يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي هڪڙيءَ ئي جان مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ ئي جان مان سندس زال پيدا ڪيائين ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا ئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيائين. انهيءَ الله کان ڊڄو، جنهن جو واسطو وجهي توهان هڪ ٻئي کان پنهنجا حق گهرو ٿا ۽ مٽي مائٽيءَ وارن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪريو. پڪ ڄاڻو ته الله توهان تي چوڪسي ڪري رهيو آهي |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
يتيمن جا مال ملڪيتون کين واپس ڏيو، سٺي ملڪيت کي خراب ملڪيت سان نه مٽايو ۽ سندن ملڪيت پنهنجي ملڪيت سان گڏائي نه کائي وڃو، اهو تمام وڏو گناهه آهي |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن توهان کي ڊپ ٿئي ته متان يتيمن (يتيم ڇوڪرين) سان انصاف نه ڪري سگهو ته جيڪي عورتون توهان کي پسند اچن، انهن مان ٻن ٻن ٽن ٽن چئن چئن سان نڪاح ڪريو. پر جيڪڏهن توهان کي ڊپ ٿئي ته متان انهن سان عدل نه ڪري سگهو ته پوءِ هڪ ئي زال هجي. يا انهن عورتن کي زال بڻايو جيڪي توهان جي هٿ وس آيل آهن، بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ اهو وڌيڪ مناسب آهي |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ عورتن جا مــَـهــَـرَ دل جي خوشيءَ سان (فرض ڄاڻندي) ادا ڪريو. پر جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي رضا خوشيءَ سان مهر جو ڪو حصو توهان کي معاف ڪري ڇڏين ته پوءِ ڀلي اهو کائي مزو ڪريو |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ پنهنجا اهي مال ملڪيتون، جن کي الله توهان لاءِ زندگي برقرار رکڻ جو وسيلو بڻايو آهي، نادانن جي حوالي نه ڪريو، باقي کائڻ ۽ پهرڻ لاءِ کين ڏيندا رهو ۽ انهن کي نيڪيءَ جي هدايت ڪندا رهو |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن کي آزمائيندا رهو، تان جو هو اچي پرڻجڻ لائق ٿين. پوءِ جيڪڏهن توهان منجهن لياقت ڏسو ته سندن مال ملڪيت سندن حوالي ڪري ڇڏيو. ائين ڪڏهن به نه ڪجو ته انصاف جي حد اورانگهي انهيءَ ڊپ کان سندن ملڪيت اڳيئي تڪڙ ڪري کائي کپائي ڇڏيو ته متان وڏا ٿي پنهنجو حق گهرن. يتيم جو سنڀاليندڙ جيڪو مالدار هجي، اهو پرهيزگاريءَ کان ڪم وٺي ۽ جيڪو غريب هجي ته دستور موجب، مقرر ۽ مناسب طرح کائي. پوءِ جڏهن سندن مال ملڪيت کين سونپڻ لڳو ته ماڻهن کي ان ڳالهه جو شاهد بڻايو ۽ حساب وٺڻ لاءِ الله ڪافي آهي |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
مردن لاءِ انهيءَ ملڪيت ۾ حصو آهي، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن پويان ڇڏي هجي ۽ عورتن لاءِ به انهيءَ ملڪيت ۾ حصو آهي، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن پويان ڇڏي هجي، ٿوري هجي توڙي گهڻي ۽ اهو حـصو (الله جي طرفان) مقرر ڪيل آهي |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن ورهاست جي وقت ڪٽنب جا ماڻهو ۽ يتيم ۽ مسڪين اچي وڃن ته انهيءَ مال ملڪيت مان انهن کي به ڪجهه نه ڪجهه ڏيو ۽ ساڻن سهڻي نموني ڳالهايو |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جو خيال ڪري ڊڄڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي پٺيان بنا سهاري جي اولاد ڇڏي وڃن ها ته مرڻ وقت کين پنهنجن ٻارڙن جي باري ۾ ڇا ڇا نه انديشا لاڳو ٿين ها، تنهنڪري کين الله جو خوف ڪرڻ گهرجي ۽ حق جي ڳالهه چوڻ گهرجي |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
جيڪي ماڻهو ظلم سان يتيمن جا مال ملڪيتون کائن ٿا، حقيقت ۾ اهي پنهنجن پيٽن ۾ باهه ٿا وجهن ۽ هو ضرور جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ اڇلايا ويندا |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
توهان جي اولاد بابت الله توهان کي هدايت ڪري ٿو ته: مرد جو حصو ٻن عورتن جي حصي جي برابر آهي. جيڪڏهن (ميت جون وارث) ٻن کان مٿي ڌيئر آهن ته کين ڇڏيل ملڪيت جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو ملندو ۽ جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءُ وارث آهي ته اڌ حصو ان جو آهي. جيڪڏهن ميت اولاد وارو آهي ته ماءُ پيءُ مان هرهڪ کي ڇڏيل ملڪيت جو ڇهون حـصو ملندو ۽ جيڪڏهن هو اولاد وارو نه آهي ۽ ماءُ پيءُ ئي سندس وارث آهن ته ماءُ کي ٽيون حصو ملندو ۽ جيڪڏهن ميت جا ڀائر ڀينر به آهن ته ماءُ ڇهين پتيءَ جي حقدار ٿيندي (اهي سڀئي حصا تڏهن ڪڍيا ويندا) جڏهن ميت جي ڪيل ڪا وصيت هجي ته اها پوري ڪئي وڃي ۽ قرض جيڪو مٿس هجي سو ادا ڪيو وڃي. توهان کي ڪهڙي خبر ته توهانجي ماءُ پيءُ ۽ توهان جي اولاد مان نفعي رسائڻ جي خيال کان ڪير توهان جي وڌيڪ ويجهو آهي. اهي حصا الله مقرر ڪيا آهن ۽ بيشڪ الله سڀني حقيقتن کان واقف ۽ سڀني مصلحتن جو ڄاڻندڙ آهي |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ توهان جون زالون جيڪي ڪجهه پويان ڇڏي ويون هجن، ان جو اڌ توهان کي ملندو جيڪڏهن هو بي اولاد هجن، نه ته اولاد هجڻ جي صورت ۾ ڇڏيل ملڪيت جي چوٿين پتي توهان جي آهي، جڏهن جو سندن ڪيل وصيت پوري ڪئي وڃي ۽ سندن رهايل قرض ادا ڪيو وڃي ۽ هو توهان جي ڇڏيل ملڪيت مان چوٿين پتيءَ جون حقدار بڻبيون جيڪڏهن توهان بي اولاد آهيو، نه ته توهان جي اولادي هجڻ جي صورت ۾ سندن حصو اٺين پتي هوندو، انهيءَ کان پوءِ جو جيڪا وصيت توهان ڪئي آهي، سا پوري ڪئي وڃي ۽ توهان جو ڇڏيل قرض لاٿو وڃي. ۽ جيڪڏهن اهو مرد يا عورت (جنهن جي ميراث ورهاست هيٺ آهي) بي اولاد به هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ به جيئرا نه هجن پر سندس هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته ڀاءُ توڙي ڀيڻ هرهڪ کي ڇهين پتي ملندي ۽ ڀائر ڀينر هڪ کان وڌيڪ هجن ته سموريءَ ڇڏيل ملڪيت جي هڪ ڀاڱي ٽي حصي ۾ اهي سڀئي حصيدار ٿيندا، ڪيل وصيت پوري ڪرڻ ۽ رهيل قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ، بشرطيڪه اهي نقصان رسائيندڙ نه هجن. اهو حڪم آهي الله جي طرف کان ۽ الله دانا بينا ۽ بردبار آهي |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. جيڪو الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪندو ان کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ انهن باغن ۾ هو هميشه رهندا ۽ اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس مقرر ڪيل حدن کان ٽپي ويندو، ان کي الله باهه ۾ وجهندو، جنهن ۾ هو سدائين پيو هوندو ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ سزا آهي |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاريءَ جون ڏوهاري بڻجن، انهن تي پاڻ مان چئن ماڻهن جي شاهدي وٺو ۽ جيڪڏهن چار ماڻهو شاهدي ڏئي وڃن ته کين گهرن ۾ بند ڪري رکو، تانجو کين موت اچي يا الله انهن لاءِ ڪو رستو ڪڍي |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ توهان مان جيڪي انهيءَ فعل جا ڏوهاري بڻجن، انهن ٻنهي کي اذيت ڏيو، پوءِ جيڪڏهن هو توبه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇو جو الله ڏاڍو توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
پر اها ڳالهه ڄاڻي ڇڏيو ته الله تي توبهه قبول ڪرڻ جو حق انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪو برو فعل ڪري ٿا ويهن، پوءِ جلد ئي توبهه ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن تي الله ورائي پنهنجي مهربانيءَ جي نظر ڪري ٿو ۽ الله سمورين ڳالهين جي خبر رکندڙ ۽ داناءُ آهي |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
