يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، جنهن توهان سڀني کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو ۽ (اهو هن ريت) جو اول ان (جي باقي مٽيءَ) مان سندس زال (هوا) کي پيدا ڪيائين ۽ (فقط) انهن ٻن (زال مڙس) مان ڪيئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙيائين ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جي وسيلي سان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سوال ڪندا آهيو. ۽ مائٽي ڇنڻ کان به (ڊڄو) بيشڪ خدا توهان جي تاڙ ۾ آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱي شيءِ سان بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو ڇو ته اهو تمام وڏو گناھ آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (نڪاح وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته (ان صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا جا (ٻانهي) زر خريد هجي (تنهن سان) اها تدبير بي انصافي نه ڪرڻ جي گهڻو ويجهو آهي. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ زالن کي سندن مهر خوشيءِ سان ڏيو. ۽ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءِ سان اوهان کي ان مان ڪجھ معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سُهائيندڙ سمجهي کائو. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو جن کي خدا اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن (بي سمجھ يتيمن کي ڀلي) کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن سان (پيار سان) چڱي طرح ڳالهايو. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن کي ڪاروبار ۾ لڳائيندا رهو، ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته (پوءِ انهن کي هڪ مهيني جو خرچ انهن جي هٿان ڪرائي) جيڪڏهن انهن کي هوشيار ڏسو ته سندن مال انهن جي حوالي ڪريو، ۽ (خبردار) ائين نه ڪجو ته: هي وڏا ٿي ويندا، ان ڊپ کان فضول خرچي ڪري سندن مال چٽ نه ڪري ڇڏجو، ۽ جو (ولي يا سرپرست) آسودو هجي ته (يتيم جي مال کائڻ کان) بچندو رهي. پر جيڪڏهن محتاج آهي ته (بلڪل واجبي) دستور جي موافق کائي سگهي ٿو. پوءِ سندن مال جڏهن انهن جي حوالي ڪريو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو. (هونهن ته) حساب وٺڻ لاءِ خدا ڪافي آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا ان مان مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال) مان جنهن کي سندن ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو هجي (هر شخص جو) حصو (اسان جي طرفان) مقرر ڪيل آهي. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا (جن جو ڪو حصو نه آهي) ۽ يتيم ۽ محتاج حاضر ٿين ته انهن کي به ان مان ڪجھ نه ڪجھ ڏئي ڇڏيو ۽ انهن سان چڱيءَ طرح (سٺي نموني) ڳالهايو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ (۽ خيال ڪرڻ) گهرجي ته جيڪڏهن اهي به ائين پاڻ کان پوءِ (ننڊڙا) جيتامڙا ٻار ڇڏي وڃن ها ته کين انهن تي ڪيترو نه ترس ٿئي ها. ۽ پوءِ انهن کي (غريب ٻارن تي سختي ڪرڻ ۾) خدا کان ڊڄڻ گهرجي انهن سان چڱي طرح ڳالهائڻ گهرجي. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
جي ماڻهو يتيم جو مال هڙپ ڪندا آهن، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باھ کائن ٿا ۽ عنقريب جهنم واصل ٿيندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
(مسلمانو!) خدا اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تن جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (مئل جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ لاءِ ڇهون (حصو) آهي جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. ۽ جيڪڏهن ان لاءِ ڪا اولاد نه هجي ۽ فقط ماءُ پيءُ ئي وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (۽ باقي پڻس لاءِ آهي) پر جيڪڏهن ميت جا (سڳا يا ويڳا) ڀائر به هجن ته (توڙي جو کين ڪجھ به نه ملندو پر) ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي. جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو، تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ، انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان جي زيادھ ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي ڇو ته خدا ته هر شيءِ جو ڄاڻندڙ ۽ تدبير ڪندڙ آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ جيڪي اوهان جي زالن (مري) ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد هجي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي، جنهن جي وصيت ڪري ويون آهن تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان اوهان جي زالن جو ڪن شين ۾ ڇوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان جو ڪو به اولاد آهي ته اوهان جي ترڪي مان سندس خاص شين مان اٺون حصو آهي (۽ اهو به) اوهان جنهن لاءِ وصيت ڪئي هجي ته ان جي تعميل ۽ قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن، (پر) جنهن جي وصيت ڪيل هجي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ، (بشرطيڪه مئل وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائيندڙ نه هجي) هي وصيت خدا جي طرفان آهي ۽ خدا ته هر شيءَ کي ڄاڻڻ وارو ۽ بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
هي خدا جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي خدا آخرت ۾ اهڙن (ساوڪ وارن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (ڪيئي) واھ وهن ٿا ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها ته وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي نافرماني ڪئي ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدون ٽپيون ته پوءِ خدا کيس جهنم ۾ داخل ڪندو (۽ سدائين پنهنجو ڪيو لوڙيندو) رهندو ۽ ان لاءِ وڏي خواريءَ جو عذاب آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن چار ئي تصديق ڪن ته (انهن زالن جي سزا هي آهي ته) انهن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو هنن کي موت اچي يا خدا سندن ڪاراھ کولي. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ اوهان مان جيڪي به ماڻهو (بدڪاري) ڪن، تن کي سزا ڏيو (مار ڏيو) پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي (پنهنجي حرڪت کان) توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ خدا مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
پر خدا جي بارگاھ ۾ توبه ته فقط انهن ئي ماڻهن جي (صحيح) آهي جيڪي اڻ ڄاڻائي سان بڇڙائي ڪن ٿا ۽ وري يڪدم توبه ڪن ٿا ته پوءِ خدا به اهڙن ماڻهن جي توبه قبول ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ توبه انهن ماڻهن لاءِ (فائدي واري) نه آهي جي (عمر ڀر ته) بڇڙا ڪم ڪندا رهن ايستائين جو انهن مان ڪنهن جي سرُ تي موت آيو ته چوڻ لڳو: هينئر مون توبه ڪئي ۽ (اهڙي طرح) انهن لاءِ (به توبه مفيد) نه آهي جي ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارو! اوهان کي جائز نه آهي جو (پنهنجي وارث جي) عورتن سان نڪاح ڪري (اجايو سجايو ۽) زبردستي انهن جا وارث بڻجو، پڻ جو ڪجھ اوهان کين (مڙس جي ترڪه مان) ڏنو آهي ان مان ڪجھ واپس وٺڻ جي ارادي سان کين ٻين سان (نڪاح ڪرڻ) کان نه جهليو پر جڏهن ظاهر بدڪاري ڪن (ته کين جهلڻ ۽ منع نه آهي) ۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو پر جي اوهان کين ڪنهن سبب ڪري پسند نه ڪيو (ته پوءِ صبر ڪيو) ڇو ته عجب نه آهي ته جنهن ڳالھ کي توهين پسند نه ڪريو خدا ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال (کي طلاق ڏئي ان جي جاءِ تي ٻي سان نڪاح ڪري) بدلي ۾ آڻڻ گهرو ٿا ۽ اوهان انهن هڪ (يعني پهرين کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجھ به موٽائي نه وٺو. ڇا! (توهان جي اها غيرت آهي جو اجايو سجايو) ڪو نه ڪو ڪوڙ ٻَڌي يا ظاهر ڏوھ رکي (واپس وٺو). |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ اوهين ڪئين ان کي واپس وٺي سگهو ٿا جڏهن اوهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ زالون اوهان کان (نڪاح جي وقت کاڌي وغيره جو) پڪو انجام وٺي چڪيون آهن. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ جن زالن سان اوهان جي پيءُ ڏاڏن نڪاح (جماع يا زنا) ڪيو هجي ته اوهين انهن سان نڪاح نه ڪريو. پر جي ٿي چڪو (سو ٿي چڪو تڏهن به) اها بدڪاري ۽ خدا کي رنج ڪرڻ جي ڳالھ ضرور هئي پڻ تمام بڇڙو طريقو هو. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
