حم (آيت : 1) |
حٰ _ مٓ |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
هيءَ ڪتاب الله کان لٿل آهي، جو زبردست، ڄاڻندڙ. |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
گناهه بخشيندڙ ۽ توبهه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي_ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
الله جي آيتن کان انڪار فقط ڪافر ڪندا آهن، پوءِ تون سندن شهر جي اچ وڃ کان ڀنڀلجي نه وڃ. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ کانئس پوءِ ٻين ڪيترين ئي ٽولين به ائين ڪوڙ سمجهيو هو_ هر ڪنهن امت سندن رسولن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هو ناحقي ڳالهين سان بحث ڪندا رهيا، ته انهن سان سچيءَ ڳالهه کي ناس ڪن. پوءِ مون کين ورتو_ پوءِ ڪهڙي هئي منهنجي سزا! |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو، ته اهي دوزخي آهن. |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي ملائڪ عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن، سي سڀ پنهنجي ڌڻيءَ جي پاڪائي واکاڻ سان بيان ڪندا آهن، ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش گهرن ٿا، ته ”اي اسان جا ڌڻي! تو هر ڪنهن چيز تي پنهنجي رحمت پکيڙي آهي، ان ڪري جن شخصن توبهه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ تي هليا، انهن کي بخش ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا ڌڻي! تون کين انهن هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر، جن جو انهن سان وعدو ڪيو اٿيئي- ۽ جيڪي سندن وڏن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان سڌريل هجن، تن کي به- بيشڪ تون ئي غالب، ڏاهپ وارو آهين. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
تون هنن کي سختين کان بچاءِ، جنهن کي تو ان ڏينهن سختين کان بچايو، تنهن تي بيشڪ رحم ڪيئه ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي!“ |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن کي سڏي چئبو ته ”اڄ الله جو ڏمرجڻ اوهان جي پاڻ مٿي ڏمرجڻ کان گهڻو وڏو آهي، جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏبو هو ۽ اوهين انڪار ڪندا هئا!“ |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ ٻه دفعا جيئاريو، هاڻ اسان پنهنجا گناهه مڃيا، پوءِ آهي ڪا نڪرڻ جي واهه؟“ |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(چئبو) ”اوهان جو اهو عذاب انهي ڪري آهي، جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏبو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا- ۽ جيڪڏهن ان سان ٻين کي ڀائيوار ڪبو هو، ته اهو اوهين مڃيندا هئا- هاڻي ته حڪم فقط الله جي وس ۾ آهي، جو مٿاهون ۽ وڏو آهي!“ |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
الله اهو آهي، جو اوهان کي سندس نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان رزق موڪلي ٿو- نصيحت ته فقط اهو وٺندو، جيڪو الله ڏي موٽندو. |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ پنهنجي عبادت کي خاص الله لاءِ ڪري، ان کي سڏيو، ڀل کڻي ڪافرن کي مٺيان لڳي. |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
اهو مٿاهان درجا ڪندڙ ۽ عرش جو ڌڻي آهي؛ هو سندس ٻانهن مان جنهن تي وڻيس، پنهنجي حڪم سان وحي موڪليندو آهي، ته قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري. |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
جنهن ڏينهن هو قبرن مان ٻاهر نڪرندا، الله کان انهن جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي، هو چوندو ”ڪنهن جي بادشاهي آهي اڄ؟“ ”اڪيلي زبردست الله جي!“ |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ هر شخص کي سندس ڪمائي جو عيوض ڏبو- اڄ ڪو به ظلم نه ڪبو- بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ تون کين قيامت جي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن قلب نڙ گهٽن وٽ پهچندا ۽ هو ڏک ڀريل هوندا، ظالمن جو ڪو به دوست يا پارت ڪندڙ نه هوندو، جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
الله اکين جي ڪپت، خواهه دلين جو ڳجهه سڀ ڄاڻي ٿو. |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله انصاف سان فيصلو ڪندو آهي_ هو الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا، سي ڪجهه فيصلو نه ڪندا آهن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا هو ملڪ ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن، ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ خواهه زمين ۾ نشانين ٺاهڻ ۾ ڏاڍا هئا، پوءِ الله کين سندن گناهن سبب پڪڙيو ۽ انهن کي الله کان بچائيندڙ ڪو به ڪونه هو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اها سزا انهي ڪري هئي، جو هنن وٽ سندن رسول پڌرن معجزن سان آيا ٿي، پوءِ انڪار ڪيائون، ان ڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ هو طاقت وارو سخت عذاب ڏيندڙ آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
