يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي ماڻهوان! پنهنجي مالڪ کان، ڪنبو ۽ ڪريو ڪوءِ، جنهن جوڙيان، هڪ جان مان، ۽ جنهن مان ، جوڙينسِ جوءِ، ۽ تن مان، پکيڙئين پوءِ، ويتر وَر ۽ وَنيون. ۽ ڏرو تنهن ڏاتار کان؛ جنهن جي نالي نال، پِنو ۽ پَنهنجَن جو، رکو خاص خيال، چارِي چڱِي چال، الله آهي اوهان تي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ ڇورن ڇِنن کي ڏيو، ساري سندنِ مال، ۽ نه مَٽيو پاڪ پليد تي، ۽ نه اُنهن جو پنهنجي نال، ڀيڙو کائو بحال، اِي ڏاڍو آھِ ڏوه وڏو. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
پوءِ جي ڊنا، ته يتيمن ۾، اوهان کان انصاف، نه بيهندو، ته ڀلين پرڻيو، جو لڳنيان سُٺـو صاف، اوهان کي معاف، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار ڄڻيون. پوءِ جي ڀانيان، نه بيهندو اوهان کان انصاف، پوءِ هڪ ئي سانئڻ صاف، ياجي اَهنجن، سَڄنَ سنڀاليون. اهو بس، ته ڀانيو زياده، ڪنهن زال، ۽ بِيوين ڏيو بحال، صدقَا، سندن مهر ۾، |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
پوءِ، جي ڪجھ ڇَڏِينيان، اُن منجھان، پنهنجي خوشي خيال، پوءِ کائو سو خُوشحال، مِٺو موچارو مورهين. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ موڳن کي مورهين، نه ڏيو اُنهن جو مال، جنهن جِي سار سنڀال، هادِي حوالي ڪيان. ۽ ان منجهان انهن کي، ڏيو کاڌ خوراڪ، ۽ پهرايو پوشاڪ، ۽ چئو چڱِي چال سان، |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ جانچيو يتيمَنْ، تان جڏهن پُهتا، پرڻجڻ کي پان، پوءِ صحِي سَمجھ اُنهن ۾، سُوٺان، جي سڄاڻ! پوء سُئـِي سَڳي ساڻ، سونپيونِ سَمر انهن جو. پوءِ اجايو اُنهن جا، مال نه کائو مُور، سبب اِنهي سور، سامائجن، صغير سي. ۽ مَر، ٽارو ڪري، جو هجي، سائو ۽ سکيو، ۽ جيڪو هُجي بُکيو، ته کائي کپائي رِيت سان. پوءِ جڏهن ڏنان اُنهن کي، سندنِ ساري مال، ته مٿن شاهد مُعتبر، بيهاريو بحال، ۽ قادر آھِ، ڪمال، ڄاڻو حرف حساب جو. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
حِصو مردن مورهين مقرر منجھ تنهن مال، جا مَڏِي ڇَڏِي مائٽين، ۽ ويجھن وقت وِصال، پڻ ڀاڳ مقرر مورهين، بِيوين لاءِ بحال، مَڏِي ڇڏي مائٽين ۽ ويجھن وقت وصال، حصو چڱيءَ چال، گھٽ، يا گھڻو، ٿيو اُن مان. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن اچي ورهاڱي وير، قريب غريب يتيم ڪو، ته ڏيونِ انهيءَ مان خير، ۽ چئو چوڻ چڱو اُنهن کي. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ ور ڊِڄن، جي پنهنجي پٺيان، هوند ڇڏينِ هيڻان ٻار، پوءِ ڀانئنِ ڀؤ، اُنهن تي، لڳينِ ڳڻتِي ڳار، تڏهن ڏرن ڀر ڏاتار، ۽ چون چڱِيءَ چال سان. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
ترڪو ڇورن ڇِنن جو، جيڪي کائن جاڙ، اُهي کائن پنهنجي پيٽ ۾، سندو باه بِگاڙ، ۽ پهچندا پَڇاڙ، جلدي جَلندڙ باه ۾. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
اوهان کي اولاد ۾، ٿو حڪم ڪري حُضور، ٻيڻ، حصو ٻاين جو، مردن ڪارڻ مور، پوءِ جي ٻايون، ٻِنيان مٿي، زياده ضرور، ته ٻه ٽهايون منظور، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان. پوءِ جي هوندِي هيڪڙي، ته ڀاڱو اڌ بيشڪ، ماء، پي مان هرهيڪ لئي ڇهون، منجھان ڇَڪ، جي پٽ، ڌي هوندس پَڪ، جو ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان. جي نه هوندا ٻار، ۽ ٿيا والد وارث اُن جا، ته آهي ٽِهائي اُن جي، مقرر ماڻس هار، ڇَٽَو مُقرر ماڻس لئي، جي هوندس ڀيڻُو، ڀار، ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان، تهانپوءِ تڪرار، بخشِينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. پي ۽ پٽ اوهان جا، ڪَل اوهان کي ڪانه، اوڏو ڪير اوهان کي، نفعي منجھ نِڌان، مقرر مالڪ ڪنان، اِي فريضو فرمان، باري بي گمان، حڪمتي هوشيار گھڻو. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ جو ڇڏيو اوهان جي عورتين، اڌ ان جو اوهان هار، جي بچو ٻارنه اُن جو؛ جي هوندنِ ٻچاٻار، ته چوٿ اوهان لئي ان مان، جو ترڪ ڪيون تڪرار، بخِشينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ چوٿ انهن لئي، ان مان، جو ڇڏيان وفاتِي وار، جي ٻچو ٻار نه اوهان جو، جي هونيان ٻچاٻار، ته اٺاس انهن لئي، اُن مان، جو ترڪ ڪيان تڪرار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ جي مرد، يا زال نه جنهن جو، ناناڻي نُک ڌار، آهس ڀاءُ، يا ڀيڻ ڪا، ته ڇَٽو هرهڪ هار، جي اِنهيان گھڻا، ته ٽِهائـِي ۾، سڀ ڀاڱي ڀائيوار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ڪنهن حرج بنا حڪم اهو، پاران پالڻهار، صاحب سمجھدار، پڻ بارِي بُردبار گھڻو. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اهي حڪم الله جا، مِڙوئـِي مذڪور، ۽ ربَّ ۽ رسول جا، جو حڪم مڃيندؤ مور، ته باغن منجھ بهشت جي، داخل ڪندس ضرور، جن هيٺان هَلن ناليون، ڀريون تَريون ڀرپور، ۽ انهيءَ ۾ اهڳور، سدا وڏي سوڀ اِي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
اي حڪم ربَّ ۽ رسول جا، جو ڀڃندو بي شعور، ته داخل ڪندس دوزخ ۾، منجھس سدا مجبور، ۽ مقرر اُن لئي مور، جُٺ جھڙو آهي، جَنجال ڪو. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ جي اوهان جي عورتن مان، ڪَن ڪِني ڪا ڪار، پوءِ آڻيو شاهد اُنهن تي، چڱا چوکا چار، پوءِ ساک ڏنئون، ته سوگھو ڪريونِ حويلين ۾ هيڪار، تان موت اُنهن کي؛ يا صاحب ربُّ ستار، ڪو حيلو اُنهن هار، مقرر ڪري مورهين. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ اهي ٻه اوهان مان، جي ڪن سا، ڪِنِي ڪار، ته ڏاڍو ڏکويو انهن کي، پوءِ جي توبه ڪيون تڪرار، ۽ چڱِي ڪيائون چال ورِي، ته ڪريونِ معاف ميار، قبوليندڙ ڪلتار، ترسَوند تمام گھڻو. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