مگر توبهه انهن ماڻهن لاءِ ناهي جيڪي برا ڪم ته ڪندا رهن ٿا، تان جو جڏهن انهن مان ڪو اچي موت کي ويجهو ٿئي ٿو ته پوءِ چوي ٿو ته هاڻي مان توبهه ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح توبهه انهن ماڻهن لاءِ به ناهي، جيڪي مرڻ ويل تائين ڪافر هجن. اهڙن ماڻهن لاءِ ته اسان دردناڪ سزا تيار ڪري ڇڏي آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارؤ ! توهان لاءِ اهو حلال ناهي ته زوريءَ عورتن جا وارث بڻجي ويهو ۽ نڪي اهو حلال اٿوَ ته کين تنگ ڪري انهيءَ مهر جو ڪو حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪو توهان کين ڏئي چڪا آهيو، باقي جيڪڏهن هو ڪنهن پڌري بدڪاريءَ جون ڏوهاري بڻجن (ته پوءِ بيشڪ کين تنگ ڪرڻ جو حق توهان کي آهي). ساڻن سٺي نموني زندگي گذاريو. جيڪڏهن هو توهان کي نه وڻنديون هجن ته ٿي سگهي ٿو ته ڪا شيءِ توهان کي پسند نه هجي مگر الله انهيءَ ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن زال جي بدران ڪا ٻي زال آڻڻ جو ارادو ڪري ئي ڇڏيو ته کڻي توهان کيس ڪو ڍير مال ئي ڇو نه ڏنو هجي، ان مان ڪجهه به واپس نه وٺجو. ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ کليو کلايو ظلم ڪري واپس وٺندؤ؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ آخر توهان اهو ڪيئن وٺندؤ، جڏهن جو توهان هڪ ٻئي مان مزو ماڻي چڪا آهيو ۽ هو توهان کان پڪو اقرار وٺي چڪيون آهن؟ |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ جن عورتن سان توهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا هجن، انهن سان ڪڏهن به نڪاح نه ڪجو مگر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو. حقيقت ۾ اهو بي حيائيءَ جو ڪم آهي، اڻ وڻندڙ آهي ۽ بڇڙي ريت آهي |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
توهان تي حرام ڪيون ويون، توهان جون مائر، ڌيئر، ڀينر، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجيون ۽ توهان جون اهي مائر جن توهان کي ٿڃ ڌارائي هجي ۽ توهان جون ٿڃ شريڪ ڀينر، توهان جي زالن جون مائر ۽ توهان جون اڳ ڄايون جيڪي توهان جي هنجن ۾ پليون آهن، انهن زالن جون ڄڻيون جن سان توهان جو زال مڙسيءَ وارو لاڳاپو ٿي چڪو هجي نه ته جيڪڏهن (رڳو نڪاح ٿيو هجي ۽) زال مڙسيءَ وارو لاڳاپو نه ٿيو هجي ته (انهن کي ڇڏي سندن ڄڻين سان نڪاح ڪرڻ ۾) توهان تي ڪابه پڪڙ ڪانهي ۽ توهان جي پٺ مان پيدا ٿيل (سڳن) پٽن جون زالون به حرام آهن ۽ اهو به توهان تي حرام ڪيل آهي ته ٻه ڀينر گڏ نڪاح ۾ رکو، مگر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو. الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ اهي عورتون (محصنات) به توهان تي حرام آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي جي نڪاح ۾ هجن، پر اهي عورتون ان قاعدي کان ٻاهر آهن، جيڪي (جنگ ۾) توهان جي هٿ اچن. اهو الله جو قانون آهي، جنهن جي پوئواري توهان تي لازم ڪئي وئي آهي. انهن کانسواءِ جيڪي به عورتون آهن، انهن کي پنهنجن مالن وسيلي حاصل ڪرڻ توهان جي لاءِ حلال ڪيو ويو آهي، پر ان شرط سان ته کين نڪاح جي ڪوٽ ۾ آڻي محفوظ بنايو ۽ ائين نه جو ڇڙواڳيءَ سان شهوت پوري ڪرڻ لڳو. پوءِ پرڻيل زندگيءَ جو جيڪو لطف توهان کانئن وٺو ٿا، ان جي عيوض ۾ سندن مهر فرض طور ادا ڪريو. ها، باقي مهر بابت ڳالهه پڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي رضامندي سان توهان جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ٺهراءُ ٿي وڃي ته ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي، الله عليم ۽ داناءُ آهي |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ توهان مان جيڪو شخص ايتري طاقت نه رکندو هجي، جو خانداني مسلمان عورتن (محصنات) سان نڪاح ڪري سگهي ته ان کي گهرجي ته توهان جي انهن ٻانهين مان ڪنهن سان نڪاح ڪري، جيڪي توهان جي قبضي ۾ آيل هجن ۽ ايمان آندو هجينِ. الله ته توهان جي ايمانن کان پوريءَ طرح واقف آهي، توهان سڀئي پاڻ ۾ آهيو، تنهنڪري انهن جي سنڀاليندڙن جي اجازت سان ساڻن نڪاح ڪريو ۽ دستور موجب انهن جا مهر ادا ڪريو ته جيئن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ محفوظ (محصنات) ٿي وڃن، نڪي ڇڙواڳ نموني ۾ شهوت پوري ڪنديون وتن ۽ نه لڪ چوريءَ ۾ دوستيون ڪن، پوءِ جڏهن هو نڪاح جي ڪوٽ ۾ محفوظ ٿي وڃن ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته مٿن ان سزا جو اڌ آهي، جيڪا خانداني عورتن (محصنات) لاءِ مقرر ٿيل آهي. اها آساني توهان مان انهن ماڻهن لاءِ پيدا ڪئي ويئي آهي، جن کي شادي نه ڪرڻ ڪري تقويٰ وارو بندُ ڀڄي پوڻ جو ڊپ هجي، پر جيڪڏهن توهان صبر ڪري سگهو ته اهو توهان لاءِ وڌيڪ چڱو آهي ۽ الله بخشڻ وارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله ته گهري ٿو ته توهان تي انهن طريقن کي کولي پڌرو ڪري ۽ انهن ئي طريقن تي توهان کي هلائي، جن جي پيروي توهان کان اڳ ٿي گذريل صالح ماڻهو ڪندا هئا. هو پنهنجيءَ رحمت سان توهان ڏانهن ورائي نظر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هو عليم به آهي ۽ داناءُ به |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
هائو، الله ته توهان تي ورائي مــِـهر جي نظر ڪرڻ ٿو گهري، مگر جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجن نفسن جي خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن اهي چاهين ٿا ته توهان سنئينءَ واٽ کان ٿـڙي پري نڪري وڃو |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله توهان تان پابنديون هلڪيون ڪرڻ ٿو گهري، ڇاڪاڻ ته انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان آڻڻ وارؤ! پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال غلط طريقن سان نه کائو، ڏيتي ليتي هئڻ گهرجي هڪ ٻئي جي رضامندي سان ۽ پنهنجو پاڻ کي قتل نه ڪريو، بيشڪ الله توهان تي ڏاڍو مهربان آهي |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
جيڪو ماڻهو ڏاڍ ۽ ظلم سان ائين ڪندو، تنهن کي اسان ضرور باهه ۾ وجهنداسين ۽ اهو الله لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏهن توهان انهن وڏن وڏن گناهن کان پاسو ڪندؤ، جن کان توهان کي جهليو پيو وڃي ته توهان جون هلڪيون سلڪيون برايون اسان توهان جي حساب مان ڪاٽي ڇڏينداسون ۽ توهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسون |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ جيڪو الله توهان مان ڪن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ سوايو ڏنو آهي ان جي ســَـڌ نه ڪريو، جيڪو مردن ڪمايو آهي، ان مطابق سندن حصو آهي ۽ جيڪو عورتن ڪمايو آهي، تنهن مطابق سندن حصو آهي. باقي الله کان سندس فضل جي دعا گهرندا رهو، بيشڪ الله کي هر شيءِ جو علم آهي |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ اسان هر انهيءَ ميراث جا حقدار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجها مٽ مائٽ پويان ڇڏي وڃن. باقي جن ماڻهن سان توهان جا عهد اقرار هجن ته کين پنهنجو حصو ڏيو. بيشڪ الله جي هر شيءِ تي نظر آهي |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد عورتن تي قوام (حاڪم) آهن، ان ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي مرتبي ۾ سرسي عطا ڪئي آهي ۽ ان ڪري به جو مرد پنهنجا مال خرچ ٿا ڪن، تنهنڪري جيڪي نيڪ عورتون آهن، اهي فرمانبردار ٿين ٿيون ۽ مردن جي پرپٺ الله جي حفاظت ۽ نظرداريءَ هيٺ سندن حقن جي حفاظت ڪن ٿيون ۽ جن عورتن کان توهان کي سرڪشيءَ جو ڊپ هجي، انهن کي فهمائش ڪريو ۽ سمهڻ وارين جاين ۾ کانئن ڌار رهو ۽ کين مار ڪڍو ۽ پوءِ جيڪڏهن هو توهان جون تابعدار بڻجي وڃن ته هروڀرو کين ستائڻ جا بهانا نه ڳوليو، پڪ ڄاڻو ته مٿان الله موجود آهي، جيڪو تمام مٿانهون ۽ وڏو آهي |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن توهان کي زال ۽ مڙس جي لاڳاپن ۾ خلل پوڻ جو ڊپ هجي ته هڪڙو امين مرد جي عزيزن مان ۽ هڪڙو عورت جي عزيزن مان مقرر ڪريو، اهي ٻئي اصلاح پيدا ڪرڻ گهرندا ته الله سندن وچ ۾ ٺاهه جي ڪا صورت پيدا ڪندو، الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ توهان سڀئي الله جي ٻانهپ ڪريو، ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه بڻايو، ماءُ پيءُ سان سهڻو ورتاءُ ڪريو، ويجهن مٽن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان سٺو سلوڪ ڪريو ۽ عزيز پاڙيسريءَ سان ۽ ڌارئي پاڙيسريءَ سان ۽ ڀرواري ساٿيءَ ۽ مسافر سان ۽ انهن ٻانهن ۽ ٻانهين سان، جيڪي توهان جي قبضي ۾ هجن احسان واري هلت هلو، پڪ ڄاڻو ته الله ڪنهن به اهڙي شخص کي پسند نه ڪندو آهي، جيڪو پاڻ کي وڏو ڀانئيندڙ ۽ ٻٽاڪي هجي |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
