابتِي، جا آئـِي اُنهن پار، سِينن سَندنِ ۾ ناھِ ڪِي، خالِي خُوئَ ڌار، جنهن کي پاڻ نه پُهچڻا؛ پوءِ جَھل اَلله جِي آڌار، سُڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙسار ڏيھ کي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
هِي هيڏا اُڀ ۽ ڀُون، بَنائـِڻ بَحال، بَنائـِڻ کان ماڻهن جي، آهِن ڳَرِي ڳالھ، پَر گَھڻا خام خيال، ماڻهو نه سَمجھن مُورِهين. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ اَنڌو نَه سَڄي مَٽ ٿئي، پڻ آندو جِنهن ايمان، ۽ ڪيائين ڪم چڱا، پڻ بَدعمل اِنسان، نصِحيت مان نادان!، ٿورا ٿا پرائيو! |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، پَر آڻِين نَه اِيمان، ماڻهو گھڻا، مُورهين. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ تُنهنجي پَروَر، پاڻ چيو، ته مون کي سَڏيو مُور، ته ضَرُور تون ضَرُور، ڪريان پُوريون ڪَرم سان. مُون کان مُرادون گھرڻ ۾، جي غافل ڪَن غُور، ته ذِلت ساڻ ضرور، داخِل دوزخ ٿِينِ، سي. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
اَلله جلّ جلالہٗ، آهي سو اِظهار، جنهن جوڙيو آن لئي، رات کي، ته ڪريو مَنجهسِ قرار، ۽ ڏيکارِيندڙ ڏيہ ۾، ڏِينهن ڪيو ڏاتار، آهي آدمِيَن تي، ڪَرم ڪندڙ ڪَلتار، پَر آدمِي اپار، ڀال نه ڳائـِن ڀورڙا! |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اُهو اَلله ڌَڻِي اَوهان جو، سڀ جوڙون جوڙڻهار، قائـِم ناهي ڪِٿهِين، ڌاران تِنهن دَرٻار، پوءِ ڪُوڙا! ڪهڙي پار، ڦيريا وَڃو فريب سان؟ |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اڳ پڻ هُئا اِيئن ڦيربا، ڏيئـِي ڌَمن مَٿي ڌَم، سَندا قادِر ڪم، جي هُئا مَڃِيندا نه مُورهِين. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
اَلله جَلَّ جَلالہٗ، آهي سو اِظهار، اَنهنجي ڀَلي لئي ڀُؤنءَ کي، ڪيائـِين جاءِ قَرار، پڻ ڇِت ڪيائين اُڀ کي، ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ سوچي اَنهنجون صُورتون، جوڙيون جوڙڻهار، سُونهن اوهان جي صُورتِين ڏِني پوءِ ڏاتار، ۽ رازِق روزگار، ڏِنان مال حَلال مان، اُهوئـِي اَللهَ، آگو آھِ اَوهان جو، واڌُو ٿِيو وَھ وَاھ، پالڻهار، پِر ٿڻِين. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
سو سَدائين جيئرو، ڌڻِي نه اِنهيان ڌار، پوءِ سَڏيوسِ، شيوا اُن جِي ڪندڙ نِج نِبار، ساراھ رَبَّ، ستار، جو پالڻهار، پِرٿڻِين. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
چئو، مون کي منع هن ڪنان، ته ڏِيان تَن کي ڏان، جَن کي سوڙِهئ ۾ سَڏيو، سوا ربَّ، سُبحان، جڏهن آيمِ آيتون پَڌريون سَندمِ ربَّ، کان رحمان، ۽ مُون کي، مِليو ڌُر ڪنان، فقط هِي فرمان، جو صاحب سڀ جھان، رَهان سلامِي تِنهن سَندو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اُهو سو اَوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جنهن جبار، پوءِ پاڻِي، پوءِ پِن مان، جوڙيائـِين جِنسار، پوءِ نِپٽ اوهان کي، نَنڍڙو، ٻاهر ڪيائـِين ٻار، پوءِ پَهچو پَنهنجي زور کي، بالِغ برقرار، وَرِي پوڙها، پِيرسن ٿيو، تنهان پوءِ تڪرار، ۽ ڪي اوهان مان اڳ ڪري، پُورا پالڻهار، ۽ تان پَهچو پويِين پَهر کي، ٻَڌل ڏِينهن ٻِيهار، ۽ اِهو سَڀ اِن هار، ته پُرجِھي مانَ پَروڙِيو! |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
ماري، جِياري سو ڌڻي، جڏهن ڪرڻ گُھري ڪو ڪم، ته پوءِ هِڪدم ڏِئيسِ حُڪم “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پَوي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
ڪِ نه ڏٺئي؟ تَن جا پار، ته آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪَن تڪرار، سي ڪيڏانهن وڃن واريا؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