ربَّ وٽ توبه تن جي، جي ڪن غفلت منجھ گناه، ورِي ورن ويجھڙو، گُھرن پاند پناه، ته الله پاڪ اُنهن تي، وِهلو وَري واه!، ۽ آهي پاڪ الله، سمجھندڙ، سُڄاڻ گھڻو. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ نه ڪا توبه تن لئي، ته ڪوجھا ڪن ڪم ڪار، تان موت منجھانِ، ڪنهن مٿي، واسُو ٿيو جنهن وار، موٽيس هن مهل ۾، ٻوليائين ٻيهار، ۽ نڪا توبه تن مٿي، جي مرن ٿِي مردار، اسان اُنهن هار ساڙو، سُور تيار ڪيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي مڃيو جن مذڪور!، موڪل نه آن کي مورهين، ته وارث وَنِين جا بَنو، زوران زور ضرور، ۽ نه جھلينِ، ته وٺو اُن منجهان، جو مال ڏنان تن مور، تان پڌرو ڪن قُصور، چلو چڱو اُنهن سان. جي رهيا رنج اُن مان، ته رهي سگھو ٿا رنج، ڪنهن شئ کان، ته گھڻو گنج منجھس، خير خدا ڪري. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جي مٽڻ گهرو مورهين، هڪ زال، بجاءِ ٻي زال، پوءِ مُهر ڏنان مال گھڻو، ته موٽي نه وَٺونِ، سو مال، ڇا ڪوڙِي تهمت نال، وٺو پڌري پاپ سان. |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ ڪيئن موٽي وٺونِ مال سو، جڏهن هڪ ٻئي کي، پُهتا پاڻ، پورِي پَڪائـِي ساڻ، جڏهن ورتئون، اوهان کان واعدا. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ سي جويون نه پرڻيون پاڻ، جي پِئي اوهان جا پرڻيا، مگر جيڪي مَهند ٿيو، اِي بُرو منجھ بُڇاڻ، ڪَٺن ڪاوڙ ڪاڻ، ۽ واٽ بِنہ ڪا بُڇڙِي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
مائون اوهان جون، اوهان تي، هرگز ٿيون حرام، پڻ اَهنجون بيٽيون، ڀينرون، ماسيون، پُڦيون مدام، ڀائيٽيون، ڀيڻـج ۽ مائرن، جن ڌارايا دوام، اَديون اوهان جون، ٿڃ ڪري، پڻ جوينِ مائون مام، پڻ اڳ ڄايون اوهان جي، جي حجرن منجھ همام، تن جوين مان، جن مان طمع ڪيان تمام، پوءِ ڪونهي قصور اوهان تي، جي ويجھا نه وين وريام، ۽ اهنجي پٺين مان،پٽن جون ناريون نيڪ نام، ۽ ٻه ڀيڻيون گڏيو، ته بند؛ مگر جو وَهيو اڳ وريام! آهي ربَّ علام، مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ وَرن وارين ونِين مان، منع ٿيئون مگر، جي اَهنجي سَڄڻ سنڀاليون، روا گوليون گھر، اِهو ليک الله جو، آهي اوهان سر، ۽ اِن ڌاران ٻيون درست ٿيان، پنهنجِي مهر پٽاندر، وَرنِي ڳوتاور، نه ڪارِي واري ڪار سان. پوءِ جنهن سان، وَٽابو تن وَٽان، ماڻيو اوهان مور، ته ڏيونِ اُجورو اُن جو، مقرر منظور، ۽ جي ٺهراء بعد، ٺَهِي ويا، ته ڪونهي اوهان جو قصور، ڌڻي هر دستور، سمجھدار، سٻوجھ گھڻو. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ جو نه پهچي، اوهان مان، ته پرڻجي آجِي ايماندار، پوءِ اوهان جي، هٿ هيٺ جي، تن ٻانهين مان ٻيهار، وسهندڙ واحد کي، ناتر، نيڪ نبار، ۽ سمجھندڙ ستار، اوهان جي ايمان کي. ڪي آهيو، ڪن مان، پوءِ پرڻيو انهن کي پاڻ، صحِي سندنِ سائينءَ جي، اِذن، اجازت ساڻ، ڏيونِ اُجورو اُنهن جو، هلندي موجب هاڻ، وَنيون، نه وَڙ وِڃاڻ، نه دوست ڌاريندڙ ڌاريين. پوءِ پرڻيون پاڻ جڏهن، پوءِ چَليون چِلوِل چال، پوءِ اَڌ عذاب آجِين جو، برسر مٿنِ بحال، جو اوهان مان ڊِنو، اُهک کان، اِهو اُنهئ نال، ۽ جي سَهندا، ته سُٺو اوهان لئي؛ ۽ الله جل جلال، ڪرم ساڻ ڪمال، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
گھري ٿو غفار، ته کولي اوهان تي خبرون، ۽ پَريون اوهان کان، پهرينِ جون، ڏَسِينيان ڏاتار، ۽ وَڙ ۽ وَر اوهان تي، ڪري برقرار، ۽ حِڪمتي هوشيار، پڻ پرور پورو پارکو. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ ارادو الله جو، ته موٽي اوهان تي مور، ۽ هلن خواهش خام پٺيان، سي پَھ پچائن پور، ته ڀورا ڪن ڀَرپُور، لاڙو ڪنهين لوءِ تي. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله گھري ته اَها تان، ڪجھ لاهي منجھان لَڏ، ۽ هِيڻو ڪري هڏ، انسان کي، اُپايو ويو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي جن مڃيو! سي هڪ ٻئي جو، مُفت نه کائو مال، مگر سودي سٽ سان، مڃتا مرضي نال، ۽ پنهنجن کي پاڻهين، ماريو ڪين مجال، بيشڪ ڪندڙ ڀال، ڏاڍا اوهان سان ڏيہ ڏڻي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جو ڪندو اِها ڪار، زياد تي ۽ ظلم سان، ته اَوَس وجھنداسونسِ، اوس ۾، تڪڙو تنهن تڪرار، ۽ قادر تي، ڪلتار، آهي اِهو آسان گھڻو. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جي وڏن ڏوهن کان ڏُور، رهندا، جن کان روڪيا وڃو، ته اوهان جون اَڀرايون، ميٽينداسون مور، ۽ ڏينداسون جاءِ ضرور، اوهان کي آبائـِـتِي. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
هر گز نه هِر کو تنهن مٿي، جنهن سان جل جلال، ڀلا ڪيا بحال، ڪي اوهان مان، ڪن کان. جو ڪانڌن ڪيو، تنهن مان، حصو تنين هار، ۽ جوين لاءِ، تنهن مان، جو ڪيائون ڪم ڪار، بيشڪ سندس ڀال مان، گُھرو کان غفار، صاحب ربُّ، ستار، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ هر ڪنهن لئي حقدار، مقرر ڪياسون مورهين، تنهن مان ابن ۽ اوڏڙن، جو ترڪ ڪيو تڪرار، پڻ جن سان ٻول اوهان جا، پوءِ ڏيو، حصو سندن هيڪار، صاحب ربُّ ستار، حاضر هر ڪنهن ٽول تي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
بالم مرد بحال، آهن عورتن تي، جيئن بعض سندن کان، بعض سان ڀلي ڪيا ڀال، ۽ جنهن موجب خرچيؤن، مال کي، پوءِ چڱيؤَن چڱي چال، ڳجھ ۾ رکندڙ ڳالھ، ربَّ رکيو، جنهن ريت سان. ۽ اُهي، جن کان اڻبڻت جو، ڀانتان ڀو ڀتار!، پوءِ تن کي ڪريو، زبان سان، نصحيت نِبار، ۽ وِڇڙو کائن وِڇاڻ ۾، ڏيونِ مناسب مار، پوءِ مڃيؤَن آڻ، ته اُنهن تي، وڌيڪ نه گُھرو وهنوار، مَٿائون مختار، وڏِي وڏائـِي جو ڌڻي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جي ڀانتان منجھن، بگيڙ ڪو، ته واريو اُنهيء وار، هِن ۽ هُن جي پَنٿ مان، ٻه امين ڌارو ڌار، ٻن وچ ساز سلوڪ جو، وٺڻ گُھرن ويچار، ڏيندو توفيق تن کي، ڏيہ ڌڻي ڏاتار، سائين سَمجھدار، پڻ خبردار خلق کان. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ پوڄيو پرور هيڪڙو، ۽ ڪاشئ گڏيوسِ ڪانه، ۽ مائٽن، مٽن ۽ ڇولاٿن، ۽ اَڙين سان احسان، پنهنجو ۽ ٻيو پاڙيسري، ۽ مُرڳو ڀر مڪان، ۽ جي اَهنجي سڄن سَنڀاليا ۽ مسافر مهمان، حُب نه ڏي حنان، هر مرڪندڙ، مغرور کي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
۽ اُهي، جي مُٺ پُورين مور، ۽ ماڻهن چون، مٺ پُورجو، ۽ لِڪائين، جو لطف سان، مالڪ ڏِنن مذڪور، کورو خوارين ڀريو، سخت سٺيندڙ سور، ۽ جوڙيو سون ضرور، اَوسَ، اَويساهن لئي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ جي خرچين خوشامد ماڻهين، مال سندنِ مَستان، ۽ نه الله، نه آخر ڏينهن تي، آڻينِ ڪو ايمان، ۽ ٿيو ساٿِي، جنهن شيطان، ته بُڇڙو سنگت ساٿ ٿيو. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ ڪهِڙي مٿن مار، هوند مڃيؤن مورهين!، الله ۽ آخرڏينهن کي، پڻ ڏِنن، جو ڏاتار، تنهن مان خوب خرچيؤَن، لڌئون سَقِيمن سار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، سَڀت سمجھندڙ اُنهن کي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
