حم (آيت : 1) |
حا- ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
هي ڪتاب انهيءَ الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
(اهو الله) خطائون ڍڪيندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي ۽ توبهه قبول ڪندڙ آهي، (پر جيڪي توبهه ڪري سڌيءَ واٽ ڏي نٿا موٽن تن کي) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. ۽ پهچ وارو آهي، (يعني هر حال ۾ هر هنڌ سندس نظر، عمل ۽ طاقت پهچي ٿي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون ته تنهنجا هٿ ڊگها آهن) کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ ڪرڻي ناهي) سڀني کي آخر وٽس ئي وڃڻو آهي. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
(الله تعاليٰ جون نشانيون بلڪل چٽيون آهن) فقط اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت جهڳڙا ڪندا رهن ٿا جيڪي (خود غرضي ۽ تڪبر سببان حقيقتون سمجهي نٿا سگهن يا ضد ڪري) انڪار ڪيون ويٺا آهن. سو (اي پيغمبر!) ائين نه ٿئي جو شهرن ۾ هنن ماڻهن جو آڪڙ ۽ وڏائي سان گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ وجهي ) ته هي طاقت وارا آهن ۽ مغلوب نه ٿيندا. هو ضرور تباهه ٿيندا يا اسلام تي ايندا.) |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
(ڏسو) هنن کان اڳي حضرت نوح جي قوم به (الله جي آيتن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن به ساڳيءَ طرح ڪيو ۽ سڀني امتن پنهنجن رسولن جي خلاف منصوبا ٺاهيا انهيءَ لاءِ ته کين پڪڙي جهلين (۽ ناڪامياب ڪن) ۽ باطل دليلن (۽ حيلن) سان ساڻن جهڳڙا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح حق کي ڍڪي ڇڏين. (پر هو ناڪامياب ٿيا ڇو ته) مون ئي هنن جي پڪڙ ڪئي، سو ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي. |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن تي اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جو حڪم يا قول سچو ثابت ٿيو. اهو حڪم يا قول هي هو ته يقيناً هو دوزخي آهن (۽ دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ عذاب ڏسندا). |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي الله جو عرش کڻندڙ آهن ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن سي پنهنجي پروردگار جون اعليٰ صفتون بيان ڪندڙ آهن (۽ عملي طرح اسلامي نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن) منجهس پورو پورو ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ (ڪوتاهين جي) معافي گهرن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر چيز کي پهچي ٿو. سو (اي پروردگار!) جيڪي مؤمن توبهه ڪن ٿا (يعني بديءَ جي واٽ ڇڏي) تنهنجي (ڏيکاريل) واٽ تي هلن ٿا تن کي بخش ۽ کين جهنم جي عذاب کان بچاءِ. |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
(۽ وڌيڪ چون ٿا ته،) اي اسان جا پروردگار کين دائمي باغن ۾داخل ڪر جن جو تو ساڻن واعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولاد مان جن نيڪ ڪم ڪيا تن کي به (دائمي باغن ۾ داخل ڪر) بيشڪ تون وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ (هيئن به چون ٿا ته) کين برائين کان بچاءِ، ۽ جن کي تون انهيءَ ڏينهن برائين کان بچائين تن تي تو بيشڪ وڏي رحمت ڪئي. ۽ اهائي عظيم ڪاميابي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي پڪاري چيو ويندو ته الله جي بيزاري گهڻي وڏي هئي اوهان جي انهيءَ بيزاريءَ کان جيڪا (هاڻي) اوهان کي پاڻ کان آهي. هن ڪري جو توهان کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي ۽ توهان انڪار ڪندا هئو. |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
