حم (آيت : 1) |
ح ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو طرفان آهي الله جي جيڪو زبردست، سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
معاف ڪندڙ گناهن کي ۽ قبول ڪندڙ توبهه کي، سخت سزا ڏيندڙ، وڏو ڏاتار سخي آهي، ناهي ڪوبه خدا سواءِ ان جي، انهيءَ ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
نه ٿا تڪرار ڪن الله جي آيتن ۾ سواءِ انهن ماڻهن جي جن ڪفر ڪيو آهي، تنهنڪري ڌوڪي ۾ نه وجهي ڪنهن کي سندن هلڻ چلڻ دنيا جي ملڪن ۾ |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
ڪوڙو پئي چيو انهن کان اڳي قومِ نوح ۽ ٻين ٽولن انهن کان پوءِ به ائين ڪيو ۽ ارادو ڪيو انهن کان پوءِ هر امت پنهنجي رسول لاءِ ته پڪڙن انهيءَ کي ۽ جهڳڙو ڪن ڪوڙ سان جيئن ٿيڙين ان سان سچي دين کي، پوءِ مون پڪڙيو انهن کي پوءِ ڪيئن هئي سزا منهنجي؟ |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو حڪم تنهنجي رب جو انهن تي جن ڪفر ڪيو، ته يقينًا اهي صاحب آهن دوزخ جا |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
اهي (ملائڪ) جيڪي کڻن ٿا عرش کي ۽ جيڪي چوڌاري بيٺل آهن اهي سڀ حمد سان گڏ تسبيح پيا ڪن پنهنجي رب جي ۽ ايمان رکندڙ آهن ان تي ۽ بخشش جي دعا ڪندا آهن انهن ئي ايمان وارن لاءِ، چوندا آهن، اسان جا رب! تون ڇانيل آهين هر شيءِ تي پنهنجي رحمت ۽ علم سان، تنهنڪري معاف ڪر انهن ماڻهن کي جن توبهه ڪئي ۽ اختيار ڪئي تنهنجي راهه ۽ انهن کي بچاءِ عذاب کان |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا رب! داخل ڪر انهن کي (سدائين لاءِ) انهن باغن ۾ جن جو تو وعدو ڪيو ته انهن سان ۽ جيڪي سڌري ويا انهن جي ابن ڏاڏن مان ۽ انهن جي زالن ۽ سندن اولاد مان صالحن کي (اتي وٽن پهچاءِ)، بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ بچاءِ انهن کي براين کان، ۽ جنهن کي تو بچائي ورتو براين کان قيامت جي ڏينهن، پوءِ ان تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي آهي ڪاميابي تمام وڏي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کي (قيامت ڏينهن) سڏي ٻڌائبو ته ڪاوڙ الله جي تمام وڏي توهان جي ڪاوڙ کان جيڪا توهان کي (هن وقت) پاڻ ئي اچي پئي، جڏهن سڏيو ويندو هو توهان کي ايمان ڏي ته توهان ڪفر ڪندا هئا |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
چوندا ته، اي اسان جا رب! تو واقعي اسان کي موت ڏنو ٻه ڀيرا ۽ حياتي ڏني اسان کي ٻه ڀيرا، هاڻي اسان اعتراف ڪريون ٿا پنهنجي ڏوهن جو، ڇا هاڻي هتان نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي؟ |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(جواب ملندو) اها حالت جنهن ۾ توهان قابو آهيو، ان ڪري آهي جو جڏهن سڏيو ويندو هو الله اڪيلي ڏانهن ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪندا هئا ۽ جڏهن ملايو ويندو هو ٻين سان ان کي ته مڃي وٺندا هئا، هاڻي فيصلو الله وٽ آهي جيڪو مٿانهون ۽ وڏو آهي |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اهو ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو توهان کي پنهنجون نشانيون ۽ پالوٽ ڪندو آهي توهان تي آسمان مان رزق جي، (پر انهن مان) نٿو پرائي اهو شخص جيڪو ورڻ وارو (الله ڏانهن) |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
(پوءِ ورڻ وارؤ!) سڏيو الله کي، خالص ڪريو ان جي لاءِ پنهنجي دين کي، پوءِ ڀلي اهو ڪيترو به اڻ وڻندڙ هجي ڪافرن کي |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
اهو بلند درجن وارو مالڪ آهي عرش جو، نازل ڪندو آهي روح (وحي) کي پنهنجي حڪم سان جنهن تي به چاهي پنهنجي بندن مان، جيئن اهو خبردار ڪري ان ملاقات واري ڏينهن کان |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
اهو ڏينهن جڏهن (سڀ ماڻهو) پڌرا هوندا، نه هوندي لڪل الله کان سندن ڪابه ڳالهه، (ان ڏينهن پڇيو ويندو) ڪنهن جي بادشاهي آهي اڄ؟ الله جي (سارو عالم چوندو) جيڪو واحد القهار آهي |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
(چيو ويندو) اڄ بدلو ملندو هر ساهواري کي، جيڪو ڪمايو اٿس، ڪوبه نه ٿيندو ظلم (ڪنهن سان) اڄ، بيشڪ الله تمام تڪڙو آهي حساب وٺڻ ۾ |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
(اي نبي!) ڊيڄار انهن ماڻهن کي ان ڏينهن کان جيڪو ويجهو اچي پهتو آهي جڏهن دليون نڙگهٽن ۾ هونديون رڳو ڳيتون پيا ڏيندا، (ڏک ۾ ڀريل هوندا) ڪوبه ظالمن جو دوست نه هوندو ۽ نه سفارشي جنهن کي مڃيو وڃي |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
ڄاڻي ٿو (الله) چوري نگاهن جي کي، ۽ اهي (راز) جيڪي لڪل آهن سينن ۾ |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله (بنا رعايت جي) فيصلو ڪندو ٺيڪ حق وارو، ۽ رهيا اهي ماڻهو (مشرڪ) جيڪي پڪارين ٿا ٻين کي (الله کي ڇڏي) ناهن اهي فيصلو ڪندڙ ڪنهن به شيءِ جو، بيشڪ الله اهو ئي آهي ٻڌندڙ ڏسندڙ |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
ڇا (اهي ماڻهو) ڪڏهن گهميا ڦريا نه آهن زمين ۾، جو کين نظر اچي ها انهن ماڻهن جي پڄاڻي، جيڪي انهن کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ اهي انهن کان وڌيڪ سخت هئا طاقت ۾ ۽ زبردست نشان زمين ۾ ڇڏي ويا پر پڪڙي ورتو الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري ۽ ڪير به نه هو انهن کي الله کان بچائڻ وارو |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اها سندن (پڄاڻي) ان ڪري ٿي جو آنديون سندن رسولن چٽيون نشانيون ته انهن ڪفر ڪيو، پوءِ پڪڙي ورتو کين الله، بيشڪ اهو وڏي طاقت وارو سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان ۽ معجزن ظاهر ظهور سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ڏانهن ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن، پوءِ انهن چيو هي جادو آهي، ڪوڙو آهي |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جڏهن ان آندو انهن وٽ حق اسان جي طرفان، ته انهن چيو، قتل ڪري ڇڏيو انهن جي پٽن کي جن ايمان آڻي ان سان شامل ٿيا آهن ۽ جيئرو ڇڏيو نياڻين کي، پر نه ٿيو فريب ڪافرن جو پر (سراسر) بيڪار |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ (هڪ ڏينهن) چيو فرعون (درٻارين کي) ڇڏيو مون کي ته قتل ڪريان موسيٰ کي ۽ ڀلي اهو سڏي پنهنجي رب کي، مون کي ڊپ آهي ته (هو) بدلائي ڇڏيندو توهان جو دين يا برپا ڪندو ملڪ ۾ ڪو فساد |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
۽ چيو موسيٰ، بيشڪ مون ورتي آهي پناهه پنهنجي رب ۽ توهان جي رب کان هر انهيءَ تڪبر واري جي مقابلي ۾ جيڪو ايمان نٿو رکي حساب جي ڏينهن تي |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ (هن موقعي تي) چيو هڪ شخص جيڪو مؤمن هو، گهراڻي فرعون مان هو، لڪائي رکيو هئائين پنهنجي ايمان کي، ڇا توهان قتل ڪندؤ هڪ ماڻهو کي ان لاءِ ته هو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي؟ جڏهن ته اهو آيو آهي توهان وٽ چٽيون نشانيون کڻي توهان جي رب طرفان ۽ جي هوندو اهو ڪوڙو ته پوءِ پوندو ان تي سندس ڪوڙ ۽ جي هوندو اهو سچو ته ضرور اچي نتيجا پوندا (توهان تي) جن جا وعدا ڪري پيو توهان سان، بيشڪ الله نٿو ڪري هدايت اهڙي شخص کي جيڪو حدون ٽپندڙ ڪوڙو هجي |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منهنجي قوم! توهان کي بادشاهي حاصل آهي اڄ غالب آهيو زمين ۾، پر ڪير مدد ڪندو اسان جي، جي پڪڙ ڪئي الله عذاب ايندو اسان تي، چيو فرعون، آئون اها راءِ ڏيان ٿو جيڪا (مناسب) نظر اچي ٿي مون کي ته ان ڏي رهبري ڪريان توهان جي جيڪا واٽ درست آهي |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ ان شخص چيو جنهن ايمان آندو هو، اي منهنجي قوم! ڊپ اٿم ته متان توهان تي به اهڙو نه اچي ڏينهن جهڙو اڳي ڪيترن ٽولن تي آيو آهي |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جيئن حال ٿيو قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن کان پوءِ وارين (قومن) تي آيو هو ۽ حقيقت اها آهي ته الله نٿو چاهي ظلم ڪرڻ پنهنجن ٻانهن تي |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي قوم! بيشڪ مون کي ڊپ آهي ته توهان تي نه اچي آهه وزاري جو ڏينهن |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنهن ڏينهن توهان هڪ ٻئي کي سڏيندا وتندؤ هيڏي هوڏي، پر نه هوندو توهان کي الله کان ڪير به بچائڻ وارو ۽ جنهن کي ڀٽڪائي الله (سچ اهو آهي ته) تنهن جي رهنمائي ڪوئي نه ڪندو |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ آيو توهان وٽ يوسف ان کان پهرين چٽيون نشانيون کڻي، پر يڪو رهيا توهان شڪ ۾ سندس آندل تعليم جي باري ۾، پوءِ جڏهن سندس انتقال ٿي ويو ته توهان چيو، هاڻي نه موڪليندو الله ان کانپوءِ ڪوبه رسول، اهڙيءَ طرح گمراهيءَ ۾ الله وجهي ڇڏيندو آهي سڀني کي جيڪي حد ٽپندڙ شڪ ڪندڙ هوندا آهن |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
اهي ماڻهو جهڳڙو ڪندڙ آهن آيتن الله جي ۾ بنا ان ڳالهه جي ثابتي جي يا ڪو دليل آيو هجي، اها هلت وڏي ڪاوڙ ڏياريندڙ آهي الله وٽ ۽ انهن وٽ جيڪي ايمان وارا آهن، اهڙيءَ طرح مُهر هڻندڙ آهي الله هر انهيءَ دل تي جيڪي وڏائي ڪندڙ سرڪش آهن |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ چيو فرعون، اي هامان! ٺهراءِ منهنجي لاءِ هڪ اوچي ماڙي جيئن پهچان رستن تي |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
رستا اهي جيڪي آسمان تائين آهن پوءِ جهاتي پائي ڏسان موسيٰ جي خدا کي ۽ بيشڪ آئون (موسيٰ کي) ڪوڙو ٿو ڀانيان، ۽ اهڙيءَ طرح سهڻو بڻايو فرعون جي لاءِ بڇڙو عمل ڏسڻ ۾ ۽ هو روڪيو ويو سڌي واٽ کان، ۽ جيڪا رٿ هئي فرعون جي چالبازي جي اها سندس تباهيءَ ۾ ڪم آئي |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
۽ چيو ان شخص جنهن ايمان آندو هو، اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهه مڃو، آئون ٻڌايان ٿو توهان کي رستو صحيح |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منهنجي قوم! بيشڪ هيءَ حياتي دنيا جي ٿورا ڏينهن آهي ۽ بيشڪ آخرت جو هنڌ رهڻ جو سدائين جو آهي |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جيڪو عمل بڇڙا ڪندو پوءِ ان لاءِ جزا ان جهڙي ئي هوندي ۽ جيڪو عمل سُٺا ڪندو، اهو کڻي مرد هجي يا عورت، پر اهو مؤمن هجي، اهڙا سڀ ماڻهو داخل ڪيا ويندا جنت ۾، اتي رزق انهن کي ملندو بنا ڪنهن حساب جي |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
۽ اي منهنجي قوم! آخر ائين ڇو آهي جو سڏيان پيو توهان کي ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ توهان ته مون کي سڏيو پيا باهه ڏانهن؟ |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
توهان دعوت پيا ڏيو مون کي ته ڪفر ڪريان الله سان ۽ شريڪ ڪريان ان سان انهن کي جن بابت مون کي ڪوبه علم ناهي، ۽ جڏهن ته آئون سڏيان پيو توهان کي ان ڏي جيڪو وڏو بخشڻهار آهي |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
حق هي آهي ته ان جي ابتڙ ٿي نٿو سگهي سڏيو جنهن ڏي توهان کي، جڏهن ته سڏڻ جو ڪو حق ناهي ان دنيا ۾ ۽ نه وري ڪو آخرت ۾، ۽ بيشڪ اسان سڀني کي موٽڻو آهي الله ڏانهن ۽ بيشڪ حد کان ٽپندڙ باهه ۾ پوڻ وارا آهن |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
پوءِ سگهوئي ياد ڪندؤ ان کي، آئون جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان توهان کي، ۽ آئون حوالي ٿو ڪريان پنهنجو معاملو الله کي، بيشڪ الله نگهبان آهي پنهنجن ٻانهن جو |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ بچايو ان (مؤمن) کي الله انهن سڀني خراب منصوبن کان جيڪي انهن سٽيا هئا ۽ پئجي ويو آل فرعون تي بڇڙو عذاب |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
اها دوزخ جي باهه آهي پيش ڪيا ويندا ان جي سامهون صبح ۽ شام، ۽ جڏهن قائم ٿيندي قيامت (حڪم ٿيندو) داخل ڪريو پوئلڳن سميت فرعون کي سخت عذاب ۾ |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ جڏهن اهي جهڳڙو ڪندا باهه ۾، پوءِ چوندا ڪمزور انهن ماڻهن کي جيڪي هٺ وڏائي وارا هوندا، بيشڪ اسان هئاسون توهان جا پوئلڳ، پوءِ ڇا توهان بچائي سگهندؤ اسان کي ٿورڙو هن دوزخ جي باهه کان؟ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
چوندا اهي ماڻهو جيڪي آڪڙ ڪندا هئا، اسان ته سمورا مڪمل ان ۾ آهيون، بيشڪ الله فيصلو ڪيو آهي وچ ۾ پنهنجي ٻانهن جي |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
پوءِ چوندا اهي ماڻهو جيڪي دوزخ ۾ پيل هوندا، دوزخ جي داروغن کي، دعا گهرو پنهنجي رب کان ته هلڪو ڪري اسان تان رڳو هڪ ڏينهن هن عذاب جو |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
اهي پڇندا ڇا نه آيا هئا توهان وٽ رسول توهان جا چٽين نشانين سان؟ اهي چوندا هائو، داروغا چوندا، پوءِ پاڻ گهرو دعا پر اها دعا ڪافرن جي (ڪجهه ناهي) سواءِ بيڪار ثابت ٿيڻ جي |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بيشڪ اسان مدد ڪندا آهيون پنهنجي رسولن ۽ انهن ماڻهن جي جيڪي ايمان وارا آهن دنيا جي حياتي ۾ (ضرور) ۽ ان ڏينهن به جڏهن بيٺا هوندا شاهد |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنهن ڏينهن ڪوبه فائدو نه ڏيندي ظالمن کي سندن ڪابه معذرت (بهانو) ۽ انهن تي لعنت پوندي ۽ انهن جي لاءِ بڇڙو ٺڪاڻو آهي (سندن نصيب ۾) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ بيشڪ اسان عطا ڪئي موسيٰ کي رهنمائي ۽ وارث بڻايوسين بني اسرائيل کي ان ڪتاب جو |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جيڪو هدايت ۽ نصيحت هو عقل رکڻ وارن جي لاءِ |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر، بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي ۽ معافي وٺ پنهنجي قصور جي ۽ تسبيح ڪندو رهه واکاڻ سان پنهنجي رب جي صبح ۽ شام جو |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
تحقيق جيڪي ماڻهو جهڳڙو ڪري رهيا آهن الله جي آيتن ۾ بنا ڪنهن سَنَدَ جي جيڪا وٽن آئي هجي، ڀريل آهي انهن جي دلين ۾ وڏائي، پر اهي ته ان کي رسڻ وارا ناهن (جنهن جو اهي غرور رکن ٿا) تون پناهه گهر الله کان، بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي ٿو |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جو وڏو ڪم آهي بنسبت پيدا ڪرڻ انسانن جي، پر ڪيترا ماڻهو اهو (سڀڪجهه) ڄاڻن ئي نٿا |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ ائين ٿي نٿو سگهي ته برابر هجي انڌو ۽ اکين وارو، ۽ نه وري اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، اهي برابر هجن بدڪارن جي، ٿورو ئي توهان ماڻهو عقل رکو ٿا |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت جي گهڙي ضرور ايندي ۽ ان جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر گهڻا ماڻهو ته ايمان ئي نٿا رکن |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ چوي ٿو توهان جو رب، سڏيو مون کي، قبول ڪندس دعائون توهان جون، بيشڪ جيڪي ماڻهو تڪبر ۾ منهنجي عبادت کان منهن موڙين ٿا، اهي ضرور داخل ٿيندا دوزخ ۾ ذليل ۽ خوار ٿي |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اهو ئي آهي جنهن ٺاهي آهي توهان جي لاءِ رات، جيئن سڪون حاصل ڪريو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن ڪيو آهي، بيشڪ الله وڏو فضل ڪندڙ آهي ماڻهن تي، پر گهڻا ماڻهو (ڪوبه) شڪر ادا نٿا ڪن |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اهو الله توهان جو رب (جنهن اهو سڀڪجهه ڪيو آهي) اهو خالق آهي هر شيءِ جو، ناهي ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ان کان سواءِ، پوءِ ڪٿان کان توهان برغلايا پيا وڃو؟ |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اهڙيءَ طرح اهي سڀ برغلايا پئي ويا جيڪي ڪندا هئا الله جي آيتن جو انڪار |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
اهو الله ئي ته آهي جنهن بڻايو توهان جي لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان جو گنبذ بڻايو ۽ توهان کي صورت ڏني جيڪا ڏاڍي حسين صورت آهي توهان جي ۽ رزق ڏنو توهان کي منجهان پاڪ شين جي، اهو ئي توهان جو الله توهان جو رب آهي، بيشمار برڪتن وارو الله رب آهي پوري ڪائنات جو |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اهو ئي جيئرو آهي ناهي ڪوبه الله ان کان سواءِ، پوءِ انهيءَ کي ئي توهان سڏيو خالص ٿي پنهنجي دين جي لاءِ، سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي سڀني عالمن جي لاءِ |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
اي نبي! چؤ انهن ماڻهن کي ته روڪيو ويو آهي مون کي انهن هستين جي عبادت کان جن کي سڏيو ٿا توهان الله کي ڇڏي، آئون اهو ڪم ڪيئن ڪندس مون وٽ چٽيون نشانيون آهن پنهنجي رب وٽان، ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون جهڪايان سر پنهنجي رب العالمين جي اڳيان |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اهو ئي ته آهي (الله) جنهن پيدا ڪيو توهان کي مٽيءَ مان، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ ٻاهر آڻيندو آهي توهان کي ٻار بڻائي، پوءِ وڌائيندو آهي توهان کي ته پوري سگهه کي پهچو، پوءِ اڃا به وڌائيندو آهي ته پوڙها ٿيو، جڏهن ته توهان مان ڪو واپس گهرايو ويندو آهي اڳ ۾، اهو سڀ ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته توهان منهنجي مقرر وقت کي پهچو ۽ توهان حقيقت کي پروڙي وٺو |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
اهو ئي آهي (الله) زندگي ڏيڻ ۽ موت ڏيڻ وارو، پوءِ جنهن ڳالهه جو به فيصلو ڪندو آهي ته بس بيشڪ هڪ حڪم ڏيندو آهي ”ٿي پؤ“ ته اها ٿي پوندي آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي آيتن بابت، اهي ڪيڏانهن ته ڦيرايا ٿا وڃن؟ |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
جيڪي ماڻهو ڪوڙو چون ٿا هن ڪتاب کي ۽ جيڪي موڪليا هئا اسان (ڪتاب) گڏي پنهنجي رسولن سان، پوءِ جلد انهن کي معلوم ٿي ويندو |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏهن ڳٽ هوندا سندن ڳچين ۾، ۽ زنجيرون جن سان (کين) گهلي آندو ويندو |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽهڪندڙ پاڻي ۾، پوءِ دوزخ جي باهه ۾ اڇلائي ٻاريا ويندا |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
پوءِ پڇيو ويندو انهن کان، ڪٿي آهن اهي ٻيا جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا؟ |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
ڇڏي الله کي؟ اهي جواب ڏيندا، گم ٿي ويا اهي اسان کان، پر اسان نه پڪاريندا هئاسين ان کان اڳ ۾ ڪنهن به شيءِ کي، اهڙيءَ طرح گمراهه ٿيڻ ثابت ڪندو الله ڪافرن جو |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
۽ انهن کي چيو ويندو، اها توهان جي پڄاڻي ان ڪري ٿي آهي جو زمين ۾ حق بنا مست هئا ۽ ان تي توهان ڦونڊجي ويندا هئا |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
هاڻي داخل ٿي وڃو دروازن دوزخ جي مان، اتي ئي هميشه رهڻو آهي توهان کي، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي هٺيلن جو |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر، بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي، پوءِ جي ڏيکاريون توکي اهو حصو جيڪو اسان ساڻن وعدو ڪيو سندن برن نتيجن جو، اسان کين ڊيڄاريو پئي يا توکي پاڻ وٽ کڻي وٺون بهرحال کين اسان ڏي موٽڻو آهي |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ (اي نبي!) ڪيترا ئي رسول موڪلي چڪا آهيون توکان اڳي انهن وٽ، جن مان ڪن جا حال اسان توکي ٻڌايا آهن ۽ انهن مان (ڪيترن جا) ناهن ٻڌايا احوال توکي، ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته ڪابه نشاني پاڻ کڻي اچي ها سواءِ حڪم الله جي، پوءِ جڏهن اچي ويو حڪم الله جو ته فيصلو ڪيو ويو حق مطابق ۽ خساري ۾ پئجي ويا اتي ڪوڙا (ماڻهو) |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله ئي بڻايا آهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور جيئن سوار ٿيو ڪن تي ۽ انهن مان ڪن جو (گوشت) کائو |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ توهان جي لاءِ انهن ۾ فائدا آهن ڪيترا ۽ پهچي سگهو انهن جي وسيلي ڪم جي لاءِ جتي به توهان جي دل چاهي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي به سوار ڪيا وڃو ٿا |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ ڏيکاري ٿو پنهنجون نشانيون (الله) پوءِ ڪيئن نشانين (قدرتن) الله جي کان انڪار ڪندؤ |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ ڇا اهي گهميا ڦريا ناهن زمين ۾، جو کين نظر اچي ها ته ڪهڙي ٿي عاقبت (پڇاڙي) انهن (ماڻهن) جي جيڪي اڳي ٿي گذريا انهن کان، اهي تعداد ۾ وڌيڪ هئا هنن کان ۽ وڌيڪ طاقت وارا به ۽ آثار به زمين ۾ کانئن وڌيڪ شاندار ڇڏي ويا، جيڪا به ڪمائي ڪئي انهن سا کين ڪهڙي ڪم آئي؟ |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جڏهن آيا انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي ته اهي محو رهيا انهيءَ ۾ جيڪو وٽن علم هو ۽ پوءِ وڪڙ ۾ اچي ويا جنهن تي اهي خود چٿرون ڪندا هئا |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جڏهن ڏٺو انهن اسان جي عذاب کي، ته چوڻ لڳا، ايمان آندو سين الله وحده لا شريڪ تي ۽ اسان انڪار ڪريون ٿا انهن مڙني خدائن جو جن کي اسان ساڻس شريڪ ٿي ڪيو |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پر اهو ڪوبه فائدو ڏئي نه سگهيو انهن جي ايمان کي جڏهن انهن ڏٺو اسان جو عذاب، هي ضابطو آهي الله جو مقرر جيڪو جاري رهيو آهي سندس بندن ۾، ۽ خساري ۾ پئجي ويا (ان وقت) اهي ڪافر |