(مسلمانو! هي) عورتون اوهان تي حرام ڪيل آهن: اوهان جون مائرون (ڏاڏي ناني وغيره) ۽ توهان جون ڌيئرون (پوٽيون ڏهٽيون) ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جو ڦڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائيٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري هجي ۽ توهان جون (ٿڃ گڏ پيتل) رضاعي ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ۽ اوهان جون اڳ ڄايون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ (پليون) هجن (۽) اوهان جي انهن زالن مان هجن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي هجي ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان (پيدا ٿيل آهن) ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ (نڪاح) ڪرڻ (حرام آهي) مگر جيڪي اڳي (ڪفر جي زماني ۾) ٿي گذريو (سو اوهان کي معاف آهي) بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
پڻ مڙس واريون عورتون به، پر اهي زالون جي (جهاد ۾ ڪافرن کان) اوهان جي قبضي ۾ اچن (سي حرام نه آهن) هي خدا جو تحريري حڪم آهي جو اوهان تي فرض ڪيو ويو آهي. ۽ انهن عورتن کان سواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوهان لاءِ جائز آهن ته (جيئن) اوهين پاڪدامني جا ڳولائو ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي پنهنجن مالن سان انهن جو سنڱ گهرو، هاءُ جن عورتن سان توهان متعه ڪيو هجي ته هن جو به مهر مقرر ڪيو آهي (سو) ڏيو ۽ مهر جي مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن پاڻ ۾ (گهٽ وڌ تي) راضي ٿيو ته ان ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) واقف ۽ مصلحتن جي ڄاڻڻ وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ اوهان مان جنهن کي (آزاد) مومنه عفت وارين عورتن سان مالي حيثيت (نه) هئڻ سبب نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته اهو، توهان جي انهن مومنه ٻانهين سان نڪاح ڪري سگهي ٿو جي اوهان جي قبضي ۾ آهن ۽ خدا اوهان جي ايمان کان چڱي طرح واقف آهي. (ايمان جي حيثيت سان ته) اوهان ۾ هڪڙو ٻئي جو هم جنس آهي پوءِ (بي ڌڙڪ) سندن مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ انهن جي مهر کين چڱي طرح سان ڏيئي ڇڏيو. پر انهن (ٻانهين) سان (نڪاح ڪريو) جي پاڪدامنيءَ سان توهان جون پابند رهن، نه اهي ظاهر ظهور زنا ڪن ۽ نه لڪي ڇپي يار رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن توهان جون پابند ٿين ۽ جي بدڪاري ڪن ته جا سزا آزاد زالن کي ڏني وڃي ٿي تنهن جي اڌ (سزا) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين سان نڪاح به اهو ئي شخص ڪندو جنهن کي زنا ۾ ڦاسڻ جو خوف هوندو. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته توهان لاءِ ڏاڍو سٺو آهي، ۽ خدا وڏو بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
خدا جي ته اها ئي مرضي آهي توهان لاءِ (پنهنجو حڪم) بلڪل کولي ٻڌائي ۽ جيڪي نيڪ ماڻهو اوهان کان اڳ ٿي گذريا آهن، انهن جي راھ تي هلائي ۽ توهان جي توبه قبول فرمائي ۽ خدا ته (هر ڳالھ کان) واقف ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ خدا ته گهري ٿو ته توهان جي توبه قبول ڪري ۽ جي ماڻهو نفساني خواهشن جي پٺيان پيل آهن، اهي گهرن ٿا ته توهان (سڌي گس کان) گهڻو پري هٽي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
خدا گهري ٿو ته توهان تان (بار) هلڪو ڪري ڇو ته آدمي ته تمام ڪمزور ئي ته پيدا ڪيل آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان وارو! پاڻ ۾ هڪڙا ٻين جو ناحق مال نه کائيندا ڪريو، پر جيڪڏهن اوهين پاڻ ۾ رضا خوشيءَ سان واپار ڪريو (ان ۾ هڪٻئي جو مال هجي ته اهم نه آهي) ۽ پاڻ کي گهڻو ڏئي جان نه ڏيو، ڇو ته خدا ضرور اوهان جي حال تي مهربان آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جو شخص ظلم ۽ زيادتي سان اهڙو ناحق ڪندو (پنهنجو پاڻ کي ماريندو) ته (ياد رهي ته) اسين جلد ئي کيس (جهنم جي) باھ ۾ اڇلائينداسون ۽ اهو خدا لاءِ آسان آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جن (ڪڌن) ڪرتوتن جي منع ڪرڻ ۾ اچي ٿي، انهن مان اوهين جيڪڏهن وڏن گناهن کان پاڻ بچائيندا رهو ته اسين توهان جن (ننڍن) گناهن کان (جيڪر) درگذر ڪريون ۽ اوهان کي تمام سٺي عزت واري جڳھ پهچايون. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ خدا جي توهان مان هڪڙي کي ٻئي تي فضيلت ڏني آهي، ان جي هوس نه ڪريو (ڇو ته فضيلت يا مرتبو ته نيڪ اعمال تي آهي) مردن کي پنهنجي ڪئي جو حصو آهي ۽ عورتن کي پنهنجي ڪئي جو حصو پر (هي ٻي ڳالھ آهي) جو اوهان خدا کان سندس فضل ۽ ڪرم جي گهر ڪريو. خدا ته هر شيءِ کان بلڪل واقف آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ ماءُ پيءُ (يا) ٻيا مائٽ (مطلب ته) جو شخص جيڪو به ترڪه ڇڏي وڃي ان مان هر هڪ جو (والي) وارث مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ۽ جن ماڻهن سان توهان پڪو انجام ڪيو آهي، ان جو مقرر ڪيل (مال) به اوهين ڏيو. بيشڪ خدا هر شيءِ تي حاضر ناظر آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مڙس زالن تي حاڪم آهن ڇو ته (هڪ ته) خدا ڪن ماڻهن (مردن) کي ڪن ماڻهن (عورتن) تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) جيئن ته مردن (عورتن تي) پنهنجو مال خرچ ڪيو آهي. پوءِ نيڪ بخت زالون ته (مڙسن جي) تابعداري ڪنديون آهن (۽) هنن جي پر پٺ (به) جيئن (سندن) حفاظت ڪئي، اهي به (هر ڳالھ جي) حفاظت ڪنديون آهن. پڻ جن ناشناس عورتن جي (ارھ زور) هجڻ جو اوهان کي خوف هجي ته (اول) انهن کي (پنهنجي منهن) سمجهايو ۽ (نه مڃن ته) توهان هنن سان سمهڻ ڇڏي ڏيو پر جي (اڃا به نه سمجهن ته) مار ڏيون (پر ايترو نه جو رت نڪري يا ڪوئي عضوو ڀڄي پوي) پوءِ جيڪڏهن اوهان جون تابعدار ٿين ته اوهين به مٿن (ظلم ڪرڻ جو) ڪو رستو نه ڳوليو. بيشڪ خدا ته سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ (اي فيصلي ڪرڻ وارو!) جيڪڏهن اوهان کي زال مڙس جي پوري اڻبڻت جو طرفين کان انديشو هجي ته هڪ امين مڙس جي هرائي مان ۽ هڪ امين زال وارن مان مقرر ڪريو. جيڪڏهن اهي ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گهرن ته خدا هنن ٻنهين ۾ سٺو بندوبست ڪندو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ پوري خبر رکندڙ آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ الله جي ئي عبادت ڪريو ۽ ڪنهن کي سندس شريڪ نه بنايو پڻ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ رشته دار پاڙيسري ۽ ڌاريا پاڙيسري ۽ ڀر سان وهڻ واري ۽ مسافرن ۽ پنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ سان به ڀلائي ڪريو. بيشڪ خدا هٺيلن پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نٿو رکي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
هي ماڻهو اهي آهن جي پاڻ تي بخل ڪن ٿا پر ٻين ماڻهن کي به بخل جو ڏس ڏين ٿا ۽ جيڪو مال خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين ڏنو آهي، ان کي لڪائين ٿا. ۽ اسان ته بي شڪر ماڻهن لاءِ تمام ذلت (۽خواري) جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ جيڪي فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال خرچ ڪن ٿا ۽ نه خدا تي ئي ايمان اٿن ۽ نه وري آخرت تي (خدا هنن سان ڪونهي ڇو ته سندن ساٿي ته شيطان آهي) ۽ جنهن جو ساٿي شيطان هجي ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ساٿي آهي. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آڻين ها ۽ جو ڪجھ خدا کين ڏنو آهي، انهيءَ مان (خدا جي واٽ ۾) خرچ ڪن ها ته مٿن ڪهڙي مصيبت پوي ها؟! ۽ خدا ته سندن (حال کان) چڱو واقف آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