اهي (ڪافر) چوندا ته، اي اسان جا پروردگار تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا جيئاريو، اسان (هاڻي) پنهنجا گناهه مڃون ٿا (ته بيشڪ اسان گنهگار هئاسين) سو هاڻي هتان نڪرڻ لاءِ (۽ عذاب کان بچڻ لاءِ) آهي ڪو رستو؟ (نه بلڪل ڪونهي). |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(کين چيو ويندو ته) هيءَ حالت (۽ عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن هڪ الله کي پڪاريو ويندو هو تڏهن توهان انڪار ڪندا هئو ۽ جڏهن ساڻس ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو تڏهن ايمان آڻيندا هئو. سو (هاڻي ڏسو ته توهان ڀليل هئو ۽) حڪومت ۽ حڪم فقط الله جو آهي جو سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان وڏو آهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
(اي انسانو! ٻڌو ۽ خبردار ٿيو!) اهوئي (الله) آهي جو اوهان کي پنهنجون نشانيون (هدايت ڪرڻ لاءِ) ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان اوهان جي لاءِ رزق نازل ڪري ٿو، پر فقط اهي نصيحت وٺن ٿا (پنهنجو فائدو ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا) جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا (۽ سندس ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا، ٻيا تباهه ٿي ٿا وڃن). |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن. |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
اهو عرش جو مالڪ (ڪائنات جو بادشاهه) وڏا درجا (۽ مرتبا) ڏيندڙ آهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن ڏي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته جنهن (قيامت جي) ڏينهن سڀ ماڻهو گڏ ڪري ملايا ويندا الله تعاليٰ وٽ پيش ڪيا ويندا تنهن ڏينهن بابت (ماڻهن کي) خبردار ڪري ڇڏي. |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
انهيءَ ڏينهن جڏهن سڀ ماڻهو (قبرن مان) نڪري نروار ٿيندا تڏهن سندن بابت ڪابه ڳالهه الله تعاليٰ کان لڪل نه رهندي. (۽ نعرو هڻي پڇيو ويندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (هرڪو چئي ڏيندو ته) بيشڪ حڪومت انهيءَ هڪ الله جي آهي جو سڀني تي غالب آهي. |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس ڪئي ڪمائي موجب بدلو ڏنو ويندو، ۽ انهيءَ ڏينهن ڪابه بي انصافي ڪانه ٿيندي، يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي انهيءَ ويجهي ايندڙ ڏينهن بابت خبردار ڪري ڇڏ جنهن ڏينهن دليون نڙي ڏي چڙهي ان کي گهٽينديون (۽ هو ڳالهائي نه سگهندا) انهيءَ ڏينهن ظالمن لاءِ ڪوبه هڏ ڏوکي يار ڪونه هوندو، نڪو ڪو اهڙو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
هو (يعني الله تعاليٰ) اکين جي خيانت به ڄاڻي ٿو. |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله تعاليٰ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪري ٿو (۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو) پر جن کي ماڻهو خدا تعاليٰ کان سواءِ پڪارين ٿا سي ڪوبه فيصلو ڪونه ڪندا (جو هن کي ڪوبه اختيار يا طاقت ڪانهي) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ ڏسن نٿا ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي (سندن بدعملن سببان) ڪهڙي نه خراب ٿي، اهي ته هنن ماڻهن کان قوت ۽ طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ زمين تي وڌيڪ نشانيون ۽ اثر ڇڏي ويا، پر (تڏهن به) الله تعاليٰ سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي، ۽ هنن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اهو (عذاب) هن ڪري (مٿن ڪڙڪيو) جو هنن ڏي (اسان جا) رسول روشن دليلن سان آيا (تنهن هوندي به) هنن نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو الله تعاليٰ کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت ۽ طاقت وارو آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ بيشڪ سخت آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين حڪمن سان ۽ چٽي سند ۽ دليلن سان رسول ڪري موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن (کيس رسول ڪري موڪليوسين) پر (هنن کيس نه مڃيو ۽) چوڻ لڳا ته هو جادوگر آهي ۽ ڪوڙو آهي. |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن هو اسان وٽان حق جو پيغام کڻي وٽن آيو تڏهن هنن (پنهنجن ماڻهن کي) حڪم ڏنو ته جن ساڻس گڏ (الله تي) ايمان آندو آهي تن جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪندا وڃو، سندن عورتن کي جيئرو ڇڏيو. پر (ياد رکو ته) ڪافرن جون تدبيرون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻيون نه آهن. |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فرعون (پنهنجي درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ڪري ڇڏيان، ڀلي پنهنجي پروردگار کي پڪاري (ڏسون ته ڪيئن ٿو سندس رب کيس بچائي، کيس قتل ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته) بيشڪ مون کي انديشو آهي ته هو اوهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو نه مچائي ڇڏي. |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
(اهو حڪم ٻڌي) حضرت موسيٰ چيو ته، يقيناً مون پنهنجي پروردگار وٽ پناهه ورتي آهي جو اوهان جو به پروردگار آهي. هرهڪ تڪبر ڪندڙ کان جيڪو حساب واري ڏينهن تي ايمان نٿو رکي (۽ سمجهي ٿو ته بدعملن لاءِ سزا ڪانه ملندي). |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪڙي مؤمن مرد جو هن پنهنجو ايمان دل ۾ سانڍي رکيو هو، تنهن (فرعون ۽ سردارن کي) چيو ته، ڇا توهان هڪ شخص کي قتل ڪندو فقط هن ڪري جو هو چوي ٿو ته، منهنجو پروردگار الله آهي؟ ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) هو توهان وٽ پنهنجي پروردگار وٽان روشن دليل (۽ چٽيون نشانيون) کڻي آيو آهي. ۽ (خيال ڪري ڏسو ته) جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو (يعني سندس ئي نقصان ٿيندو) پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته پوءِ جنهن (عذاب) متعلق توهان کي خبردار ڪري رهيو آهي تنهن مان ڪجهه ته ضرور اچي اوهان تي ڪڙڪندو. يقين ڄاڻو ته جيڪو ليڪو لنگهي ٿو بيهي ۽ ڪوڙو آهي تنهن کي خدا ڪڏهن به سڌي واٽ نٿو ڏيکاري. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
(انهيءَ مؤمن مرد وڌيڪ چيو ته) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هن وقت اوهان جي حڪومت آهي. توهان دنيا ۾ غالب آهيو. (اهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن جو اسان جي اها حڪومت هلي وڃي ۽ تباهه ٿي وڃون) پوءِ ڪير اسان کي الله تعاليٰ جي سزا کان بچائي سگهندو جڏهن اها سزا اسان وٽ پهچي ويندي. (تنهن تي) فرعون چيو ته، (مان وڏو داناءُ آهيان ۽ سڀ ڪجهه ٿو سمجهان) مان توهان کي فقط اهي ڳالهيون ڏيکاريان ۽ ٻڌايان ٿو جيڪي مان چٽيءَ طرح ڏسان ٿو، ۽ مان توهان کي اهائي راهه ڏيکاريان ٿو جيڪا صحيح راهه آهي. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
(تنهن تي انهيءَ مؤمن مرد) جنهن (حضرت موسيٰ تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو. |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي). |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن هڪٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو). |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله تعاليٰ (سندن ئي بدعملن جي ڪري) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تن جي لاءِ ٻيو ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ (اي منهنجي قوم جا ماڻهو!) هيءَ حقيقت آهي ته، هن کان اڳي اوهان ڏي حضرت يوسف روشن دليلن سان پيغمبر ٿي آيو. پر جيڪو (پيغام ۽ نصيحت) هو اوهان ڏي کڻي آيو تنهن بابت توهان هميشه شڪ ڪندا رهيو (توهان يقيني ايمان ڪونه آندو) تانجو (جڏهن) هو گذاري ويو (تڏهن) توهان چوڻ لڳو ته، هن کان پوءِ الله تعاليٰ ڪوئي رسول ڪونه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ شڪ شبهي ۾ ٿا رهن. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ڪندا ٿا رهن تن جي اها روش الله تعاليٰ جي نظر ۾ توڙي مؤمن جي نظر ۾ سخت نفرت جهڙي آهي. اهڙي طرح الله تعاليٰ هرهڪ هٺيلي ۽ سرڪش جي دل تي مهر ڪري ٿو ڇڏي (پوءِ هو ڪجهه به سمجهي نٿو سگهي ۽ انڌو ٿي کڏ ۾ ٿو ڪري). |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