۽ اهڙا ماڻهو به الله کي پسند ناهن، جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين کي به ڪنجوس بڻجڻ جي تلقين ڪن ٿا ۽ جيڪو ڪجهه الله پنهنجي فضل مان کين ڏنو آهي، تنهن کي لڪائن ٿا، اهڙن ناشڪرن لاءِ اسان خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ اهي ماڻهو به الله کي نه وڻندا آهن، جيڪي پنهنجا مال رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪندا آهن ۽ حقيقت ۾ نڪي الله تي ڪو ايمان اٿن ۽ نه وري آخرت جي ڏينهن تي. جنهن جو شيطان سنگتي بڻيو، تنهن کي ڏاڍي خراب سنگت ملي |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
آخر ڪهڙي مصيبت پوين ها جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ها ۽ جيڪو ڪجهه الله ڏنو اٿن، ان مان خرچ ڪن ها. جيڪڏهن ائين ڪن ها ته الله کان سندن نيڪيءَ واري حالت ڳجهي ته نه رهي ها |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
الله ڪنهن تي ذرڙي جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو هڪڙي نيڪي ٿو ڪري ته الله ان کي ٻيڻو ٿو ڪري ڇڏي ۽ وري پنهنجي طرفان وڏو اجر عطا ڪري ٿو |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ سوچيو ته سهين ته ان وقت اهي ڇا ڪندا، جڏهن اسان هر امت مان هڪڙو شاهد آڻينداسون ۽ انهن ماڻهن تي توکي (محمدﷺ کي) شاهد ڪري کڙو ڪنداسون |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
تنهن وقت اهي سڀئي ماڻهو جن رسول جي ڳالهه نه مڃي ۽ سندس نافرماني ڪندا رهيا، تمنا ڪندا ته جيڪر زمين ڦاٽي پوي ۽ هو منجهس پورجي وڃن. اتي هو پنهنجي ڪابه ڳالهه الله کان لڪائي نه سگهندا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نشي جي حالت ۾ هجو ته نماز جي ويجها نه وڃو، نماز ان وقت پڙهڻ گهرجي، جڏهن توهان کي اها سمجهه هجي ته چئو ڇا پيا ۽ اهڙيءَ طرح تـــَڙَ جي حالت ۾ به نماز جي ويجهو نه وڃو، جيستائين وهنجي نه وٺو، سواءِ ان حالت جي جو مسافري ڪندي واٽ تي هجو، ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن وقت بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو ڪاڪوس کان ٿي اچي يا توهان زالن کي هٿ لاتو هجي (صحبت ڪئي هجي) ۽ پوءِ پاڻي نه ملي سگهيوَ ته پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو ۽ ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿن تي مــَـکُ ڪريو، بيشڪ الله نرميءَ کان ڪم وٺندڙ ۽ بخشڻهار آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي؟ هو پاڻ ته گمراهيءَ جا خريدار بنيل آهن ۽ چاهن ٿا ته توهان به واٽ کوٽي ڪيو |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
الله توهان جي دشمنن کي خوب ٿو ڄاڻي ۽ توهان جي حمايت ۽ مدد لاءِ الله ئي ڪافي آهي |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
جن ماڻهن يهوديت وارو طريقو اختيار ڪيو آهي، انهن مان ڪي اهڙا آهن، جيڪي لفظن کي انهن جي اصلي بيهڪ کان ڦيرائي ٿا ڇڏين ۽ سچي دين جي خلاف ٽوڪبازي ڪرڻ لاءِ پنهنجن زبانن کي وچڙائي چون ٿا: " ﲎ ﴝﲩ " ۽ "ﰲ ﺈ " ۽ " اٶ "، حالانڪ جيڪڏهن اهي چون ها: " ﲎ ﴝٛ " ۽ "ﰲ " ۽ "انْظُرْنَا"، ته اهو انهن لاءِ ڏاڍو ڀلو هو ۽ وڌيڪ سچ تي ٻڌل طريقو پڻ. پر انهن تي ته سندن باطل پرستيءَ جي ڪري الله جي لعنت پيل آهي، تنهنڪري هو ٿورو ئي ٿا ايمان آڻين |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي اهل ڪتاب، مڃو انهيءَ ڪتاب کي جيڪو اسان هاڻي نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو انهيءَ ڪتاب جي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري، جيڪو توهان وٽ اڳيئي موجود هو. انهيءَ تي ايمان آڻيو، هن کان اڳ جو اسان منهن بگاڙي پٺيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيون يا وري مٿن ائين لعنت ٿـڦي ڇڏيون جيئن سبت وارن سان ڪيو هئوسون ۽ ياد رکو ته الله جو حڪم لاڳو ٿي رهندو آهي |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
الله رڳو شرڪ معاف نه ڪندو آهي، ان کانسواءِ ٻيا جيڪي به گناهه آهن سي جنهن کي وڻيس معاف ڪري ٿو ڇڏي. الله سان جنهن به ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو تنهن تمام وڏو ڪوڙ گهڙيو ۽ نهايت سخت گناهه جو ڪم ڪيو |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ڇا، جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ جي ڏاڍي هام ٿا هڻن؟ حالانڪه پاڪائي ته الله جنهن کي گهري عطا ٿو ڪري ۽ (انهن کي جو پاڪائي نصيب ناهي ته حقيقت ۾) مٿن ذري برابر به ظلم نه پيو ڪيو وڃي |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏس ته سهين ته الله تي به ڪوڙا بهتان مڙهڻ کان نٿا مڙن ۽ انهن جي پڌري گناهگار هجڻ لاءِ اهو هڪڙو ئي گناهه بس آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي ۽ انهن جي حالت وري اها آهي، جو بتن ۽ طاغوت کي مڃين ٿا ۽ ڪافرن لاءِ چون ٿا ته ايمان وارن کان ته اهي وڌيڪ صحيح راهه تي آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
اهڙائي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن تي الله لعنت ڪري ڇڏي ته پوءِ ان جو توکي ڪوبه مددگار نه ملندو |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڀلا حڪومت ۾ انهن جو به ڪو حصو آهي ڇا؟ جيڪڏهن ائين هجي ها ته اهي ٻين کي تـِـر جيترو به نه ڏين ها |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
پوءِ ڀلا ٻين سان اهي ان ڪري ٿا حسد ڪن ڇا ته الله انهن کي پنهنجي فضل مان نوازيو آهي؟ اها ڳالهه آهي ته پوءِ کين معلوم هئڻ گهرجي ته اسان ته ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪئي هئي ۽ کين وڏو ملڪ ڏنو هو |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
مگر انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪو ان کان منهن موڙي ويو ۽ منهن موڙيندڙن لاءِ ته جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ئي ڪافي آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي اسان ضرور باهه ۾ وجهنداسون ۽ جڏهن سندن بدن جي کل ڳري ويندي ته ان جي جاءِ تي وري ٻي کل پيدا ڪنداسون ته جيئن هو عذاب جو مزو چکن، الله وڏي طاقت وارو آهي ۽ پنهنجن فيصلن کي عمل ۾ آڻڻ جي حڪمت خوب ڄاڻي ٿو |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، جتي اهي سدائين رهندا ۽ کين پاڪ زالون ملنديون ۽ اسان کين گهاٽي ڇانءَ ۾ رکنداسون |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
مسلمانؤ! الله توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته امانتون جن جون هجن، تن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته عدل ۽ انصاف سان ڪريو، الله توهان کي تمام سهڻي نصيحت ٿو ڪري ۽ بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي ۽ انهن ماڻهن جي جيڪي توهان مان حڪم هلائڻ وارا هجن، پوءِ جيڪڏهن توهان جي وچ ۾ ڪنهن معاملي ۾ تڪرار جي صورت پيدا ٿئي ته ان کي الله ۽ رسول ڏانهن ڦيريو، جيڪڏهن توهان جو واقعي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ته اهوئي هڪڙو صحيح طريقو آهي ۽ نتيجي جي لحاظ کان به ڀلو آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
