حم (آيت : 1) |
حم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله جي طرفان آهي |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
جو زبردست (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ، گناهه معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق نه آهي. ان ڏي ئي موٽڻ آهي. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن ۾ ٻيو ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري. پوءِ اي پيغمبر! انهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ نوح جي قوم کان پوءِ جماعتن(پيغمبرن کي) ڪوڙو چيو. ۽ سڀ ڪنهن جماعت پنهنجي رسول جو ارادو ڪيو ته ان کي پڪڙين ۽ انهن اجاين ڳالهين سان جهڳڙو ڪيو ته ان سان حق کي ناس ڪن پوءِ مون انهن کي ورتو پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي. |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو ته اهي دوزخي آهن. |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن سي پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ مٿس ايمان آڻن ٿا ۽ ايمان وارن لاءِ معافي گهرن ٿا. (چون ٿا ته) اي اسان جا پاليندڙ! سڀڪا شيءِ تنهنجي رحمت ۽ علم ۾ سمايل آهي پوءِ جن توبه ڪئي، ۽ تنهنجي رستي جي تابعداري ڪئي تن کي معاف ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جاپاليندڙ! ۽ انهن کي رهڻ جي باغن ۾ داخل ڪرجن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿئي ۽ جيڪي سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽سندن اولادن مان سڌريا تن کي به (انهن ۾ داخل ڪر !) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ کين بڇڙائين (جي سزا) کان بچاءِ! ۽ جنهن کي ان ڏينهن بڇڙائين (جي سزا) کان بچائيندين تنهن تي تو مهرباني ڪئي، ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويندو هو پوءِ اوهين انڪار ڪندا هئا، الله جي (اها) ڪاوڙ اوهان جي (انهيءَ) ڪاوڙ کان جيڪا پاڻ تي اٿوَ گهڻو وڏي آهي. |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
اهي چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان کي ٻه ڀير ا ماريو ۽ ٻه ڀيراجياريو سو (هاڻي) اسان پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو ڇاپوءِ (هاڻي هتان) نڪرڻ جوڪو رستو آهي |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(چئبن ته نه ۽) اهو هن ڪري جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. پوءِ (اڄ) تمام مٿاهين وڏي الله جوئي حڪم آهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
هو اهوئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي لاهي ٿو ۽ (اهڙين ڳالهين ۾ ) اهوئي ڌيان ڪري ٿو جيڪو الله ڏي رجوع ٿئي ٿو. |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ (اي مسلمانو !) الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو توڙي جو ڪافرن کي بڇڙو لڳي. |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
(اهو) بلند درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري ٿو تنهن تي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو هن لاءِ ته (اهو ٻانهو) ماڻهن کي (الله جي) ملڻ جي ڏينهن کان ڊيڄاري |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
جنهن ڏينهن اهي قبرن مان ٻاهر نڪرندا سندن ڪابه شيءِ الله کان ڳجهي نه رهندي. (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ (وري پاڻ ئي جواب ڏيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي. |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪو ڪيو هوندائين تنهن جو بدلو ڏنو ويندو. اڄ ڪو ظلم نه آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ (اي پيغمبرﷺ!) کين ويجهي اچڻ واريءَ مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جنهن ڏينهن دليون نڙ گهٽن جي ويجهو ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جنهن جي ڳالهه مڃجي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
اکين جي خيانت کي ۽ جيڪي سينا لڪائين ٿا تنهن کي (الله) ڄاڻي ٿو. ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ جن کي ان کانسواءِ سڏين ٿا سي ڪجهه به فيصلو نه ٿا ڪن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳي هئا، اُهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ کين الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪوبه نه هو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون آڻيندا هئا پوءِ انڪار ڪيائون ان ڪري الله کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ ظاهرحجت سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو پوءِ انهن چيو ته (هي) ڪوڙو جادوگر آهي. |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن وٽن اسان وٽان حق کڻي آيو تڏهن چيائون ته جن ساڻس ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيو. ۽ ڪافرن جي تدبير ته بيڪار ئي آهي. |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فرعون (درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسي ٰ کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي پاليندڙ کي سڏي. بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ظاهر ڪري. |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
۽ موسيٰ چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هٺيلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن کي نه ٿو مڃي، پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي. |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو، تنهن چيو ته (اوهين) هڪ مڙس کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا ڇا جو هو چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي هوڏانهن اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر نشانيون کڻي آيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي ۽ جيڪڏهن سچو آهي ته اوهان سان جيڪو وعدو ڪري ٿو تنهن مان ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي پهچندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