(تنهن تي) فرعون (غصي ۾ اچي ٽوڪ مان) حڪم ڏنو ته، اي هامان منهنجي لاءِ هڪ تمام اونچي محلات بناءِ ته مان (مٿي آسمان ڏي چڙهي ضروري) حيلا وسيلا هٿ ڪيان. |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
اهي حيلا وسيلا هٿ ڪيان جن سان آسمانن تي پهچي سگهان ۽ موسيٰ جي معبود (الله) ڏي چڙهي وڃان، پر مان ته يقيناً هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان (۽ يقين اٿم ته الله آهي ئي ڪونه) اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس برا عمل سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا ۽ هو (حقي) راهه کان روڪجي ويو، ۽ فرعون جا منصوبا ۽ رٿون (ڪامياب ته ڪونه ٿيون پر اٽلندو) کيس بربادي ۽ تباهيءَ ڏي کڻي ويون. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
(مصر جي) جنهن ماڻهوءَ ايمان آندو هو تنهن (مصر جي ماڻهن کي وڌيڪ) چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهو! منهنجي نقش قدم تي هلو (يعني مون واري واٽ وٺو) مان توهان کي حق جي سڌي واٽ ڏيکاريندس. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منهنجي قوم جا ماڻهو! دنيا جي هيءَ حياتي فقط وقتي گذارو آهي ۽ يقيناً آخرت ئي دائمي گهر آهي (جتي هميشه لاءِ رهبو). |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جيڪو شخص برائي ٿو ڪري تنهن کي انهيءَ ئي برائي جهڙو بدلو ملندو، پر جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري، مرد هجي توڙي زال، ۽ مؤمن هجي ته پوءِ اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا جتي هنن کي بي حساب رزق ملندو. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي عجب ٿو لڳي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري (۽ ڪاميابيءَ) جي طرف ٿو سڏيان ۽ توهان مون کي باهه (جي عذاب) ڏي ٿا سڏيو. |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
توهان مون کي هن ڳالهه ڏي ٿا سڏيو ته مان الله کي نه مڃيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن بابت مون کي علم به ڪونهي، ۽ مان توهان کي انهيءَ (هڪ الله) ڏي ٿو سڏيان جو وڏي قدرت ۽ غلبي وارو آهي، ۽ (توبهه ڪندڙن کي) وري وري بخشيندڙ آهي. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته توهان مون کي انهيءَ ڏي سڏيو ٿا جو نڪي دنيا ۾ پڪارڻ جو لائق آهي، نڪي آخرت ۾ ۽ يقيناً اسان کي آخر الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ يقيناً حدن کان ٻاهر ويندڙ ماڻهو ئي دوزخي آهي. |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
سو (توهان هاڻي ته منهنجي ڳالهه نٿا مڃيو پر جڏهن عذاب توهان جي مٿان اچي ويندو تڏهن) توهان منهنجي ڳالهه ياد ڪندو، جيڪا مان هاڻي توهان کي چئي رهيو آهيان، پر پوءِ پشيماني ڪم نه ايندي. توهان ڀلي منهنجي خلاف منصوبا رٿيو) مان ته پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ٿو ڪيان. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي ڏسي رهيو آهي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
سو جيڪي به برائيون هنن رٿيون تن کان الله تعاليٰ کيس بچائي ورتو، ۽ اٽلندو فرعون جي ماڻهن تي اچي خراب مصيبتون ڪڙڪيون. |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