اي نبي! تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ڇا جيڪي دعويٰ ته اها ٿا ڪن ته اسان ايمان آندو آهي ان ڪتاب تي، جيڪو توڏانهن نازل ڪيل آهي ۽ انهن ڪتابن تي به جيڪي توکان اڳ نازل ٿيا هئا، پر گهرن ائين ٿا ته پنهنجي معاملن جو فيصلو طاغوت کان ڪرائين، حالانڪه کين طاغوت سان ڪفر (انڪار) ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. شيطان کين ڀٽڪائي سنئينءَ واٽ کان تمام پري وٺي وڃڻ ٿو چاهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ان شيءِ ڏانهن جيڪا الله نازل ڪئي آهي ۽ اچو رسول ڏانهن ته انهن منافقن کي ڏسين ٿو ته توڏانهن اچڻ کان ڪيٻائن ٿا |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ ان وقت ڇا ٿو ٿئي، جڏهن سندن پنهنجن هٿن جي آندل مصيبت اچي مٿن پوي ٿي؟ انهيءَ وقت ته هو تو وٽ قسم کڻندا اچن ٿا ۽ چون ٿا ته الله جو قسم اسان ته رڳو چڱائي ڪرڻ پئي گهري ۽ اسان جي نيت ته اها هئي ته ڌريون پاڻ ۾ ڪنهن طرح ٺهي وڃن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
الله ته ڄاڻي ٿو جيڪو سندن دلين منجهه آهي. تون انهن جي ڳالهين ڏي نه ڏس، بس سمجهاڻي ڏينِ ۽ اهڙي نصيحت ڪرينِ جيڪا سندن دلين ۾ ويهي |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
(ٻڌائين ته) اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي، ان لاءِ ئي موڪليو آهي ته الله جي حڪم سان سندس اطاعت ڪئي وڃي. جيڪڏهن انهن اهو طريقو اختيار ڪيو هجي ها جو جڏهن هو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته هو تو وٽ هليا اچن ها ۽ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي گهري ها ته پڪ سان الله کي ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ لهن ها |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
نه، اي محمد، تنهنجي رب جو قسم، اهي تيستائين مؤمن ٿي ئي نٿا سگهن، جيستائين توکي پنهنجن تڪرارن جو فيصلو ڪندڙ ڪري نه مڃين، پوءِ جيڪو به تون فيصلو ڪرين ان تي پنهنجي دلين ۾ به ڪو بار محسوس نه ڪن، بلڪه پوريءَ طرح ڪنڌ جهڪائي ڇڏين |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
جيڪڏهن اسان کين حڪم ڏنو هجي ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجن گهرن مان نڪري وڃو ته انهن مان ڪي ٿورڙا ئي ان تي عمل ڪن ها، حالانڪه جيڪا نصيحت کين ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن هي ان تي عمل ڪن ها ته اهو انهن لاءِ وڌيڪ ڀلو هو ۽ وڌيڪ ثابت قدميءَ جو ڪارڻ به بڻجي ها |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن هو ائين ڪن ها ته اسان کين پنهنجي طرفان تمام وڏو اجر ڏيون ها |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ کين سڌو رستو ڏيکاري ڇڏيون ها |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
جيڪي ماڻهو الله ۽ رسول جي اطاعت ڪندا، اهي انهن ماڻهن سان گڏ هوندا جن تي الله انعام ڪيو آهي، يعني نبي سڳورا ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح، ڪهڙا نه ڀلا آهن اهي سنگتي جيڪي ڪنهن کي ملي وڃن |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اهوئي سچو پچو فضل آهي، جيڪو الله وٽان ملندو آهي ۽ حقيقت ڄاڻڻ لاءِ بس الله جو علم ئي ڪافي آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارؤ! هر وقت مقابلي لاءِ تيار رهو، پوءِ موقعي آهر جدا جدا جٿن جي شڪل ۾ نڪرو يا گڏجي نڪرو |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
ها، توهان ۾ ڪو ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جيڪو وڙهڻ کان لنوائي ٿو. جيڪڏهن توهان تي ڪا مصيبت اچي پوي ٿي ته چوي ٿو ته الله مون تي وڏو فضل ڪيو جو مان انهن سان گڏ نه ويس |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن الله جي طرفان توهان تي فضل ٿئي ٿو ته چوي ٿو ــ ۽ ائين چوي ٿو ڄڻڪ توهان جي ۽ سندس وچ ۾ محبت جو ته ڪو تعلق هيو ئي ڪونه. ته "جيڪر مان به انهن سان گڏ هجان ها ته ڏاڍو ڪم ٺهي پوي ها" |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
(اهڙن ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته) الله جي واٽ ۾ وڙهڻ گهرجي انهن ماڻهن کي جيڪي آخرت جي عيوض دنيا جي زندگي وڪڻي ٿا ڇڏين، پوءِ جيڪو الله جي راهه ۾ لڙندو ۽ مارجي ويندو يا سوڀارو ٿيندو، تنهن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسون |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
آخر ڪهڙي سببان توهان الله جي راهه ۾ انهن بيوس (۽ لاچار) مردن، عورتن ۽ ٻارڙن خاطر نٿا وڙهو، جيڪي ڪمزور هئڻ سبب دٻايا ويا آهن ۽ ٻاڏائن ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو واهرو ۽ مددگار پيدا ڪر" |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
جن ماڻهن ايمان جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي الله جي راهه ۾ وڙهن ٿا ۽ جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي اهي طاغوت جي واٽ ۾ وڙهن ٿا، تنهنڪري شيطان جي ساٿين سان وڙهو ۽ پڪ ڄاڻو ته شيطان جون رٿيل رٿون حقيقت ۾ ڏاڍيون ڪمزور آهن |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي چيو ويو هو ته پنهنجا هٿ جهلي ڇڏيو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو؟ هاڻي جڏهن کين وڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو ته انهن مان هڪڙي ٽولي جي حالت اها آهي جو ماڻهن کان ائين ٿا ڊڄن، جيئن الله کان ڊڄجي يا اڃان به وڌيڪ. چون ٿا: اي رب! اهو اسان تي لڙائيءَ جو حڪم ڇو لاڳو ڪيو اٿئي؟ ڇو نه اسان کي اڃان ڪجهه وڌيڪ مهلت ڏنئي؟ چوين ته دنيا جو مال متاع ٿورڙو آهي ۽ آخرت هڪڙي الله کان ڊڄندڙ انسانن لاءِ ڏاڍي ڀلي آهي ۽ توهان تي ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
باقي موت ته جتي به هوندؤ، اچي توهان کي رسندو، کڻي ڪيڏن به مضبوط ڪوٽن ۾ ڇو نه هجو. جيڪڏهن کين ڪو فائدو ٿو رَسي ته چون ٿا ته اهو الله وٽان آهي ۽ جيڪڏهن ڪو نقصان ٿو پهچين ته چون ٿا ته اي نبي! اهو تنهنجي ڪري آهي، چوين ته سڀ ڪجهه الله جي طرفان ئي آهي. پوءِ انهن کي آخر ڇا ٿيو آهي، جو ڪا ڳالهه سمجهن ئي نٿا! |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
اي انسان، توکي جيڪا به ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، الله جي مهربانيءَ سان ٿئي ٿي ۽ جيڪا مصيبت توتي پوي ٿي، اها تنهنجي پنهنجي افعالن جي ڪري آهي. اي محمد، اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول بڻائي موڪليو آهي ۽ ان تي الله جي شاهدي ڪافي آهي |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن رسول جي اطاعت ڪئي، تنهن حقيقت ۾ الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهن ڦيريو ته پوءِ اسان توکي انهن تي ڪو رکوالو ڪري ته نه موڪليو آهي |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
هو منهن تي چون ٿا ته اسان تابعدار آهيون، مگر جڏهن تو وٽان هليا ٿا وڃن ته انهن مان هڪڙو ٽولو رات جو گڏ ٿي تنهنجي ڳالهين خلاف صلاحون ٿو ڪري. الله ته انهن جي اها سموري ســُـس پس لکندو ٿو وڃي، تون انهن جي ڪابه پرواهه نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک، اهوئي ڀروسي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڇا اهي قرآن تي غور نٿا ڪن؟ جيڪڏهن اهو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽان هجي ها ته ان ۾ گهڻو ڪجهه هڪ ٻئي جي ابتـڙ هجي ها |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
اهي ماڻهو جتي به ڪا دلجاءِ واري يا ڀوائتي خبر ٻڌن ٿا ته وٺي ٿا اها هــُـلائن، حالانڪه جيڪڏهن هو اها ڳالهه رسول ۽ پنهنجي جماعت جي بااختيار ماڻهن تائين پهچائين ته اها اهڙن ماڻهن کي معلوم ٿئي، جيڪي منجهانئن ان ڳالهه جي لياقت رکن ٿا ته ان مان صحيح مطلب ڪڍي سگهن. توهان تي الله جي مهرباني ۽ رحمت نه هجي ها ته (توهانجون ڪمزوريون اهڙيون هيون جو) ڪن ٿورڙن کانسواءِ باقي سڀ شيطان جي ڪڍ لڳي وڃو ها |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