۽ اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پوءِ الله جي آفت جيڪڏهن اسان تي آئي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو ته اوهان کي اهو ئي (رستو) ڏيکاريان ٿو جو آءُ سمجهان ٿو ۽ اوهان کي سڌو رستو ئي ڏيکاريان ٿو. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
اوهان تي (اڳين) جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان. نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کانپوءِ هئا تن جهڙي حال کان. ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه ٿو گهري |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي کي سڏڻ جي ڏينهن (قيامت) کان. |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏيئي ڦرندو. اوهان کي الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن کي ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ يوسف هن کان اڳ اوهان وٽ ظاهر نشانيون کڻي آيو پوءِ هميشه اوهان ان ۾ شڪ ۾ رهيو جنهن کي اوهان وٽ آندو هئائين (ايستائين جو مري ويو) نيٺ جڏهن مئو تڏهن اوهان چيو ته ان کان پوءِ الله ڪنهن به رسول کي نه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله انهن کي گمراهه ڪري ٿو جيڪي حد کان لنگهندڙ شڪ ڪندڙ آهن. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (ڪنهن به) ثابتي کانسواءِ جا وٽن آئي هجي. (اهو جهڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح الله (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي مُهر هڻي ٿو. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ فرعون چيو ته اي هامان! مون لاءِ هڪ محل بناءِ ته جيڪي آسمانن (تي چڙهڻ) جا رستا آهن تن رستن کي مَنَ آءُ پهچان |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
پوءِ موسيٰ جي معبود کي آءُ نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسيٰ کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ کيس رستي کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو تباهيءَ ۾ هئي. ۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
اي منهنجي قوم! منهنجي چوڻ تي هلو آءُ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي حياتي ٿوري سامان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي رهڻ جو گهر آهي. |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن کي ان جهڙوئي ئي بدلو ڏنو ويندو، ۽ جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو هجي ته اهي (ماڻهو) جنت ۾ داخل ٿيندا کين ان ۾ بنا حساب روزي ڏني ويندي. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿيو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باهه ڏي سڏيو ٿا. |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) معاف ڪندڙ ڏي سڏيان ٿو. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا تنهن کي نه دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جو حق آهي. ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏي آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
پوءِ جيڪي اوهان کي چوان ٿو تنهن کي ياد ڪندو ۽ آءُ پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو. بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ جيڪي رٿون رٿيائون تن جي بڇڙاين کان الله ان کي بچايو ۽ فرعون جي ماڻهن تي بڇڙو عذاب اچي ڪڙڪيو. |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
(اها) باهه آهي جنهن جي سامهون صبح ۽ شام کين آندو وڃي ٿو، ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (اسين حڪم ڪنداسون ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت عذاب ۾ داخل ڪريو. |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن باهه ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا پوءِ ضعيف هٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوهان جا تابعدار هئاسون ڇا پوءِ اوهين اسان کان باهه جو ڪجهه حصو ٽارڻ وارا آهيو؟ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
هٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون. بيشڪ الله ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دوزخي دوزخ جي چوڪيدارن کي چوندا ته اوهين پنهنجي پاليندڙ کي عرض ڪريو ته ڪنهن ڏينهن اسان تان عذاب هلڪو ڪري. |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
اهي چوندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا رسول ظاهر نشانيون کڻي نه ايندا هئا؟ دوزخي چوندا ته هائو. (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوهين پاڻ) پڪاريو ۽ ڪافرن جو پڪارڻ ته بيڪار ئي آهي. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بيشڪ اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ مدد ڪريون ٿا ۽ جنهن ڏينهن شاهد (شاهدي ڏيڻ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به مدد ڪنداسون) |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو فائدو نه ڏيندو ۽ انهن لاءِ لعنت هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر هوندو. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي هدايت ڏني ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون، |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ (اي پيغمبر) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي گناهه جي معافي گهر ۽ صبح ۽ شام جو پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪر! |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن ۾ ڪنهن به ثابتيءَ کان سواءِ جا وٽن آئي هجي جهڳڙو ڪن ٿا، تن جي سينن ۾ رڳو وڏائي آهي جنهن کي اهي پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون الله جي پناهه گُهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پرگهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه ٿا ٿين ۽ نه ڪي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ۽ برائي ڪرڻ وارا (برابر آهن پر) اوهين بالڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃين. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ (اي ماڻهو !) اوهان جو پاليندڙ فرمائي ٿو ته مون کان دعا گُهرو ته آءُ اوهان جي دُعا قبول ڪريان. بيشڪ جيڪي منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي جهنم ۾ گهڙندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي اهڙو جوان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
(اي ماڻهو !) اهو الله اوهان جو پاليندڙ سڀ ڪنهن شئي جو پيدا ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي پوءِ ڪيئن اُبتا وڃو ٿا. |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اهڙي طرح (سڌي رستي کان) اهي ڦيرايا وڃن ٿا جيڪي الله جي آيتن جو انڪار پيا ڪن. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽اوهان جون شڪليون بنايائين پوءِ اوهان جون شڪليون به تمام چٽيون بنايائين ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي. پوءِ الله جهانن جون پاليندڙ وڏيءَ برڪت وارو آهي. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهوئي جيئرو آهي ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
(اي پيغمبر !) کين چؤ ته الله کان سواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي پوڄڻ کان (ان وقت) مون کي روڪيو ويو آهي جنهن وقت منهنجي پاليندڙ جي طرفان مون وٽ ظاهر نشانيون آيون. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جو فرمانبردار ٿيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو وري (جيئرو رکي ٿو) ته اوهين پنهنجيءَ طاقت کي پهچو وري (جيئرو رکي ٿو) ته ٻڍا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو ان کان اڳ مري ٿو ۽ (اوهان کي هن لاءِ جيئرو رکي ٿو) ته مقرر مدت کي پهچو ۽ مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
هو اُهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ! ته اهو ٿي پوي ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
(اي پيغمبر !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، ڪٿان ڦيريا وڃن ٿا؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
(اهي اُهي آهن) جيڪي (هن) ڪتاب کي ۽ جنهن شئي سان اسان پنهنجن رسولن کي موڪليو تنهن کي ڪوڙو ڪن ٿا، پوءِ (پنهنجي حال جي حقيقت کي ان وقت) ڄاڻيندا |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ هوندا |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
۽ زنجير به گرم پاڻيءَ ۾ گهليا ويندا، وري باهه ۾ وڌا ويندا، |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
وري کين چيو ويندو ته الله کانسواءِ جن (شين) کي شريڪ ٺهرائيندا هئا، سي ڪٿي آهن؟ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
هو چوندا ته اُهي اسان کان گم ٿي ويا آهن پر اسين هن کان اڳ ڪنهن شيءِ کي به نه سڏيندا هئاسون. اهڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گمراهه ڪري ٿو. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
(۽ کين چيو ويندو ته) اها (سزا) هن ڪري آهي جو اوهين زمين ۾ ناحق خوش ٿيندا هئا |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
۽ هن ڪري جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا. (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو ان ۾ پيا رهو. پوءِ اها هٺيلن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ (اي رسولﷺ!) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ جو وعدو انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان جيڪڏهن توکي ڪجهه ڏيکاريون يا (ان ڏسڻ کان اڳي) توکي ماريون ته (هر حالت ۾ ) انهن (ڪافرن) کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ اسان توکان اڳ ڪيترا رسول موڪليا، انهن مان ڪي اهي آهن جن جو حال اسان توکي ٻڌايو ۽ انهن مان ڪي اُهي آهن جن جو حال اسان توکي نه ٻڌايو. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪا نشاني آڻي. پوءِ جڏهن الله جو حڪم آيو ته انصاف سان فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته انهن تي چڙهي ڪنهن مطلب کي پهچو جو اوهان جي دلين ۾ هجي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي کنيو وڃي ٿو. |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ الله اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ الله جي ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪريو ٿا. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا پوءِ اهي (ماڻهو) زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اهي انهن کان گهڻا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون کڻي آيا (تڏهن) وٽن جيڪو علم هو تنهن جي ڪري خوش ٿيا. ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪي. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون تڏهن چيائون ته اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شئي کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو. |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏهن) کين (ان وقت آندل) سندن ايمان فائدو نه پهچايو. (اهو) الله جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي، ۽ اتي ڪافر نقصان وارا ٿيا. |