هو صبح شام (مصيبتن جي) باهه جي آڏو آندا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت جي گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن (حڪم ڪيو ويندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت ۾ سخت عذاب ۾ وجهو. |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ (ڇا ٿيندو جو) باهه ۾ هو هڪٻئي سان جهڳڙا ڪندا. جيڪي ماڻهو (هن دنيا ۾) ضعيف ۽ هيڻا هئا سي پنهنجي هٺيلن وڏيرن کي چوندا ته اسان يقيناً توهان جي پوئتان لڳاسين ۽ توهان جي تابعداري ڪئي سين، ڇا هاڻي توهان باهه جي عذاب جو ڪجهه حصو اسان کان وٺي پنهنجي سر تي وسائيندؤ؟ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
جن وڏيرن دنيا ۾ هٺ وڏائي ڪئي هئي سي جواب ۾ چوندا ته (جهڙا توهان گنهگار هئو تهڙا اسان به گنهگار هئاسين) يقيناً اسان سڀ ان باهه ۾ آهيون. (جيڪڏهن توهان گنهگار نه هجو ها ته ڇو باهه ۾ پئو ها) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ (حق جو) فيصلو ڪيو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دوزخي ماڻهو جهنم جي داروغن کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کي پڪاريو ته هڪڙي ڏينهن لاءِ اسان جو عذاب هلڪو ڪري. |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
اهي (داروغا) جواب ڏيندا ته، ڇا توهان ڏي توهان جا رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان ڪين آيا هئا؟ هو چوندا ته، هائو، (بيشڪ آيا هئا پر اسان انڌ ۾ اچي کين نه مڃيو تنهن تي داروغا وري کين) چوندا ته، پوءِ (اسان ڇو خدا کي اوهان جي لاءِ پڪاريون) توهان پاڻ خدا کي پڪاريو پر (يقين رکو ته ورندو ڪجهه به ڪين) ڪافرن جي پڪار ۽ دعا بلڪل اجائي ٿيندي ۽ رائگان ويندي. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
يقيناً يقيناً اسان پنهنجي رسول کي ۽ انهن کي جيڪي ايمان ٿا آڻين هن ئي دنيا جي زندگي ۾ مدد ڪندا آهيون، ۽ (خاص طرح) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن شاهد اٿي کڙا ٿيندا. (يعني قيامت جي ڏينهن). |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
انهيءَ ڏينهن (الله تعاليٰ مؤمنن جي مدد ڪندو ۽ وڏيون نعمتون بخشيندو جنهن ڏينهن) ظالمن کي سندن عذاب ۽ بهانا ڪوبه فائدو ڪونه ڏيندا، انهن تي لعنت وسندي (يعني خدا جي فضل کان محروم رهندا) ۽ انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ مصيبتن واري هوندي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي هدايت (جو ڪتاب) ڏنو ۽ بني اسرائيلن کي اهو ڪتاب ورثي ۾ ڏنوسين. |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
اهو (ڪتاب) سمجهه وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ اعليٰ نصيحت آهي. (پر اڄوڪا يهودي ان ڪتاب تي به عمل نٿا ڪن، نڪي قرآن مجيد تي ايمان ٿا آڻين). |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
(اي پيغمبر! ڪافر وغيره تنهنجي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن) پر تون ثابت قدم رهه. يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ جو واعدو سچو آهي (ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ منڪر خوار خراب ٿيندا) ۽ تون پنهنجي (بشري) ڪمزورين کان الله جي پناهه وٺ (ته اهي دفع ٿي وڃن) ۽ صبح شام (هر وقت) پنهنجي پروردگار جي پاڪائي ۽ صفتون بيان ڪندو رهه. |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي، جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ٿا ڪن (۽ نٿا مڃن) تن کي سندن دلين ۾ وڏائي (۽ وڏو درجو حاصل ڪرڻ جو حرص ويٺل) آهي. جو هو ڪڏهن به حاصل نه ڪندا. يقيناً هو (يعني الله تعاليٰ) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
يقيناً آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي. پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ (ياد رکو ته) انڌو ۽ ڏسندڙ هرگز هڪ جهڙا ناهن، نڪي ايمان آڻيندڙ ۽ صالح عمل ڪندڙ انهن جهڙا آهن، جيڪي بدڪار آهن. (افسوس جو) اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا (۽ نصيحت نٿا وٺو). |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