سو اي نبي )ﷺ(، تون الله جي راهه ۾ لڙندو رهه، تون پنهنجي ذات کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به ذميوار نه آهين. البت ايمان وارن کي لڙڻ تي اڀار، جو ٿي سگهي ٿو ته الله ڪافرن جو زور ڀڃي ڇڏي، الله جو زور سڀ کان ڏاڍو ۽ سندس سزا سڀ کان وڌيڪ سخت آهي |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو ڀلائيءَ جي سفارش ڪندو، تنهن کي ان مان حصو ملندو ۽ جيڪو برائيءَ جي سفارش ڪندو، تنهن کي به ان مان حصو ملندو ۽ الله هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڪو عزت سان توهان کي سلام ڪري ته ان کي وڌيڪ ڀلي نموني ۾ جواب ڏيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان جهڙو ئي، الله هر شيءِ جو حساب وٺڻ وارو آهي |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهو توهان سڀني کي ان قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ۽ الله جي ڳالهه کان وڌيڪ سچي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
پوءِ توهان کي اهو ڇا ٿي ويو آهي، جو منافقن بابت توهان ۾ ٻه رايا ٿي پيا آهن، حالانڪه جيڪي برايون انهن ڪمايون آهن، انهن جي ڪري الله کين ابتو ڦيرائي ڇڏيو آهي. ڇا توهان گهرو ٿا ته جنهن کي الله هدايت نصيب نه ڪئي آهي، تنهن کي توهان هدايت تي آڻيندؤ، حالانڪه جنهن کي الله رستي کان ٿيڙي ڇڏيو تنهن لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهي سگهندين |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
هو ته گهرن ٿا ته جيئن پاڻ ڪافر آهن، تيئن توهان به ڪافر بڻجي وڃو ته جيئن توهان ۽ هو سڀئي هڪجهڙا ٿي پئو، تنهنڪري انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بڻايو، جيستائين هو الله جي راهه ۾ هجرت ڪري نه اچن ۽ جيڪڏهن هو هجرت کان منهن موڙين ته جتي به کين لهو پڪڙيو ۽ قتل ڪريو، ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بڻايو |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
باقي اهي منافق هن حڪم کان ٻاهر آهن، جيڪي ڪنهن اهڙيءَ قوم سان وڃي ملن جن سان توهانجو معاهدو آهي. اهڙيءَ ريت اهي منافق به خارج آهن جيڪي توهان وٽ ايندا آهن ۽ لڙائيءَ کان پاڻ کي روڪيو اٿن جو نه توهان سان وڙهڻ ٿا گهرن، نه پنهنجي قوم سان. الله گهري ها ته کين توهان تي غالب ڪري ڇڏي ها ۽ هو به توهان سان وڙهن ها. تنهنڪري جيڪڏهن هو توهان کان ٽارو ڪري وڃن ۽ لڙڻ کان باز رهن ۽ توهان ڏانهن صلح جو هٿ ڊگهيرن ته الله توهان لاءِ مٿن هٿ کڻڻ جي ڪابه گنجائش نه رکي آهي |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
وري ٻيا اهڙا منافق به توهان کي ملندا، جيڪي گهرن ٿا ته توهان سان به امن سان رهن ۽ پنهنجي قوم سان به، پر جڏهن به ڪو فتني جو موقعو ملندن ته ان ۾ ٽپي پوندا، اهڙا ماڻهو جيڪڏهن توهان جي مقابلي کان باز نه رهن ۽ توهان جي آڏو صلح سلامتي پيش نه ڪن ۽ پنهنجا هٿ نه جهلين ته جتي به توهان کي ملن کين پڪڙيو ۽ قتل ڪريو. انهن تي هٿ کڻڻ جو اسان توهان کي کليل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
ڪنهن به مؤمن کي اهو نه جڳائي ته ڪنهن ٻئي مؤمن کي قتل ڪري، سواءِ ان جي جو کانئس ڀل ۾ ائين ٿي وڃي ۽ جيڪو شخص ڪنهن مؤمن کي ڀل ۾ ماري وجهي ته ان جو ڪفارو اهو آهي ته هڪڙي مؤمن ٻانهي کي آزاد ڪري ۽ قتل ٿيل جي وارثن کي خون بها ڀري ڏئي، سواءِ ان صورت جي جو اهي خون بها معاف ڪري ڇڏين. پر جيڪڏهن اهو قتل ٿيل مسلمان ڪنهن اهڙيءَ قوم مان هجي، جنهن سان توهان جي دشمني آهي ته ان جو ڪفارو هڪڙو مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ آهي. ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي قوم مان آهي، جنهن سان توهان جو معاهدو هجي ته ان جي وارثن کي خون بها ڏنو ويندو ۽ هڪ مؤمن غلام آزاد ڪرڻو پوندو. پوءِ جنهن کي ٻانهو نه هجي اهو ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي. اهو انهيءَ گناهه تي الله کان توبهه ڪرڻ جو طريقو آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
باقي جيڪو ماڻهو ڪنهن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته ان جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هو سدائين پيو هوندو. مٿس الله جو غضب ۽ لعنت آهي ۽ الله ان لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جهاد لاءِ نڪرو ته دوست ۽ دشمن ۾ تميز ڪريو. جيڪو توهان ڏي ايندي ئي سلام چوي، ان کي يڪدم نه چئي ڏيو ته تون مؤمن نه آهين. جيڪڏهن توهان کي دنيا جو فائدو گهرجي ته الله وٽ توهان لاءِ گهڻا ئي غنيمت جا مال آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ته توهان پاڻ به هن کان اڳ رهي چڪا آهيو، پوءِ الله توهان تي احسان ڪيو، تنهنڪري تحقيق ڪندا ڪريو ۽ جيڪو توهان ڪريو ٿا الله ان کان باخبر آهي |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مسلمانن مان جيڪي ماڻهو ڪنهن عذر کانسواءِ گهرن ۾ ويٺا رهن ٿا ۽ اهي جيڪي الله جي راهه ۾ مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا، ٻئي برابر ٿي نٿا سگهن. الله ويهي رهندڙن جي مقابلي ۾ جان ۽ مال سان جهاد ڪندڙن جو درجو بلند ڪيو آهي، جيتوڻيڪ الله هرهڪ لاءِ ڀلائيءَ جو ئي واعدو ڪيو آهي، تڏهن به وٽس مجاهدن جي خدمتن جو بدلو ويهي رهندڙن کان تمام گهڻو آهي |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
انهن لاءِ الله وٽان وڏا مرتبا آهن ۽ مغفرت ۽ رحمت آهي ۽ الله ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
جيڪي ماڻهو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا هئا، انهن جا روح جڏهن ملائڪن قبض ڪيا ته کانئن پڇيائون ته توهان سان ڪهڙي ويڌن هئي؟ انهن وراڻي ڏني ته اسان زمين ۾ ڪمزور ۽ مجبور هئاسين، ملائڪن چيو: ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان کڻي ان ۾ هجرت ڪري وڃو ها؟ هي اهي ماڻهو آهن، جن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
باقي جيڪي مرد، عورتون ۽ ٻار سچ پچ بي وس ۽ لاچار آهن ۽ نڪرڻ جي ڪا واهه ۽ وسيلو نٿا لهن |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
ٿي سگهي ٿو ته الله انهن کي معاف ڪري ڇڏي، الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ بخشڻهار آهي |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
جيڪو به الله جي واٽ ۾ هجرت ڪندو اهو زمين ۾ پناهه وٺڻ لاءِ گهڻي جاءِ ۽ روزي ڪمائڻ جي وڏي گنجائش لهندو ۽ جيڪو پنهنجي گهر کان الله ۽ سندس رسول ڏانهن هجرت لاءِ نڪري پوي، پوءِ واٽ تي ئي موت اچي وڃيس، ان جو اجر الله تي واجب ٿي ويو، الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن توهان سفر تي نڪرو ته پوءِ ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي جو نماز کي گهٽائي ڇڏيو (خاص ڪري) جڏهن جو توهان کي ڊپ هجي ته ڪافر توهان کي ستائيندا، ڇو جو هنن ته کليو کلايو توهان جي دشمنيءَ تي سندرو ٻڌو آهي |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ اي نبي! جڏهن تون مسلمانن جي وچ ۾ هجين ۽ (جنگ جي حالت ۾) انهن کي نماز پڙهائڻ بيهين ته انهن مان هڪڙو ٽولو توسان گڏ بيهي ۽ پنهنجا هٿيار کنيو بيٺو رهي، پوءِ جڏهن سجدو ڪري وٺي ته پوئتي هليو وڃي ۽ ٻيو ٽولو جنهن اڃان نماز نه پڙهي آهي اچي توسان گڏ پڙهي ۽ اهو به هوشيار ٿي ۽ پنهنجا هٿيار سنڀالي بيهي، ڇو جو ڪافر ته انهيءَ تاڙَ ۾ آهن ته توهان پنهنجن هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ٿورڙو به ڌيان هٽايو ته هو توهان تي هڪ ئي مهل اچي ڪڙڪن. پر جيڪڏهن توهان مينهوڳي جي ڪري ڏکيائي محسوس ڪريو يا بيمار هجو ته هٿيار لاهي رکڻ ۾ ڪو گناهه ڪونهي، پر پوءِ به هوشيار رهجو، پڪ ڄاڻو ته الله ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو آهي |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن نماز کان واندا ٿيو ته بيٺي توڙي ويٺي ۽ ليٽي، هر حالت ۾ الله کي ياد ڪندا رهو ۽ جڏهن اطمينان حاصل ٿي وڃيوَ ته پوءِ سڄي نماز پڙهو. بيشڪ مقرر ڪيل وقت تي نماز پڙهڻ مؤمنن تي فرض ڪئي وئي آهي |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
انهيءَ ٽولي جو پيڇو ڪرڻ ۾ سـُـستي نه ڏيکاريو، جيڪڏهن توهان تڪليف ڪاٽي رهيا آهيو ته توهان وانگر هو به تڪليف ڀوڳي رهيا آهن ۽ توهان الله کان انهيءَ شيءِ جي اميد رکو ٿا جنهن جي هنن کي ڪابه اميد ڪانهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو داناءُ آهي |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
اي نبي! اسان هيءُ ڪتاب حق ساڻ توڏانهن نازل ڪيو آهي، تان ته جيڪا سڌي واٽ الله توکي ڏيکاري آهي، انهيءَ مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين. تون بي ايمانن پاران حجت ڪندڙ نه ٿيءُ |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان معافي گهر، هو ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحيم آهي |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان خيانت ڪن ٿا، تون انهن جي حمايت نه ڪر. الله کي اهڙو شخص نه وڻندو آهي، جيڪو خيانت ڪندڙ ۽ گناهه ڪندڙ هجي |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
اهي ماڻهو انسانن کان ته پنهنجا گناهه لڪائي سگهن ٿا پر الله کان لڪائي نٿا سگهن، اهو ته ان وقت به ساڻن گڏ هوندو آهي، جڏهن اهي رات جو لــِـڪي سندس مرضيءَ جي خلاف صلاحون ڪندا آهن. سندن سمورن ڪمن تي الله حاوي آهي |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
توهان انهن ڏوهارين پاران دنيا ۾ ته حجت اٿاريو ٿا مگر قيامت جي ڏينهن انهن جي پاران ڪير الله سان حجت ڪندو؟ آخر اتي ڪير سندن وڪيل بڻجي بيهندو؟ |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
جيڪڏهن ڪو شخص برو ڪم ڪري ويهي يا پاڻ تي ڪو ظلم ڪري وجهي ۽ پوءِ الله کان معافي گهري ته هو الله کي ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحيم لهندو |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
پر جيڪو برائي ڪمائيندو ته سندس اها ڪمائي پاڻ لاءِ ئي چــَـٽي بڻبي، الله کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي ۽ هو وڏو داناءُ آهي |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
وري جنهن ڪو ڏوهه يا گناهه ڪري ان جو الزام ڪنهن بيگناهه تي مڙهيو، تنهن وڏي بهتان ۽ پڌري گناهه جو بار کنيو |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
اي نبي! جيڪڏهن توتي الله جو فضل نه ٿئي ها ۽ سندس رحمت توسان نه هجي ها ته انهن مان هڪڙي ٽولي ته توکي غلط فهميءَ ۾ وجهڻ جو پڪو پــَـهه ڪري ڇڏيو هو، حالانڪه اصل ۾ هو پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به غلط فهميءَ ۾ نه وجهي رهيا هئا ۽ نڪي توکي ڪو نقصان پهچائي ٿي سگهيا. الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪيا آهن ۽ توکي اهو ڪجهه ڄاڻايو آهي، جيڪو توکي معلوم نه هو ۽ توتي ان جو فضل تمام گهڻو آهي |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
ماڻهن جي ڳجهي ســُـس پــُـس ۾ گهڻو ڪري ڪابه چڱائي نه هوندي آهي. ها باقي جيڪو لڪل نموني ۾ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي تلقين ڪري يا ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ يا ماڻهن جي معاملن جي اصلاح لاءِ ڪنهن کي ڪجهه چوي ته اها چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪو الله جي رضا خاطر ائين ڪندو ته ان کي اسان وڏو اجر عطا ڪنداسون |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
پر جيڪو شخص رسول جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺو هجي ۽ مؤمنن جي طريقي کي ڇڏي ڪنهن ٻئي طريقي تي هلي، توڻي جو سڌي واٽ به مٿس پڌري ٿي چڪي هجي ته ان کي اسان اوڏانهن ئي هلائينداسون جيڏانهن هو پاڻ لڙي ويو ۽ کيس جهنم ۾ وجهنداسون، جيڪو ڏاڍو بڇڙو موٽڻ جو ماڳ آهي |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
الله وٽ رڳو شرڪ جي ئي بخشش ڪانهي، ان کانسواءِ ٻيو سڀ معاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي هو معاف ڪرڻ گهري. جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو، اهو ته گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي نڪتو |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
هو الله کي ڇڏي ديوين کي ٿا معبود بڻائين ۽ هو ان شيطان باغيءَ کي ٿا معبود بڻائين |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
جنهن تي الله لعنت مڙهي آهي، جنهن الله کي چيو هو ته "مان تنهنجي ٻانهن مان هڪڙو مقرر ڪيل حصو ضرور وٺي رهندس |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
مان کين ڀٽڪائيندس، مان کين ســَـڌُن ۾ ڦاسائيندس، مان کين حڪم ڪندس ۽ هو منهنجي حڪم هيٺ جانورن جا ڪن چيريندا ۽ مان کين حڪم ڏيندس ۽ هو منهنجي حڪم تي هلي الله جي ٺاهيل شين ۾ ڦيرڦار ڪندا". جنهن به انهيءَ شيطان کي الله جي بدران پنهنجو دوست ۽ سرپرست بڻايو هوندو سو پڌري ٽوٽي ۾ وڃي پيو |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
هو انهن ماڻهن سان واعدا ٿو ڪري ۽ کين دلاسا ٿو ڏئي، پر شيطان جا سمورا واعدا سواءِ دوکي جي ٻيو ڪجهه به ناهن |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
انهن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي، جنهن مان ڀڄي نڪرڻ جي ڪابه واهه نه لهندا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي سدائين رهندا. اهو الله جو سچو وعدو آهي ۽ الله کان وڌيڪ پنهنجي قول جو سچو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
پڇاڙي نڪي توهان جي ســَـڌن تي ٻڌل آهي ۽ نه اهل ڪتاب جي ســَـڌن تي. جيڪو به برائي ڪندو، ان جو ڦل لهندو ۽ الله جي مقابلي ۾ پنهنجي لاءِ ڪوبه واهرو ۽ مددگار نه لهندو |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪو به نيڪ عمل ڪندو پوءِ مرد هجي توڙي عورت، پر هجي سو مؤمن، ته اهڙا ئي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن جو رتيءَ برابر به حق نه ماريو ويندو |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
انهيءَ ماڻهوءَ کان ڀلو دين ٻئي ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي آڏو تابعداريءَ ۾ پوريءَ طرح ســِـر نوايو ۽ نيڪي واري هلت هليو ۽ ٻيا دَرَ ڇڏي انهيءَ ابراهيم جي طريقي تي هلڻ لڳو ۽ ابراهيم کي الله پنهنجو خاص دوست بڻايو هو |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، الله جو آهي ۽ الله هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
ماڻهو توکان عورتن بابت فتويٰ پڇن ٿا، چوينِ ته الله ٿو توهان کي انهن بابت فتويٰ ڏئي ۽ اهي حڪم به ٿو ياد ڏياري، جيڪي اڳيئي توهان کي هن ڪتاب ۾ ٻڌايا پئي ويا آهن، يعني اهي احڪام جيڪي انهن يتيم نياڻين بابت آهن، جن جا حق توهان ادا نٿا ڪريو ۽ جن جا نڪاح ڪرڻ کان توهان نٽايو ٿا (يا لالـچ سبب پاڻ ٿا ساڻن نڪاح ڪرڻ چاهيو) ۽ اهي احڪام به جيڪي انهن ٻارڙن جي باري ۾ آهن، جيڪي ويچارا هيڻا آهن. الله توهان کي هدايت ٿو ڪري ته يتيمن جي باري ۾ انصاف کان اصل نه هٽو. جيڪا نيڪي به توهان ڪندؤ سا الله جي علم کان ڳجهي نه رهندي |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي مڙس کان بري سلوڪ يا منهن مــَـٽي وڃڻ جو ڊپ هجي ته ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي جو زال مڙس (ڪجهه حقن جي لاهي گاهي سان) پاڻ ۾ ٺهي وڃن. صلح ڪرڻ ته چڱو آهي. نفس ته تنگدليءَ ڏانهن هڪدم لڙي پوندا آهن، پر جيڪڏهن توهان احسان سان هلو ۽ خدا ترسيءَ کان ڪم وٺو ته پڪ ڄاڻو ته الله توهان جي انهيءَ هلت کان بي خبر نه هوندو |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
زالن جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪرڻ توهان جي وس کان ٻاهر آهي. توهان کڻي ڪيترو به چاهيو ته به ائين ڪري نٿا سگهو. تنهنڪري (الله جي قانون جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته) ڪنهن زال ڏانهن ايترو نه جهڪي وڃو جو ٻيءَ کي وچ تي ٽنگي ڇڏيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي چال ٺيڪ رکو ۽ الله کان ڊڄو ته الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
پر جيڪڏهن زال مڙس هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃن ته الله پنهنجي وسيع قدرت سان ڪنهن کي به ڪنهن جو محتاج نه ڇڏيندو. الله جو دامن ڏاڍو ڪشادو آهي ۽ هو حڪمت وارو آهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سڀ الله جو آهي. توهان کان اڳ جن کي اسان ڪتاب ڏنو هو تن کي به اهائي هدايت ڪئي هئي سون ۽ هاڻي توهان کي به اهائي هدايت ڪريون ٿا ته الله کان ڊڄي هلو، پر جيڪڏهن نٿا مڃيو، ته نه مڃو، آسمانن ۽ زمين جي سمورين شين جو مالڪ الله ئي آهي ۽ هو بي پرواهه آهي ۽ سڀ ڪنهن تعريف جو لائق آهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
هائو، الله ئي مالڪ آهي، انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ڪم راس ڪرڻ لاءِ رڳو الله ئي ڪافي آهي |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
جيڪڏهن اهو گهري ته توهان کي هٽائي توهان جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو آڻي ۽ هن کي ائين ڪرڻ جي پوري پوري طاقت آهي |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو ماڻهو رڳو دنيا جي اجوري جو طالبو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ گهرجي ته الله وٽ دنيا جو اجورو به آهي ته آخرت جو ثواب به! ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ! انصاف تي پختا ٿي بيهو ۽ الله لڳ شاهدي ڏيندڙ بڻجو، پوءِ کڻي توهانجو انصاف يا توهان جي شاهدي توهان جي پنهنجي ذات يا ماءُ پيءُ ۽ عزيزن جي خلاف ئي ڇو نه هجي. ٻي ڌر شاهوڪار هجي يا غريب، الله توهان کان وڌيڪ انهن جو خيرخواهه آهي، تنهنڪري پنهنجي نفس جي خواهش جي پيروي ڪري عدل ڪرڻ کان نه هٽو ۽ جيڪڏهن توهان وچڙائي ڳالهه ڪئي يا حقي ڳالهه کان پاڻ ڪڍائي ويؤ ته پڪ ڄاڻو ته جيڪي به توهان ڪريو ٿا، الله کي ان جي سڀ خبر آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي ايمان وارؤ! ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ انهيءَ ڪتاب تي جيڪو الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيو آهي ۽ هر انهيءَ ڪتاب تي جيڪو هن کان اڳ نازل ڪيو اٿائين. جنهن به الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن کي نه مڃيو، اهو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪي تمام پري هليو ويو |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
ائين ئي جن ماڻهن ايمان آندو، وري ڪفر ڪيائون، وري ايمان آندائون، وري ڪفر ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي ڪفر ۾ ويا وڌندا ته الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه وري کين ڪو هدايت جي راهه تي آڻيندو |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
خوشخبري ڏي منافقن کي ته انهن لاءِ دردناڪ سزا ٺهي پئي آهي |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
(انهن منافق کي) جيڪي ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي ٿا پنهنجو ساٿي بڻائين، ڇا اهي ماڻهو وٽن عزت لهڻ لاءِ ٿا وڃن؟ حالانڪه عزت ته سموري الله جي لاءِ ئي آهي |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
الله هن ڪتاب ۾ توهان کي اڳيئي حڪم ڏئي چڪو آهي، ته جڏهن توهان ٻڌو ته الله جي آيتن جي خلاف ڪفر ٿو بڪيو وڃي ۽ مٿن ٺٺوليون ٿيون ٿين، تڏهن اهڙن سان گڏجي نه ويهو، جيستائين اهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ نه پون. نه ته پوءِ توهان به انهن جهڙا ئي ٿيندؤ. پڪ ڄاڻو ته الله منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪرڻ وارو آهي |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
هي منافق توهان جي باري ۾ انتظار ٿا ڪن (ته معاملو ڪٿي ٿو توڙ ڪري) جيڪڏهن الله طرفان فتح توهان جي ٿي ته اچي چوندا ته ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ پر جيڪڏهن ڪافرن جو پاسو ڳورو ٿي پيو ته کين چوندا ته ڇا اسان توهان جي خلاف لڙي نه پئي سگهياسون پر پوءِ به اسان توهان کي مسلمانن کان بچايو؟ بس، هاڻي الله ئي توهان جي ۽ انهن جي معاملي جو فيصلو قيامت جي ڏينهن ڪندو ۽ (انهيءَ فيصلي ۾) الله ڪافرن لاءِ مسلمانن کان ڏاڍي ٿيڻ جي ڪابه گنجائش نه رکي آهي |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
اهي منافق الله سان دوکي بازي ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ته الله ئي کين دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي نماز لاءِ اٿن ٿا ته بي دليو رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ خاطر اٿن ٿا ۽ الله کي ڪو ٿورو ئي ٿا ياد ڪن |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ پيا ٿا لوڏا لما کائن، نه هيڏي پورا نه هوڏي پورا، جنهن کي الله راهئون رد ڪري ڇڏيو ان لاءِ تون ڪابه راهه نه لهي سگهندين |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارؤ! مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو ساٿي نه بڻايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته الله کي پنهنجي خلاف پڌري حجت ڏئي ڇڏيو؟ |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
پڪ ڄاڻو ته منافق جهنم جي سڀ کان هيٺئين طبقي ۾ پوندا ۽ تون ڪنهن کي به سندن مددگار نه ڏسندين |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
باقي جيڪي توبهه تائب ٿيندا ۽ پنهنجي چال سڌاري هلندا ۽ الله جو دامن جهلي وٺندا ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪري ڇڏيندا، اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ هوندا ۽ الله مؤمنن کي ضرور وڏو اجر عطا ڪندو |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
آخر الله کي ڪهڙي پئي آهي، جو هروڀرو توهان کي سزا ڏئي. جيڪڏهن توهان شڪر ڪندڙ ٻانها ٿي رهندؤ ۽ ايمان واري روش اختيار ڪندؤ ته الله ڏاڍو قدردان ۽ سڀني جي حال کان واقف آهي |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته ڪو ماڻهو ڏاڍيان بدشد ڳالهائي، سواءِ ان جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
(مظلوم هجڻ جي صورت ۾ جيتوڻيڪ توهان کي ڏاڍيان ڳالهائڻ جو حق آهي) پر جيڪڏهن توهان کليو کلايو توڙي لڪائي ڀلائي ئي ڪندا رهو يا گهٽ ۾ گهٽ برائيءَ کان درگذر ڪري ڇڏيو ته الله ڏاڍو معاف ڪندڙ وڏي قدرت وارو آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته الله ۽ سندس رسولن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪن ۽ چون ٿا ته اسان ڪنهن کي مڃينداسين ۽ ڪنهن کي نه مڃينداسين ۽ ڪفر ۽ ايمان جي وچان ڪا واٽ ڪڍڻ گهرن ٿا |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهي سڀئي پڪا ڪافر آهن ۽ اهڙن ڪافرن لاءِ اسان اُها سزا تيار ڪئي آهي جيڪا کين ذليل ۽ خوار ڪرڻ واري هوندي |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
