حم (آيت : 1) |
حا ــ ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
هي ڪتاب زبردست وڏي علم واري الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
جيڪو گناهن کي معاف ڪندڙ، توبه کي قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ ۽ وڏو فضل ڪندڙ آهي. هُن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. هر شيءِ جو موٽڻ ان جي طرف ئي آهي. |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
ڪافر ئي الله تعالى جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. (اي نبيﷺ!) پوءِ انهن جو شھرن ۾ (وڏائي سان) گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
هنن کان پھريائين نوح ($) جي قوم ۽ ٻيا گهڻائي ٽولا (پنهنجي پنھنجي رسولن کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن ۽ هر قوم پنھنجي رسول کي قابو ڪرڻ لاءِ (وڏو) زور لڳايو ۽ حق کان پري ڪرڻ لاءِ انهن سان غلط ڳالهين ۾ جهڳڙو ڪندا رهيا. بس! پوءِ ته مان سندن پڪڙ ڪئي. پوءِ ڏٺؤَ ته منھنجي سزا ڪيئن هئي؟ |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
اهڙيءَ طرح ڪافرن تي تنھنجي پالڻھار جو حڪم لاڳو ٿي ويو ته بيشڪ اهي جھنمي آهن. |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
اهي جيڪي عرش الـٰهي جا ذميدار ملائڪ آهن ۽ ان جي چوڌاري بيٺل سڀ ملائڪ پنهنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح بيان ڪن ٿا ۽ خود به ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ ايمان آڻڻ وارن لاءِ بخشش جي دعا به گهرن ٿا ته اي اسان جا پالڻھار! تون هر شيءِ کي پنھنجي رحمت ۽ علم جي آڌار تي قابو ڪري رکيو آهي، سو اهڙن ماڻهن کي معاف فرماءِ جن پنھنجي گناهن کان توبه ڪئي ۽ تنھنجي رستي جي پيروي ڪئي ۽ انهن کي جھنم جي عذاب کان بچاءِ. |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻھار! انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل فرماءِ، جنھن جو تون انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ انهن جي نيڪ والدين، گهر وارين ۽ اولاد کي به داخل فرماءِ. بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين. |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ انهن کي (هر قسم جي) برائين کان بچاءِ (سچي ڳالهه اها آهي ته) جن کي به تو قيامت جي ڏينھن برائين کان بچائي ورتو ته بيشڪ تون انهن تي وڏو رحم ڪيو، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته اڄ توهان کي پنھنجي مٿان جيڪا ڪاوڙ اچي ٿي، ان کان وڌيڪ الله تعالى کي ڪاوڙ ايندي هئي، جڏهن توهان کي ايمان ڏي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا. |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا زندگي ڏني. بس! هاڻي اسان پنھنجي گناهن جو (باقاعده) اعتراف ڪريون ٿا ته ڇا هاڻي هتان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو امڪان آهي؟ |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
توهان سان اها حالت ان ڪري ٿي آهي جو جڏهن توهان کي هڪ الله ڏي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا پر جيڪڏهن ان (الله) جو ڪنھن کي شريڪ بنايو ويندو هو ته توهان ان تي ايمان آڻيندا هئا. اڄ تمام مٿانهين الله جو ئي حڪم هلندو. |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو توهان کي پنھنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان جي لاءِ آسمان مان رزق نازل ڪري ٿو. انهن ڳالهين مان ته رڳو رجوع ڪرڻ وارا ئي نصيحت حاصل ڪندا آهن. |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
(بس) توهان دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ان کي ئي پڪاريو. ڀلي جا ڪافرن کي برو لڳي. |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