يقيناً اها گهڙي (هن ئي دنيا ۾ مؤمنن جي ڪاميابي جي، يا قيامت جي گهڙي) ضرور اچڻي آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي انهيءَ لاءِ ته توهان ان ۾ (ننڊ ڪري) آرام حاصل ڪيو ۽ ڏينهن ڏسڻ لاءِ (۽ ڪمن ڪارين ڪرڻ لاءِ) بنايائين. بيشڪ الله تعاليٰ انسانن لاءِ وڏي فضل وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو سندس نعمتن جو قدر نٿا ڪن (۽ اهي نعمتون ضايع ڪري پنهنجو نقصان ٿا ڪن). |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهڙو آهي الله، اوهان جو پروردگار جو هر چيز جو خلقندڙ آهي. هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪجي) پوءِ توهان ڪيئن ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو؟ |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اهڙيءَ طرح اُهي ماڻهو ڀٽڪي گمراهه ٿي وڃن ٿا جيڪي الله تعاليٰ جي آيتن (۽ حڪمن مڃڻ) کان انڪار ڪندا آهن. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله اهو آهي جنهن زمين کي آرامگاهه بنايو ۽ آسمان کي ڇت جي مثل بنايو، ۽ اوهان کي شڪل ڏني، ۽ اوهان جون شڪليون سهڻيو ڪيائين ۽ اوهان کي چڱين شين جو رزق ڏنائين، اهڙو آهي الله اوهان جو پروردگار، سو ڪهڙو نه برڪت وارو آهي الله جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهوئي آهي جو سچ پچ زنده آهي (۽ هر وقت ۽ هميشه زنده آهي) ان کان سواءِ ڪوبه عبادت (۽ فرمانبرداري جي) لائق ڪونهي، پوءِ توهان فقط کيس پڪاريو ۽ اخلاص ۽ فرمابرداريءَ سان پڪاريو (۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو جهانن جو پروردگار آهي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
(اي پيغمبر! تون) چئو ته، مون کي منع ڪئي ويئي آهي، انهيءَ کان ته مان انهن جي ٻانهپ ڪيان جن کي توهان خدا جي بجاءِ پڪاريندا آهيو. جڏهن ته مون ڏي منهنجي پروردگار وٽان روشن نشانيون ۽ دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پروردگار جي پوري پوري فرمانبرداري ڪيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ۽ پوءِ گوشت جي ٽڪري مان ٺاهيو، پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ٿو آڻي (۽ زنده ٿو رکي) انهيءَ لاءِ ته توهان جوان ٿيو ۽ پوءِ پوڙها ٿي وڃو. ۽ توهان مقرر مدي کي پهچو ٿا (پوءِ وفات ڪيو ٿا) اهو سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته توهان عقل پرائيو (۽ تجربي سان حقيقتن کي سمجهي سگهو). |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهوئي آهي جو زنده ڪري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ جڏهن هو ان کي رڳو چوي ٿو ته هيئن ٿيءُ ته ائين ٿي پوي ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
(اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو آهي ڇا جيڪي الله تعاليٰ جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن (۽ مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن) (ڏسو ته سهي ته) هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦري هليا ٿا وڃن (۽ حق ۽ حقيقت کي ڏسن ئي نٿا). |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
يعني اُهي ماڻهو جي هن ڪتاب (قرآن مجيد) کي ۽ انهن وحين کي جن سان اسان (اڳوڻن) پيغمبرن کي موڪليو، نٿا مڃين، سو جلد ئي هنن کي معلوم ٿيندو ته، |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
(ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري انهيءَ وقت معلوم ٿيندن) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ پئجي ويندا ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا (۽ اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي) گهلي وڌو ويندو، |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽهڪندڙ ڪني پاڻيءَ ۾ ۽ پوءِ کين باهه ۾ ساڙيو ويندو (پر مرندا ڪونه). |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
پوءِ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن جن کي توهان خدا سان شريڪ ڪندا هئو؟ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
يعني الله کي ڇڏي (ديوتائن کي مڃيندا هئو) هو جواب ۾ چوندا ته، هو اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا آهن. بلڪ (هاڻي اسان سمجهون ٿا ته) جن کي اسان پڪاريندا هئا سين سي ڪجهه به نه هئا. (وحي) نه مڃيندڙن کي اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
(کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو. |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
(کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
سو (اي پيغمبر!) تون (مشڪلاتون ۽ مخالفتون) صبر سان سهه، ۽ (رسالت جي ڪم تي) ثابت قدم رهه. يقين رک ته الله جو واعدو سچو آهي (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ ڪافر مغلوب ٿيندا) سو جيڪو واعدو اسان هنن (ڪافرن) کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي) ڏيکاريون (۽ کين تباهه ڪيون) يا (ان کان اڳي ئي) اسان توکي پاڻ ڏي آڻائي وٺون، هر حال ۾ هو (آخر) اسان ڏي ئي موٽايا ويندا (۽ ضرور تباهه ڪيا ويندا). |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به پيغمبر (ماڻهن ڏي) موڪليا هئا، انهن مان ڪن جا قصا اسان توکي ٻڌايا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جا قصا اسان توکي ڪونه ٻڌايا آهن. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ممڪن ناهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني (يا حڪم يا معجزو) آڻي. پوءِ جڏهن خدا جو حڪم اچي ويو تڏهن حق ۽ انصاف سان فيصلو ٿي ويو ۽ ڪوڙا ماڻهو (جيڪي باطل تي محڪم رهيا) سي اتي جو اتي تباهه ٿي ويا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور بنايا، انهيءَ لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪيو. ۽ ڪن کي پنهنجي قوت گذران لاءِ ڪم ٿا آڻيو. |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ توهان جي لاءِ انهن مان ٻيا به گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا. (خدا انهن جانورن کي خلقيو آهي سو) هن لاءِ به ته توهان انهن تي سواري ڪري پنهنجي ڪا حاجت پوري ڪيو جا اوهان جي دلين ۾ هجي. ۽ انهن تي ۽ جهازن تي توهان (پري پري ٻين ملڪن ڏي) کڄي ٿا وڃو (يعني مسافريون ٿا ڪيو.) |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (۽ مسافرين جي وسيلي اوهان کي گهڻين ئي ڳالهين جو علم ڏئي ٿو) پوءِ توهان الله تعاليٰ جي ڪهڙين ۽ ڪيترين نشانين کان انڪار ڪري سگهندو؟ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي ته تعداد ۾ به هنن کان گهڻا هئا ۽ قوت ۽ طاقت ۾ به گهڻو وڌيڪ هئا، ۽ ملڪ ۾ آثار ۽ نشانيون به وڌيڪ ڇڏي ويا. (پر هنن حق جي واٽ نه ورتي) سو هنن جيڪي ڪيو ڪمايو سو هنن کي ڪنهن به ڪم نه آيو. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
جيئن ته جڏهن سندن رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان وٽن آيا تڏهن وٽن جيڪو علم (۽ هنر) هو تنهن تي فخر ۽ ناز ڪرڻ لڳا (۽ رسولن کي چوڻ لڳا ته توهان اجايون ڳالهيون ٿا ڪيو) سو جنهن (عذاب جي) ڳالهه تي اهي ٽوڪون ڪندا هئا اهوئي عذاب کين گهيرو ڪري وڪوڙي ويو. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن هنن اسان جو عذاب (پنهنجي آڏو) ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان الله تي ايمان آندو آهي. هڪ الله ۾ ايمان ٿا رکون جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسين تن کان (هاڻي) انڪار ٿا ڪريون. |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پر جڏهن اسان جو عذاب اکين آڏو ڏٺائون تنهن کان پوءِ واري ايمان کين ڪجهه به فائدو ڪونه ڏنو (۽ هو تباهه ٿي ويا) اهو آهي الله جو طريقو جو سندس ٻانهن بابت هليو پئي آيو آهي. ۽ هتي (هن دنيا ۾ ئي) ڪافر تباهه ٿي ويا. |