ٻئي طرف جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن کي مڃيندا ۽ سندن وچ ۾ ڪوبه ويڇو نه وجهندا، انهن کي اسان ضرور سندن اجورا ڏينداسين ۽ الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي نبي!) اهي اهل ڪتاب اڄ جيڪڏهن توکان اها گــُـهر ٿا ڪن ته تون آسمان مان مٿن ڪو لکيو نازل ڪراءِ ته انهيءَ کان به وڏي گناهه وارو مطالبو ته اهي اڳي موسيٰ کان ڪري چڪا آهن. انهيءَ کي ته هنن چيو هو ته اسانکي الله ظاهر ظهور ڏيکار ۽ انهيءَ حد کان ٽپي وڃڻ ڪري هڪدم مٿن وڄ ڪـِـري هئي. وري انهن گابي کي پنهنجو معبود بڻايو هو، توڻي جو هو پڌريون نشانيون به ڏسي چڪا هئا، تڏهن به اسان کين معاف ڪيو. اسان موسيٰ کي چٽو فرمان عطا ڪيو |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ مٿن طور کي کڙو ڪري کانئن (انهيءَ فرمان جي تابعداريءَ جو) وعدو ورتو. اسان کين حڪم ڏنو ته دروازي منجهان سجدو ڪندا اندر گهڙجو. اسان کين چيو ته سبت وارو قانون نه ڀڃجو ۽ انهيءَ ڳالهه تي کانئن پڪو اقرار ورتوسين |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پر پوءِ سندن عهد اقرار ٽوڙڻ جي ڪري ۽ ان ڪري به جو هــُـنن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي نبين کي ناحق قتل ڪيو هئائون ۽ ائين به چيو هئائون ته اسان جون دليون ته پردن اندر سانڍيل آهن. هوڏانهن حقيقت اها آهي، ته انهن جي ڪفر ۾ پوڻ سبب اسان سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي، جنهنڪري هو ٿوروئي ٿا ايمان آڻين |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
وري هو پنهنجي ڪفر ۾ ايترو ته وڌي ويا جو مريم تي سخت بهتان مڙهيائون |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ پاڻ ئي چيائون ته اسان مسيح، عيسيٰ پٽ مريم الله جي رسول کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پر حقيقت ۾ انهن نڪي کيس قتل ڪيو ۽ نه سوريءَ تي ئي چاڙهيو، پر انهن کي شڪ ۾ وڌو ويو هو ۽ جن ماڻهن انهيءَ باري ۾ اختلاف ڪيو آهي، اهي به دراصل شڪ ۾ پيل آهن، انهن وٽ به ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانهي، رڳو انومان جي ڪڍ لڳل آهن. پڪ ئي پڪ انهن مسيح کي قتل نه ڪيو هو |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪه الله ان کي پاڻ ڏانهن کڻي ورتو، الله زبردست طاقت وارو ۽ داناءُ آهي |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ اهل ڪتاب مان ڪوبه اهڙو نه هوندو، جيڪو سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻيندو ۽ قيامت جي ڏينهن هو مٿن شاهدي ڏيندو |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
مطلب ته انهن يهودين جي انهيءَ ظلم واريءَ هلت سبب اسان ڪيتريون ئي پاڪ شيون مٿن حرام ڪري ڇڏيون، جيڪي اڳ ۾ انهن لاءِ حلال هيون ۽ ان ڪري به جو هو تمام گهڻو ٿا الله جي رستي کان روڪين |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ وياج ٿا وٺن، جنهن کان کين جهليو ويو هو ۽ ماڻهن جا مال ناجائز طريقن سان ٿا کائن ۽ جيڪي ماڻهو انهن مان ڪافر آهن انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
مگر انهن مان جيڪي ماڻهو علم ۾ پڪا آهن ۽ ايمان وارا آهن، اهي سڀ انهيءَ تعليم تي ايمان آڻن ٿا، جيڪا توڏانهن نازل ڪيل آهي ۽ جيڪا توکان اڳ ۾ نازل ڪئي وئي هئي. ان نموني ۾ ايمان آڻيندڙ ۽ نماز ۽ زڪواة جي ادا ڪرڻ وارن ۽ قيامت جي ڏينهن تي پڪو ايمان رکڻ وارن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسون |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
اي نبي! اسان توڏانهن ائين وحي موڪليو آهي جيئن نوح ۽ ان کان بعد وارن نبين ڏانهن موڪليو هو. اسان ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد، عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان ڏانهن وحي موڪليو هو. اسان دائود کي زبور ڏنو |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
اسان انهن رسولن تي به وحي نازل ڪيو هو، جن جو ذڪر اسان هن کان اڳ توسان ڪري چڪا آهيون ۽ انهن رسولن تي به جن جو ذڪر اسان توسان نه ڪيو آهي. اسان موسيٰ سان ائين ڳالهايو هو جيئن ڳالهائبو آهي |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اهي سمورا رسول خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليا ويا هئا ته جيئن انهن کي موڪلڻ بعد ماڻهن وٽ الله جي مقابلي ۾ ڪابه حجت نه رهي، ۽ الله ته آهي ئي زبردست ۽ وڏيءَ حڪمت وارو |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
(ماڻهو مڃين نه مڃين) پر الله ٿو شاهدي ڏئي ته اي نبي! جيڪي هن توتي نازل ڪيو آهي، پنهنجي علم مطابق نازل ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي ملائڪ به شاهد آهن، جيتوڻيڪ الله جو شاهد هجڻ ئي ڪافي آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
جيڪي ماڻهو ان کي مڃڻ کان پاڻ به انڪار ڪن ٿا ۽ ٻين کي به الله جي واٽ کان روڪين ٿا، اهي بيشڪ گمراهيءَ ۾ پئجي حق کان تمام پري هليا ويا آهن |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
اهڙيءَ طرح جن ماڻهن ڪفر ۽ بغاوت جو رستو اختيار ڪيو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي لهي پيا، الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ کين ڪابه واٽ نه وٺائيندو |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
جهنم جي واٽ کانسواءِ جنهن ۾ هو سدائين پيا هوندا. الله لاءِ اهو آسان آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانؤ! هن رسول توهان ڏانهن توهان جي رب وٽان حق آندو آهي، ايمان آڻيو توهان لاءِ ئي چڱو آهي ۽ جيڪڏهن انڪار ٿا ڪيو ته ڄاڻي ڇڏيو ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سڀ الله جو آهي ۽ الله ڄاڻندڙ به آهي ۽ داناءُ به |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهلِ ڪتاب! پنهنجي دين ۾ وڌاءُ نه ڪريو ۽ الله ڏانهن حق ڳالهه کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه منسوب نه ڪريو. مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، ته هو ته هڪ رسول هو ۽ هڪ فرمان هو، جيڪو الله مريم ڏانهن موڪليو هو ۽ هڪڙو روح هو الله وٽان، جنهن مريم جي ڳڀيرڻ ۾ ٻار جي شڪل ورتي هئي، تنهنڪري توهان الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته ٽي آهن، مــُـڙي وڃو اهو توهان لاءِ ئي چڱو آهي. فقط الله ئي ته اڪيلو معبود آهي، هو ان ڳالهه کان پاڪ آهي ته ڪو سندس اولاد هجي. آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون سندس ملڪيت آهن ۽ سندن هر گهرج جي پورائي لاءِ هو ئي ڪافي آهي |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
مسيح ته ڪڏهن به ان کي عار نه سمجهيو هو ته هو الله جو هڪڙو ٻانهو هجي ۽ نڪي ويجهي ۾ ويجها فرشتا ئي ان کي پنهنجي لاءِ ڪو عار ٿا سمجهن. جيڪڏهن ڪو الله جو ٻانهو هجڻ کي پاڻ لاءِ عار ٿو سمجهي ۽ وڏائي ٿو ڪري ته پوءِ ڄاڻ ٿو الله سڀني کي ميڙي آڻي پنهنجي آڏو حاضر ڪري |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ ان وقت اهي ماڻهو جن ايمان آڻي نيڪ عمل ڪيا هوندا، پنهنجا پورا پورا اجر حاصل ڪندا ۽ الله پنهنجي فضل سان کين اڃان به ڪجهه وڌيڪ اجورو عطا ڪندو ۽ جن ماڻهن ٻانهو هجڻ کي عار سمجهيو ۽ وڏائي ڪيائون، انهن کي الله دردناڪ سزا ڏيندو ۽ الله کي ڇڏي جن کي به ڀرجهلو ۽ واهرو ٿا ڀانئين، تن مان اتي ڪوبه نه لهندا |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانؤ، توهان جي رب وٽان توهان ڏانهن چٽو دليل اچي ويو آهي ۽ اسان توهان ڏانهن اهڙي روشني موڪلي آهي، جيڪا توهان کي چٽيءَ طرح رستو ڏيکاريندڙ آهي |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي ڳالهه مڃيندا ۽ سندس پناهه وٺندا، تن کي الله پنهنجي رحمت ۽ فضل ۽ ڪرم ۾ جاءِ ڏيندو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو سڌو رستو کين وٺائي ڇڏيندو |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
اي نبي! ماڻهو توکان "ڪلاله" جي باري ۾ ٿا فتويٰ گهرن، چوين ته الله توهان کي فتويٰ ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا اولاد جي مري وڃي ۽ سندس هڪ ڀيڻ هجي ته ان کي ميراث جو اڌ ملندو ۽ جيڪڏهن ڀيڻ بنا اولاد جي مري وڃي ته ڀاءُ سندس وارث ٿيندو. جيڪڏهن ميت جون وارث ٻه ڀينر هجن ته اهي ميراث مان ٻه ڀاڱي ٽي جون حقدار ٿينديون ۽ جيڪڏهن گهڻا ڀائر ۽ ڀينر هجن ته مرد جو حصو ٻن عورتن جي حصي جيترو ٿيندو. الله توهان لاءِ حڪم کولي کولي ٿو ٻڌائي ته جيئن توهان ڀٽڪندا نه وتو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو |