حم (آيت : 1) |
حا-ميم . |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
نازل ڪرڻ آهي ڪتاب جو طرفان الله، غالب، ڄاڻندڙ جي . |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
گناھ بخشيندڙ ۽ توبہ قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڏيندڙ، طاقت وارو، ناهي ڪو سچو معبود مگر اهو ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي . |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
نٿا جهيڙو ڪن الله جي آيتن (جي باري) ۾ مگر اهي جن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڌوڪي ۾ وجهي توکي ڦرڻ انهن جو شهرن ۾ . |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
ڪوڙو چيو اڳي انهن کان نوح جي قوم ۽ (ٻين) ٽولن ان کان پوءِ ۽ پڪو پہ ڪيو هر امت پنهنجي رسول جي متعلق تانته ان کي گرفتار ڪن ۽ جهيڙو ڪيائون ناحق تانته ختم ڪن ان سان حق کي پوءِ پڪڙيو مون انهن کي پوءِ ڪيئن هو منهنجو عذاب . |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح ثابت ٿيو حڪم رب تنهنجي جو انهن تي جن ڪفر ڪيو بيشڪ اهي جهنمي آهن . |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي کڻندڙ عرش جا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح پڙهن ٿا ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مغفرت گهرن ٿا انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! ڪشادو ٿئين تون هر شيءِ کان رحمت ۽ علم سان پوءِ بخش فرماءِ انهن کي جن توبہ ڪئي ۽ تابع ٿيا تنهنجي واٽ جا ۽ بچاءِ انهن کي عذاب جهنم جي کان . |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پلڻهار! ۽ داخل ڪر انهن کي بهشتن عدن جي ۾ جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ انهن کي جو صالح ٿيا انهن جي پيئرن مان ۽ انهن جي زالن مان ۽ انهن جي اولاد مان بلاشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين . |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ بچاءِ انهن کي سختين کان ۽ جنهن کي سختين کان بچائيندي ان ڏينهن پوءِ تحقيق رحم ڪيو تو ان تي ۽ اهائي ڪاميابي وڏي آهي . |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بلاشڪ جن ڪفر ڪيو سڏيا ويندا ته البته ڪاوڙجڻ الله جو تمام وڏو آهي اوهان جي ڪاوڙجڻ کان اوهان جي سرن مان جڏهن سڏيا ٿي ويئو ايمان ڏانهن پوءِ ڪفر ڪندا هيئو . |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
چيائون ته اي اسان جا رب! ماريو تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو تو اسان کي ٻه ڀيرا پوءِ مڃيا اسان گناھ پنهنجا پوءِ نڪرڻ ڏانهن ڪا واٽ آهي؟ . |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
اهو ان سببان جو بلاشڪ جڏهن سڏيو ويندو هو الله اڪيلو اهو ته اوهان ڪفر ڪندا هيئو ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته مڃيندا هيئو پوءِ حڪم الله، مٿاهين وڏي جو آهي . |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون آيتون ۽ لاهي ٿو اوهان جي لاءِ آسمان کان رزق ۽ نه ٿو نصيحت حاصل ڪري مگر اهو جو ٿو موٽي . |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ عباد ڪيو الله جي خالص ڪندڙ ان لاءِ دين کي جيتوڻڪ نه پسند ڪيو ڪافرن . |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
بلند درجن وارو، عرش جو مالڪ نازل ڪري ٿو وحي پنهنجي امر مان ان تي جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان تانته ڊيڄاري ڏينهن ملڻ جي کان . |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
ان ڏينهن جو اهي ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندڙ هوندا نه لڪندي الله کان انهن مان ڪا شيءِ ڪنهن جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ ڏينهن الله، هڪ، غالب جي لاءِ . |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ جزا ڏنو ويندو هر نفس ان جي جيڪو ڪمايائين ناهي ڪو ظلم اڄ بلاشڪ الله حساب جو تڪڙو آهي . |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ ڊيڄار انهن کي قيامت جي ڏينهن کان جڏهن دليون نرگهٽن وٽ هونديون ڏک ۾ ڀريل ناهي ظالمن جي لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جيڪو مڃيو وڃي . |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
ڄاڻي ٿو خيانت ڪندڙ اکين کي ۽ جيڪي لڪائين ٿا سينا . |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله فيصلو ڪندو آهي حق جو ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا ان کان سواءِ نه فيصلو ڪندا ڪنهن شيءِ جو بيشڪ الله اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي . |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا نه گهميا زمين تي پوءِ ڏسن ها ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي هئا انهن کان اڳي هئا اهي ڏاڍا انهن کان قوت ۽ نشانن سان زمين ۾ پوءِ پڪڙيو انهن کي الله سببان گناهن انهن جي ۽ نه هو انهن جي لاءِ الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اهو ان سببان جو بلاشڪ اهي آيا هئا انهن وٽ انهن جا رسول روشن معجزن سان پوءِ ڪفر ڪيائون پوءِ پڪڙيو انهن کي الله بلاشڪ اهو قوت وارو سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ البته تحقيق موڪليو اسان موسى کي پنهنجين نشانين سان ۽ پڌري حجت سان . |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پوءِ چيائون ته جادوگر وڏو ڪوڙو آهي . |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق سان اسان وٽان ته چيائون قتل ڪيو پٽن ايمان وارن جي کي ان سان گڏ ۽ جيئريون ڇڏيون انهن جون زالون ۽ ناهي ڪافرن جو فريب مگر گمراهي ۾ . |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ چيو فرعون ته ڇڏيو مون کي ته شهيد ڪيان موسى کي ۽ ڀلي سڏي پنهنجي رب کي بلاشڪ مان ڊڄان ٿو ته مٽائي ڇڏيندو اوهان جو دين يا ظاهر ڪندو زمين ۾ فساد . |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
۽ چيو موسى ته بيشڪ مون پناھ ورتي پنهنجي رب ۽ اوهان جي رب سان هر هٺيلي کان جيڪو نٿو ايمان آڻي حساب جي ڏينهن تي . |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ چيو هڪ مرد فرعون جي مائٽن مان جيڪو لڪائي پيو پنهنجو ايمان ته ڇا قتل ڪيو ٿا ان مرد کي جو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي ۽ تحقيق آيو اوهان وٽ روشن دليلن سان اوهان جي رب وٽان ۽ جيڪڏهن هوندو ڪوڙو پوءِ ان تي ان جي ڪوڙ (جو وبال) آهي ۽ جيڪڏهن هوندو سچو ته پهچندو اوهان کي بعض ان جو جيڪو وعدو ڏئي ٿو اوهان کي بيشڪ الله نٿو هدايت ڏئي ان کي جو اهو حد کان لنگهندڙ وڏو ڪوڙو آهي . |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منهنجي قوم! اوهان جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ غالب ٿيندڙ آهيو زمين تي پوءِ ڪير مدد ڪندو اسان جي الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) جيڪڏهن اسان وٽ ايندو چيو فرعون ته نٿو ڏيکاريان مان اوهان کي مگر جيڪي مان ڏسان ٿو ۽ نٿو هدايت ڪيان مان اوهان کي مگر هدايت جي واٽ ڏانهن . |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ چيو ان شخص جنهن ايمان آندو ته اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو (ته اچي) اوهان تي مثال ڏينهن (اڳين) ٽولين جو . |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
مثال حال قوم نوح جو ۽ عاد جو ۽ ثمود جو ۽ انهن جو جيڪي انهن کان بعد هئا ۽ ناهي الله جو ارادو ظلم جو ٻانهن لاءِ . |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي جي سڏڻ واري ڏينهن کان . |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنهن ڏينهن ڀڄندؤ پٺي ڏيندڙ ٿي ناهي اوهان جي لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ . |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ البته تحقيق آيو اوهان وٽ يوسف اڳي هن کان معجزن سان پوءِ هميشہ هيئو شڪ ۾ ان کان جو آندائين اوهان وٽ اهو تانجو جڏهن رحلت ڪيائين ته اوهان چيو هرگز نه موڪليندو الله ان کان پوءِ ڪو رسول اهڙي طرح گمراھ ٿو ڪري الله ان کي جيڪو حد کان لنگهندڙ، شڪ ڪندڙ آهي . |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
اهي جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي آيتن ۾ دليلن کان سواءِ جو آيو انهن وٽ وڏو ٿيو ڪاوڙ جي لحاظ سان الله وٽ ۽ انهن وٽ جن ايمان آندو اهڙي طرح مهر هڻي ٿو الله هر ڪنهن هٺ ڪندڙ، وڏائي ڪندڙ جي دل تي . |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ چيو فرعون ته اي هامان! ٺاھ مون لاءِ بلند محل تانته مان پهچان رستن تائين . |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
رستا آسمانن جا پوءِ لياڪو پائي ڏسان مان موسى جي معبود ڏانهن ۽ بلاشڪ مان البته گمان ٿو ڪيان مان ان کي ڪوڙو ۽ اهڙي طرح سينگاريو ويو فرعون جي لاءِ برو عمل ان جو ۽ روڪيو ويو (سڌي) واٽ کان ۽ ناهي فرعون جو مڪر مگر هلاڪت ۾ . |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
۽ چيو ان جنهن ايمان آندو هو ته اي منهنجي قوم وارؤ! منهنجي تابعداري ڪيو ته رهنمائي ڪيان مان اوهان کي هدايت جي واٽ جي . |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منهنجي قوم وارا! بلاشڪ هيءَ حياتي دنيا واري ٿورو سامان آهي ۽ بلاشڪ آخرت اهائي قرار جي جاءِ آهي . |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جنهن ڪئي برائي پوءِ نه بدلو ڏنو ويندو مگر ان جي مثل ۽ جنهن ڪيو چڱو ڪم مرد يا عورت ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهي داخل ٿيندا بهشت ۾ رزق ڏنا ويندا ان ۾ حساب کان سواءِ . |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم وارا! ڇا (ٿيو آهي) مون کي سڏيان ٿو اوهان کو ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ سڏيو ٿا اوهان مون کي باھ ڏانهن . |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
سڏيو ٿا مون کي تانته ڪفر ڪيان مان الله سان ۽ شريڪ ڪيان ان سان اهو جو ناهي مون کي ان جو ڪو علم ۽ مان سڏيان ٿو اوهان کي غالب بخشڻهار ڏانهن . |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بلاشڪ اوهان جنهن ڏانهن سڏيو ٿا مون کي ناهي ان جي لاءِ سڏڻ (جو حق) دنيا ۾ ۽ نه آخرت ۾ ۽ بلاشڪ موٽڻ اسان جو الله ڏانهن آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ اهي ئي جهنمي آهن . |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
پوءِ جلد ياد ڪندؤ اهو جو چوان ٿو اوهان کي ۽ سونپيان ٿو مان امر پنهنجو الله ڏانهن بيشڪ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي . |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ بچايو ان کي الله انهن براين کان جيڪي رٿيائون ۽ گهيري ۾ رکيو فرعونين کي سخت عذاب . |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
باھ جو پيش ڪيا ويندا ان تي صبح ۽ شام ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت داخل ڪيو فرعونين کي سخت عذاب ۾ . |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندا باھ ۾ پوءِ چوندا ڪمزور انهن کي جن تڪبر ڪيو ته بلاشڪ اسين هئاسين اوهان جا پوئلڳ پوءِ ڇا اوهان ٽاريندڙ آهيو اسان کان ڪو حصو باھ جو . |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
چوندا اهي جن تڪبر ڪيو بلاشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون بيشڪ الله تحقيق فيصلو ڪيو ٻانهن ۾. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
چوندا اهي جيڪي جهنم ۾ هوندا دوزخ جي داروغن کي ته سڏيو پنهنجي رب کي ته هلڪو ڪري اسان تان هڪ ڏينهن عذاب مان . |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
چوندن ته ڇا نه ايندا هئا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر چٽن دليلن سان؟ چوندا ته هائو چوندن ته پوءِ عرض ڪيو ۽ ناهي عرض ڪرڻ ڪافرن جو مگر گمراهي ۾ . |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بلاشڪ اسين البته مدد ڪيون ٿا پنهنجن رسولن جي ۽ انهن جي جن ايمان آندو دنياوي حياتيءَ ۾ ۽ جنهن ڏينهن بيهندا شاهد . |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن نه نفعو ڏيندو ظالمن کي انهن جو عذر پيش ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ لعنت آهي ۽ انهن جي لاءِ برو گهر آهي . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ البته تحقيق ڏني اسان موسى کي هدايت ۽ وارث ڪيوسون بني اسرائيل کي ڪتاب جو . |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
هدايت ۽ نصيحت ٿي عقل وارن جي لاءِ . |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو حق آهي ۽ مغفرت گهر پنهنجي (امت جي ) گناھ لاءِ ۽ تبسيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان شام جو ۽ صبح جو . |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بلاشڪ اهي شخص جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن (جي باري) ۾ دليل کان سواءِ جو آيو انهن وٽ ناهي انهن جي سينن ۾ مگر وڏائي جو ناهن اهي پهچندڙ ان جا پوءِ پناھ وٺ الله سان بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي . |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
البته پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جو وڏو آهي ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن . |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ نٿا برابر ٿين انڌو ۽ ڏسندڙ ۽ (نه) اهي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ نه برائي ڪندڙ ٿوري نصيحت وٺو ٿا . |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت البته اچڻ واري آهي ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين . |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ فرمايو اوهان جي رب مون کان دعا گهرو ته قبول ڪيان اوهان جي (دعا) بيشڪ اهي ٻانها جيڪي وڏائي ڪن ٿا منهنجي عبادت کان جلد داخل ٿيندا جهنم ۾ ذليل ٿي . |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اهو آهي جنهن ٺاهي اوهان جي لاءِ رات تانته آرام ڪيو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بيشڪ الله البته فضل ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا شڪر ڪن . |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهو الله اوهان جو رب آهي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ناهي ڪوبه معبود ان کان سواءِ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا . |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اهڙي طرح اونڌا ڪيرايا وڃن ٿا اهي جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن . |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله اهو جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ۽ صورت ڏنائين اوهان کي پوءِ سهڻو بنايائين اوهان جي صورتن کي ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شين مان اهو الله اوهان جو رب آهي پوءِ برڪت وارو آهي الله پالڻهار جهانن جو . |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهي زندھه آهي ناهي ڪو معبود ان کان سواءِ پوءِ ان جي عبادت ڪيو سچو ڪندڙ ان جي لاءِ دين کي سڀ ساراھ الله جهانن جي رب لاءِ ثابت آهي . |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
فرماءِ ته بيشڪ مان روڪيو ويو آهيان هن کان ته عبادت ڪيان انهن جي جن جي اوهان عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ جڏهن موٽ وٽ روشن دليل آيا منهنجي رب وٽان ۽ امر ڪيو ويو آهيان مان ته ڪنڌ جهڪايان مان جهانن جي ربَّ جي لاءِ . |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ان کان پوءِ رت جي دڳ مان ان کان پوءِ ڪڍي ٿو اوهان کي ٻار ڪري ان کان پوءِ تانته پهچو پنهنجي جوانيءَ کي تنهن کان پوءِ تانته ٿيو اوهان پوڙها ۽ اوهان مان ڪو وفات ڪرايو وڃي ٿو اڳ ۾ تانته پهچو مدي مقرر ڪيل کي ۽ مانَ اوهان سمجهو . |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهو ئي آهي جيڪو جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو پوءِ جڏهن حڪم ڪندو آهي ڪنهن امر جو پوءِ رڳو فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ، پوءِ ٿي پوي ٿو . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن سان ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا . |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
جن ڪوڙو چيو ڪتاب کي ۽ ان کي جو موڪليو اسان ان سان پنهنجن رسولن کي پوءِ سگهو ئي ڄاڻندا . |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا . |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ان کان پوءِ باھ ۾ ٽچڪايا ويندا . |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
الله کان سواءِ چوندا ته گم ٿي ويا اسان کان بلڪه نٿي پوڄيو اسان اڳي ڪنهن شيءِ کي اهڙي طرح گمراھ ڪندو آهي الله ڪافرن کي. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
اهو ان سببان جو خوشيون ڪندا هيئو زمين تي ناحق ۽ ان سببان جو ناز ڪندا هيئو . |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
داخل ٿيو دروازن جهنم جي مان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ بڇڙي آهي جاءِ هٺيلن جي . |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ صبر ڪر بلاشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ جيڪڏهن ڏيکاريون توکي ڪجھ ان مان جيڪو وعدو ڏيون ٿا انهن کي يا رحلت ڪرايون اسين توکي پوءِ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندا . |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ البته تحقيق موڪلياسون ڪيترا رسول اڳي توکان ڪي انهن مان اهي آهن جو بيان ڪياسون توسان ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جو نه بيان ڪياسون توسان ۽ ناهي ڪنهن رسول جي لاءِ ته آڻي معجزو مگر الله جي اذن سان پوءِ جڏهن ايندو امر الله جو ته فيصلو ڪيو ويندو حق سان ۽ نقصان وارا ٿيندا اتي باطل وارا . |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيا اوهان جي لاءِ چوپايا تانته سواري بنايو انهن مان ۽ انهن مان کائو ٿا . |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ نفعا آهن ۽ تانته پهچو انهن تي (سوار ٿي) حاجت کي جيڪا اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي کنيا وڃو ٿا . |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون نشانيون پوءِ الله جي ڪهڙين آيتن جو انڪار ڪيو ٿا . |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا پوءِ نه سير ڪيائون زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا، هئا گهڻا انهن کان ۽ مضبوط قوت ۾ نشانين جي ڪري زمين ۾ پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن جي طرفان انهن عملن جيڪي ڪيا هيائون . |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن آيا انهن وٽ انهن جا پيغمبر چٽن دليلن سان ته خوش ٿيا ان سان جيڪو انهن وٽ آهي علم ۽ گهيري ۾ ورتو انهن کي ان جنهن سان چٿر ڪندا هئا . |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب ته چيائون اسان ايمان آندو الله وحده تي ۽ اسان انڪار ڪيو ان جو جنهن کي ان سان شريڪ ڪندا هئاسون . |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ نه هو جو نفعو ڏئي انهن کي انهن جو ايمان آڻڻ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب الله جو طريقو جيڪو تحقيق گذريو ان جي ٻانهن ۾ ۽ نقصان ۾ پيا اتي ڪافر . |