ذرو نه سَتائي ستار، جي هوندي نيڪِي هيڪڙِي، ته ٻِيڻِي ڪريس ٻِيهار، ۽ پاڻـئون وڏا وَڙ ڪري. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ ڪهڙو هوندن حال، جڏهن هَر اُمّت جي امام کي، مٿنِ شاهد مُعتبر، بيهارينداسونِ بحال، ۽ توکي لايون لال!، شاهد شاهِي هِنن مٿي. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
تڏهن جن ڪفر ڪيو، چاهين اِهڙِي چال، ۽ ڇڏيون راه رسول جِي؛ ته جيڪر کان جنجال، هونِ مِٽي، مٽئ سان، برابر بحال!، ۽ ڳُجِھي نه رکن ڪا ڳالھ، پَر۾ پرور پاڪ کان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي مڃيو جن مذڪور! نيڙي نه وڃو نماز کي، ۽ اوهين هُجو جنهن حال۾، چُڪيا، چِڪنا چور، تان، جو مُنهان ڪُڇو مور، سو پوري ريت نه پروڙيو. ۽ نه ميري مٿي مور، مگر ويندڙ واٽ تان، ظاهر عُذر ضرور، تان وِهنجِي سِنهنجِي صاف ٿيو. ۽ جي هُجو اوهين بيمار، ياراه مسافر رَند ۾، يا ڦِري اوهان مان آيو، ڪو وانِگي مان وڻڪار، يا لايان هٿ حرمن کي، پوءِ پاڻِي نه لڌان ڪنهن پار، ته خاصي خاڪ پاڪ جو، وَٺو پوءِ ويچار، پوءِ مَکيو پنهنجي مُنهن کي، پڻ هٿن کي هموار، بارِي بخشڻهار، پڻ معافيون ڏيندڙ مُلڪ کي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا؟ پَسين نه تن جا پار، جن مِليو ڪجھ ڪتاب مان، وَٺنِ وِرس، ته واٽ کان، نِين نِگون سار، |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ اوهان جي عَدْوُن کي، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻ هار، ۽ بس والِي، بس وَهار، الله جَلّ جَلالہٗ. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
تن مان، جي يَهود ٿيا، پيا بدلائين بدڪار، حرف، سندن هَندن تان، ۽ ٻولينِ ٻِئا ٻِيهار، ته ٻُڌوسون، ۽ نَه ٻڌنداسون، ٻُڌ، ٻُڌندڙ ڌار، ۽ بيہ بيهار، اَسان جو، ۽ ڌڻ ۾، ٿِي ڌَرار، وَٽ سَٽ سان، سندن زبانن کي، ڳَڙٻَڙ منجھ گُفتار، ۽ طعنا ڏِين تڪرار، ڌَڪ ڦَٽ ڪرڻ سان، دين ۾. ۽ جيڪر مڃيون دل جان سان، ٻولييائون ٻيهار، سُئو سون ۽ مڃيوسون، ٻُڌ ۽ نبي! نِهار، ته هُئو هرگز تن لئي، بِهتر، بقادار، پر قادر سندن ڪفر ڪري، تڙي ڇڏيا تڪرار، ڪن ٿورن ٿَڪِين ڌار، مُورک نه مڃينِ مورهين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
آڻيو اهل ڪتاب جا!، اُن تي اعتبار، جو اُتاريوسون ۽ اوهان سان اَ ڳي، گڏ اَذڪار، ساري صحِي ڪندڙ سو؛ اڳي اِنهيان وار، ته ميٽي ريٽي مُنهن ڪريون، سندنِ پُئا ڏن پار، يا تَڙيون جيئن تَڙياسون، جي ڇنڇر ڏينهن ڇُلنگار، ۽ توڙان ترت تيار، ڪم ڪار ڪُل ڪلتار جو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
لاشڪ، لاشريك سان، ڀانئين ڀائيوار، نه بخشي، ۽ ٻيون بُرايون؛ جي آهن اِنهيان ڌار، جنهن کي گُھري، تنهن کي، بخشي بخشڻهار، ۽ جو گڏي، گڏ غفار، تنهن گَھڙيو، وڏو گناه ڪو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
ڇا؟ تو نه ڏٺو تن پار، جي ڀلو ڀائين پاڻ کي، بلڪ ڀَلو تنهن کي ڪري، جنهن کي گُھري جبار، ۽ وَٽو، وَٽ مِقدار، ڪڏهن نه اُن جو، ڪاٽ ٿــئي. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏِس، ڪيئن ڪوڙ ڪريم تي، هڻن هاڃيڪار، ۽ آهي، بس اِظهار، ڏاڍو وڏو ڏوه اِهو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
ڇا؟ نه ڏٺئـِي تن پار، جن مليو، ڪُجھ ڪتاب مان، جادو ۽ جابرن تي، آڻينِ اعتبار، ۽ تقرير ڪيائون تن لئي، جن ڀانتا ڀائيوار، هي سوانٽا سَهوار، جن مڃيو الله، اُنهن کان. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
الله تڙيو اُنهن کي، ۽ جنهن کي، تڙيو الله، حِمايتِي، همراه، نه لهندين، تِنهن جو لوڪ ۾. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا اُنهن لئي، آهي مُلڪ ۾، ڪو حِصو ڪنان حضور؟ تڏهن ماڻهنِ، نه ڏِين، کَـکِي کارڪ جيترو. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
ڇا مُفت سَڙن ماڻهن تي، مَٿي مِلڪيت مال؟ جو بخشيو کِين بحال، ڀلي، پنهنجي ڀال مان. پوءِ ابراهيم جي اولاد کي، ڏنوسون ڪتاب، پڻ سَمجھ بر صواب ۽ ڏِنوسونِ ڏيہ وڏو. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ آندو اُتس ويساه، ڪن انهن مان، ڪي ان کان روڪيا، ۽ پوءِ آهِ، بس باه، ڪاڙهو ڪارڻ ڪافرين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
اسان جي آيتن کان، ڪيو جن اِنڪار، سِگھو ساڙينداسون باه ۾، تنين کي تڪرار، کامِن کَلون هِڪڙيون، چاڙهيونِ ٻيون ٻِيهار، ته سَوا ڏساڙي سخت جو، چکِي ٿينِ چِڪار، خدا خبردار، وَه جو، ويڄ، طبيب سو!. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ اُنهن کي، جن الله مڃيو، ۽ ڪيؤن چڱا ڪم ڪار، ڪنداسون باغ بهشت ۾، داخل دلقرار، جن هيٺان هلن ناليون، چِشما مِٺا چوڌار، سدا منجهس سَرها، ۽ حورون حرم تن هار، ۽ ڪنهن وڏي منجھ وَڻڪار، ڇڏينداسونِ ڇانوَ ۾. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
ڪري امر اوهان کي، صاحب ربُّ، ستار، ته وَٿون سلامت سونپيو، سندن ڌڻين پار، ۽ جڏهن ڪريو، ته ڪريو ماڻهن وِچ ، عدل سان آچار، الله اوهان کي آڇ ڪري، سا بهتر برقرار، بيشڪ بخشڻهار، سُڻندڙ ۽ ڏِسندڙ ڏيہ کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي آندو جن ايمان، مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، ۽ اوهان منجھان، اوهان تي، جي هجن حڪمران، پوءِ ڪنهن مسئلي ۾ اوهين، مُنجھو مَنجھ ميدان، ته موٽايوسِ مالڪ ڏي، پڻ مُرسل مِهربان، جي مالڪ ۽ محشر ڏينهن کي، ٿا مڃيو مُسلمان، اِي ڀلو بي گمان، ۽ نتيجي ۾ نيڪ گھڻو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
ڇا؟ تو نه ڏٺو تن پار، جي ڀائينِ، ته مَڃيائون مورهين، جو توتي نازل نُور ٿيو، يامَهند تُهان مهندار!، گھرن، ته گمراهن ڏي، نين نيِا نيڪار، ۽ هوڏانهن حڪم کِين مليو، ته اُن کان ڪن انڪار، ۽ شامتِي شيطان کي، تن ۾ اِها تار، ته ڪنهن پَراهين پار، رولينِ نِيئـِي روه ۾. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