ڪُوڙو جَن ڪِتاب چيو، پڻ سي حُڪم حُضور، پنهنجي پيغمبرن تي، موڪلياسون مُور، پوءِ سمجِھي وِيندا سِگهڙي، پوندِيَن سَڀ پَرُوڙ، |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن هُوندِن ڳَٽ ڳِچيَن ۾، ۽ پڻ زَنجِير ضَرور، جَن سان گِھربا کرم ڏَي، مُنهَنْ ڀَر مَجبُور، |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
وَرِي وَرِي وَهلور، ٽانڊي مَنجھ ٽهڪائـِبا. |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
چَئبنِ وَرِي تنهن وار، واهِر، وَسِيلا سي ڪٿي؟ ڌَڻِئَ ڌاران جَن کي، ڀانيان ڀائيوار، |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
وو وو! وِيا اَسان کان، ٻوليائون ٻِيهار، بَلڪ اَسان اڳ نه ڪئـِي، ڪنهن کي پَٽيِين پُڪار، ته اِن پَر پالڻهار، ٿو مَت مُنجھائي مُنڪرِين. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
اِن تان ته مَنجھ زمين، ذرو ظاهِر حق ري، ڪندا کِلون کيل هُئا، پڻ ڪُڏندا مٿي ڪِين، |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
دوزخ جي دَرن مان، گِھڙو گِھڙو غمگِين، سدا ساڪِن اُن ۾، هِيڻو حال حزِين، پوءِ بُڇڙو بِالْيَقِين، مَغرُورن لئي ماڳ سو! |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ سَھ ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرِقرار، پوءِ يا توکي جِيئري، سو ڏيکاريون ڏَهڪار، اُنهن کي، جنهن عذاب جو، ٿا ٻوڙيون ٻِيهار، يا پورا ڪريون پاڻ اڳي، تُنهنجا ڏِينهن تڪرار، پوءِ آخر اَسان پارِ، اِهي مِڙئـِي موٽائبا! |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ مُرسل توکان، مَهند ڪَئـِين، موڪلياسون مُور، ڪيوسون اُنهن مان، ڪِن جو، توسان ذِڪر ضَرُور، ۽ توسان نَبِي نُور!، ڪيوسون نَه قِصو ڪِن جو. ۽ مُور نه ڪِنهن مُرسل کي، اِهو اِختيار، ته حُڪم ڌڻِئ جي ڌار، ڪري ڪَرامت مُعجزو. اَچِي اَمر اَلله جو، وارِد ٿيو جنهن وار، عدل ۽ انصاف سان، جارِي ڪيو جبار، ۽ بيهُودا، بيڪار، هُت وِيا هَٿِيڪو هار جِي. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
آهي، اُو الله، جِنهن ڌَڻ اوهان لئي ڌاريا، تان چَڙهو ڪِن تي، ۽ ڪِن مَنجھان، کائو مَزي سان ماھ، |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
پِيا پڻ آهِن اُنهن ۾، ڪي وَٽابا وَهواھ! تان مَٿنِ اَنهنجي مَن ۾، حاجت، جا هَمراھ!، اُن کي آسانِئَ سان، رَسو وَٺِي راھ، بَر ۾ باد اُن مَٿي، ۽ دَنگيون مَنجھ دَرياھ، کڻو خاطِر خواھ، وَکر وِلايَتن ڏي. |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ آن کي پَنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، پوءِ ڪريو ٿا اِنڪار، قادِر جي ڪِنهن ڪم کان؟ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا، ڀُون نه گُھميا ڀورڙا؟ پوءِ نِرتًا ڪن نِهار، ته آخر اِنهيان اڳـيَن سان، ڪِهڙي ٿِئـِي ڪار، جي گھڻا گھاٽا اُنهن ڪنان، هُئا لَک هزار، پڻ زياده زور ۾، ۽ ڏاڍا مَنجھ ڏَهڪار، ۽ ڀُون ۾ بَنگلا باغ ڪَئـِين، نِشانيون نِروار، پوءِ، جي ڪيائون ڪم ڪار، تن ڪيو نه آسُودو اُنهن کي. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن آين اُنهن جا، مُرسل مڻيان دار، کڻِي خُدا جي پار، کان نِشانِيون نِروار، جيڪِي اُنهن وَٽ هُئو علم مان تِنهن تي باغ بهار، ۽ جيڪِي کِلندا هُئا خوار، سو اَچِي ڪڙ ڪيو اُنهن مٿان. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن ڏِٺئون عذاب اَسان جو، ته وراڻيؤَن تِنهن وار، مڃيوسون مالڪ هيڪڙو، واحدُالْقَهَّار، ۽ ٿياسون تَن ٿانن کان، ڀَڄِي اَڄ بيزار، ڪَنداهُئاسُون ڪَمن ۾، جَن کي ڀائيوار، |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ هُئو نَه، مَڃڻ اُنهن جو، ته ڏينِ وَٽابو وار، جڏهن ڏِٺئون عذاب اسان جو، نيڻ سان نِروار، اِي پَر پرور پاڪ جِي، پُراڻِي هر پار، جا گُذرِي سَندسِ گولن ۾، بيشڪ باروبار، ۽ ڪُوڙا ڪُل ڪُفّار، وِيا هِتي سَڀ هارِجي! |