خدا ته بلڪل ذري برابر به ظلم نٿو ڪري، بلڪ جيڪڏهن (ٿورڙي به ڪنهن جي) ڪا به نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ پنهنجي طرفان تمام وڏو ثواب عطا فرمائي ٿو. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
(خير دنيا ۾ جيڪو چاهين سو ڪن) ڀلا ان وقت ڪهڙو حال ٿيندن جڏهن اسان هر گروھ جا گواھ گهرائينداسون ۽ (اي محمد) تو کي (وري) انهن سڀني تي گواھ جي حيثيت ۾ گهرائينداسون. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
(پوءِ) ان ڏينهن جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ رسول جي نافرماني ڪئي، اهي آرزو ڪندا ته هاءِ جيڪر (اهي مٽيءَ م پورجي وڃن) ۽ مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي ۽ اهي الله کان ڪا به ڳالھ لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارو! اوهين نشي جي حالت ۾ نماز جي ويجهو نه وڃو، ته جيئن توهين جو ڪجھ ڳالهايو سو سمجهو نه ته!، ۽ نه تڙ جي حالت ۾، ايستائين جو غسل ڪريو، مگر مسافريءَ ۾ (جڏهن غسل ممڪن نه هجي ته پوءِ ڪا ڳالھ ڪانهي) بلڪ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو (۽ پاڻي نقصان ڪري) يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پاخاني مان اچي، يا زالن سان صحبت ڪئي هجي ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي (جو طهارت ڪري سگهو) ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪريو ۽ (ان جو طريقو هي آهي ته) پنهنجي منهن ۽ هٿن تي مٽيءَ وارا هٿ ڦيرايو. بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشهڻار آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
(اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي، جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پر) اهي (هدايت جي عوض) گمراهي خريد ڪرڻ لڳا انهن جو اصل مطلب هي آهي ته تون به سڌي راھ کان ٿڙي وڃين. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ خدا اوهان جي دشمنن کان چڱو واقف آهي ۽ دوستي لاءِ بس خدا ئي ڪافي آهي، پڻ مدد لاءِ به خدا ئي ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
(اي رسول!) يهودين مان ڪجھ اهڙا به ماڻهو آهن جي (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ اسمع غير مسمع ۽ راعنا (انهن لفظن سان) پنهنجي زبانن کي موڙين ٿا ۽ دين تي ٽوڪ ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن اهي (هي لفظ) چون ها ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ توهان ٻڌو ۽ اسان تي نظر ڪريو ته انهن لاءِ تمام چڱو ٿئي ها ۽ بلڪل مناسب ڳالھ هئي. پر هنن تي ته سندن ڪفر جي ڪري خدا جي لعنت آهي پوءِ انهن مان ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي اهل ڪتاب! جو (ڪتاب) اسان نازل ڪيو آهي ۽ اهو (ان ڪتاب جي به) تصديق ڏئي ٿو جو توهان وٽ آهي ته ان تي ايمان آڻيو، پر ان کان اڳ جو اسين ڪجھ ماڻهن جا منهن بگاڙي سندن پٺي ڏي ڦيريون يا جيئن اسان اصحاب سبت (ڇنڇر وارن) تي ڦٽڪار هنن تي به وسايون پڻ خدا جو حڪم ته ڪيو ڪرتيل ڪم سمجهو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
خدا ان (گناھ) کي ته معاف ڪين ڪندو آهي، جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي، البت ان کان سواءِ جنهن کي گهري ته معاف ڪري پر جنهن (ڪنهن کي به) خدا جو شريڪ بنايو ته ان وڏي گناھ جو طوفان سٽيو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
(اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي جو پنهنجو پاڻ ڏاڍا مقدس ٿا بڻجن (پر ان مان ڇا ورندو) مقدس ته خدا جنهن کي گهري، بڻائي ۽ ظلم ته ڪنهين تي ڌاڳي برابر ٿيڻو ئي نه آهي. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
(اي رسول!) ڏس ته سهي! هي ماڻهو خدا تي ڪهڙا نه ڪوڙا طوفان مڙهي رهيا آهن ۽ ظاهر ظهور گناھ لاءِ ته بس اهو ئي ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
(اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن جي (حال تي) نظر نه ڪئي جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پوءِ) شيطانن ۽ بتن جو ڪلمو پڙهڻ لڳا ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي، انهن لاءِ چوڻ لڳا ته هي ماڻهو ايمان آڻڻ وارن کان وڌيڪ سڌي گس تي آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
(اي رسول) اهي ئي ته آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي، تون انهن جو ڪنهن کي مددگار نه ڏسندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا خدا جي حڪومت ۾ انهن جو به ڪجھ حصو آهي؟ جنهن مان ماڻهن کي (تر برابر) تر جيترو به نه ڏيندا. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
يا اهي (الله جي خاص) ماڻهن سان ان فضل جي سبب حسد ڪن ٿا جو خدا کين عطا فرمايو (ته ان جو ڪهڙو علاج آهي) اسان ته ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون عطا فرمايون آهن کين تمام وڏي سلطنت به ڏني آهي. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ هنن مان ڪن (سندن فضيلت ڏسي) ايمان آندو ۽ ڪي انڪاري ٿيا ۽ (ان انڪار فضيلت جي سزا لاءِ) دوزخ جي ڀرڪندڙ باھ ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
(ياد رهي) ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو. اسان انهن کي ضرور عنقريب جهنم جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏينداسون. پڻ جڏهن سندن کلون (سڙي) ڳري وينديون ته اسين وري انهن لاءِ ٻيون کلون بدلائي پيدا ڪنداسون ته جيئن چڱيءَ طرح عذاب جو مزو چکين. بيشڪ خدا (هر شيءِ تي) غالب ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اسين هنن کي جلد (بهشت جي) اهڙن ته (ساوڪ وارن) باغن ۾ نيئي پهچائينداسون جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه هميشه تائين رهندا. اتي هن لاءِ پاڪ صاف زالون هونديون ۽ اسين کين گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ داخل ڪنداسون. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
(اي ايمان وارو!) خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ماڻهن جون امانتون امانت رکڻ وارن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙن جو فيصلو ڪرڻ لڳو ته انصاف سان فيصلو ڪريو. خدا اوهان کي ان جي ڪهڙي نه سٺي نصيحت ٿو ڪري، انهيءَ ۾ ته شڪ نه آهي، جو خدا سڀ جي ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڏسي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارو! خدا جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي ۽ جيڪي اوهان مان (رسول وانگر) صاحبان حڪم هجن انهن جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪڏهن توهين ڪنهن ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪريو ته جيڪڏهن اوهين خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته ان ڳالھ ۾ خدا۽ رسول جي طرف رجوع ڪريو. اها ئي (اوهان لاءِ) بهتر آهي. ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
(اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت) تي نظر ڪئي جي هي خيالي پلاءُ پچائين ٿا ته جو ڪتاب تو کان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا (سڀ تي) ايمان آندوسين (هوڏانهن) سندن دلي خيال هي آهي ته پاٿاري دارن کي پنهنجو حاڪم بنايون توڙي جو کين حڪم ڏنو ويو آهي ته انهن جي ڳالھ نه مڃو! ۽ شيطان ته چاهي ٿو ته کين ورغلائي گس کان گهڻو پري ٿيڙي ڇڏي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته جو (ڪتاب) خدا نازل ڪيو آهي، ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته تو کان منهن موڙين ٿا. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏهن سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري مٿن ڪا مصيبت پوي ٿي، پوءِ ته ڪئين نه تو وٽ خدا جا قسم کائيندا اچن ٿا. ۽ چون ٿا اسان جو مطلب ته نيڪي ۽ ميل ميلاپ کان سواءِ ڪجھ نه هو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
هي اهي ماڻهن آهن، جن جي حالت خدا ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ تون (سندن ڳالهين کي) وسار ۽ کين سمجهاءِ پڻ انهن سان سندن دلين ۾ اثر ڪرڻ واري موقعي جي ڳالھ ڪر. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
۽ اسان ڪو به رسول نه موڪيلو آهي پر فقط هن لاءِ ته خدا جي حڪم سان ماڻهو سندس اطاعت ڪن. ۽ (اي رسول!) جڏهن انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. جيڪڏهن تو وٽ هليا اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ته بيشڪ اهي ماڻهو خدا کي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
(بس اي رسول) تنهنجي پروردگار جو قسم ته اهي ماڻهو ايستائين مومن نه ٿيندا جيستائين پنهنجن جهڳڙن ۾ تو کي حاڪم نه بڻائين ۽ (فقط ايترو نه بلڪ) جو به تون فيصلو ڪرين ان ۾ دل تنگ نه ٿين ۽ ان کي چڱي طرح خوشيءَ سان به مڃين. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
(اسلامي آسان شريعت ۾ ته سندن اهو حال آهي) جيڪڏهن اسين بني اسرائيل وانگر کين اهو حڪم ڪريون ٿا ته: اوهين پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڪهي ڇڏيو يا شهر بدر ٿي وڃو ته انهن مان سواءِ ڪن ٿورن جي هي ماڻهو ته ڪين ڪن ٿا. جيڪڏهن هي ماڻهو ان ڳالھ تي عمل ڪن ٿا جنهن جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سندن حق ۾ ڏاڍو سٺو ٿئي ها ۽ (دين ۾ به) ڏاڍا پختا رهن ٿا. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
پڻ ان صورت ۾ اسين به پنهنجي طرفان ضرور تمام سٺو عوض ڏيون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ کين سڌي گس جو به ڏس ڏيون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي تابعداري ڪئي ته اهڙا ئي ماڻهو انهن (مقبول) انسانن سان هوندا، جن کي خدا پنهنجيون نعمتون عطا ڪيون آهن، يعني انبياء ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح ۽ اهي انسان ڪهڙا نه سٺا رفيق آهن. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي ۽ خدا ته واقفڪاريءَ ۾ بس آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارو! (جهاد وقت) پنهنجي حفاظت (جا ذريعا) چڱي طرح ڏسي ڇڏيو. پوءِ (اوهان کي اختيار آهي) چاهي دسته دسته ٿي نڪرو يا سڀئي ڪٺا ٿي نڪري پئو. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي (جهاد کان) ضرور لهرائيندا پوءِجيڪڏهن (اتفاق سان) اوهان تي ڪا تڪليف ٿي ته چوڻ لڳا ته خدا اسان تي وڏو ڪرم ڪيو جو آءُ انهن (مسلمانن) سان گڏ نه ويس. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
پر جيڪڏهن اوهان تي خدا فضل ڪيو (۽ دشمن تي غالب ٿيا) ته اهڙي طرح اجنبي بنجي ويا، ڄڻ ته اوهان ۽ ان ۾ ڪا محبت ئي ڪين هئي. هيئن چوڻ لڳو ته: هاءُ! آءُ به انهن سان هجان ها ته مان به وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
پوءِ جي ماڻهو دنيا جي زندگي (سر تائين) آخرت جي لاءِ ڏيڻ لاءِ حاضر آهن، انهن کي خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ گهرجي. ۽ جنهن خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ شهيد ٿيو يا غالب آيو ته (بهرحال) اسين ته جلد ئي ان کي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
(۽ اي مسلمانو!) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو خدا جي راھ ۾ انهن ضعيف بيوس مردن ۽ عورتن ۽ ٻارڙن (کي ڪافرن جي پنهنجي مان ڇڏائڻ) لاءِ جهاد نه ٿا ڪريو جي (ويچارا لاچاري جي حالت ۾) خدا کان دعائون گهري رهيا آهن ته: اي اسان جا پالڻهار! ڪنهن طرح به هن ڳوٺ (مڪي) مان جنهن جا رهاڪو ڏاڍا ظالم آهن اسان کي ڪڍ. پنهنجي طرفان ڪنهن کي اسان جو سرپرست بڻاءِ ۽ تون خود ئي ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جو مددگار مقرر ڪر. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
(پوءِ ڏسو ته) ايمان وارا ته خدا جي راھ ۾ وڙهن ٿا ۽ ڪافر وري شيطاني راھ ۾ وڙهي مرندا آهن. پوءِ (مسلمانو!) اوهين شيطاني چيلن سان وڙهو (۽ ڪجھ پرواھ نه ڪريو) ڇو ته شيطان جو داوَ ته تمام ڪمزور آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
(اي رسول!) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت تي) نظر ڪين ڪئي جن کي جهاد جي خواهش هئي ۽ انهن کي حڪم هو ته (اڃا ڪجھ وقت) پنهنجا هٿ روڪيو ۽ پابندي سان نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. پر جڏهين انهن تي جهاد واجب ڪيو ويو ته انهن مان ڪجھ ماڻهو (ڊيڄڙي سبب) ماڻهن کان اهڙي طرح ڊڄڻ لڳا جهڙي طرح ڪو ماڻهو خدا کان ڊڄي. بلڪ انهن کان به گهڻو وڌيڪ ۽ (گهٻرائجي) چوڻ لڳا ته: خدايا! تو اسان تي جهاد ڇو واجب ڪيو. ۽ اسان کي ڪجھ ڏينهن جي اڃا به مهلت ڇو ڪين ڏني؟ (اي رسول!کين) چئو ته دنيا جو مزو تمام ٿورو آهي ۽ جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو ان جي آخرت هن کان گهڻي سٺي آهي. ۽ (اتي ته) ريشه (وار) برابر به انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
اوهين چاهي ڪٿي به هجو موت نه ڇڏيندو! جيتوڻيڪ ڪهڙن ئي مضبوط پڪن گنبدن ۾ ڇو نه وڃي لڪو. ۽ کين جيڪڏهن ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته چوڻ لڳن ٿا ته هي خدا جي طرف کان آهي پر جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته (شرارت کان) چون ٿا ته (اي رسول!) هي تنهنجي ڪري ئي آهي. (اي رسول!) تون چئين ته سڀ خدا جي طرفان آهي پوءِ انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي، جو ڪا به ڳالھ نه ٿا سمجهن. |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
هوڏانهن (سچ ته هي آهي ته) جڏهن اوهان کي ڪو فائدو پهچي ته سمجهو ته خدا جي طرف کان آهي ۽ جڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ته (ڄاڻو ته اها) خود توهان جي ڪرتوتن ڪري آهي. ۽ (اي رسول!) اسان تو کي ماڻهن ڏي پيغمبر ڪري موڪليو آهي ۽ ان لاءِ خدا جي شاهدي بس آهي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن رسول جي اطاعت ڪئي تنهن بيشڪ الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪي ڦرندا ته (تون ڪجھ خيال نه ڪر ڇو ته) اسان تو کي ڪو نگهبان مقرر ڪري ته ڪين موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
(هي ماڻهو تنهنجي اڳيان ته) چون ٿا ته اسين اوهان جا تابعدار آهيون. پر جڏهن وري تو وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن مان ڪجھ ماڻهو جو ڪجھ (تو سان) چيو ويو اهي ئي ان جي خلاف راتين جو (پاڻ ۾) صلاح مشورو ٿا ڪن. هوڏانهن (هي نٿا سمجهن ته) اهي ماڻهو راتين جو ڪو به مشورو ڪندا هئا ان کي خدا لکندو وڃي ٿو. پوءِ تون اهڙن جي ڪجھ پرواھ نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو رک ۽ خدا ڪارساز بس آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ته ڇا هي ماڻهو قرآن ۾ غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ هي نٿا سوچين ته) جيڪڏهن خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽان (آيل) هجي ها ته ان ۾ ضرور وڏو اختلاف لهن ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن انهن (مسلمانن) وٽ امن يا خوف جي خبر آئي ته ان کي يڪدم مشهور ڪري ٿا ڇڏين. هوڏانهن جيڪڏهن ان خبر کي رسول يا پنهنجي (ايماندارن) مان صاحبان امر تائين پهچائين ها ته بيشڪ جيڪي انهن مان تحقيق ڪرڻ وارا آهن (پيغبمر يا اولي الامر) ان ڳالھ کي سمجهي وٺن ها (ته مشهور ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه) ۽ (مسلمانو!) جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته ڪن ماڻهن کان سواءِ اوهان سڀئي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳو ها. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ (اي رسول!) تون خدا جي راھ ۾ جهاد ڪر پڻ تون پنهنجي سر کانسواءِ ٻئي ڪنهين جو ذمه دار نه آهين. ۽ ايماندارن کي (جهاد جو) شوق ڏيار. جلد خدا ڪافرن جي هيبت لاهي ڇڏيندو. ۽ خدا جي هيبت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ سندس سزا (به) تمام سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جو شخص نيڪ ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي ثواب مان حصو ملندو. پر جيڪو بري ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي سزا جو ڪجھ حصو ملندو ۽ خدا ته هر شيءِ تي نگهبان آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن توهان کي ڪنهن طرح ڪو شخص سلام ڪري ته اوهين به ان جي جواب ۾ ان کان سٺي نموني سان سلام ڪيو يا اهي ئي لفظ جواب ۾ چئو. بيشڪ خدا هر شيءِ جو حساب ڪرڻ وارو آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ضرور گڏ ڪندو. ۽ خدا کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڪير سچو آهي. |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