جڏهن چئجي انهن کي، ته اچو انهي پار، الله جو اُتاريو ۽ مُرسل ڏي، مختار، ته ڏٺئـِي ڪُوڙن ڪار، پيا روڪين، رهبر! تو ڪنان. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ ڪيئن، جڏهن ڪڙڪِي مٿنِ، ڪا مُصيبت مار، جو سندن هَٿن سَنباهيو، ڪارڻ تنهن ڪم ڪار، ورِي آياتو اڳيان، ته کڻن قسم ڪلتار، ته ڪئيسون پِريم! پچار، بلڪل ڀَليِ ۽ ٺاه جي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اِهي، جيڪي اندر ۾ اِنهن جي، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، پوءِ کائنِ مُنهن موڙ تون، سِکيا ڏيينِ سچار!، ۽ مَنجھن ڪر پچار، چڱي، چڱيءَ چال سان. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
نه موڪليو سون مورهين، ڪو مُرسل مُنوَّر، ته مڃيو وڃي مگر، اِذن ساڻ الله جي. ۽ جيڪر جڏهن، ڪاڻ وِڌائون، تو وٽ آيا، پوءِ مَره گُھريائون مالڪ کان، تو پڻ گُھري، تن ڪاڻ، ته پرور پاٿئون پاڻ، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
پوءِ سونهن تنُهن جي صاحب جو، ته مومن نه ٿينِ مور، تان اَمين توکي اُن ۾، وارينِ سي وَهلورَ، مَنجھن جيڪو مَسئلو، ظاهر ٿيو ضرور، نِيا نبيري تنهن ۾، نبي نِرمل نور، پوءِ ورِي سندن وجود ۾، نه ڀائـِن ڪَس قصور، ۽ ڪن منظور ئـِي منظور، بنا خطري، خاطري. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جي مٿن لِکون ها، ته لڙو پنهنجا، پنهنجن ساڻ، يا پنهنجي هَنڌن هُجرن کان، هِجرت ڪريو هاڻ، ته پاريون ڪينَ پاڻ، ڪن ڳاڻ ڳڻين ري، ڳالهڙِي. ۽ ڪيائون ڪم جيڪر، جو آڇيو وڃي اُنهن کي، هونِ ڀلو هيڪر، پڻ پُختو پير کوڙ ۾. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ تڏهن ته ڪر، تن کي بخشيو سون بيشڪ، وَٽابو وڏو گھڻو، |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
پنهنجي پاران پَڪ، ۽ سڀ لنگھائي لَڪ، سُهائيسونِ راه سنئين. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جنهن ربَّ ۽ رسول جا، آندا بجا اَحڪام، اُهي بيشڪ، ڀيڙا تن سان، جن تي الله ڪئـِي اِنعام، نبين، سچن ۽ شهيدن سان، ۽ نيڪن نيڪ نام، ۽ تَڙتائين توڙ تمام، اُهي ساٿِي ڏاڍا سهڻا. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اِهي وڙ واحد جا، آهن وڏا وه واه!! ۽ آهي بس الله، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي اُهي جن مڃيو! هٿ ۾ رکيو هٿيار، پوءِ هلو ڌارو ڌار ٿي، يا ڪٺٖي ڪُل قطار، ۽ ڪن پيا دير مدار، ڪي اَسارا اوهان منجھان. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
پوءِ جي پهتو ڏُ ک اوهان کي، ته چيائون اِهڙِي چال، ته مون تي ڀلي ڪيا ڀال، ته حاضر نه هُئس اُن هَنڌَ ۾. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جي ڀلي اوهان تي ڀال ڪيا، ته چوندا اهڙي چال، ڪر اوهان ۽ اُن وچ ۾، نه هو لاڳاپو لال!، هوند هئس تن نال، ته ورتم وٽابو ڪو وڏو!. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
مَر لڙن ربَّ جي راه ۾، مانجھي منجھ ميدان، جي وڪڻن آخرت تي، دُنيا دم گُذران، پوءِ جيڪو ربَّ جي راه ۾، ڪري جنگ جوان، پوءِ ڪُهي پاڻ ڪافرين، يا ڪُسِي ٿئي قربان، ڏينداسون ڏان، ڪو وڏو اجورو ان کي. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ ڇا اٿان؟ ربَّ جي راه ۾، جنگ نه ڏيو جونجھار!، آجائـِي لئي اَجِيتڙين جي، مرد، ٻايون، ٻار، جي چون، سانيم!، هِن شهر مان، ڪڍ اسان کي ٻهار، ساڪن جنهن شهر جا، هرگز هاڃيڪار، ۽ ڪر اسان جا، پاڻ وٽان، سانيم! سنڀاليندار، ۽ موڪل مددگار، پرور پنهنجي پار کان. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
آندو جن ايمان، سي لڙن ربَّ جي راه ۾، ۽ وِڙهن واٽ ڪُواٽ ۾، جي ڦريا کان فرمان، پوءِ ساٿين کي شيطان جي، ماريو منجھ ميدان، سِٽا سندِي شيطان، هيڻي آھِ هڏهين. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا تونه ڏِٺو تن پار؟، جن حڪم حالت تي مليو، ته جھليو هٿ جنگ کان، پڙهو نماز نبار، ۽ ڏِيو ڏان ڏکين کي، لاهيونِ غم نبار، پوءِ جڏهن لکيو ويو جنگ جو، برسر مٿن بار، ته اُنهئ وقت، اُنهن مان ٻارِي ڪا ٻيهار، ته مُرڳو ماڻهن کان ڊِڄن، جھڙو ڊپ جبار، يا ڏاڍو سو ڏَهڪار، خود خدا جي خوف کان. چي، واجب ويڙھ اسان تي، ڪَئـِي ڪوه ڪلتار!؟ جيڪر ڇڏين ها جيئرو، تائين ويجھي وار، چئو ته آهي گھٽ گھڻو، نفعو ننڍي ڄمار، بيشڪ ڀلي آخرت، آهي اُنهئ هار، جو ڪَنبيو ڀر قهار، اُن سان وَٽ نه رکبو وَٽ جيترو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
هوندا جھڙي هنڌ، ته موت رسندان مورهين، ۽ توڻي در دروازا بند، قابو ڪوٽن ۾ هُجو. ۽ جي نفعو ٿيينِ نصيب ڪو، ته چون اِهڙِي چال، هي ڀلايون ڀال، آهن سڀ الله وٽان. آيون هي اسان کي، تڪليفون تو هارِ، چئو هارِ هجي، يا هارَ، آهن سڀ الله وٽان. پوءِ ڪُڄاڙو هن قوم کي، ته سَمجِھي نه سگھن ڳالھ؟. |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
سمجھ پنهنجي سائينءَ کان، جو ڀلا! توسان ڀال، ۽ جي آڏِي اُهکي ڪا اَچيئـِي، ته تُنهنجِي ڀُل بحال، ۽ توکي مُڪو سون ماڻهن لئـِي، نبي! نيڪ نِهال، ۽ بارِي بي مثال، بس سچو ساکي هيڪڙو |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن رسول مڃيو، تنهن ربُّ مڃيو، پوءِ جي ڦريا کان فرمان ، ته توکي نِگھبان، مَٿِن نَه مُڪو سون مورهين. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ چون ته برچشم، پوءِ توکان، وِيا جنهن وار، ڪا ٽولِي تن مان، رات ۾، ٻولي ٻيو ٻِيهار، ٻِئو ڪجھ تنهن ٻول سوا، جي ڪن قول قرار، ۽ جي رنگ رِچائـِن رات ۾، سي لِکي لکڻهار، پوءِ مُنهن موڙ اُنهن کان، رک بارِي مٿي بار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، ڪافِي هر ڪم ڪار ۾. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
پوءِ ڇو نه قرآن ڪريم ۾، وِيهِي ڪن ويچار، هوند، هُئو ڌڻيان ڌار، ته منجھس لَڌائون گوڙ گھڻو. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن آينِ امن، يا خوف ڪو، ته ظاهر ڪيونس ضرور، ۽ نبي ۽ اُنهن مان، نائبن ڏي، هوند موٽايونسِ مور، ته پِيئـِي تن پَرور، جي ڳولينِ، تن مان ڳالهيون. هوند، نه وَڙ واحد جو، پڻ تِنهنجو توهان تي توه، ته ڪن ٿورن ڌاران ٿوه، لڳا لَڙھ شيطان جي. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ لَڙ ربَّ جي راه ۾، توري نه ٻئي تي بار، شوق ڏيار مؤمنين، جنگ مٿي جونجھار!، جي ڦريا، جنگ اُنهن جِي، جَھليو سگھي جبار، ربُّ ڏاڍو منجھ ڏَهڪار، پڻ ڏاڍو ڏُ ک ڏِيڻ ۾. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جو ڪري سفارش سُهڻِي، ته اُن ۾ حِصو تنهن هار، جي بڇڙي، ته پاڻ اُن ۾، ڀاڱين ڀائيوار، ۽ پورو پهريدار، قادر هر ڪم ڪار تي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن آن کي چئجي جِيءُ، ته جِيءُ چئوسِ اِنهيان چڱو، يا ساڳِي چئوسِ صَحِي، هر شئ تي حسابدان ڌڻي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