بيشڪ اسان موسيٰ کي پڌرن معجزن ۽ پڌريءَ حجت سان موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون، هامان ۽ قارون ڏانهن، پوءِ انهن چيو ”هي جادوگر ۽ ڪوڙو آهي.“ |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن وٽن اسان وٽان حق آيو، تڏهن وري چيائون ”جن موسيٰ تي ايمان آندو آهي، تن جا پٽ ڪُهو ۽ ڌيئرون جيئريون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جون رٿون ته بلڪل غلط هونديون آهن.“ |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فرعون درٻارين کي چيو ”مون کي ڇڏيو، ته آءُ موسيٰ کي قتل ڪريان ۽ ڀل ته هو سندس ڌڻي کي سڏي_ بيشڪ مون کي ڊپ آهي، ته متان هو اوهان جو دين ڦيرائي ڇڏي يا ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪري.“ |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
موسيٰ چيو ته ”بيشڪ مون پنهنجي خواهه اوهان جي ڌڻي وٽ پناهه ورتي آهي هر ڪنهن اهڙي شخص کان، جو هٺيلو آهي ۽ قيامت کي نه مڃيندو آهي.“ |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ فرعون جي مائٽن مان هڪ مؤمن مرد، جو سندس ايمان لڪائيندو هو، تنهن چيو ”ڇا اوهين اهڙي مرد کي ٿا ڪُهو، جو چو ي ٿو ته منهنجو ڌڻي الله آهي ۽ توهان وٽ توهان جي ڌڻيءَ وٽان چٽا معجزا به آندا آهن؟ جي هو ڪوڙو هوندو ته سندس ڪوڙ مٿس آهي ۽ جيڪڏهن سچو آهي ته پوءِ جيڪو وعدو اوهان سان ڪري ٿو، ان مان ڪجهه عذاب اوهان کي ضرور پهچندو- بيشڪ الله انهي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي، جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ ڪوڙو هوندو. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي، اوهين ملڪ ۾ غلبي وارا آهيو- پر جيڪڏهن اسان تي الله جو عذاب اچي وڃي، ته پوءِ ڪير اسان کي مدد ڪندو؟“ فرعون چيو ته ”آءُ اوهان کي فقط اها ڳالهه ٿو ڏسيان جيڪا چڱي ٿو ڏسان ۽ اوهان کي فقط سڌي واٽ ئي ڏيکاريان ٿو.“ |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ مؤمن مرد چيو ته ”اي منهنجي قوم! بيشڪ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته اوهان تي اڳين ٽولين جهڙي عذاب جو ڏينهن اچي. |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جهڙو حال نوح جي قوم، عاد، ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا تن جو ٿيو- ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه گهرندو آهي. |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان تي انهي ڏينهن اچڻ کان ڊڄان ٿو، جڏهن اوهين هڪ ٻئي کي سڏيندا. |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
پٺ ڦيري ڀڄندا ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به اوهان کي بچائڻ وارو نه هوندو؛ ۽ جنهن کي الله ڀلائي ڇڏي، ان کي سنئين رستي ڏيکارڻ وارو ڪو به ڪونهي. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
بيشڪ اوهان وٽ هن کان اڳ يوسف به معجزن سان آيو هو، پر اوهين سندس، اوهان وٽ آندل معجزن کان هميشه شڪ ۾ رهيا- تان جو جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن اوهان چيو ته ”هاڻي هن کان پوءِ الله ڪو به رسول اصل نه موڪليندو!“ اهڙيءَ طرح الله انهي شخص کي ڀلائيندو آهي، جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪندڙ آهي. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
جيڪي وٽن ڪنهن حجت اچڻ کان سواءِ ئي الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن_ اها الله ۽ مؤمنن وٽ وڏي غضب جهڙي ڳالهه آهي_ ائين الله هر ڪنهن وڏائي ڪندڙ هٺيلي جي دل تي مهر هڻندو آهي.“ |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ فرعون چيو ته، ”اي هامان! مون لاءِ هڪڙي ماڙي بناءِ، ته من آءُ واٽن ڏي پهچان. |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
يعني آسمانن جي واٽن کي، ته موسيٰ جي سائينءَ ڏي ليئو پائي ڏسان ۽ بيشڪ آءُ کيس ڪوڙو ٿو سمجهان!“ اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان روڪيو ويو- ۽ فرعون جون تجويزون خرابيءَ ۾ ئي هيون. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
۽ جنهن ايمان آندو هو، تنهن چيو ته ”اي منهنجي قوم! منهنجو چيو مڃيو، ته آءُ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي حياتي ته فقط ٿورو سامان ئي آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رهڻ جي جاءِ آهي. |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جنهن برو ڪم ڪيو، ان کي فقط اوترو ئي بدلو ڏبو- باقي جنهن مرد خواهه زال چڱو ڪم ڪيو ۽ هو مؤمن به هوندو، ته اهڙا شخص بهشت ۾ گهڙندا ۽ ان ۾ هنن کي بي حساب رزق ملندو. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم! هي ڇا پيو ڏسان، جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي پيو سڏيان؛ ۽ اوهين وري مون کي باهه ڏانهن پيا سڏيو. |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
اوهين مون کي پيا سڏيو ته آءُ الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙن کي ڀائيوار ڪريان، جنهن جو مون کي علم ڪونهي؛ ۽ آءُ اوهان کي انهي ڏي سڏيان ٿو، جو غالب ۽ بخشڻهار آهي. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بيشڪ اوهين مون کي رڳو اهڙي ڏانهن ٿا سڏيو، جنهن کي دنيا خواهه آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق ڪونهي_ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏي آهي ۽ حد کان لنگهندڙ شخص ئي دوزخي آهي. |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
پوءِ جلد ئي اوهين ياد ڪندؤ، جيڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو- ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم الله کي ئي ٿو سونپيان- بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ هنن جيڪي سٽون سٽيون، ان جي بڇڙاين کان الله کيس بچايو- ۽ فرعون جي پوئلڳن کي بڇڙي عذاب ويڙهيو. |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
يعني اها باهه، جنهن تي هنن کي صبح شام حاضر ڪبو آهي- ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، (تڏهن حڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ داخل ڪريو. |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ ياد ڪر، جڏهن هو باهه ۾ جهڳڙا ڪندا_ پوءِ هيڻا هٺيلن کي چوندا ”بيشڪ اسين اوهان جا تابعدار هئاسون، پوءِ هاڻي اوهين اسان تان عذاب جو ڪو حصو ٽاري سگهندا يا نه؟“ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
هٺيلا چوندا ”اسين مورڳو سڄائي منجهس قابو آهيون- بيشڪ الله ٻانهن وچ ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي.“ |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دوزخي دوزخ جي چوڪيدارن کي چوندا، ”اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي عرض ڪريو، ته اسان کان هڪڙو ڏينهن ڪجهه عذاب هلڪو ڪري.“ |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
هو چوندا ”ڇا، اوهان وٽ اوهان جا رسول معجزن سان ڪونه آيا هئا؟“ چوندا ”هائو!“ چوندا ته ”هاڻي توهين پاڻ پڪاريو“ ۽ ڪافرن جو پڪارڻ ته رڳو گمراهيءَ ۾ آهي. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بيشڪ اسين پنهنجن رسولن ۽ مؤمنن جي، دنيا جي حياتيءَ ۾ به ضرور مدد ڪنداسون ۽ انهي ڏينهن به جڏهن شاهد کڙا ٿيندا. |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن بهاني مان ڪوفائدو ڪونه ٿيندو- ۽ انهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙي جاءِ آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي هدايت ڏني ۽ بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون. |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جو ڌيان وارن جي سمجهائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ جي واسطي آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ اي نبي! تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي گناهه جي بخشش گهر ۽ صبح شام پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ ساڻ سندس پاڪائي بيان ڪر. |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بيشڪ جيڪي وٽن آيل ڪنهن حجت کان سواءِ الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن؛ تن جي دل ۾ رڳو وڏائي آهي، جنهن کي هو پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون الله جي پناهه گهر، بيشڪ اهو ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ماڻهن جي خلقڻ کان گهڻو وڏو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ نڪي انڌو سڄو برابر آهن، نڪي ايمان آڻي چڱا ڪم ڪندڙ ۽ بدڪار- اوهين ٿوري نصيحت ئي وٺو ٿا. |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
قيامت ضرور ايندي، انهي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي- پر گهڻا ماڻهو ويساهه نٿا ڪن. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ اوهان جو ڌڻي ٿو چوي ته ”مون کان دعا گهرو، ته آءُ اوهان جي دعا قبول ڪريان“ بيشڪ جيڪي منهنجي بندگيءَ کان آڪڙ ڪندا آهن، سي جلد ئي خوار ٿي جهنم ۾ پوندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجهس آرام وٺو ۽ ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ_ بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، هر چيز جو خلقيندڙ، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجو. |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اهڙي طرح اهي ئي شخص ڀٽڪندا رهندا آهن جي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ اوهان جون شڪليون تمام چڱيون بنايائين، اوهان کي سٺين شين مان رزق ڏنائين- اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، پوءِ نهايت سڳورو آهي الله، جهانن جو ڌڻي. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
هو هميشه جيئرو آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڪر ي عبادت فقط انهي لاءِ ئي سمجهي کيس پڪاريو، هر ڪا واکاڻ جهانن جي ڌڻيءَ الله کي ئي جڳائي ٿي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
چئو ته بيشڪ جڏهن منهنجي ڌڻيءَ وٽان مون وٽ نشانيون آيون، تڏهن مون کي انهن جي بندگيءَ کان بلڪل روڪيو ويو آهي جن کي اوهين الله کان سواءِ سڏيو ٿا- ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ جهانن جي ڌڻيءَ جو تابعدار ٿيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
هو اهو آهي، جنهن اوهان کي اول مٽيءَ مان خلقيو، پوءِ ڦڙي مان، وري رت جي دڳ مان، وري اوهان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو، ته وري اوهين پنهنجي پوريءَ طاقت کي پهچو، ۽ ته وري اوهين ٻڍا ٿيو_ اوهان مان ڪنهن کي انهي کان اڳ ماربو آهي ۽ ڪنهن کي ڇڏبو آهي، ته مقرر وقت کي پهچي ۽ ته مَنَ اوهين سمجهو. |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهو آهي جو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو_ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪندو آهي، ته رڳو چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اهو ٿي پوندو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
ڇا تو انهن ڏانهن نه ڏٺو آهي، جيڪي الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن؟ اهي ڪاڏي ٿا ڦيرائجن؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
اهي شخص، جن ڪتابن کي ڪوڙ سمجهيو ۽ ان کي به، جنهن سان اسان رسولن کي موڪليو، پوءِ جلد ئي خبر پوندن. |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ ۽ زنجيرون هونديون، هو گهلبا. |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽهڪندڙ پاڻيءَ ڏي،وري باهه ۾ ٽهڪائبا. |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
وري کين چئبو ته ٻين جن کي اوهين ان جا ڀائيوار بنائيندا هئا سي ڪٿي آهن؟ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
الله کان سواءِ، چوندا ”هو اسان کان وڃائجي ويا، بلڪ اسين ته هن کان اڳ ڪنهن کي به نه پڪاريندا هئاسون! ”ائين الله ڪافرن کي گمراهه ڪندو آهي. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
اها سزا انهي ڪري آهي، جو اوهين زمين ۾ ناحق آڪڙبا هئا ۽ انهي ڪري جو اوهين ناز ڪندا هئا. |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ گهڙو، انهن ۾ اوهين هميشه هوندا_ پوءِ آڪڙيلن جو ٺڪاڻو بڇڙو آهي! |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ (اي نبي!) تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، ان ڪري جڏهن هنن سان ڪيل عذاب جي انجام مان ڪجهه تنهنجي ڏسندي آڻيون، يا توکي وفات ڏيون، ته به نيٺ اسان ڏي ئي موٽائبا. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪلياسون جن مان ڪن جو قصو تو کي ٻڌايوسون_ ۽ منجهانئن ڪن جو قصو تو کي نه ٻڌايوسون ۽ ڪو به رسول الله جي حڪم کان سواءِ معجزو آڻي نٿو سگهي ، پوءِ جڏهن الله جو حڪم آيو، تڏهن انصاف سان فيصلو ڪبو ۽ اُتي ڪوڙا نقصان پائيندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ ڍور بنايا، ته اوهين انهن مان ڪن تي چڙهو ۽ ڪن مان کائو. |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ انهن مان اوهان لاءِ گهڻا فائدا آهن ۽ اهو به، ته انهن تي چڙهي دل جي مطلب کي پهچو- ۽ انهن تي خواهه ٻيڙين تي اوهان کي سوار ڪبو آهي. |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ هو اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو آهي، پوءِ الله جي ڪهڙين نشانين کان انڪار ڪندا؟“ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا، هو زمين ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ جي هنن کان گهڻا هئا، ۽ طاقت ۾ خواهه زمين ۾ نشانين ڇڏڻ ۾ گهڻو ڏاڍا هئا، پوءِ سندن ڪمائي مٿانئن ڪجهه به نه ٽاريو. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن وٽن سندن رسول معجزن سان آيا، ته هو جيڪو وٽن علم هو، انهي ۾ ئي مگن رهيا ۽ نيٺ انهي عذاب اچي وڪوڙين، جنهن بابت مسخريون ڪندا هئا. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جنهن مهل اسان جو عذاب ڏٺائون، تڏهن چوڻ لڳا ”اسان الله اڪيلي کي مڃيو ۽ جن کي ساڻس ڀائيوار سمجهندا هئاسون، ان جا منڪر ٿياسون.“ |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏسي چڪا، تڏهن سندن ايمان آڻڻ هر گز کين فائدو نه ڏنو، اهو الله جو دستور آهي جو سندس ٻانهن ۾ هليو پيو اچي، ۽ اتي ڪافر نقصان ۾ پيا. |