(مسلمانو!) وري اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو اوهين منافقن جي باري ۾ ٻه ٽولا ٿي ويا آهيو؟ (هڪڙو موافق ته ٻيو ٽولو مخالف) هوڏانهن خود خدا سندن ڪرتوتن جي ڪري هنن جي (سمجھ کي) الٽ پلٽ ڪيو آهي، ڇا اوهين اهو چاهيو ٿا ته جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، اوهين ان کي سڌي راھ تي آڻيو. حالانڪ خدا جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏنو آهي اوهان مان ڪو به شخص ان لاءِ سڌو رستو ڪڍي ئي نٿو سگهي. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
انهن ماڻهن جي مرضي ته هي آهي ته جيئن اهي ڪافر ٿي ويا تئين هي به ڪافر ٿين ته جيئن اوهين انهن جي برابر ٿي وڃو. پوءِ جيستائين اهي خدا جي راھ ۾ هجرت نه ڪن. تون انهن مان ڪنهن کي به دوست نه بڻائي. پوءِ جيڪڏهن هو ان کان به منهن موڙين ته انهن کي قيد ڪيو ۽ جتي به ملن، قتل ڪيو پڻ هنن مان نه ڪنهن کي دوست بڻائي نه مددگار. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
پر جي ماڻهو ڪنهن اهڙي قوم سان وڃي مليا آهن، جن سان اوهان جي (صلح جو) عهد اقرار ٿي چڪو آهي يا اوهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان گڏ وڙهي (وڙهي) ڪڪ ٿي اوهان وٽ اچن (ته انهن کي ڪجھ نه چئو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته کين اوهان تي غالب ڪري ها. پوءِ ضرور اهي اوهان سان جنگ ڪن ها. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو ڪن ۽ اهي اوهان سان نه وڙهن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ته پوءِ اوهان لاءِ انهن کي (آزار پهچائڻ جي) خدا ڪا راھ نه ڪڍي آهي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
جلد اوهين اهڙن ٻين کي به لهندو جن جي مرضي آهي ته اوهان سان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم سان (به) امن ۾ رهن. جڏهن به کين فساد ڏي موٽايو ويندو ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪرندا. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ۽ نڪي پاڻ کي (جنگ کان) روڪين ته انهن کي پڪڙيو (قيد ڪريو) ۽ جتي به کين لهو اتي انهن کي قتل ڪريو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن تي اوهان کي ظاهر غلبه عطا فرمايل آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ ڪنهن ايماندار کي هي جائز نه آهي جو ڪنهن مومن کي ماري ڇڏي پر ڌوڪي سان (قتل ٿئي ته ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڌوڪي سان (به) ماري ته (ان تي) هڪ ايماندار غلام جو آزاد ڪرڻ ۽ ڪٺل جي قرابتدارن کي خون بها ڏيڻ (لازم) آهي پر جيڪڏهن اهي معاف ڪن. پوءِ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ اهو (مقتول) مومن هجي ته (ان تي فقط) هڪ مسلمان غلام کي آزاد ڪرڻ پر جي قتل ڪيل انهن (ڪافرن) مان هجي جن سان اوهان جا انجام اقرار ٿي چڪا آهن ته (قتل تي) قتل ڪيل جي وارثن کي خون بها ڏيڻ ۽ هڪ مومن غلام جو آزاد ڪرڻ واجب آهي. پوءِ جو شخص (مسلمان ٻانهو) نه لهي ته (ان تي) ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻا آهن خدا کان گناھ بخشائڻ لاءِ. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري (ته غلام جي آزادي وغيره سندس ڪفارو نه آهي پر) پوءِ ان جي سزا دوزخ آهي ۽ اهو ان ۾ هميشه رهندو. ان تي خدا پنهنجو غضب وڌو ۽ ان تي لعنت ڪئي اٿس ۽ ان لاءِ تمام سخت عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهان خدا جي راھ ۾ (جهاد ڪرڻ لاءِ) سفر ڪيو ته (ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪندا ڪريو (پر) چڱي طرح جاچ ڪندا ڪيو ۽ جو (شخص اسلام ظاهر ڪرڻ لاءِ) اوهان کي سلام ڪري ته اوهين بنا سوچ ويڇار جي هينئين نه چوندا ڪريو ته تون ايماندار نه آهين. (ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته اوهين دنيا ميڙڻ جي تمنا رکو ٿا (ته ان بهاني ڪهي ۽ سندس مال ڦريون ۽ هي نٿا خيال ڪن) ته ائين آهي ته خدا وٽ ڪيئي مال غنيمت جا آهن (مسلمانو!) شروع ۾ توهان به ته اهڙا هئا پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو جو (بنا کٽڪي مسلمان ٿيا) مطلب ته چڱي طرح سوچي سمجهي (قسم کڻندا) ڪريو بيشڪ خدا اوهان جي هر هڪ ڳالھ کان خبردار آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
معذور ماڻهن کانسواءِ (جهاد کان منهن لڪائي) گهر ۾ وهڻ وارا ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارا هرگز برابر نٿا ٿي سگهن (بلڪ) پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارن کي، گهر ۾ وهڻ وارن تي خدا درجه جي اعتبار سان وڏي فضيلت ڏني آهي (توڙي جو) خدا سڀني ايماندارن سان (خواھ جهاد ڪن يا نه ڪن) ڀلائي جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. پر غازين کي گهر ۾ وهندڙن تي عظيم ثواب جي اعتبار سان خدا وڏي فضيلت ڏني آهي. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
(يعني کين) پنهنجي طرفان تمام وڏا درجا ۽ بخشش ۽ رحمت (عطا فرمائيندو) ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ جن ماڻهن جو روح فرشتن ان وقت قبض ڪيو جو (ميدان جنگ ۾ پيل) پنهنجي جانن تي ظلم ڪري رهيا هئا ته (کين) فرشتن قبض روح کان پوءِ حيرت سان چيو توهين ڪهڙي حالت (غفلت) ۾ هئا؟ ته اهي (عاجزي سان) چون ٿا ته اسين ته زمين تي بيوس هياسين ته فرشتا چون ٿا ته خدا جي (هيڏي وڏي) زمين ۾ ايتري به جاءِ نه هئي جو اوهين (ڪٿي) هجرت ڪري وڃو ها؟ پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ اها بڇڙي جڳھ آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
مگر جيڪي مرد ۽ زالون ۽ ٻار ايترا بيوس آهن جو نه ته (جنگ جي ميدان مان نڪرڻ جي) ڪا تدبير ڪري سگهن ٿا ۽ نه کين سندن چوٽڪاري جي راھ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
ته اميد آهي ته خدا اهڙن ماڻهن کان درگذر ڪري. ۽ خدا ته وڏو معاف ڪرڻ وارو بخشڻهار آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جو شخص خدا جي راھ ۾ هجرت ڪندو ته اهو روءِ زمين ۾ با فراغت (مزي سان) تمام ڪشادي جڳھ لهندو ۽ جو شخص پنهنجي گهر کان (بي گهر ٿي) شهر ڇڏي خدا ۽ رسول ڏي نڪتو ۽ پوءِ (منزل) مقصود تائين پهچڻ کان اڳ موت اچيس ته خدا تي سندس ثواب لازم ٿي ويو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان ئي آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
(مسلمانو!) جڏهن اوهين روءِ زمين تي سفر ڪيو ۽ اوهان کي هن ڳالھ جو ڊپ هجي ته ڪافر (نماز ۾) اوهان سان وڙهندا ته پوءِ اوهان کي ميار نه آهي ته جو نماز مان ڪجھ گهٽ ڪندا ڪريو. بيشڪ ڪافر ته اوهان جا ظاهر دشمن آهن. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي رسول جنگ جي وقت) جڏهن تون انهن ۾ هجين تون انهن کي نماز پڙهائين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ بيهي ۽ انهن کي گهرجي ته پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻي بيهن. پوءِ جڏهن (پهرين رڪعت جا) سجدا ڪري (ٻي رڪعت جلدي اڪيلو پڙهي) وٺن ته تنهنجي پٺيان پشت پناھ ٿين ٻي جماعت جا (وڙهي رهي هئي ۽) اڃا تائين نماز پڙهن ۽ پنهنجي حفاظت جون شيون ۽ هٿيار (نماز ۾ سان) رکن. ڪافرن جي ته مرضي آهي جيڪر اوهين هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ٿورو پاسيرو ٿيو ته يڪدم سڀئي اوهان تي اچي پون. پر ان ۾ اهم ته اهو آهي ته اوچتو مينهن وسڻ سان ڪجھ تڪليف ٿئي يا اوهين بيمار هجو ته پنهنجا هٿيار (نماز ۾) لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت ڪندا رهو ۽ خدا ته ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو ئي آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن اوهين نماز ادا ڪري چڪو ته اٿندي وهندي ليٽيندي (مطلب ته هر حال ۾) خدا کي ياد ڪريو. پوءِ جڏهن اوهين (دشمنن کان بي ڊپا ٿيو ته پنهنجي معمول مطابق) نماز پڙهندا رهو ڇو ته نماز ته ايماندارن تي مقرر ڪيل وقتن تي فرض ڪيل آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ (مسلمانو!)دشمنن جي ڳولا ۾ سستي نه ڪريو جيڪڏهن جنگ ۾ اوهان کي تڪليف ٿي پهچي ته جهڙي اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي هنن کي به (ته) اهڙي ئي اذيت پهچي ٿي. پڻ (اوهان کي هي به ته دلجاءِ آهي ته) اوهين خدا کان اهي اميدون رکو ٿا جي هنن کي (نصيب) نه آهن. ۽ خدا ته (سڀ کان) واقف (۽) حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
(اي رسول!) اسان تو تي بر حق ڪتاب هن ڪري نازل ڪيو آهي جو جهڙي طرح خدا تنهنجي هدايت ڪئي آهي اهڙي طرح ماڻهن ۾ فيصلو ڪريو ۽ خيانت ڪرڻ وارن جو پاسو نه وٺو. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
پڻ (پنهنجي امت لاءِ) خدا کان مغفرت جي دعا گهرو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ (اي رسول!) تون انهن (نالائق ماڻهن) جو پاسو وٺي (ٻين ماڻهن سان نه وڙھ. جيڪي پنهنجن ئي (ماڻهن) سان دغابازي ڪن ٿا. بيشڪ خدا اهڙن کي دوست نٿو رکي، جو دغاباز گنهگار هجي. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
ماڻهن کان ته (پنهنجي لوفرائپ ته) لڪائين ٿا پر خدا کان ته نٿا لڪائين! هوڏانهن اهو (خدا) ته ان وقت به انهن سان آهي جڏهن اهي ماڻهو راتين جو (ويهي ڪري انهن ڳالهين جون صلاحون ڪن ٿا جن کان خدا خوش نه آهي. ۽ خدا ته سندن سڀني ڪرتوتن کي (علم جي احاطي ۾) گهيري رکيو آهي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
(مسلمانو!) خبردار ٿي وڃو! ڀلا دنيا جي (ٿورڙي) حياتيءَ ۾ ته اوهين ان ڏي ٿي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو (پر هي ته ٻڌايو ته) پوءِ قيامت جي ڏينهن سندن طرفدار ٿي خدا سان ڪير وڙهندو يا ڪير هنن جو وڪيل ٿيندو؟ |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري يا (ڪنهن طرح) پنهنجي جان تي ظلم ڪري ۽ پوءِ خدا کان پنهنجي مغفرت جي دعا گهري ته خدا کي وڏو بخشڻهار مهربان لهندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جو شخص گناھ ٿو ڪري ته ان سان ڪجھ پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري. ۽ خدا ته (هرشيءِ کان) واقف (۽) وڏي تدبير وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جو شخص ڪا خطا يا گناھ ڪري ۽ ان کي ڪنهن ٻي ڏوهيءَ جي سر تي هڻي ته انهيءَ هڪ وڏو ڪوڙ ۽ صريحي گناھ کي پنهنجي مٿان رکيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
(اي رسول!) جيڪڏهن تو تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته انهن (نالائقن) مان هڪ ٽولي تو کي گمراھ ڪرڻ جو بلڪل قصد ڪيو آهي. هوڏانهن اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي گمراھ ڪري رهيا آهن. ۽ اهي ماڻهو تو کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿا سگهن. ۽ خدا ئي ته (مهرباني ڪئي جو) تو تي پنهنجو ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون تون نه ڄاڻندو هئين سي تو کي سيکاريائين ۽ تو تي ته خدا جو تمام وڏو فضل آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
(اي رسول!) انهن جي راز جي ڳالهين ۾ ڀلائي (جو ته نالو به) نه آهي. پر (هاءُ) جو شخص ڪنهن کي صدقو ڏيڻ يا نيڪ ڪم ڪرڻ يا ماڻهن ۾ ميلاپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي (ته البت ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص (محض) خدا جي خوشنودي جي خواهش ۾ اهڙا ڪم ڪندو ته اسين کيس جلد ئي وڏو بدلو عطا ڪنداسين. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جو شخص سڌي رستي جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ رسول سان ڏاڍائي ڪري ۽ مومنن جي طريقي کانسواءِ ڪنهن ٻي راھ تي هلي ته جنهن طرف اهو ڦري ويو آهي، اسين به کيس اوڏانهن ئي ڦيرينداسون ۽ (نيٺ) هن کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون. ۽ اهو ته تمام بڇڙو هنڌ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
خدا بيشڪ انکي نٿو بخشي جو انسان (ڪنهن کي) شريڪ ٿو ڪري. پر ان کان سواءِ جو به گناھ هجي جنهن کي گهري (ته) بخشي ۽ (معاذالله) جنهن ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنايو سو ته بس ٿڙندو گهڻو پري وڃي پيو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
هي مشرڪ، خدا کي ڇڏي بس عورتن جي ئي پوڃا (پاٽ) ڪن ٿا ۽ (دراصل) اهي ماڻهو سرڪش شيطان جي پوڃا ڪن ٿا. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
(جنهن تي) خدا لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن (شروع ۾ ئي) چيو هو ته (خداوندا) مان تنهن جي بندن مان هڪ مقرر حصو (تعداد جو) پنهنجي طرف ضرور وٺندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ پوءِ کين ضرور گمراھ ڪندس ۽ انهن کي (وڏيون وڏيون) اميدون به ضرور ڏياريندس ۽ پڪ کين سيکاريندس پوءِ اهي (بتن لاءِ) جانورن جا ڪن ضرور چيرڦاڙ ڪندا ۽ وري کين چوندس ته پوءِ اهي (منهنجي سبق وانگر خدا جي بنايل صورت کي ضرور بدلائي ڇڏيندا ۽ (اهو ياد رهي ته) جنهن خدا کي ڇڏي پنهنجو سرپرست شيطان کي بنايو ته ان ظاهر بظاهر سخت نقصان سر تي سٺو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان هنن سان سٺا سٺا واعدا به ڪري ٿو ۽ وڏيون وڏيون اميدون به ڏئي ٿو ۽ شيطان هنن سان جيڪي به انجام ڪري ٿو اهو ته ڌوڪو (ئي ڌوڪو) آهي. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جي جاءِ جهم آهي ۽ ان کان بچڻ جي جاءِ به نه لهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن کي اسين جلد ئي (بهشت جي) انهن باغن ۾ پهچائينداسون جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن. ۽ اهي ماڻهو ان ۾ هميشه ابد الاباد تائين رهندا. (اهو) انهن (سان) خدا جو پڪو انجام آهي ۽ خدا کان وڌيڪ (پنهنجي) ڳالھ ۾ سچو ڪير هوندو؟. |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
نه اوهان جي آروز سان (ڪجھ ڪم هلي سگهي ٿو) نه اهل ڪتاب جي تمنا سان (ڪجھ حاصل بلڪ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي) جو بڇڙو ڪم ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو ۽ وري خدا کانسواءِ ڪنهن کي نه ته پنهنجو سرپرست لهندو ۽ نه مددگار. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جو شخص چڱا ڪم ڪندو (خواھ) مرد هجي يا عورت ۽ ايماندار (به) هجي ته اهڙا ئي ماڻهو بهشت ۾ (بي ڌڙڪ) وڃي رهندا ۽ مٿن تر جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ ان شخص کان دين ۾ (ٻيو ڪير) سٺو هوندو جنهن خدا جي اڳيان پنهنجو سر تسليم جهڪائي ڇڏيو. ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي ۽ ابراهيم جي ملت تي هلي ٿو. جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو. ۽ خدا، ابراهيم کي ته پنهنجو خالص دوست بنائي ڇڏيو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. ۽ خدا جي ذات سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
(اي رسول!) هي شخص تو کان (يتيم) ڇوڪرين سان نڪاح بابت فتوى طلب ڪن ٿا. اوهين (کين) چئو ته خدا اوهان کي انهن (سان نڪاح ڪرڻ) جي اجازت ڏئي ٿو. ۽ جو (حڪم منع جو) قرآن ۾ اوهان کي (پهريون) ٻڌايو ويو آهي. اهو دراصل انهن يتيم ڇوڪرين لاءِ هو جن کي اوهين مقرر ڪيل سندن حق نٿا ڏيو ۽ گهرو ٿا ته (ائين ئي) انهن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن ڪمزور نيل ٻارڙن جي باري ۾ حڪم فرمائي ٿو ۽ (اهو) هي آهي ته اوهين يتيمن جي حقن ادا ڪرڻ لاءِ انصاف تي قائم رهو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) جيڪا به نيڪي ڪندو ته خدا انهيءَ کان ضرور واقف ڪار آهي. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي ۽ لاغرضيءَ کي (طلاق جو) خوف رکندي هجي ته زال مڙس سان ميلاپ ڪرڻ ۾ ٻنهي مان ڪنهن تي به گناھ نه آهي. پڻ صلح ته (بهرحال) چڱو ڪم آهي ۽ بخل ته قريب قريب هر طبيعت جي ويجهو آهي ۽ جيڪڏهن چڱائي ڪندو ۽ پرهيزگار ٿيندو ته اوهان جي هر ڪنهن ڪم کان خبردار آهي (اهو ئي اوهان کي اجر ڏيندو). |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ (اگرچه) اوهين گهڻو ئي چاهيو (پر) توهان ۾ ايتري طاقت نه آهي جو ڪيترن ئي زالن ۾ (پورو پورو) انصاف ڪري سگهو (پر) ائين به ته نه ڪريو جو (هڪ ئي طرف) سڄا سارا مائل ٿي پئو ۽ ٻئي کي (اڌ ۾) لڙڪندي (ٽنگيل) ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ميل ملاپ ڪيو ۽ (زيادتي کان پاڻ) بچايو ته خدا پڪ بخشڻهار مهربان آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
پر جيڪڏهن ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي کان (طلاق سان) جدا ٿي وڃن ته خدا پنهنجي وسيع خزاني مان (برڪت عطا ڪري) ٻنهين کي (هڪ ٻئي کان) بي نياز ڪري ڇڏيندو. ۽ خدا ته وڏي گنجائش ۽ تدبير وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو آهي. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي، تن کي ۽ اوهان کي اسان حڪم ڏنو آهي ته خدا کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن اوهان ڪفر اختيار ڪيو ته (ياد رکو!) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو ئي آهي (جو گهري ته ڪري سگهي ٿو) ۽ خدا ته سڀ کان بي پرواھ ۽ ساراهيل آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) خاص خدا جو آهي ۽ بس الله ئي ڪارساز آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانو! جيڪڏهن خدا گهري ته اوهان کي (دنيا جي پردي تان) بلڪل کڻي ڇڏي ۽ (اوهان جي بدلي) ٻين کي آڻي (رهائي) ۽ خدا ته ان (ڳالھ) تي قادر ۽ توانو آهي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جو ماڻهو (پنهنجي اعمال جو) بدلو دنيا ۾ ئي (وٺڻ) گهري ٿو ته خدا وٽ دنيا ۾ آخرت ٻنهي جو اجر موجود آهي. ۽ خدا ته (هر شخص جي) ٻڌي ۽ (سڀ کي) ڏسي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارو! مضبوطيءَ سان انصاف تي قائم رهو ۽ خدا جي واسطي شاهدي ڏيو. جيتوڻيڪ اوهان جو (اوهان جي) ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن جو نقصان ٿئي. جيڪڏهن (اهو ماڻهو جنهن تي حق ٿابت ٿئي ٿو) مالدار آهي يا فقير آهي ته خدا انهن ٻنهين (مالدار يا فقير) جو (اوهان کان) زياده مهربان آهي پوءِ اوهين انصاف ڪرڻ ۾ خواهش جي پٺيان نه لڳو ۽ جيڪڏهن منجهائي شاهدي ڏيندو يا (شاهدي ڏيڻ کان) نٽائيندو ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ خدا خبر رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول ۽ ان جي ڪتاب تي جو هن پنهنجي رسول (محمد) تي نازل ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب تي جو هن کان اڳ نازل ڪيو، ايمان آڻيو. پڻ (هي به ياد رهي ته) جو شخص خدا ۽ سندس پيغمبرن ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار ڪندو ته اهو سڌي راھ کان ٿڙي تمام گهڻو پري وڃي پيو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندو وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندائون ۽ وري ڪافر ٿي ويا. ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا ته خدا نه ته هنن جي مغفرت ڪندو ۽ نه وري کين سڌي گس جو ڏس ڏيندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
(اي رسول!) منافق کي خوشخبري ڏيو ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار) آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جي ماڻهو مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو سرپرست بنائين ٿا، ته ڇا انهن وٽ عزت ۽ آبرو کي ڳولين ٿا. عزت ته سموري بس خدا لاءِ خاص آهي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
(مسلمانو!)هوڏانهن خدا توهان تي پنهنجي ڪتاب (قرآن) ۾ هي حڪم نازل ڪري چڪو آهي ته جڏهن به اوهين ٻڌو ته، (هتي) خدا جي آيتن جو انڪار ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن تي ٽٽولي ٿي ڪئي وڃي ته اوهين هنن (ڪافرن وٽ نه وهو، ايستائين جو اهي ڪنهن ٻئي ڳالھ ۾ غور ڪرڻ لڳن. نه ته اوهين ان وقت انهن جهڙا ٿي ويندو (ان ۾ ته ڪو شڪ ئي نه آهي ته خدا منافقن ۽ ڪافرن کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) دوزخ ۾ ئي ڪٺو ڪندو. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
(اهي منافق جي اوهان جي (نتيجي جا) منتظر آهن (ته ڏسون ته کين فتح ٿئي ٿي يا هار) ته جيڪڏهن خدا جي طرفان اوهان کي فتح ٿي ته چوڻ لڳا ڇا اسين اوهان سان نه هياسين؟ پر جيڪڏهن (فتح جو) حصو ڪافرن کي مليو ته (وري ڪافرن جا طرفدار ٿي) چون ٿا ته اسين اوهان تي غالب نه آيا هياسون (پر ڄاڻي واڻي اوهان کي ڇڏي ڏنوسون) ۽ اوهان کي مومنن (جي هٿن) کان بچايوسين؟ (منافقو!) قيامت جي ڏينهن ته خدا توهان ۾ فيصلو ڪندو ۽ خدا ڪڏهن به ڪافرن کي مومنن تي غلبو نه ڏيندو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ منافق (پنهنجي خيال ۾) خدا کي فريب ڏين ٿا هوڏانهن اهو سندن فريب کي (باطل ڪرڻ وارو) آهي. ۽ اهي ماڻهو جڏهن نماز پڙهڻ بيهن ٿا ته (بي دلي سان ائين ئي بيٺل هوندا آهن ۽ فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پڻ دل سان ته خدا کي ٿورو ئي ياد ڪندا آهن. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
انهيءَ (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾ اچن وڃن پيا. نه هنن (مسلمانن) ڏي ۽ نه هنن (ڪافرن) ڏانهن ۽ (اي رسول!) جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي. ان کي (هدايت جي) اوهين ڪڏهن به راھ ڪري نٿا سگهو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارو! مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي (پنهنجو) سرپرست نه بڻايو. ڇا اوهان جي اها مرضي آهي ته خدا جو سٺو سنئون الزام پنهنجي سر تي کڻون. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
ان ۾ ته ڪو شڪ ڪين آهي ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ هوندا ۽ (اي رسول!) تون اتي ڪنهن کي به سندن حمايتي نه لهندين. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
پر (هاءُ) جن ماڻهن (منافقيءَ کان) توبه ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ۽ خدا کي چهٽيا رهيا پڻ پنهنجي دين کي فقط خدا ڪارڻ خالص ڪري ڇڏيو ته اهي مومنن سان (جنت) ۾ هوندا ۽ مومنن کي ته خدا جلد ئي تمام سٺو عوض عطا فرمائيندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
جيڪڏهن توهان خدا جو شڪر ڪيو ۽ مٿس ايمان آندو ته خدا اوهان تي عذاب ڪري (ڀلا) ڇا ڪندو؟ هوڏانهن خدا ته (خود شڪر ڪرڻ وارن جو) قدردان ۽ واقف ڪار آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
خدا ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالھ چوڻ کي پسند نٿو ڪري پر مظلوم (ظالم جي برائي بڇڙائپ) بيان ڪري سگهي ٿو. ۽ خدا ته (سڀ جي) ٻڌي (۽ هر ڳالھ کي) ڄاڻي ٿو. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن چڱائي کي ظاهر ڪندو يا ان کي لڪائيندو يا برائي معاف ڪندو ته خدا به گهڻو معاف ڪندڙ وڏي قدرت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ جي ماڻهو خدا ۽ سندس پيغمبرن کان انڪار ڪن ٿا ۽ پڻ خدا ۽ ان جي پيغمبرن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن کي اسين نٿا مڃون ۽ سندن مرضي آهي ته هن (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ ڪا ٻئي راھ بنايون. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهي ئي ماڻهو پڪ ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ ذلت (۽ خواريءَ) ڏيڻ وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جن ماڻهن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهين ۾ به ويڇو نه وڌو ته اهڙن ئي انسانن کي خدا جلدي ئي سندن اجورو عطا فرمائيندو، ۽ خدا ته گهڻو بخشڻ وارو مهربان آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي رسول!) اهل ڪتاب (يهودي) جو تو کي (هيءُ) درخواست ڪن ٿا ته تون انهن تي هڪ ڪتاب آسمان مان نازل ڪراءِ. ته (تون ان جو خيال نه ڪر ڇو ته) اهي ماڻهو موسى سان ته ان کان گهڻو وڌيڪ درخواستون ڪري چڪا آهن، جيئن جو چوڻ لڳا ته اسان کي خدا ظاهر ظهور ڏيکار ته کين، سندن شرارت جي ڪري وڄ ورتو. پوءِ اگرچه انهن وٽ (توحيد جا) ظاهر ۽ روشن دليل (به) اچي چڪا هئا، تڏهن به هنن گابي کي (خدا) بنايو. پوءِ اهو گناھ به معاف ڪيوسون. ۽ موسى کي ظاهر غلبو ڏنوسون. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ انهن کان انجام وٺڻ لاءِ انهن جي مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ انهن کي چيوسون ته ڇنڇر (جي حڪم) ۾ حد کان نه لنگهو ۽ انهن کان پڪو انجام ورتوسون. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ سندن انجام ۽ اقرار ڀڃڻ ۽ خدا جي آيتن کي نه مڃڻ پڻ نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته اسان جي دلين تي (ڪٽ جا) پردا چڙهيل آهن. (ائين ته نه آهي) پر خدا سندن سرڪشيءَ سبب انهن جي دلين تي مهر هنئي آهي ته پوءِ ٿورن ماڻهن کانسواءِ اهي ايمان نه آڻيندا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي سندن وڏي بهتان مڙهڻ. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ هنن جي هن چوڻ جي ڪري ته مريم جي پٽ عيسى مسيح کي جو (حقيقت ۾) خدا جو رسول هو ”اسان قتل ڪيو آهي“، هوڏانهن نه ان کي قتل ڪيو اٿن ۽ نه کيس سوري تي ڇاڙهيو اٿن پر انهن لاءِ (هڪ ٻيو ماڻهو عيسى) مهانڊي ڪيوسون. ۽ جي ماڻهو ان باري ۾ اختلاف ڪن ٿا پڪ اهي سندس (حال) کان دوڪي ۾ آهن. هنن کي ان (واقعي) جي خبر ئي نه آهي. پر رڳو اٽڪل جي پٺيان (پيل) آهن. ۽ عيسى کي انهن ماڻهن پڪ ته قتل ڪين ڪيو. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
پاڪ خدا کيس پاڻ ڏانهن کنيو ۽ خدا ته تمام زبردست تدبير وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ (جڏهن عيسى مهدي موعود جي ظهور وقت آسمان کان لهندو) اهل ڪتاب مان ڪو به ماڻهو اهڙو نه هوندو جو ان تي سندس مرڻ کان اڳ ۾ ايمان نه آڻي ۽ عيسى پاڻ قيامت جي ڏينهن سندن خلاف گواهي ڏيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
مطلب ته يهودين جي انهن سڀني شرارتن ۽ ڏوھ جي سبب اسان مٿن اهي پاڪ پاڪيزه شيون جي هنن لاءِ حلال ڪيون (سي) حرام ڪري ڇڏيون. ۽ (پڻ) انهن جو، خدا جي راھ کان ڪيترن ئي ماڻهن کي منع ڪرڻ ۽ جهلڻ هوندي به وياج کائڻ. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ ناحق زوريءَ ماڻهن جا مال کائڻ ۽ انهن مان جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر (اي رسول!) انهن مان جي ماڻهو (دين جي) علم ۽ وڏي مضبوط پايه تي فائز آهن، اهي ۽ ايمان وارا ته جو (ڪتاب) تو تي نازل ٿيو آهي ۽ جو (ڪتاب) تو کان اڳ نازل ٿيو اهي (سڀني تي) ايمان رکن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا. ۽ زڪوات ادا ڪندا آهن ۽ خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين اٿن، اهڙن ئي ماڻهن کي اسين جلدي ئي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
(اي رسول!) اسان تو ڏي (به) ته ائين وحي ڪيو جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ (ٻين) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏي وحي ڪيو هيو سون ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ (تو کي به اهڙو ئي رسول مقرر ڪيو جيئن ٻيا) ڪيترائي رسول (موڪليا) ... کي ان کان اڳ ۾ ئي بيان ڪيو. پڻ ڪيترائي (اهڙا رسول) موڪليا) جن جو حال توسان اڳ ڪين ڪيو. ۽ خدا ته موسى سان ڪيتريون ڳالهيون به ڪيون. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
۽ (اسان نيڪن کي بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (بڇڙن کي دوزخ جي باھ کان) ڊيڄارڻ وارا رسول موڪليا ته جيئن پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي خدا تي حجت باقي نه رهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
(هي ڪافر نٿا مڃن ته نه مڃن) پر خدا تي هن ڳالھ جي شاهدي ڏئي ٿو ته جو ڪجھ تو تي نازل ٿيو آهي، چڱي طرح سوچي سمجهي نازل ڪيو آهي (بلڪه) اهڙي شاهدي ته فرشته به ڏين ٿا. هوڏانهن خدا ئي شاهدي لاءِ بس آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ خدا جي راھ کان (ماڻهن کي) ٿيڙيون، اهي سڌي گس کان گهڻو پري وڃي پيا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (وري) ظلم (به) ڪندا رهيا، نه خدا انهن کي بخشيندو ۽ نه کين ڪنهن طرح جي هدايت ئي ڪندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
پر (هاءُ!) کين دوزخ جي راھ (ڏيکاريندو) جنهن ۾ اهي هميشه پيا رهندا ۽ اها ته خدا لاءِ تمام سولي ڳالھ آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! اوهان ڏي، اوهان جي پالڻهار جي طرف کان رسول (محمد) دين حق سان اچي چڪو آهي پوءِ ايمان آڻيو (اها ڳالھ) اوهان لاءِ سٺي آهي. پر جيڪڏهن، انڪار ڪندو ته (ياد رهي ته) جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي. پڻ خدا وڏو واقف ڪار حڪيم آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ (مناسب) حد کان نه وڌو پڻ خدا جي شان ۾ سچ کانسواءِ (ڪا ٻي ڳالھ) نه چئو. مريم جو پٽ عيسى مسيح ( نه خدا هو ۽ نه خدا جو پٽ پر) خدا جو هڪ رسول هو ۽ سندس هڪ ڪلمه (حڪم) هو. جنهن کي خدا مريم ڏي موڪليو هو (ته حامله ٿي پَو!) پڻ خدا جي طرفان هڪ جان هئي. پوءِ خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آڻيو ۽ ٽن (خدائن جا قائل نه بڻجو) تثليث کان پري رهو. (۽) پنهنجي ڀلائي (يعني توحيد) جو قصد ڪريو. الله ته بس اڪيلو ئي معبود آهي. هو ان (نقص) کان اڪيلو ۽ پاڪيزه آهي جو سندس پٽ هجي. (هن کي پٽ جي ضرورت ڪهڙي؟ جڏهن) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس ئي آهي. پڻ خدا ڪارسازي ۾ ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
نه ته مسيح ئي خدا جو عبد هجڻ بابت ڪڏهين به عار سمجهي سگهي ٿو ۽ نه (خدا جا) مقرب فرشته. پڻ (ياد رهي ته) جو شخص سندس بندي هجڻ کان عار رکندو ۽ وڏائي ڪندو ته جلد ئي خدا کين پاڻ ڏي سڏائيندو (۽ هر هڪ کي سندس ڪم جي جزا يا سزا ڏيندو). |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو آهي ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا آهن ته انهن کي پورو (پورو) ثواب ڏيندو بلڪه پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان (ڪجھ اڃا به) وڌيڪ ئي ڏيندو. ۽ جي ماڻهو (سندس بندي هجڻ ۾) عار ٿا ڄاڻڻ ۽ وڏائي ٿا ڪن، انهن کي ته دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪندو. ۽ (وري مزي جي ڳالھ ته) اهي، خدا کانسواءِ نه پنهنجو سرپرست لهندا ۽ نه مددگار. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! ان ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته توهان جي پالڻهار جي طرفان (دين جو) دليل اچي چڪو ۽ اسان اوهان ڏي هڪ چمڪندڙ نور نازل ڪري چڪا آهيون. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن ماڻهن خدا تي ايمان آندو ۽ ان جي ئي لڙھ لڳا ته خدا به کين پنهنجي رحمت ۽ فضل (جي بي خزان باغ) ۾ پهچائيندو ۽ کين پنهنجي حضوري جو سڌو رستو ڏيکاري ڇڏيندو. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي رسول!) تو کان فتوى ٿا پڇن، تون چوين ته ڪلاله (ڀاءُ ڀيڻ) جي باري ۾ خدا خود اوهان کي فتوا ٿو ڏي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي جنهن جو پٽ نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ ۽ سندن فقط هڪ ڀيڻ هجي ته ان جو حصو ترڪه مان اڌ ٿيندو (پر جي اها ڀيڻ مري وڃي ۽ ان جي (به) ڪا اولاد نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ) ته ان جو وارث پوءِ اهو ڀاءُ ٿيندو. پر جيڪڏهن ٻه ڀينرون (يا وڌيڪ) هجن ته مرد کي عورت جي حصي کان ٻيڻو ملندو. اوهان ماڻهن جي منجهي پوڻ جي خيال سان خدا پنهنجا احڪام کولي (کولي) بيان ٿو فرمائي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي. |