ڌڻي، جنهن ڌاران، نه ڪا درگاه ۽ دربار، ڪندان گڏ قيام ڏينهن، وَهم نه جنهن ۾ وار، ۽ صاحب کان سچار، ٻئو ڪهڙو آهي ٻول ۾. |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
آهيو اوهين ڇا ڪاڻ، ٻِڇاپڙن ۾، ٻه پارٽيون، ۽ موٽاينِ ميدان کان، صاحب سُرت سُڄاڻ، جيڪي ڪيائون تنهن ڪري؛ ڇا گُھرو اوهين اَڄاڻ! ته جنهن کي، ڀَلي ڀُلائيو، تنهن ڀُلي، آڻيو ڀاڻ، ۽ جنهن کي روليوئي ربَّ پاڻ، تنهن لئي نه لهندين واٽ ڪا. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
وَڻينِ، ته ڦِرو واٽ کان، جنهن پر ڦِريا پاڻ، پوءِ، هر دو هڪ جھڙا هجو، پوءِ سڄڻ نه ڪريونِ سُڄاڻ!، تان ڇڏي ڀيڻيون ڀاڻ، لڏينِ ربَّ جي راه ۾. پوءِ، جي مُڙيا، تن پکڙيو ۽ جِتي لهونِ ته ماريو، ۽ نه تن مان دوست ڌاريو، ۽ نه مددگار مورهين. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
مگر مِلن تنهن قوم سان، ته اوهان ۽ اُنهن وچ انجام، يا آيان ۽ اندر اُنهن جا، ٿِين تنگ تمام، ته وڙهن، سي وريام!، اوهان، يا انهن جي قوم مان. ۽ جيڪو گھريو جل شانہٗ، ته سو پِئينِ اوهان جي سر، ته لڙيا اوهان سان، پوءِ اوهان سان نه لڙيا، جي لشڪر، ۽ سَٽيون ڳالھ صلـح جِي، اوهان ڏي آخر، پوءِ مولا نه ڪئـِي مُقرر، واٽ اوهان لئي اُنهن مٿي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
سِگھو لهندا ساٿ ٻيو، جي خالي ڪن خيال، ته بچائين اوهان، ۽ سندن قوم، ڪُلال، ڦاٿا منجھس فِي الحال، جڏهن به جھڳڙي ڏي وريا. پوءِ جي نه ٽريا اوهان تان، ۽ نه سِٽيون صلح جِي ڳالھ، ۽ نه جھليون سندن هٿن کي، ته ڪريونِ بند بحال، ۽ ڪُهو، سي ڪُلال، جتي لَڌانِ لوڪ ۾. ۽ اِهي ئي، آهين سي،ته مالڪ ڪيو مور، ظاهر زور ضرور، اوهان لاءِ، اُنهن مٿي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ مومن کي، ڪهڻ مومن کي، مارڻ نه گھرجي مور، مگر چُڪ کان، چُڪ سان، جنهن ڪُٺو بي قصور، ته مومن ٻانهو اُن کي، آجو ڪرڻ ضرور، ۽ بدلو ٻيو ڀَرپور، اُن جي اهل اولاد کي. مگر وارث وَڙ ڪري، بخشِينِ بي گمان، پوءِ، جي اوهان جي عدو قوم مان، سو آهي مُسلمان، ته گولو مسلمان، آجو ڪرڻو اُن کي. ۽ جي آهي اُنهئَ قوم مان، جنهن ۽ اوهان وچ انجام، ته ان جي عزيزن کي، ڏيڻو ڏنڊ تمام، پڻ مسلمان، غلام آجو ڪرڻو اُن کي. پوءِ جي نه پُهتو، ته ٻه ماه، روزا لڳو لڳ رکڻا، اِي عفو ڪنان الله، ۽ والي واقف، ويڄ وڏو. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جنهن ڄاڻي مومن ماريو، پوءِ ڀاڙو اُنهئ جو باه، سدا ساڪن اُن ۾، ڏمريو اُٿسِ اللهَ، ۽ لعنت لائين اُن تي، ڌِڪيسِ، کان درگاه، ۽ سَنباهين صباح، آڙاه وڏو اُن لئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي آندو جن ايمان! جڏهن ربَّ جي راه ۾، ڪريو سير زمين جو، پوءِ کوليو خوب بيان، ۽ جنهن سلام اوهان تي ورايو، ظاهر ساڻ زبان، مَ چئوسِ، ته مسلمان، تون اندر ۾، نه آهيـين. نفعو ننڍي ڄمار جو، طلبيو ٿا تڪرار، غنيمَتُوْن غنئَ وٽ، آهن پوءِ انبار، اوهين به اُن پارن ۾، مهند هئا مهندار، پوءِ واحد وڙ اوهان تي، ڪيا برقرار، پوءِ کوليو خوب بيان کي، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، خدا خبردار، بيشڪ آهي اُنهن کان. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
ويٺل وِسهندڙن مان، بِنا ضرر زيان، مَٽ نه ٿِين مورهين، ٻِئامانجھي منجھ ميدان، لَڙندڙ ربَّ جي راه ۾، مال، جسم، سان جان، واحد ويٺلن تي، ڏِننِ مرتبو ۽ مان، ۽ سَڀن ڏنا ڏان سُبحان، ۽ وعدا باغ بهشت جا. ۽ ماڳوٿن تي، مانجھين، ڏنو وڏو ڏاتار، اجر ۽ اُتم درجا ۽ بخشش، ٻاجھ ٻِيهار، |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
سو بيشڪ بخشڻهار، مِڙنيان، مِهربان گھڻو. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
اُهي، ته مَلڪ ڪن اُنهن جو، کيل ختم، جنهن وار، جاڙون ڪندڙ جئَ سان، ۽ پُڇيائونِ پچار، ڇا۾ هئا؟ چي، هئاسون ڀون ۾، بِنہ لاچار، چي، ڇا؟ ڪشادو ڪِين هئو، ڏيہ سندو ڏاتار، پوءِ لَڏي وڃو ان ۾، وٺو ٻِئو وَلهار، پوءِ دوزخ اُنهن جو دار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ سو. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
مگر مرد، عورتون، نڌر نماڻان نَڏ، حِيلو نه لهن هڏ، ۽ نه واقف ٿِين واٽ جا. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
الله سگھو، انهن کي، ڪندو معاف قُصور، ۽ مالڪ ميٽيندڙ مور، مَرهيندڙ مِهربان. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
جو لڏي ربَّ جي راه ۾، ته گھڻا مال، مڪان، پڻ ڪُشادو گذران، ماڻيندو، سو مورهين. جو نِڪري ٿو ٻَهار، سندس گھر ۽ گام کان، راه مسافر ربَّ ڏي ، پڻ سندس پيغمبر پار، پوءِ وِچو وِچ واٽ ۾، موت مٿسِ ڪيو وار، پوءِ بيشڪ پاڙو اُن جو، برسر بارِي بار، ۽ صاحب ربُّ ستار، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن اوهين زمين ۾، سَڌريا سفر، پوءِ گھٽايو نماز کي، ته گناه نه اوهان سر، جڏهن، جن ڪفر ڪيو، ڀَو ڀانتان تن ڀر، ته اندر نماز اوهان تي حملو ڪن هيڪر، آهن ڪَٽا ڪافر، ظاهر عدو اوهان جا. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
تون هُئين منجھن، جنهن وار، پوءِ اُٿارينِ نماز تي، ته تو ڀيڙِي بيهي، هڪ جماعت جُونجھار، ۽ پَڪڙينِ پنهنجا پاڻ سان، سندنِ هٿيار پَنوهار، جنهن ساعت سجود کان، واندا ٿيا وِينجھار، پوءِ ٿين اوهان جي پوئـِتان، ويرين آڏا تنهن وار، پوءِ اَهنجي پوءِ اچي، ٻارِي ٻِي ٻيهار، جن نه پڙهي، پوءِ پڙهن سي، تو ڀيڙا برقرار، ۽ هٿ ۾ رکن هٿيار، ۽ اوزار پنوهار، پانهنجا. ۽ اُهي جن اِنڪار ڪيو، تن گُهرجي اِها ڳالھ، ته پنهنجي هٿيارن ۽ وٿن کان، ٿيو بي خيال، ته هڪدم اُنهي حال، ڪن آن تي، وڏو وار ڪو. پوءِ ڏوه نه اوهان تي، مِينهَن کان، جي اوهان کي آزار، يا مرڳوئـِي مريـض هجو، ته هيٺ رکو هٿيار، ۽ پنهنجا ساز سَنڀاليو؛ ربَّ تعالىٰ ڪيو تيار، ڪُفارن هار، جٺ جھڙو جَنجال ڪو. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ پورِي جڏهن، نماز ڪيان، ته ساريو ربُّ ستار، بيٺي، ويٺي ۽ پاسن ڀر، پوءِ جڏهن ٿيان قلب قرار، ته ادا ڪريو اُصول تي، نماز نيڪو ڪار!، نماز وقتن وار، آهي مومنن تي مورهين. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ ڪَڍ لڳڻ ۾، قوم جي، بلڪل نه ٿيو بيزار، جي اوهين پَسو آزار ڪو، ته هو به پسن آزار، جيئن اوهين آزار جو ۽ صاحب منجھ ستار، اوهين رکو آسرو، هو نااميد نبار، ۽ حڪمتِي هوشيار، الله جَلّ جَلالہٗ. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