هو تمام مٿانهن درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن تي به چاهي پنھنجي حڪم سان روح ( يعني وحي) موڪليندو آهي ته جيئن ماڻهن کي الله تعالى جي آڏو پيش ٿيڻ واري ڏينھن کان ڊيڄاري. |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
جنھن ڏينھن اهي (قبرن مان) ٻاهر نڪري ايندا ته انهن جي ڪابه شيءِ الله تعالى کان لڪيل نه هوندي. (الله تعالى فرمائيندو ته) اڄ بادشاهي ڪنھن جي آهي؟ (سڀ زندهه ٿيل مخلوق پڪاري چوندي ته) اڪيلي زبردست الله تعالى جي بادشاهي آهي. |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ هر ماڻهوءَ کي پنھنجي ڪمائي جو بدلو ڏنو ويندو، ۽ ڪنھن تي به ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ الله تعالى جلد ئي حساب وٺندو آهي. |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
(اي نبيﷺ!) ماڻهن کي ان ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن انهن جو ساهه نڙگهٽن تائين وڃي پهچندو ۽ هو وڏي غم ۾ بيٺل هوندا. ظالمن جو ڪير به، نه دلي دوست هوندو ۽ نه ئي ڪو سفارشي هوندو، جنھن جي ڳالهه مڃي وڃي. |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
الله تعالى ته انهن جي اکين جي ذريعي ڪيل حرڪتن ۽ جيڪي ڪجهه انهن سينن ۾ راز لڪايا آهن، تن سڀني کي ڄاڻي ٿو. |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
الله تعالى چڱيءَ طرح حق سان فيصلو فرمائيندو پر جيڪي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي پڪارين ٿا انهن کي ڪنھن فيصلي ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي. بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ اُهي ته هنن کان تمام گهڻو طاقت ور هئا ۽ زمين تي پنھنجا نشان ٺاهڻ ۾ به (هنن کان) گهڻو وڌيڪ هئا. پوءِ الله تعالى سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. الله تعالى جي پڪڙ کان کين ڪير به بچائي نه سگهيو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
(انهن سان) اها حالت ان ڪري ٿي جو جڏهن انهن وٽ انهن مان ئي رسول سڳورا پڌرا دليل کڻي پھتا ته انهن (کين مڃڻ کان) انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ الله تعالى کين پڪڙيو. بيشڪ هو انتهائي طاقت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ اسان موسى ($) کي پنھنجي نشانين ۽ پڌرن معجزن سان گڏ موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون، هامان ۽ قارون ڏانهن، پر انهن چيو ته هي وڏو ڪوڙو جادوگر آهي. |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن هو اسان جي طرفان وٽن حق ڳالهه کڻي آيو ته انهن چيو ته اسان مان جنھن به ان تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهن (يعني موسى ۽ هارون ؐ) سان گڏ آهن تن سڀني جي پُٽن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي عورتن کي زندهه ڇڏي ڏيو. ڪافرن جي (اها) چال بلڪل ناڪام وئي. |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
هڪ ڏينھن فرعون (درٻارين جي مجلس ۾) چيو ته مون کي ڇڏيو ته مان موسى کي قتل ڪري ڇڏيان. ڀلي هو مدد لاءِ پنھنجي پالڻھار کي پڪاري. (هاڻي ته) مون کي لڳي ٿو ته هو توهان جي دين کي ئي تبديل ڪري ڇڏيندو يا وري زمين ۾ رڳو فساد ئي ڦھلائيندو وتندو. |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
موسى ($) چيو ته مان هر وڏائي خور ۽ حساب ڪتاب واري ڏينھن تي ايمان نه آڻيندڙ جي مقابلي ۾ پنھنجي پالڻھار ۽ توهان جي پالڻھار جي پناهه ورتي آهي. |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
فرعون جي درٻار ۾ ئي موجود هڪ مؤمن ماڻهو جنھن پنھنجي ايمان کي اڃا ظاهر نه ڪيو هو، تنھن چيو ته ڇا توهان اهڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪريو ٿا؟ جيڪو چوي ٿو ته الله تعالى منھنجو پالڻھار آهي (وڏي ڳالهه هي آهي ته) هن توهان وٽ توهان جي ئي (حقيقي) پالڻھار جي طرفان واضح نشانيون به آنديون آهن. جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته (اسان کي ڪھڙو نقصان آهي؟) ان ڪوڙ جو وبال مٿس ئي پوندو. پر جيڪڏهن هو سچو آهي ۽ توهان سان جيڪي (عذاب جا) وعدا ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو ته انهن مان توهان کي ڪجهه نه ڪجهه تڪليف پھچي. بيشڪ الله تعالى حد کان لنگهندڙ ڪوڙي شخص کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو آهي. |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
(مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ سمجهائيندي چيو ته) اي منھنجي قوم! اڄ توهان جي ئي بادشاهت آهي ۽ زمين تي توهان واقعي غالب آهيو پر جيڪڏهن الله تعالى جي طرفان ڪا آفت اچي وڃي ته اسان سڀني کي ان کان بچائڻ ۾ ڪير مدد ڪندو؟ فرعون چيو ته: مان توهان کي اها راءِ ٿو ڏيان جيڪا مان صحيح سمجهان ٿو. ۽ توهان کي بلڪل صحيح رستو ٻڌايان ٿو. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته اي منھنجي قوم! مون کي ڊپ آهي ته متان توهان جي مٿان وڏين قومن جھڙو (عذاب جو) ڏينھن نه اچي. |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جيئن نوح ($) جي قوم ــ عاد قوم ــ ثمود ۽ انهن کان پوءِ ايندڙ ٻين قومن جو حشر ٿيو هو ۽ الله تعالى ٻانهن جي باري ۾ ڪڏهن به ظلم جو ارادو نه ڪندو آهي. |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
(مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته) اي منھنجي قوم! مون کي ته اهو (به) ڊپ آهي ته متان توهان جي مٿان ڪو روڄ راڙي ڪرڻ وارو ڏينھن ئي نه اچي. |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ان ڏينھن توهان پُٺي ڏيئي ڀڄندا پر توهان کي الله تعالى جي عذاب کان ڪير به بچائي نه سگهندو ۽ الله تعالى جنھن کي گمراهه ڪري ان کي ڪير به سڌو رستو نٿو ڏيکاري سگهي. |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
ان کان اڳ توهان وٽ (يعني توهان جي ابن ڏاڏن وٽ) يوسف ($) واضح دليل کڻي آيو هو پوءِ توهان ان جي آندل پيغام ۾ به (برابر) شڪ ڪندا رهيا. پوءِ جڏهن هو وفات ڪري ويو ته توهان چيو ته هاڻي الله تعالى ان کان پوءِ ڪنھن کي به رسول ڪري نه موڪليندو، اهڙي طريقي سان الله تعالى شڪي ۽ حد کان لنگهندڙ ماڻهوءَ کي گمراهه ڪندو آهي. |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
هي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ جيڪي وٽن اچن ٿيون بغير ڪنھن دليل جي جهڳڙو ڪن ٿا، اهڙا ئي رويا الله تعالى ۽ مؤمنن کي سخت چِـڙَ ڏياريندا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعالى هر وڏائي خور ۽ ڏاڍائي ڪندڙ جي دل تي (لعنت جي) مھر هڻي ڇڏيندو آهي. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
فرعون چيو ته اي هامان! تون منھنجي لاءِ هڪ وڏي ماڙي ٺاهه ته جيئن مان موسيٰ جي (اصل) رستي کي هٿ ڪري وٺان. |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
يعني آسمانن واري رستن جي ذريعي پھچي مان موسى جي معبود کي وڃي (باقاعده روبرو) ڏسي وٺان. مون کي ته هو ڪوڙو ٿو نظر اچي. اهڙي طرح فرعون کي برو عمل سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (ان ذهني سوچ جي ڪري ئي) سڌي رستي کان پوئتي رکيو ويو هو. فرعون جو اهو منصوبو (کيس) تباهي ڏي وٺي وڃڻ وارو هو. |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته اي منھنجي قوم! منهنجون ڳالهيون مڃو مان توهان کي ڀلائي وارو رستو ٻڌايان ٿو. |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منھنجي قوم! هي دنيا جي حياتي ته وقتي فائدو وٺڻ واري شيءِ آهي ۽ بيشڪ آخرت هميشه رهڻ واري جاءِ آهي. |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
سو جيڪو برو عمل ڪندو ان کي اوتروئي بدلو ڏنو ويندو. پوءِ مرد هجي يا عورت، مؤمن جي حيثيت ۾ جيڪي به نيڪ عمل ڪندا ته انهن کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جتي انهن کي بغير حساب جي رزق ڏنو ويندو. |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
اي منھنجي قوم! (سچي ڳالهه هي آهي ته) مون کي ته حيراني ٿي وٺي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ توهان مون کي باهه ڏي سڏي رهيا آهيو. |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
توهان مون کي الله تعالى جو انڪار ڪرڻ تي زور ڀريو ٿا، جنھن شيءِ جو مون کي علم ئي ناهي ۽ توهان ان شيءِ کي الله تعالى سان شريڪ ڪرڻ لاءِ چئو ٿا. (حالانڪه) مان توهان کي هڪ زبردست معاف ڪندڙ (پالڻھار) ڏي سڏيان ٿو. |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بيشڪ جن ڏانهن توهان مون کي سڏيو ٿا، دنيا ۽ آخرت ۾ ته انهن کي سڏڻ جو ڪوبه حق نه آهي. اسان سڀني کي الله تعالى ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
سگهو ئي توهان منھنجي ڪيل نصيحت کي ياد ڪندا. مان پنھنجو معاملو الله تعالى تي ڇڏيان ٿو. بيشڪ الله تعالى ٻانهن جي ڪمن کي خوب ڏسندڙ آهي. |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ فرعون جا ماڻهو ان مؤمن ماڻهوءَ لاءِ جيڪي بُريون چالبازيون ڪرڻ لڳا، الله تعالى کيس انهن کان بچايو ۽ سڀني فرعونين کي بري عذاب گهيري ۾ ورتو . |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
(مرڻ کان پوءِ) اُهي سڀ صبح ۽ شام باهه جي سامھون پيش ڪيا ويندا آهن ۽ وري جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته (حڪم ٿيندو ته) سڀني فرعونين کي وڏي عذاب ۾ داخل ڪريو. |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
(اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن دوزخي دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ۽ ڪمزور ماڻهو وڏائي خورن کي چوندا ته (دنيا ۾) اسان توهان جي پويان هليا هئاسين، ته ڇا (هاڻي) توهان باهه جي عذاب جو ٿورو حصو اسان کان ٽاري سگهو ٿا؟ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
وڏائي خور انهن کي جواب ڏيندا ته بيشڪ هن (جھنم) ۾ اسان سڀ پيل آهيون (سو هتي سڀني جو هڪجھڙو حال آهي) بيشڪ ٻانهن جي وچ ۾ الله تعالى اهو فيصلو ڪري چڪو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
وري دوزخي ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا ته توهان پنھنجي پالڻھار کان دعا گهرو ته هو اسان جي عذاب ۾ هڪ ڏينھن جي ڪا هلڪائي آڻي. |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
داروغا چوندا ته ڇا توهان وٽ توهان جا رسول سڳورا واضح نشانيون کڻي نه ايندا هئا. چوندا ته: هائو برابر (هو ايندا رهيا). داروغا چوندا ته توهان پاڻ دعا گهرو (هاڻي ته) ڪافرن جي دعا گهرڻ به بيڪار آهي. |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بيشڪ اسان پنھنجي رسول سڳورن ۽ مؤمن ماڻهن جي دنيا جي زندگي ۾ به مدد ڪندا آهيون ۽ ان ڏينھن به مدد ڪنداسين جنھن ڏينھن گواهه سامھون بيٺا هوندا. |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
ان ڏينھن ظالمن کي سندن بهاني بازي ڪوبه فائدو نه ڏيندي. انهن جي مٿان لعنت پوندي ۽ انهن جي لاءِ بدترين جاءِ هوندي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ اسان موسى ($) کي سڌو رستو ڏيکاريو ۽ بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو. |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جيڪو عقل وارن جي لاءِ هدايت به آهي ته نصيحت به . |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
(اي نبيﷺ!) صبر ڪر. بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي، تون پنھنجي ڪمي بيشي جي معافي گهر ۽ صبح شام پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندو رهه. |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ جيڪي وٽن آيون آهن، بغير ڪنھن دليل جي جهڳڙو ڪن ٿا، انهن جي دلين ۾ رڳو وڏائي ڀريل آهي، حقيقت ۾ اُهي وڏا ٿي ئي نٿا سگهن (هو هميشه ننڍا ئي رهندا) بس! تون الله تعالى کان پناهه گهرندو رهه. بيشڪ هو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