ليک لاٿاسون تو پار، سچِي ثابتِئَ سان، ته نبيرَ نياء ماڻهئين، جيئن ڏيکارئـِي ڏاتار، خائنن پاران خان!، نه ٿِي داڙُو منجھ دربار، |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ معافي گُھر مالڪ کان، صاحب ربُّ ستّار، بيشڪ بخشڻهار ۽ ترسوَند تمام گھڻو. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ تن لئي، نه دَڙ، جي پاڻ کي، پاڻهين رنگ هڻن، واحد کي نه وڻنِ، هر خطاڪار خِيانتِي. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
گھُرن لِڪائڻ لوڪ کان، ۽ لڪن ڪين لغار، الله کان، جو اُنهن سان، ڀيڙو برقرار، جڏهن ڪن ٿا رات ۾، گــفتار ناگوار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، تن تي چوڪي ربُّ، چوڌار کان. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
هُنن پاران هِن جھان ۾، اوهين دڙيو منجھ دربار، پوءِ مَهندان محشر ڏينهن ۾، ورندنِ ڪير وَهَار، يا سندن سنڀاليدار، هوندو ڪير حشر ۾. |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جو پاپ ڪري، يا پاڻ سان، ڪري ظلم زيان، موٽي مالڪ کان گُھري، بخشش بي گمان، ته مرهيندڙ مِهربان، لهندو، مالڪ کي مورهين. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جو پاپ ڪري ٿو پاڻ، ته پاپ ڪري ٿو پاڻ لئي، ۽ صاحب آهي سڄاڻ، پڻ حڪمتي هشيار گھڻو. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جو ڪري پاپ گناه، موٽِي مڙهي، سو ٻي مٿي، تنهن هٿ جو ٺاهيل ٺاه، ۽ پَڌرو پاپ اُٺائيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
جي تو تي نه ڀلي جو ڀال، ٻِي ٻهون ٻاجھ اُن جِي، ته ڪنهن ٽولِي ٽَليو، اُنهن مان، ته ڀُلائنئـِي بحال، ۽ وِلها سندن وجودري، نه مُنجھائينِ مجال، ۽ لوڏو نه ڏِين لال!، توکي، وِندر جي واٽ کان. ۽ قادر ڪتاب توتي، نازل ڪيو نُور، ۽ حرف به حرف اُن جِي، پوري رِيت پرور، ۽ سمجھائنـِئي، سمجھ، جنهن جِي، مَهند نه توکي مور، ظاهر آهي ضرور، توتي وڏو وڙ واحد جو. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
سندنِ سُر ٻرن مان، جَجھن ۾ نه جَس، مگر خير خَيرات جو، ڏِنو جنهين ڏس، مَت چڱي، يا ماڻهن ۾، رِيت پِرِيت رس، ۽ ربَّ جي رضا ڳولڻ لئي، جنهن وڏو ڪيو اِي وس، اِنهئَ کي اَوس، ڏينداسون، ڪو ڏان وڏو. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جو ڪندو پاڪ رسول جي، مُخالفت منڪر، جنهن بعد سُونهپ صاف ٿِئي، مٿي سربسر، ۽ مارڳ ڌاران مومنِين، ٿو سرهي ٻئو سَر، اُٿلائينداسونسِ، جيڏانهن اُٿليو، سو اَبتر، ۽ ڏينداسونسِ ماڳ مڱر، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ سو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
جيڪو ڀلي سان ڀال ۾، ڀانئي ڀائيوار، نه مرهيسِ؛ ۽ مَرهي ڏوه ٻيا، جنهن کي، گُھري غفار، ۽ ڪري گڏ ڪريم سان، ٻيا ٻيلي!، جو ٻيلار، سو ڪنهن پراهين پار، ويو وڃڻ کي، واٽ تان. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
نه سڏينِ، سوا سائينءَ جي، مگر ماريون مور، ۽ نه سڏينِ سوا شيطان جي، جو ڌُران ڌِڪاريل دُور، |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
چيائين پهرين پور، جڏهن ڌڻي ڌڪاريو اُن کي. چي وٺندس تُنهنجي ٻانهن مان، حِصّا مقرر مور، |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ مُنجھائيندوسينِ مورهين، ۽ ڀريندس ڀرپور، تن کي، سَکڻين سَڌن سان، ۽ آڇيندوسينِ اُمور، پوءِ ڍورن ڪُنر ڪنن ۾، وِجھنداسي وهلور، پوءِ ڦيريندا ضرور، جيڪا جوڙ جبّار جِي. ۽ سائين سوا، شيطان کي، دوست ڌاريو جِنهن، ته پلئي پاتو تِنهن، مور وِڃائڻ مورهين. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
ڪوڙا ڏينِ ڪَرار، ۽ سَڌون ڏِيارِينِ سَکڻيون، ۽ ابليس، نه ڏي اُنهن کي، ڪو دلاسو دَلبن ڌار، |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
دوزخ تن جو دار، ۽ لِڪ نه لهندا اُن کان. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ وِسهيا جي وَريام، ڪيؤن، نيڪ ڪمايون، جلد ڏينداسون جنت ۾، اُنهن کي آرام، جن هيٺ هلن ناليون؛ منجھس پاڻ مدام، آهي منجھ انجام، سچو سائينءَ کان ڪير ٻئو. |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
نه اَهنجون، نه اهل ڪتاب جون، مُنهن ٻوليون منطور، پاڻهين پائيندو پاند ۾، ڪندو جو قُصور، مالڪ ڌاران مُور، نه لهندو وسِيلو، نه واهرُو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
جيڪو چڱائـِي ڪا ڪندو، نر هُجي، يا نار، ۽ اهو هُجي حقيقت ۾، وِسهندڙن مان، تنهن وار، پوءِ اُهي گِھڙندا باغ بهشت ۾، قلب ساڻ قرار، ۽ وِجھبنِ، نه تنهن وار، ڇِيهو ڇُهاري جيترو. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ بيشڪ ڀلو دين ۾، اُن کان آهي ڪير؟ جنهن مالڪ ڏي، مُنهن موڙيو، ۽ اُهو ڪندڙ ڀال ڀلير، ۽ اَٽل ابراهيم جِي، پَرتي، پاتئين پير، ۽ چُونديو، مُحب مٿير، الله، ابراهيم کي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ آهن سڀ الله جا، سي جنسون ۽ جنسار، جيڪي اُڀ ۽ زمين ۾؛ ۽ صاحب ربُّ، ستار، چوڪِي آهي چوڌار، هرگز هر ڪنهن شئ مٿي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
پُڇنئـِي حق عورتين، چَئو تن کي، اهڙي چال، ته فائق فتواى ڏي ٿو، اِن باري ۾ بحال، ۽ پئو پڙهجي پاڪ ڪتاب ۾، جو اوهان تي احوال، ڇوڙين ڇوڪرين ۾، جن موٽايو نه مال، الله حق اُنهن جو، جو لکيو اوهان تي لال!، لاڙو ڪريو، ته ڪريو، نڪاح اُنهن نال، ۽ ڪمزور ڪمائـِيءَ ۾، ننڍڙا نونهال، ۽ وِڇڙين جِي، وهنوار سان، لهو سار سنڀال، ۽ ڀلا ڪريو ڪو ڀال، سو سمجھندڙ سبحانهٗ. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
جي ڀاتياني ڀوڀاڄ جو، ڀانٿو ڪنان ڀتار، يا اَڻبڻت، ته اوهان تي، ڪانهي مور ميار، سندنِ وچ صلح جو، وٺو ڪو ويچار، مڙني لئي موچار، آهي صلاح صُلح جِي. ۽ جانين ۾ جڪڙِي ويئـِي، طمع تارو تار، پوءِ، جي ڀَلو ڪريو، ۽ ڀلا ٿيو، ته صاحب ربُّ ستار، آهي خوب خبردار، جيڪي ڪريو، تنهن ڪم ڪار کان. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ ڪڏهن ڪري نه سگھندا، عورتن وچ اِنصاف، توڻي سَعيو صاف، ڪريو کڻِي به ڪيترو. پوءِ، لاڙو سارو، ڪين لڙو، پوءِ لاڙيوسِ لَڙڪيل، پر، وَٺو رستو رَس جو، ڪَنبو قادر ڀر، پوءِ صاحب سربسر، مرهيندڙ ۽ مهرڀريو. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