(حقيقت هي آهي ته) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن جي پيدا ڪرڻ جي مقابلي ۾ تمام وڏو ڪم آهي، پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
انڌو ماڻهو (يعني سمجهه نه رکڻ وارو) ۽ اکين وارو (يعني سمجهه رکڻ وارو) ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح ايمان آڻيندڙ ۽ نيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو بدڪار ماڻهوءَ جي برابر نٿو ٿي سگهي، درحقيقت توهان ان ڳالهه ڏي گهٽ ئي ڌيان ڏيندا آهيو. |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت (ضرور) ايندي. ان جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي. پر گهڻا ماڻهو مڃين ئي نٿا. |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
توهان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته مون کان دعا گهرو، مان توهان جي دعا قبول ڪندس. بيشڪ جيڪي ماڻهو منھنجي عبادت ڪرڻ کان وڏائي ڪن ٿا سي جلد ئي ذليل ٿي جھنم ۾ داخل ٿيندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله تعالى ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ رات کي آرام حاصل ڪرڻ ۽ ڏينھن کي روشن ڪري رزق حاصل ڪرڻ جو ذريعوٺاهيو آهي. بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي وڏو فضل ڪندو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر ئي ادا نٿا ڪن. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهو الله تعالى ئي توهان سڀني جو پالڻھار آهي، جيڪو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ به توهان ڪاڏي الٽا وڃو ٿا؟ |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا تن کي ڀٽڪايو ويندو هو. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله تعالى اهو آهي جنھن زمين کي توهان جي لاءِ رهڻ جي قابل بڻايو، آسمان کي ڇت بنايو، توهان جون شڪليون ٺاهيون، جيڪي تمام خوبصورت آهن ۽ توهان کي پاڪيزهه شين مان رزق ڏنو. اهوئي الله تعالى آهي جيڪو توهان جو پالڻھار آهي، وڏي برڪت وارو آهي، الله تعالى، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
هو زندهه آهي ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. توهان دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان کي ئي سڏيو. (بيشڪ) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته (بھرحال) مون کي ان ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ته مان انهن جي عبادت ڪريان جن جي الله تعالى کي ڇڏي توهان عبادت ڪريو ٿا. حالانڪه مون وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان واضح ۽ چِٽا دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي اهو حڪم ڪيو ويو آهي ته مان پنھنجي پالڻھار جو فرمانبردار ٿي رهان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اهو (الله) ئي آهي جنھن توهان کي مٽيءَ مان ٺاهي نطفي جي شڪل ۾ آندو وري ان (نطفي) کي رت جو دِڳ ٺاهيو پوءِ توهان کي ٻار جي شڪل ۾ ٻاهر آڻي ٿو ته جيئن توهان پنھنجي جواني کي پھچو. پوءِ توهان کي پوڙهو ڪري ڇڏي ٿو ۽ وري ڪن کي ته پوڙهي ٿيڻ کان اڳ ئي (ڪنهن به وقت) موت ڏئي ٿو ۽ ڪن کي مقرر ڪيل وقت تائين پهچائي ٿو ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو زندگي ۽ موت ڏئي ٿو پوءِ جڏهن هو ڪنھن ڪم جو فيصلو ڪندو آهي ته چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اُهو ”ٿي پوندو“ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله تعالى جي آيتن جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا؟ هي ماڻهو ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
جيڪي ماڻهو هن ڪتاب ۽ انهن شين کي جيڪي اسان پنھنجي رسول سڳورن جي ذريعي موڪليون آهن، سڀني کي ڪوڙو ڪن ٿا، کين جلد ئي حقيقت جي خبر پئجي ويندي. |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن انهن جي ڳچين ۾ ٽوڙها پيل هوندا ۽ کين زنجيرن ۾جڪڙي گھليو ويندو. |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
(پوءِ هو) ٽچڪيل پاڻي ڏانھن (ايندا) ۽ کين باهه ۾ اڇلايو ويندو. |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
۽ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا؟ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
الله تعالى کان سواءِ (جن جي توهان پوڄا ڪندا هئا؟)هُو (مشرڪ) چوندا ته اُهي اسان جي نظرن کان گُم ٿي ويا آهن. اسان ته هن کان اڳ ڪنھن کي به نه سڏيندا هئاسون. الله تعالى اهڙيءَ طرح ڪافرن جي گمراهي کي ثابت ڪندو. |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
هي سڀ ان ڪري ٿيو جو توهان زمين ۾ غلط ڳالهين تي خوش ٿيندا هئا ۽ تڪبر به ڪندا هئا. |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
(هاڻي) جھنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو. جنهن ۾ توهان هميشه لاءِ رهندا. وڏائي خورن لاءِ ڪيڏي نه بُري جڳھه آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
بس! (اي نبيﷺ!) صبر ڪر! بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي. جيڪڏهن اسان توکي (تنهنجي حياتي ۾) انهن سان ڪيل وعدي جو ڪجهه حصو ڏيکاريون يا تنھنجي وفات کان پوءِ ڏيکاريون (بھرحال اڳي پوءِ) اُهي سڀ اسان ڏي ئي موٽايا ويندا. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (انهن ڏي) انهن مان ئي ڪيترا رسول سڳورا موڪليا هئاسين، جن جو ذڪر اسان توهان سان ڪري ڇڏيو ۽ وري انهن مان ڪجهه اهڙا به رسول سڳورا آهن جن جو ذڪر توهان سان نه ڪيو آهي. ڪنھن به رسول ۾ اها جرئت نه هئي ته هو الله تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪا هڪ به نشاني آڻي سگهي. جڏهن الله تعالى جو حڪم ايندو ته انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو. ڪوڙا ماڻهو ان وقت وڏي نقصان ۾ پوندا. |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله تعالى اهو آهي جنھن توهان جي لاءِ چوپايا (يعني چئن پيرن تي هلڻ وارا) جانور پيدا ڪيا ته جيئن توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ۽ ڪن جو گوشت کائو. |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ انهن جانورن ۾ توهان لاءِ ٻيا به فائدا آهن جيئن توهان انهن جي ذريعي پنھنجي مرضيءَ سان جيڏانهن چاهيو وڃي سگهو ٿا ۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي توهان کي سوار به ڪيو ويندو آهي. |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
اهو (الله) توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ توهان الله تعالى جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ هو ته هِنن کان گهڻائي ۾ به وڌيڪ هئا ۽ گهڻو طاقت ور به هئا ۽ زمين ۾ پنھنجا (فني) نشان ٺاهڻ ۾ به انهن ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ هئا (پر) تنھن هوندي به کين اها ڪمائي ڪجهه به ڪم نه آئي. |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
انهن وٽ جڏهن به سندن رسول سڳورا واضح نشانيون کڻي آيا ته هو پنھنجي (دنيا واري) صلاحيتن ۽ فن تي ويھي ٽڏڻ (۽ ڦونڊجڻ) لڳا پوءِ جنھن شيءِ تي هو ٽوڪون ڪندا هئا، اها ئي شيءِ مٿن اچي ڪڙڪي. |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن اُنهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا، اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جن کي اسان اڳ اُن سان گڏ شريڪ ڪندا هئاسون تن سڀني جو انڪار ڪريون ٿا. |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پر اسان جو عذاب ڏسڻ کان پوءِ کين سندن ايمان ڪوبه فائدو نه ڏئي سگهيو. الله تعالى جو پنھنجي ٻانهن ۾ اهوئي طريقو هلندڙ آهي. اهڙي وقت ڪافر ماڻهو وڏي نقصان ۾ پئجي ويا. |