پوءِ جي وِڇڙيا، ته پنهنجي واڌ مان، ڏيندنِ ججھو جبار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، وڌائيندڙ، ۽ ويڄ وڏو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ آهن سڀ الله جا، اڀ، ڀون ۾، جي اسباب، آڇيونِ سونِ آن کان اڳي، جن ڏناسون ڪتاب، پڻ اوهان کي، ته الله کان، ڀؤ ڀانيو هر ڪنهن باب، ۽ جي وَڙ وساريان، ته واحد لئي، ثابت برصواب، جيڪي آهي اڀن ۾، پڻ ڀون ۾ بي حساب، ۽ بي پرواه پاڪ جناب، پڻ سدا ساراهيل گھڻو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ آهن سڀ الله جا، جيڪي اندر ڀون، اُڀن، ۽ سنڀاليندڙ سَڀن، بس آهي باري هيڪڙو. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
جي وڻيس، ته ماڻهئا!، مورهين نيننان نِگوسار، آڻي اوهان جي جاءِ تي، ٻيا ڪي ٻِيهار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، قادر انهي ڪم ڪار تي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جو گھري دان دنيا جو، پوءِ صاحب وٽ، ستار، دنيا، آخرت ٻنهين جا، اُجورا اَنبار، ۽ قادر ربُّ، ڪلتارسڻندڙ، ڏسندڙ ڏيہ کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي آندو جن ايمان!، سي الله لڳ انصاف تي، هجو پورا پير تي، گواه بي گمان، توڻي پاڻ، ڪِ پي، ماء تي، پڻ ٻيا ڪي جگر جان، جي هجي سُکيو، يا بُکيو، ته سٻاجھو سبحان، مِهتر، مِهربان، ٻنهين خاطر ٻاجھ ڌڻي. نه لڳو لالچ پٺيان، پوءِ ڪريو عدل کان عُدول، ۽ جي ڳالهائيندا وَٽ تي، ۽ مُنهن موڙيندا ملول!، پوءِ جي ڪريو فِعل فُضول، آ گو آگاه اُن کان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي جن مڃيو! سي مڃيو ربُّ، ۽ سندس رسول، پڻ ڪيائين ڪتاب، جو سندس نبئ تي نُزول، پڻ ڪريو ڪتاب قبول، جي اُتارئين اڳـڀرو. ۽ ڪندو جو انڪار، مالڪ ۽ سندس مَلڪن کان، پڻ ڪنان ڪتابن اُن جي ۽ مُرسل مڻياندار، پڻ انهي ڏاڍي ڏينهن کان، جو اچڻو آخرڪار، سو ڪنهن پر اُنهين پار، ويو وڃڻ کي واٽ کان. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
جن مڃيو ۽ ڦِريا، وري به مڃيؤن مذڪور، وري به ڦِريا ، ۽ ڦرڻ ۾ وري به وَڌيا وهلور، تن مالڪ نه مَرهي مور، ۽ نه سُهائينِ واٽ سَئين. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
کيرون ڏي کوٽن کي، سنديون پرئين پار، ته آهي اُنهن هار، سورن ڀريو ساڙڪو. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جي ڌارينِ دوست ڌاريَنْ، دِيندارن ڌار، ڇا اُنهن وٽ عِزّت جِي، ڪن ٿا طلب تنوار؟، آهي پوءِ اظهار، عزت سڀ الله جِي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
قادر اوهان تي، ڪتاب ۾، نازل ڪيو نِروار، ته آيتن کان الله جي، جڏهن ٻڌو، نه ڪجي انڪار، مٿانِ ٿين مسخريون، ته وِهو نه وٽِن تنهن وار، تان ٻِيو اُن ٻوليء ري، وَٺِن ڪو ويچار، تڏهن ته اوهين تڪرار، اُنهن جِھڙا آهيو. ڪُوڙن ۽ ڪافرن کي، قادر ربُّ، ڪلتار، هيڪاندو هيڪار، ڀيڙو ڪندڙ باه ۾. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
اُهي جي اوهان لئي، ويٺا ڏسن ڪا وار، پوءِ جي اَهنجِي، سوڀ صاحب کان، ته ٻوليائون ٻيهار، ڇا ڀيرا برقرار، اسين نه هئاسون اوهان سان؟ اَچي انڪارين جو، وارو جنهين وار، آکيون، ته ڇا؟ اسان نه ڏنِي، اوهان کي آڌار، ۽ اوهان کان مؤمنن کي، جھليو سون جُونجھار!، پوءِ فائق تن جو فيصلو، ڪندو قيامت وار، ۽ سَگھ نه ڏي ستار، مومنن تي، مُنڪرين. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
ڌتارِين ڌڻئ کي، مُناق مڪار، ۽ ڌڻي ڌتاريندڙ اُنهن کي، ڏيندڙ جزا جبار، ۽ جڏهن اُٿيا پار نماز جي، ته اُٿيا اهڙي پار، مُرڳو ڪر مرگيل ڪي، ڪن ماڻهن مُنهن نِهار، ڪن ٿورن ٿڪين ڌار، سارينِ نه سُبحان کي. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
لَهوارا، اوڀارا، وچ ۾، نه هِن، نه هُن پار، ۽ رولي ڇڏي روھ ۾، جنهن کي ربُّ جبار، هرگز نه تنهين هار، ڪاوَهِين لهندين واٽڙِي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي آندو جن ايمان!، سي مؤمنن ري مورهين، دوست نه ڌاريو ڪافرين، ڇا خواهش ڪريو ٿا خان!، ته حُجت لئي حنان، پَڌري ڪريو پاڻ تي. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
مُنافق هيٺان هيٺ ۾، کوري مان، منجھ کڏ، ۽ هرگز نه لهندينِ هڏ، ڪو اوهِي واهِي اُنهن جو. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
مگر جي موٽيا، ۽ چڱا ڪيؤن ڪم ڪار، ۽ جھليؤن اَجھو الله جو؛ ۽ رکيؤن نج نبار، سندنِ پوڄا پاٽ کي، ڪنان غير غبار، اُهي مومنن جي ميڙ ۾، ڀيڙا باغ بهار؛ ۽ اجر وڏو اَپار، مولىٰ ڏيندو مُؤمنين |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
اوهان جي عذاب کي، ڪندو ڇاڪلتار، جي ڳايان ڳڻ اُنهئ جا، ۽ آندان اعتبار، ۽ صاحب شڪر گذار، ۽ سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
وَڻي نه بڇڙِي بات جِي، آگي کي اُ گھاڙ، مگر جنهين سان، ٿئي جاڙ، ربُّ سڻندڙ ۽ سڄاڻ گھڻو. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
کوليو، خير، ڪِ لِڪايو، يا کَمو خطا کڻِي، ته مرهيندڙ ڌڻِي، پڻ صاحب وَڏِئَ سَگھ جو. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
ربَّ ۽ سندس رسولن کان، جيڪي ڪن ا نڪار، ۽ ربَّ ۽ سندس رسولن ۾، فرق گُھرن فُجار، چي، ڪجھ مَڃيون، ڪجھ نه مڃيون، ڀائين ٿا بدڪار، ته دَڳ گُھرن ٿا ڌار، هِن ۽ هُن جي وچ ۾. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
ڪٽا ڪافر، سي صحِي، اسان به ڪُفارن هار، تَـهْدل ڪيو تيار، کورو ڪندڙ خوار ڪو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جن مڃيو مالڪ، پڻ سندس مُرسل مڻيادار، ۽ هرگز نه اُنهن مان هيڪڙو، ڇِنِي ڪيائون ڌار، سِگھو ڏيندنِ ڏيہ ڌڻي، اُن جا پورهيا پار، صاحب ربُّ، سَتار، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
توکان اهل ڪتاب جا، گُھرن ٿا گوهر!، ته تازل ڪتاب ڪو ٿئي، اُڀ کان اُنهن سِر، مَهند، گُھر موسىٰ کان، اِنهيان وڏِي ويتر، پوءِ، چيائون چِٽو اسان کي، تون پسائي پرور!، پوءِ پَڪڙينِ پورِئَ پَر، ڪنهن ڪَڙڪي سندنِ ڪَلور کان. ورِي پوءِ وَهلور، لَـڳا پُوڄڻ گابڙو، جنهن بعد آينِ اُهنڃ وڏا، پوءِ مرهيوسونِ مُور، ۽ معجزو مشهور، ڏنوسون موسٰى مير کي. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ طُور اُٺاسون اُنهن سر، اُنهن جي انجام سان، چي، سڀئـِي سجود سان، داخل ٿيو منجھ در، ۽ چيوسونِ ته وڌيڪ نه ڪريو، ڇيڙڇاڙ، منجھ ڇنڇر، ۽ ڏاڍا ٻول ٻِيهر، اسان ورتا، اُنهن ڪنان. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ سبب ٽوڙڻ سندنِ، پنهنجا قول قرار، ۽ آيتن کان الله جي، اُنهن جو، ڪرڻ انڪار، پڻ ناحق پاڪ نبـين کي، قتل ڪرڻ هار، ۽ چوڻ ته چِت اسان جا، ڄارين منجھ ڄمار، بلڪ ڪارڻ ڪفر سندنِ، مُهر هَنينَ مُختار، پوءِ آڻينِ نه اِعتبار، مگر مَنجھائن ٿورڙا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
پڻ ڪارڻ ڪفر انهن جي، ۽ مٿي مريم پاڪ، بهتان وڏو بي باڪ، مُنهن سان مڙهن مورهين. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
پڻ ڪوڙي قول سندن کان، ته ڪٺو سون ڪونڌر، مسيح، پٽ مريم جو، پرور جو پيغمبر، قتل ڪيائونسِ ڪين ڪِي، ۽ نه چاڙهيونسِ سورِي سر، ۽ اُٽلو اُهي اَبتر، گَڏيا ويا گُمان ۾. ۽ جن ڪيو اختلاف اُن ۾، آهن مَنجھ اَنومان، پُورو پتو، نه لڳن ڪو، مگر ڪرڻ گمان، ۽ تَسلي تن کي ڪا نه، ته ڪو قتل ڪيائون اُن کي. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪ اُٺايو اُن کي، پرور پنهنجي پار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ ڪو ناھِ اهل ڪتاب مان، مگر مڃيندس مور، مَهند سندس مرڻ کان، هوندو منجھ حضور، شاهد مٿن ضرور، مَهندان محشر ڏينهن ۾. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ، سندنِ جَفا جاڙ کان، برسر ڪيو سونِ بند، جو هئو حلال اُنهن لئي، پڻ پاڪ دِلپسند، ۽ پڻ رباني رَند، جَجھو جَهلڻ اُنهن جو. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ وٺڻ سندنِ وياج جو، جنهن کان، بنديا ويا بدڪار، ۽ ناحق مال ماڻهن جا، هضم ڪرڻ هيڪار، ۽ اَسان انڪارين لئي، تن منجھان تڪرار، تهدلِ ڪيو تيار، سورن ڀريو ساڙڪو. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر اُنهن مان، اڪابر علم ۾، مومن مڃين مور، توڏي، ڪِ توکان اڳ ۾، جو نازل ڪيو ويو نور، ۽ پڙهندڙ نمازون پوريون ۽ ڏيندڙ زڪوٰة ضرور، ۽ وِسهندڙ واحد کي، پڻ محشر ڏينهن منظور، بدلو تن ڀرپور، ڏينداسونِ، ڪو ڏان وَڏو. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
توڏي اسان الهام ڪِيو، جيئن نوح ۽ نبين پار، تنهن بعد ابراهيم، اسمٰعيل ۽ اسحاق ، يعقوب ۽ پوٽا پرهيز گار، عيسٰى، ايوب، يونس ۽ هارون، سليمان سالار، پڻ دائود کي، دِلدار، ڏنوسون ذِڪر زبور جو. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
پڻ مرسل، جن مان ڪن جِي، توسان ڪئـِي سون ڳالھ، ۽ توسان ڪيوسون ڪو نه ڪو، ڪن جو قِصّو ڪمال، ۽ مِهتر موسٰى نال، قادر پاڪ ڪلام ڪيو. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
مرسل کِيانتا ۽ خابرو، تان پيغمبرن پڃاڻ، نه هُجي حُجت حق پاڪ تي، مَنجھ محشر ماڻهن ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سُڄاڻ، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر سائين تِنهنجِي ساک ڏي، جو اُتارئين تو پار، اُتارئين سندس علم سان، ۽ مَلائڪ موچار، ڏين ساک سَچار ۽ بس، واحد شاهد هيڪڙو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
ڪيو جن انڪار، ۽ روڪيون رب جِي راه کان، ڪنهن پراهين پار، ويا وڃڻ کي واٽ کان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
ڪيو جن انڪار، ۽ ڪاهي پيا ڪَلور ۾، مولىٰ نه مَرهي تن کي، ۽ نه سَهائي سَنئون پار، |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
مگر پار مڱر جو، جنهن ڄيري منجھ ڄمار، ۽ قادر تي ڪم ڪار، آهي اِهو آسان گھڻو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي ماڻهئا! مُرسل آئيان، اَهنجي رب ڪنان رهبر، سچي ثابت ڳالھ تي، جي مڃيو، ته اَٿان بِهتر، ۽ ڦرندا جي فرمان کان، ته جيڪي اڀ ۽ ڌَراندر، آهن مِلڪ اللهَ جِي، صحِي سربسر ، ۽ خالق باخبر، ۽ حڪمتي، هشيار گھڻو. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهل ڪتاب! دين ۾، وڌايو نه وار، ۽ ڳالھ ڳالهايو ڪانه ڪا، صاحب تي سچ ڌار، عيسٰى آهي، مريم جو، نِپٽ پُٽ نِبار، پڻ آهي اکر اُن جو، جنهن کي، سٽيو ربَّ ستار، پاڪ مريم پار، ۽ پساه اُن جي پار جو. پوءِ ربَّ ۽ سندس رسولن تي، آڻيو اعتبار، ۽ ٽي مَ چئو، ۽ بس ڪريو، اِي افضل اوهان هار، الله آهي هيڪڙو، ڌڻي ۽ دربار، اِنهيان پاڪ، ته اُن لئي، ڪو هجي ٻچو ٻار، آهن سڀ اُنهئ جا، اُڀ، ڀون ۾، جي اسرار، سائين سنڀاليدار، بس آهي، بلڪل هيڪڙو. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
الله جي ٻانهي هجڻ ۾، عيسٰى نه ڪري ڪو عار، ۽ نه ڪي مَلڪ مقرب، جي دائم منجھ دربار، ۽ جو بُرِي ڀانئسِ بندگي، ۽ تڪبر ڪري تڪرار، پوءِ تن کي پنهنجي پار، ڪوٺي، ڪَٺي، ڪُل ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
اُهي جن مڃيو، ۽ چڱاڪيون ڪم ڪار، پورا ڏيندن پاڪ ڌڻي، پنهنجا پورهيا پار، پڻ بخشيندنِ بسيار، ڀلو پنهنجي ڀال سان. ۽ جن بُري ڀانئي بندگي، ۽ پيا خودِئَ منجھ خراب، پوءِ ڏيندو اُنهن عذاب، سُورن وارو ساڙڪو. ۽ نه لهندا، اصل اُنهن لئي، پاڪ ڌڻي کان ڌار، ڪو اَجھو ۽ آڌار، آخر اُهکي ويل ۾. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
آيان اي انسان!، پنهنجي صاحب کان ثابتِي، ۽ ڪيون سون اوهان تي، ڪرم سان، نازل نورنشان، |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن مالڪ مڃيو، ۽ ورتئون اُنهئ وٽ اَمانَ، پوءِ سگھو سندس ٻاجھ ۾، پڻ اندر سندس اِحسان، ڏيندنِ ماڳ مڪان، پڻ سَنئين سُهائيندنِ پاڻ ڏي. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
توکي ڪن سوال، بي وارث جي ورثي سندو، چؤ، ته چوي تو پاڪ ڌڻي، جي ڪري وَر وِصال، اولاد ناهي اُن کي، ڀيڻس آهي بَحال، ته انهئ لئي اڌ مال، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان. ۽ اُهو اَڌ وارث اُن جو، جي ناهس ٻچو ٻار، جي هونديون ٻه ڀينرون، ته ٻه ٽهايون ته هار، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان، جي هوندس ڀيڻون، ڀار، ته مقرر حصّو مرد لئي، ٻن ٻاين جو ٻيهار، خدا کولي ٿو اوهان لئي، ته متان وِرسو ڪنهن وار، صاحب ربّ، ستار، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |