يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو ! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس زال پيدا ڪيائين ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ زالون پکيڙيائين ۽ الله کان ڊڄو جنهن (جي نالي) سان هڪ ٻئي کان گهرو ٿا ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (ڊڄو) بيشڪ الله اوهان تي نگهبان آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجيءَ) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱيءَ شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (انهن سان نڪاح ڪرڻ وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته (هن صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا اوها ن جا هٿ جن(ٻانهين) جا مالڪ ٿيا آهن تن سان. اها (هلت) هن جي ويجهو آهي ته ظلم نه ڪريو ۽ |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءَ سان اوهان کي ان مان ڪجهه معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سهائيندڙ سمجهي کائو |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو، جن کي الله اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن کي کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن کي آزمائيندا ڪريو ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪا هوشياري ڏسو ته سندن مال کين حوالي ڪريو. ۽ انهن (مالن) کي اجايو ۽ سندن وڏي ٿيڻ جي ڊپ کان تڪڙ ڪري نه کائو. ۽ جنهن (سنڀاليندڙ) کي گهرج نه هجي سو (يتيم جي مال کائڻ کان) بچي ۽ جيڪو مسڪين هجي سو دستور جي موافق کائي. پوءِ جڏهن انهن کي سندن مال حوالي ڪريو ته مٿن شاهد ڪريو. ۽ الله حساب وٺندڙ بس آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا ان مان مَردن لاءِ (هڪ) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال)مان جنهن کي (سندن) ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو (هڪ) حصو آهي. مقرر ڪيل حصو. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين ته ان مان کين ڪجهه ڏيو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ اهي (الله کان) ڊڄن جيڪي جيڪڏهن پنهنجي پٺيان ضعيف اولاد ڇڏين ته انهن (جي ضايع ٿيڻ) جو ڊپ ٿئين پوءِ اُهي الله کان ڊڄن ۽ سڌي ڳالهه چون. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باهه کائين ٿا. ۽ باه ۾ داخل ٿيندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ مرد جو حصو ٻن زالن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن، ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تنهن جون ٻه ٽهايون انهن لاءِ آهن۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي، ۽ (مئل) جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ هرهڪ لاءِ ڇهون (حصو) آهي، جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. پوءِ جيڪڏهن ان کي اولاد نه هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ ان جا وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (باقي پڻس لاءِ آهي) پوءِ جيڪڏهن ان (مئل) کي ڀائر هجن ته ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نه ٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان کي زياده ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ جيڪي اوهان جي زالن ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي، جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي جنهن جي اهي وصيت ڪن ٿيون تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوها ن ڇڏيو تنهن مان انهن (زالن) لاءِ چوٿون حصو آهي جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان انهن لاءِ اٺون حصو آهي جنهن جي وصيت ڪريو ٿا تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن ڪو (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هرهڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن جنهن جي وصيت ڪئي وڃي ٿي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کانپوءِ، بشرطيڪ (مئل وصيت سان ڪنهن کي) نقصان پهچائيندڙ نه هجي. اهو الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان لنگهندو تنهن کي باهه ۾ داخل ڪندو ان ۾ پيو رهندو. ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين ته انهن کي گهرن ۾ جهليو (يعني بند رکو) جيستائين انهن کي موت نه ماري يا الله انهن لاءِ ڪو رستو (مقرر) نه ڪري. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ جيڪي ٻه ماڻهو اوهان مان اها (بدڪاري) ڪن تن کي سزا ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي . |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
الله جي ذمي فقط انهن جي توبه قبول ڪرڻ جو وعدو آهي، جيڪي بي سمجهيءَ سان بڇڙائي ڪن ٿا، وري جلد توبه ڪن ٿا پوءِ انهن تي الله مهرباني ڪندو. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ انهن جي توبه قبول نه آهي جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا، ايتري تائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن جي سامهون موت اچي ٿو ته چوي ٿو ته مون هاڻي توبه ڪئي۽ نه ڪي انهن جي جيڪي ڪافر ٿي مرن ٿا. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارؤ ! اوهان کي زالن جو زبردستيءَ سان وارث ٿيڻ جائز نه آهي ۽ انهن کي هن لاءِ (شادي ڪرڻ کان) نه روڪيو ته جيڪي اوهان کين ڏنو تنهن مان ڪجهه موٽائي وٺو پر جنهن وقت ظاهر بدڪاري ڪن. ۽ زالن سان دستور جي موافق گڏجي رهو، ۽ پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کي نه وڻن ته شايد اوهان کي ڪا شيءِ نه وڻي ۽ الله ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري . |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن هڪ زال جي جاءِ تي ٻي زال کي بدلي (يعني نڪاح) ۾ آڻڻ گهرو ۽ اوهان انهن مان هڪ (پهرينءَ کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا؟ ان کي ظلم ۽ پڌري گناهه سان وٺو ٿا. |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ ڪيئن ان کي وٺو ٿا هوڏانهن اوهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ زالون اوهان کان پڪو انجام وٺي چڪيون آهن. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ جن زالن سان اوهان جي پيئرن نڪاح ڪيو تن سان اوهين نڪاح نه ڪريو، پر جيڪو (ڪفر جي زماني ۾ ) اڳي ٿي چڪو (سو معاف آهي). ڇو ته اها بي حيائي ۽ غضب وارو ڪم آهي ۽ اهو بڇڙو رستو آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
اوهان تي اوهان جون مائرون حرام ڪيون ويون آهن ۽ اوهان جون ڌيئرون ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جون پڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀاءُ جون ڌيئرون ۽ ڀيڻ جون ڌيئرون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري هجي ۽ اوهان جون (ٿڃ گڏ پيتل) رضاعي ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ۽ اوهان جون اڳ ڄايون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ (پليون) هجن (۽) اوهان جي انهن زالن مان هجن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي هجي ته اوهان تي ڪو گناه نه آهي. ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان (پيدا ٿيل) آهن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ (نڪاح) ڪرڻ (حرام آهي) پر جيڪو اڳي (ڪفر جي زماني ۾ ) گذري چڪو (سو اوهان کي معاف آهي). بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ مڙس واريون زالون، انهن زالن کانسواءِ، جن تي اوهان جا هٿ مالڪ ٿيا (حرام) آهن.(اهو حڪم) الله اوهان تي لکيو آهي. ۽ انهن کانسواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوهان لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ته اوهين پاڪدامنيءَ جا ڳولائي ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي پنهنجن مالن سان انهن جو سڱ گهرو پوءِ انهن (زالن) مان جن کي اوهان پنهنجي ڪم ۾ آندو تن کي سندن مقرر ڪيل مهر ڏيو ۽ اوهان تي هن ۾ ڪو گناهه نه آهي جو مقرر ڪيل مهر کانپوءِ پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي راضي ٿيو، بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ اوهان مان جنهن کي ايمان وارين آزاد زالن سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه آهي ته جن (ٻانهين) جا اوهان جا هٿ مالڪ ٿيا آهن تن مان پنهنجين ايمان وارين ٻانهين سان نڪاح ڪري. ۽ الله اوهان جي ايمان کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. اوهين پاڻ ۾ هڪ آهيو، پوءِ سندن مالڪن جي اجازت سان انهن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن (ٻانهين) کي دستور جي موافق سندن مهر ڏيو، جي پاڪدامن هجن، زناڪار ۽ ڳجها يار رکندڙ نه هجن پوءِ جڏهن نڪاح ۾ اچن ته پوءِ جيڪڏهن ڪا بدڪاري ڪن ته جيڪا سزا آزاد زالن تي آهي تنهن جو اڌ مٿن آهي اها (ٻانهين× سان شادي ڪرڻ جي اجازت) ان لاءِ آهي جيڪو اوهان مان گناهه ۾ پوڻ کان ڊڄي ٿو. ۽ صبر ڪرڻ اوهان لاءِ چڱو آهي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله گهري ٿو ته جيڪي اوهان کان اڳي هئا تن جا طريقا اوهان لاءِ بيان ڪري ۽ اهي اوهان کي ڏيکاري ۽ اوهان تي مهرباني ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله گهري ٿو ته اوهان تي مهرباني ڪري. ۽ جيڪي خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا سي گهرن ٿا ته اوهين (رستي کان) گهڻو پري مڙي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله گهري ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري ۽ (ڇوته) انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ ! اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو مگر جنهن وقت (اها ڏي وٺ) اوهان جي رضامنديءَ سان واپار هجي (ته ڀلي کائو). ۽ پاڻ کي قتل نه ڪريو. بيشڪ الله اوهان تي مهربان آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو زيادتيءَ ۽ ظلم سان اهو (ڪم) ڪندو تنهن کي باهه ۾ داخل ڪنداسون. ۽ اهو الله تي آسان آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏهن وڏن گناهن کان جن کان اوهان کي روڪيو وڃي ٿو، بچندؤ ته اوهان جون برايون اوهان کان پري ڪنداسون ۽ اوهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسون |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ ان (مرتبي) جي خواهش نه ڪريو جنهن سان الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. مردن لاءِ جيڪي انهن ڪمايو تنهن مان حصو آهي. ۽ زالن لاءِ جيڪي انهن (زالن) ڪمايو تنهن مان حصو آهي. ۽ الله کان سندس فضل گهرو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنهن سڀ لاءِ اسان وارث مقرر ڪيا آهن. ۽ جن کي اوهان جي قسمن (مائٽي جهڙو) ٻڌو آهي تن کي سندن حصو ڏيو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان پورو واقف آهي . |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مڙس زالن تي حاڪم آهن هن ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ هن ڪري به جو انهن پنهنجا مال خرچ ڪيا آهن. پوءِ نيڪ بخت زالون تابعدار آهن، پر پٺ الله جي نگهبانيءَ سان (مڙس جي عزت ۽ مال جي) سنڀال ڪندڙ آهن. ۽ جن (زالن) جي سرڪشي معلوم ڪريو تن کي نصيحت ڪريو. ۽ سمهڻ جي جاين ۾ انهن کي جدا ڪريو (يعني مباشرت نه ڪريو) ۽ انهن کي مار ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان جو چيو مڃين ته مٿن (ظلم ڪرڻ جو) ڪو رستو نه ڳوليو بيشڪ الله بلند (۽ ) وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن انهن ٻنهين جي وچ ۾ جهڳڙي پوڻ کان ڊڄو ته هڪ امين مڙس جي گهراڻي مان ۽ هڪ امين زال جي گهراڻي مان موڪليو. جيڪڏهن اهي ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گهرندا ته الله انهن تي ٻنهين (زال ۽ مڙس) جي وچ ۾ ميلاپ ڪندو. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ پوري خبر رکندڙ آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ الله جي عبادت ڪريو ۽ ان سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو. ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پاڙيسري مائٽ ۽ ڌارئي پاڙيسري ۽ ڀر سان رهڻ واري ۽ مسافر ۽ پنهنجي هٿ جي مال سان به ڀلائي ڪريو. بيشڪ الله هٺيلن پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نه ٿو رکي، (۽ نه انهن کي) جيڪي بخل ڪن ٿا، |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
۽ ماڻهن کي بخل ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، ۽ الله پنهنجي فضل مان جيڪي کين ڏنو آهي سو لڪائين ٿا. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي، |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ جيڪي پنهنجي مالن کي ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ نڪي الله تي ۽ نڪي قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ٿا. ۽ جنهن جو شيطان سنگتي ٿيندو سو اهو بڇڙو سنگتي آهي. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ انهن جو ڪهڙو نقصان ٿي ٿيو جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ها ۽ جيڪو رزق الله کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ها ۽ الله انهن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
بيشڪ الله ذري جيترو ظلم نه ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن (ڪو ذرو) نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو، ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن اسين سڀ ڪنهن اُمت مان (هڪ) شاهد آڻينداسون ۽ توکي (به) هنن تي شاهد ڪري آڻينداسون. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
ان ڏينهن ڪافر ۽ جن رسول جي نافرماني ڪئي سي خواهش ڪندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي (يعني پورجي وڃن) ۽ اهي الله کان ڪا ڳالهه لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارؤ ! اوهين نشي جي حالت ۾ ايستائين نماز جي ويجها نه ٿيو جيستائين جيڪي ڳالهايو ٿا سو نه سمجهو. ۽ مسافريءَ کانسواءِ تڙ جي حالت ۾ به جيستائين غسل نه ڪريو ۽ جيڪڏهن بيمار هجو، يا مسافريءَ تي هجو، يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي، يا زالن کي هٿ لايو (يعني مباشرت ڪريو) پوءِ پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽي ڏسو، پوءِ پنهنجن منهن ۽ پنهنجن هٿن کي (ان مٽي سان) مسح ڪريو. بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
(اي رسول !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڪتاب (جي علم) جو هڪ حصو ڏنو ويو، اهي گمراهيءَ کي وٺن ٿا ۽ گهرن ٿا ته اوهين رستي کان پري وڃي پئو. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله اوهان جي دشمنن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. ۽ الله ڪافي دوست آهي ۽ الله ڪافي مددگار آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
(۽) يهودين مان ڪي ماڻهو (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ اسان نه مڃيو ۽ اسمع غير مسمع ۽ راعنا (جهڙن لفظن سان) پنهنجي زبانن کي موڙين ٿا ۽ دين ۾ طعنو ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن اهي “اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ تون ٻڌ ۽ اسان تي نظر ڪر” (جا لفظ) چون ها ته انهن لاءِ گهڻو چڱو ۽ گهڻي سڌي ڳالهه هجي ها، پر الله سندن ڪفر جي ڪري مٿن لعنت ڪئي آهي پوءِ بالڪل ٿورو ايمان ٿا رکن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي ڪتاب وارؤ ! ان ڪتاب (قرآن) تي ايمان آڻيو جنهن کي اسان اوهان وٽ (اڳ آيل) ڪتاب لاءِ تصديق ڪندڙ ڪري لاٿو، هن کان اڳ جو ڪيترن مُنهن (جي صورت) کي مٽائي ڇڏيون پوءِ انهن کي پٺ جي طرف ڦيري ڇڏيون يا انهن تي لعنت ڪريون جيئن اسان ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئي. ۽ الله جو حڪم (پورو) ٿي رهندو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
بيشڪ الله هن کي معاف نه ٿو ڪري جو ان سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ (ٻيا گناهه) جنهن کي گهري معاف ڪري ٿو. ۽ جيڪو الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو تنهن بيشڪ وڏي گناهه جو بهتان ٻڌو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
(اي رسول ﷺ) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي پاڻ کي پاڪ چون ٿا، بلڪ الله ئي جنهن کي گهري ٿو پاڪ ڪري ٿو. ۽ مٿن ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏس ته ڪيئن الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا ! ۽ اهو پڌرو گناهه بس آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
(اي رسول !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڪتاب (جي علم) جو هڪ حصو ڏنو ويو، اهي بُتن ۽ شيطان کي مڃين ٿا، ۽ ڪافرن لاءِ چون ٿا ته اهي مومنن کان وڌيڪ سنئين واٽ تي آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
(اهي) اُهي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن تي الله لعنت ڪندو تنهن جو تون ڪو مددگار نه لهندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڀلا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪجهه حصو آهي ڇا؟ پوءِ ته ان وقت اهي ماڻهن کي ٿورو ذرو به نه ڏيندا |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
يا ته الله جيڪي ماڻهن کي پنهنجي فضل مان ڏنو آهي تنهن تي انهن سان حسد ڪن ٿا. پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني، ۽ کين وڏي بادشاهي ڏني سون. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ انهن مان ڪنهن ان (ڪتاب) تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن ان کان منهن موڙيو ۽ (انهن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه بس آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
بيشڪ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي باهه ۾ داخل ڪنداسون. جڏهن به سندن کلون پچي (سڙي) وينديون تڏهن انهن (کلن) کانسواءِ انهن کي ٻيون کلون بدلائي ڏينداسون هن لاءِ ته (ڀلي) عذاب چکن. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آندو، ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ اهي هميشه رهڻ وارا آهن. انهن لاءِ منجهن پاڪ زالون آهن ۽ کين گهاٽيءَ ڇانو ۾ داخل ڪنداسون. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته امانتون سندن مالڪن کي پهچائي ڏيو ۽ (حڪم ڪري ٿو ته) جڏهن اوهين ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان فيصلو ڏيو. بيشڪ الله اوهان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارؤ ! الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو ۽ جيڪي اوهان مان حاڪم هجن تن جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪريو ته ان کي الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو جيڪڏهن اوهين الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. اها ڳالهه گهڻي چڱي آهي ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته جيڪو (قرآن) تو ڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي تنهن تي انهن ايمان آندو آهي، هوڏانهن اهي گهُرن ٿا ته مقدما غير خدا کان فيصلا ڪرائين هن هوندي به جو انهن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته ان کي نه مڃين، ۽ شيطان گهري ٿو ته انهن کي رستي کان گهڻو پري ڪري ڇڏي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا . |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ ڪيئن جڏهن کين ڪا تڪليف پهچندي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي پوءِ تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان رڳو ڀلائيءَ ڪرڻ ۽ (پاڻ ۾ ) ملائڻ جو ارادو ٿي ڪيو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اهي اُهي آهن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو، پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ انهن کي سندن دلين ۾ اثر ڪرڻ واري ڳالهه چئو. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
۽ اسان ڪوبه رسول نه موڪليو پر هن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي ۽ جڏهن انهن پاڻ تي ظلم ڪيو هو تڏهن جيڪڏهن اهي تو وٽ اچن ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي گهري ها ته الله کي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو لهن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اهي ايستائين ايمان وارا نه ٿيندا جيستائين ان جهڳڙي ۾ جو سندن وچ ۾ ٿيو آهي توکان فيصلو نه ڪرائين وري جيڪو فيصلو تون ڪرين تنهن کان پنهنجن دلين ۾ ڪابه تنگي نه ڏسن ۽ ان کي چڱيءَ طرح مڃين. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسين مٿن لازم ڪريون ها ته اوهين پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجن گهرن مان نڪرو ته انهن مان ٿورن کانسواءِ ٻيا اهو نه ڪن ها ۽ کين جيڪا نصيحت ڪئي وڃي ٿي تنهن تي جيڪڏهن عمل ڪن ها ته انهن لاءِ گهڻو چڱو ۽ (سندن ايمان کي) زياده مضبوط رکڻ وارو هو، |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ ان وقت پاڻ وٽان کين ضرور وڏو اجر ڏيون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽انهن کي ضرور سڌو رستو ڏيکاريون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪي الله ۽ رسول جي تابعداري ڪندا سي انهن سان گڏ ٿيندا جن تي الله نعمت ڪئي آهي، (جي) نبي، صديق، شهيد ۽ صالح ( آهن) ۽ اهي چڱا رفيق آهن. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اهو فضل الله جي طرفان آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بس آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
ايمان وارؤ! پنهنجو بچاءُ (هٿيار وغيره) وٺو، پوءِ جماعتون جماعتون ٿي (جنگ ڪرڻ لاءِ) نڪرو يا گڏجي نڪرو. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ بيشڪ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو دير ڪندو پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچندي ته چوندو ته بيشڪ الله مون تي فضل ڪيو جو آءُ انهن ساڻ حاضر نه هوس. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن الله جي طرفان اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته هوڏانهن ڄڻ ته اوهان جي وچ ۾ ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي، ته چوندو ته جيڪر آءُ انهن سان گڏ هجان ها ته مون کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿئي ها. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
پوءِ جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي بدلي ۾ وڪڻن ٿا تن کي گهرجي ته الله جي رستي ۾ جنگ ڪن. ۽ جيڪو الله جي رستي ۾ جنگ ڪندو، پوءِ مارجي ويندو يا غالب ٿيندو، تنهن کي وڏو اجر ڏينداسون. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ (اي مسلمانو !) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ ۽ انهن ضعيف مردن ۽ زالن ۽ ٻارن (کي ڇڏائڻ) لاءِ جنگ نه ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي هن شهر مان (ٻاهر) ڪڍ، جنهن جا رهاڪو ظالم آهن. ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو دوست مقرر ڪر! ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار مقرر ڪر. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
ايمان وارا الله جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا، ۽ ڪافر شيطان جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا. پوءِ اوهين شيطان جي دوستن سان جنگ ڪريو. بيشڪ شيطان جي تدبير ڪمزور آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي چيو ويو ته پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪيو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. پوءِ جڏهن جنگ ڪرڻ مٿن لازم ڪئي ويئي ته اوچتو انهن مان هڪ جماعت ماڻهن کان ڊڄي ٿي الله کان ڊڄڻ وانگي يا ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ ۾ . ۽ چوڻ لڳا ته اي اسان جا پاليندڙ ! تو اسان تي جنگ ڪرڻ ڇو لازم ڪئي. تو اسان کي ٿوري وقت تائين ڇو نه مهلت ڏني. (اي رسول !) چئو ته دنيا جو سامان ٿورو آهي. ۽ آخرت پرهيزگارن لاءِ گهڻي چڱي آهي. ۽ اوهان تي تند جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
جتي به هوندؤ اتي اوهان کي موت پهچندو، جيتوڻيڪ بلند قلعن ۾ هوندؤ. ۽ جيڪڏهن کين ڪا ڀلائي پهچندي ته چوندا ته هيءَ الله وٽان آهي ۽ جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچندي ته چوندا ته هيءُ تو وٽان آهي. چئو ته (ڀلائي برائي) سڀ الله وٽان آهي. پوءِ هن قوم کي ڇا ٿيو آهي؟ جو ڪنهن به ڳالهه جي سمجهڻ کي ويجها نه آهن. |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
جا به ڀلائي توکي پهچي سا الله جي طرفان آهي ۽ جابه برائي توکي پهچي سان تنهنجي نفس کان آهي. ۽ اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي. ۽ الله شاهد بس آهي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جيڪو رسول جو حڪم مڃيندو تنهن بيشڪ الله جو حڪم مڃيو. ۽ جيڪي ڦرندا تن تي اسان توکي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ (منافق) چون ٿا ته اسين تابعدار آهيون. پوءِ جڏهن تو وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن مان هڪ جماعت تنهنجي ڳالهين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪري ٿي ۽ اهي جيڪي رات جو صلاحون ڪن ٿا تن کي الله لکي ٿو. پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ الله تي توڪل ڪر ! ۽ الله ڪارساز بس آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڇا پوءِ قرآن ۾ فڪر نه ٿا ڪن؟ ۽ جيڪڏهن (قرآن) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن وٽان هجي ها ته ان ۾ گهڻو اختلاف لهن ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن کين امن يا ڊپ جي ڪا خبر پهچي ٿي ته ان کي مشهور ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن ان کي رسول ڏي ۽ پاڻ مان (مسلمان) حاڪمن ڏي رجوع ڪن ها ته انهن مان جيڪي جاچ ڪن ٿا، سي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺن ها. ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني اوهان تي نه هجي ها ته ٿورن کانسواءِ اوهين ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ها. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ (اي رسول !) الله جي رستي ۾ جنگ ڪر. تنهنجي سر کانسواءِ توکي ٻئي جو ذميوار نه ٿو ٺهرايو وڃي. ۽ ايمان وارن کي (جنگ ڪرڻ جو) شوق ڏيکار. اميد ته الله ڪافرن جي جنگ کي بند ڪندو. ۽ الله جنگ ۾ (به) سخت ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو چڱيءَ ڳالهه جي سفارش ڪندو تنهن کي ان مان حصو ملندو. ۽ جيڪو بڇڙي ڳالهه جي سفارش ڪندو تنهن کي ان مان حصو ملندو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي طاقتور آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن سلام سان اوهان جي عزت ڪئي وڃي ته اوهين ان کان چڱي (لفظ) سان عزت ڪريو يا ان ئي (لفظ) کي موٽائي چئو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ جو حساب وٺندڙ آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. اهو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ۾ ضرور گڏ ڪندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ ڪنهن جي ڳالهه الله کان زياده سچي آهي؟ |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو جو منافقن (جي معاملي) ۾ ٻه جماعتون ٿي پيا آهيو. هوڏانهن الله انهن کي سندن (بڇڙن) ڪمن جي (شامت) ڪري اونڌو ڪري ڇڏيو. ڇا اوهين ان کي رستو ڏيکارڻ گهرو ٿا جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي؟ هوڏانهن جنهن کي الله گمراهه ڪندو تنهن لاءِ تون ڪو رستو نه لهندين. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
اُهي هيءَ خواهش ڪن ٿا ته اوهين ڪافر ٿيو جيئن پاڻ ڪافر ٿيا آهن پوءِ اوهين (سڀ) هڪجهڙا ٿيو، پوءِ انهن مان ايستائين دوست نه بنايو جيستائين اهي الله جي رستي ۾ وطن نه ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن (اسلام ۽ هجرت کان) ڦري وڃن ته کين پڪڙيو ۽ جتي به کين لهو اُتي انهن کي قتل ڪريو. ۽ انهن مان نه ڪنهن کي دوست ۽ نه ڪي مددگار بنايو، |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
پر انهن کي (قيد ۽ قتل نه ڪريو) جيڪي اهڙي قسم سان وڃي ملن ٿا جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ عهد ٿيل هجي يا اُهي اوهان وٽ هن حال ۾ اچن جو اوهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان جنگ ڪرڻ کان سندن دليون تنگ ٿيون هجن ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي اوهان تي غالب ڪري ها، پوءِ ضرور اهي اوهان سان جنگ ڪن ها. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو ڪن پوءِ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام پهچائين ته الله اوهان لاءِ انهن تي ڪو رستو نه ڪيو آهي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
اوهين اهڙن ٻين کي به لهندؤ جيڪي گهرن ٿا ته اوهان کان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان (به) امن ۾ رهن. جڏهن به کين فساد ڏي موٽايو ويندو ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪرندا. پوءِ جيڪڏهن اُهي اوهان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوهان ڏي صلح جو پيغام پهچائين ۽ نڪي پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪين ته انهن کي پڪڙيو (قيد ڪريو) ۽ جتي به کين لهو، اُتي انهن کي قتل ڪريو. ۽ انهن تي ئي اسان اوهان کي ظاهر حجت ڏني آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ مسلمان لاءِ مناسب نه آهي ته ٻئي ڪنهن ايمان واري کي ڀل چوڪ کانسواءِ قتل ڪري. ۽ جيڪو ڪنهن ايمان واري کي ڀل چوڪ ۾ قتل ڪندو ته (ان تي) هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو ۽ خون بها آهي جا ان جي گهر وارن کي ڏني ويندي مگر معاف ڪرڻ وقت (خون بها نه آهي) پوءِ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ اهو مسلمان هجي ته (ان تي) هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اهڙي قوم مان آهي جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ عهدنامو ٿيل آهي ته (ان تي) خون بها آهي جا ان جي گهر وارن کي ڏني ويندي ۽ هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي. پوءِ جيڪو (مسلمان ٻانهو) نه لهي ته (ان تي) ٻه مهينا لڳولڳ روزا رکڻا آهن الله کان گناهه بخشائڻ لاءِ. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو ڪنهن ايمان واري کي ڄاڻي واڻي قتل ڪندو تنهن جي سزا دوزخ آهي، ان ۾ پيو رهندو ۽ ان تي الله ڪاوڙ ڪئي آهي ۽ ان کي لعنت ڪئي اٿس ۽ ان لاءِ وڏو عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ ! جڏهن اوهين الله جي رستي ۾ مسافري ڪريو ته جاچ ڪريو ۽ جيڪو اوهان کي السلام عليڪم ڪري، تنهن کي نه چؤ ته تون مسلمان نه آهين (ان چوڻ سان) اوهين دنيا جي حياتيءَ جو سامان (ان کان لٽڻ) گهرو ٿا. پوءِ الله وٽ ئي گهڻيون غنيمتون آهن. اوهين به هن کان اڳ اهڙائي هئا، پوءِ الله اوهان تي احسان ڪيو پوءِ اوهين جاچ ڪريو. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مسلمانن ۾ عذر وارن کان سواءِ (جنگ کان) ويهي رهندڙ ۽ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن جانين سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪندڙ (هڪ ٻئي جي) برابر نه آهن. پنهنجن مالن ۽ پنهنجن جانين سان جنگ ڪندڙن جو درجو (جنگ کان) ويهي رهندڙن کان الله وڏو ڪيو آهي ۽ الله سڀني سان چڱائيءَ جو وعدو ڪيو آهي ۽ الله جنگ ڪندڙن کي ويهي رهندڙن کان وڏو اجر ڏنو آهي. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
جو الله جي طرفان (انهن لاءِ) درجا ۽ معافي ۽ مهرباني آهي. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن جو ملائڪن ان حالت ۾ ساهه ڪڍيو جو اُهي پاڻ تي ظلم ڪندڙ هئا. (تن کي) ملائڪن چيو ته اوهين ڪهڙيءَ حالت ۾ هئو؟ انهن چيو ته اسين ملڪ ۾ عاجز هئاسون. ملائڪن چيو ته ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو لڏي اتي اچو ها؟ پوءِ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي، |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
مگر جيڪي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن مان عاجز آهن جي (هجرت ڪرڻ جي) ڪا تدبير ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه ڪو (ڇوٽڪاري جو) رستو ڏسن ٿا، |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
پوءِ اميد آهي ته الله کين معاف ڪري. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو الله جي رستي ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گهڻي جاءِ ۽ (رزق جي) ڪشادگي لهندو. ۽ جيڪو پنهنجي گهر مان الله ۽ سندس رسول ڏي هجرت ڪندي نڪرندو، وري ان کي موت پهچي، تنهن جو ثواب الله تي (لازم) ٿيو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن اوهين ملڪ ۾ مسافري ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته متان ڪافر اوهان کي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسائين ته نماز مان ڪجهه گهٽائڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي. بيشڪ ڪافر اوهان جا ظاهر دشمن آهن. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي رسول ! جنگ جي وقت) جڏهن تون انهن ۾ هجين. پوءِ تون کين نماز پڙهائين ته انهن مان هڪ جماعت توسان گڏ بيهي ۽ انهن کي گهرجي ته پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻن. پوءِ جڏهن سجدو ڪري چڪن ته (هٽي) اوهان جي پٺيان ٿين ۽ ٻي جماعت جنهن اڃان نماز نه پڙهي آهي سا اچي. پوءِ اهي توسان گڏ نماز پڙهن، ۽ پنهنجو بچاءُ ۽ پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻن. ڪافرن جي خواهش آهي ته (ڪنهن طرح) اوهين پنهنجن هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان غافل ٿيو، پوءِ اهي اوهان تي هڪ ئي ڀيري حملو ڪن. ۽ جيڪڏهن اوهان کي مينهن کان تڪليف هجي يا اوهين بيمار هجو ته پنهنجن هٿيارن کي لاهي رکڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ پنهنجو بچاءُ (پاڻ سان) وٺو ! بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن نماز پوري ڪريو ته بيٺي ۽ ويٺي پنهنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو. پوءِ جڏهن اوهان کان ڊپ لهي وڃي ته (اڳئين وانگر) نماز قائم ڪريو. بيشڪ نماز ايمان وارن تي مقرر ڪيل وقتن ۾ فرض ڪيل آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ (ڪافر) قوم جي ڳولا ۾ سستي نه ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي (زخمن وغيره جو) درد پهچي ٿو ته پوءِ بيشڪ انهن کي به درد پهچي ٿو جيئن اوهان کي درد پهچي ٿو ۽ اوهان الله ۾ اها اميد رکو ٿا جا اهي اميد نه ٿا رکن. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
بيشڪ اسان توتي سچو ڪتاب لاٿو آهي هن لاءِ ته جيڪي الله توکي سمجهايو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين ۽ خيانت ڪندڙن جي طرفان جهڳڙو ڪندڙ نه ٿيءُ. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ انهن جي طرفان جهڳڙو نه ڪر جيڪي پنهنجن نفسن سان خيانت ڪن ٿا. بيشڪ الله ان کي پسند نه ٿو ڪري جيڪو خيانت ڪندڙ گنهگار آهي. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
اهي ماڻهن کان لڪائن ٿا ۽ الله کان نه ٿا لڪائن، هوڏانهن هو انهن سان گڏ آهي جنهن وقت اُهي رات جو ان ڳالهه جون صلاحون ڪن ٿا جنهن کي الله پسند نه ٿو ڪري ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله گهيرو ڪندڙ آهي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
ڏسو اوهين اهي آهيو جو اوهان انهن (خيانت ڪندڙن) جي طرفان دنيا جي حياتيءَ ۾ جهڳڙو ڪيو، پوءِ انهن جي طرفان قيامت جي ڏينهن الله سان ڪير جهڳڙو ڪندو، يا ڪير سندن بچاءُ ڪندڙ ٿيندو. |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو يا پاڻ تي ظلم ڪري ٿو، ۽ پوءِ الله کان معافي گهري ٿو، سو الله کي گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو لهندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو گناهه جو ڪم ڪري ٿو سو رڳو پنهنجي جان لاءِ ئي ان کي ڪري ٿو. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو ڪا خطا يا گناهه ڪري ٿو وري اهو ڪنهن بي گناهه تي هڻي ٿو تنهن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناهه (پاڻ تي) کنيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني توتي نه ٿئي ها ته انهن مان هڪ جماعت توکي گمراهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪي هئي، هوڏانهن اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي کي گمراهه نه ٿا ڪن ۽ توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه ٿا سگهن. ۽ الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿي آهي ۽ توکي اهو ڪجهه سيکاريو اٿس جنهن کي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جو وڏو فضل آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
انهن جي گهڻين ڳجهين صلاحن ۾ ڪا ڀلائي نه آهي پر (ان جي صلاح ۾ ڀلائي آهي) جنهن خيرات يا چڱي ڪم يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جو حڪم ڪيو. ۽ جيڪو الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڪم ڪري ٿو تنهن کي اسين وڏو اجر ڏينداسون. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو کيس رستي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ (به) رسول جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ايمان وارن جي رستي کانسواءِ ٻيو رستو وٺي ٿو تنهن کي اهو پاسو حوالي ڪريون ٿا جنهن کي پنهنجو ڪيو اٿس ۽ ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله (هي ڳالهه کي) معاف نه ٿو ڪري ته ان سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان (گناهه) کانسواءِ (ٻيا گناهه) جنهن کي گهري تنهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪو الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪري ٿو سو بيشڪ رستي کان گهڻو پري وڃي پيو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
اهي الله کانسواءِ رڳو عورتن (جي نالي وارن بتن) کي سڏين ٿا |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
۽ اهي رڳو سرڪش شيطان کي سڏين ٿا ان تي الله لعنت ڪئي آهي. ۽ شيطان چيو ته آءُ تنهنجن ٻانهن مان ضرور مقرر ڪيل حصو وٺندس. ۽ کين ضرور گمراهه ڪندس ۽ انهن کي اميدن ۾ رکندس . |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ کين ضرور حڪم ڪندس، پوءِ اهي ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا، ۽ انهن کي ضرور حڪم ڪندس پوءِ اهي الله جي بنايل صورت بدلائيندا. هوڏانهن جيڪو الله کي ڇڏي شيطان کي دوست بنائي ٿو تنهن جو بيشڪ ظاهر نقصان ٿيو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان انهن سان وعدا ڪري ٿو ۽ کين اميدن ۾ رکي ٿو ۽ شيطان ڌوڪي کانسواءِ انهن سان ٻيو ڪو وعدو نه ٿو ڪري. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
انهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي. ۽ ان کان ڀڄڻ جي ڪا جاءِ نه لهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. الله سچو وعدو ڪيو آهي. |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
۽ ڳالهه ڪرڻ ۾ الله کان ٻيو ڪير وڌيڪ سچو آهي. نه اوهان جي خواهش ۽ نه اهل ڪتاب جي خواهشن تي دارومدار آهي. جو (به) بڇڙو ڪم ڪندو تنهن کي ان جو بدلو ڏنو ويندو ۽ هو پاڻ لاءِ الله کانسواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار لهندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪي مرد هجن يا زالون چڱا ڪم ڪندا ۽ اهي مسلمان آهن، ته اهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ دين جي خيال کان ڪير ان (انسان) کان گهڻو چڱو آهي جنهن پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ آهي ۽ ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪيائين جو هڪ طرفو (باطل دينن کان بيزار) هو. ۽ الله ابراهيم کي دوست بنايو هو |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
۽ توکان زالن جي باري ۾ پڇن ٿا چو ته الله اوهان کي انهن جي باري ۾ حڪم ٻڌائي ٿو ۽ (ان جو به تاڪيد ڪري ٿو) جيڪي اوهان کي (هن) ڪتاب ۾ پڙهي ٻڌايو پيو وڃي انهن يتيم زالن جي باري ۾ جن کي جيڪي انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي سو نه ٿا ڏيو ۽ انهن سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڪريو ٿا ۽ ضعيف ٻارن جي باري ۾ ، ۽ يتيمن لاءِ انصاف تي قائم رهڻ جي باري ۾ . ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪا زال پنهنجي مڙس جي سرڪشيءَ يا منهن موڙڻ کان ڊڄي ٿي ته پاڻ ۾ ڪنهن به طرح صلح ڪن ته مٿن ڪو گناهه نه آهي. ۽ صلح گهڻو چڱو آهي ۽ بخيليءَ کي نفسن جي اڳيان ڪيو ويو آهي (يعني بخيلي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي نفس ۾ آهي) ۽ جيڪڏهن چڱائي ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ اوهين زالن جي وچ ۾ ڪڏهن به انصاف نه ڪري سگهندؤ، جيتوڻيڪ (ان جي) خواهش ڪريو، پوءِ اوهين (ڪنهن پاسي) بالڪل جهڪي نه وڃو جو انهن (زالن) کي لٽڪيل ڇڏي ڏيو |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏهن (ڪم کي) سڌاريندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿيندا ته الله سڀ ڪنهن کي پنهنجي ڪشادگيءَ مان بي پرواهه ڪندو. ۽ الله (ڏيڻ ۾ ) ڪشادو (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن کي ۽ اوهان کي اسان حڪم ڏنو آهي ته الله کان ڊڄو. ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندؤ ته پوءِ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو بيشڪ الله جو آهي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله ڪارساز بس آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانو ! جيڪڏهن الله گهري ته اوهان کي پري ڪڍي ڇڏي ۽ ٻين کي (اوهان جي جاءِ تي) آڻي. ۽ الله ان تي قدرت رکندڙ آهي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو دنيا جو ثواب گهري ٿو ته پوءِ الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو بدلو آهي. ۽ الله(سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ ! انصاف تي قائم رهندڙ، الله جي واسطي شاهدي ڏيندڙ ٿيو جيتوڻيڪ اوهان جو يا (اوهان جي) ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن جو نقصان ٿئي. جيڪڏهن (اهو ماڻهو جنهن تي حق ثابت ٿئي ٿو) مالدار آهي يا فقير آهي ته الله انهن ٻنهين (مالدار ۽ فقير) جو (اوهان کان) زياده خير خواهه آهي پوءِ اوهين انصاف ڪرڻ ۾ خواهشن جي پٺيان نه لڳو ۽ جيڪڏهن منجهائي شاهدي ڏيندؤ يا (شاهدي ڏيڻ کان) منهن موڙيندؤ ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي ايمان وارؤ ! الله ۽ سندس رسول ۽ ان ڪتاب تي جنهن کي پنهنجي رسول تي لاٿو اٿس، ۽ ان ڪتاب تي جنهن کي هن کان اڳ لاٿو اٿس، ايمان آڻيو. ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن جو انڪار ڪندو، سو بيشڪ رستي کان گهڻو پري وڃي پيو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
بيشڪ جن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا، وري ايمان آندائون، وري ڪافر ٿيا، وري ڪفر ۾ وڌندا رهيا تن کي الله معاف نه ڪندو، ۽ نه کين رستو ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
(اي رسول!) تون منافقن کي هيءَ خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
(اهي منافق) جيڪي ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست بنائين ٿا. ڇا انهن وٽ عزت گهرن ٿا؟ پوءِ بيشڪ سڀ عزت الله جي واسطي آهي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ اوهان تي ڪتاب ۾ (هيءَ حڪم) لاٿو اٿس ته جڏهن اوهين ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تان مسخري ڪئي وڃي ٿي ته اوهين انهن سان ايستائين گڏ نه ويهو جيستائين اهي ان کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ بحث نه ڪن (نه ته) ان وقت اوهين به انهن جهڙا ٿيندؤ. بيشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
(اهي منافق) جيڪي اوهان جي انتظار ۾ آهن. پوءِ جيڪڏهن الله جي طرفان اوهان لاءِ ڪا فتح آهي ته اوهان کي چون ٿا ته ڇا اسين اوهان سان گڏ نه هئاسون ۽ جيڪڏهن ڪافرن جو نصيب آهي ته (انهن کي) چون ٿا ته ڇا اسين اوهان تي غالب نه ٿياسون ۽ اوهان کي ايمان وارن کان نه بچايوسون. پوءِ الله قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. ۽ الله ڪڏهن به ڪافرن لاءِ ايمان وارن تي (غالب ٿيڻ جو) ڪوبه رستو نه ڪڍندو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ منافق الله کي ڌوڪو ڏين ٿا، هوڏانهن الله انهن کي ڌوڪو ڏيندڙ آهي ۽ جڏهن نماز ڏي اٿن ٿا ته سست ٿي اٿن ٿا، ماڻهن کي ڏيکارين ٿا، ۽ الله کي بالڪل ٿورو ياد ڪن ٿا. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
اِنهيءَ (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾ اچن وڃن پيا. نه هِن (جماعت) ڏي آهن ۽ نه هُن (جماعت) ڏي آهن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪندو تنهن لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهندين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارؤ ! ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو ! ڇا اوهين پاڻ تي الله جو ظاهر الزام ثابت ڪرڻ گهرو ٿا؟ |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بيشڪ منافق باهه جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ آهن. ۽ تون انهن لاءِ ڪو به مددگار نه لهندين، |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي مضبوط جهليو ۽ الله لاءِ پنهنجي عبادت کي خالص ڪيو سي ايمان وارن سان گڏ آهن. ۽ الله ايمان وارن کي وڏو اجر ڏيندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوهان کي عذاب ڪري ڇا ڪندو؟ هوڏانهن الله قدردان (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالهه چوڻ کي پسند نه ٿو ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن چڱائيءَ کي ظاهر ڪندؤ يا ان کي لڪائيندؤ يا برائي معاف ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏيءَ قدرت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪريون ٿا ۽ ان (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ هڪ رستو ڪڍڻ گهرن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهي ئي سچ پچ ڪافر آهن. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪڙي جي وچ ۾ فرق نه ڪيائون، تن کي الله سندن اجر ڏيندو ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
ڪتاب وارا توکان سوال ڪن ٿا ته تون مٿن آسمان مان (هڪ ئي ڀيري) هڪ ڪتاب لاهين، پوءِ بيشڪ انهن ان کان به وڏو سوال موسيٰ کان ڪيو هو، جو چيائون ته تون اسان کي الله ظاهر ظهور ڏيکار! پوءِ سندن ظلم جي ڪري انهن کي وڄ ورتو. وري گابو ٺاهيائون هن کان پوءِ به جو وٽن ظاهر ثابتيون آيون. پوءِ اهو (گناهه) معاف ڪيوسون. ۽ موسيٰ کي ظاهر غلبو ڏنوسون. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ انهن کان انجام وٺڻ لاءِ انهن جي مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون. ۽ کين چيوسون ته دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ انهن کي چيوسون ته ڇنڇر (جي حڪم) ۾ حد کان نه لنگهو ۽ انهن کان پڪو انجام ورتو سون. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ نبين کي سندن ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته “اسان جو دليون ڍڪيل آهن” بلڪ الله سندن ڪفر جي ڪري انهن جي (دلين) تي مهر هنئي آهي پوءِ اهي بلڪل ٿورو ايمان رکن ٿا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي سندن وڏي بهتان مڙهڻ، |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته مريم جي پٽ عيسيٰ مسيح کي جو (حقيقت ۾ ) الله جو رسول هو، ”اسان قتل ڪيو آهي“، هوڏانهن نه ان کي قتل ڪيواٿن ۽ نه کيس سوريءَ تي چاڙهيو اٿن پر کين شبهو پئجي ويو آهي ۽ جن عيسيٰ جي باري ۾ اختلاف ڪيو، سي بيشڪ ان (جي حالت) کان شڪ ۾ آهن. کين گمان جي پٺيان لڳڻ کانسواءِ ان (جي حال) جي ڪا خبر نه آهي. هوڏانهن ان کي يقين سان قتل نه ڪيواٿن، |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪ الله ان کي پاڻ ڏانهن کنيو ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ اهل ڪتاب مان ڪوبه نه رهندو پر ان جي مرڻ کان اڳي ان تي ضرور ايمان آڻيندو ۽ قيامت جي ڏينهن اهو مٿن شاهد ٿيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ يهودين جي ظلم جي ڪري اسان مٿن اهڙيون سٺيون شيون حرام ڪيون، جن کي انهن لاءِ حلال ڪيون ويون هيون. ۽ گهڻن کي الله جي رستي کان سندن روڪڻ، |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ سندن وياج وٺڻ (جي ڪري) هوڏانهن کين ان کان روڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ جي ڪري (به مٿن سٺيون ۽ حلال شيون حرام ڪيوسون) ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيوسون. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر انهن مان علم ۾ پختا ۽ ايمان وارا ان تي ايمان آڻين ٿا جيڪي توڏي لاٿو ويو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪندڙ ۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندڙ، سو انهن کي اسين وڏو اجر ڏينداسون. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
بيشڪ اسان توڏي (ائين) وحي ڪيو جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ (ٻين) نبين ڏي وحي ڪيوسون. ۽ (جيئن) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏي وحي ڪيوسون. ۽ (جيئن) دائود کي زبور ڏنوسون. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ (جيئن) اهڙن رسولن کي جن جو حال هن کان اڳ اسان توکي ٻڌايو آهي ۽ اهڙن رسولن کي جن جو حال اسان توکي نه ٻڌايو آهي (تن کي موڪليوسون) ۽ الله موسيٰ سان ڳالهايو. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اسان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ رسول هن لاءِ (موڪليا) ته رسولن (جي اچڻ) کان پوءِ ماڻهن جو الله تي ڪو عذر نه رهي. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏي لاٿو آهي تنهن جي (پاڻ) شاهدي ڏي ٿو ته ان کي پنهنجي علم سان لاٿو اٿس ۽ ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله شاهد ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ الله جي رستي کان (ماڻهن کي) روڪيائون سي رستي کان گهڻو پري وڃي پيا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ظلم ڪيائون، تن کي الله ڪڏهن معاف نه ڪندو ۽ نه کين ڪو رستو ڏيکاريندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
دوزخ جي رستي کانسواءِ ان ۾ هميشة رهندا. ۽ اهو الله تي آسان آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان رسول اوهان وٽ سچي ڳالهه کڻي آيو آهي پوءِ ايمان آڻيو ته اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندؤ ته پوءِ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين (جي ڳالهه) ۾ وڌاءُ نه ڪريو. ۽ سچي ڳالهه کانسواءِ الله تي (ٻيو) نه چئو. مريم جو پٽ عيسيٰ مسيح فقط الله جو رسول ۽ سندس ڪلام آهي، جنهن کي مريم ڏي هلايو اٿس ۽ سندس طرفان هڪ روح آهي، پوءِ الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو. ۽ نه چئو ته (خدا) ٽي آهن (اهڙي چوڻ کان) باز اچو ته اوهان جو ڀلو ٿئي. الله فقط اڪيلو عبادت جي لائق آهي. اولاد جي هجڻ کان اهو پاڪ آهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس آهي. ۽ الله ڪارساز بس آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
نڪي عيسيٰ ۽ نڪي ويجها ملائڪ الله جي ٻانهي هجڻ کان عار ڪندا. ۽ جيڪي سندس ٻانهپ کان عار ڪندا ۽ وڏائي ڪندا، تن سڀني کي الله پاڻ وٽ گڏ ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن اجر پورا ڏيندو ۽ کين پنهنجي فضل مان زياده (به) ڏيندو. ۽ جن عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي، تن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ الله کانسواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار لهندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هڪ سند آئي آهي ۽ اسان اوهان ڏي ظاهر نور (قرآن) لاٿو آهي. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط جهليو، تن کي پنهنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏي سڌو رستو ڏيکاريندو. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي رسول) توکان (ميراث جو) حڪم پڇن ٿا، (کين) چو ته الله اوهان کي ان جي باري ۾ ٻڌائي ٿو جنهن جو نه اولاد ۽ نه پيءُ هجي. جيڪڏهن اهڙو ماڻهو مري جنهن کي ڪو اولاد نه آهي ۽ ان کي هڪ ڀيڻ آهي ته جيڪي ڇڏيائين تنهن جو اڌ اُن لاءِ آهي ۽ هو به ڀيڻ جو وارث ٿيندو جيڪڏهن ڀيڻ کي ڪو اولاد نه هوندو. پوءِ جيڪڏهن ٻه (ڀينرون) هونديون ته جيڪي ڇڏيو اٿس تنهن مان ٻه ٽهايون انهن ٻنهين لاءِ آهن. ۽ جيڪڏهن (وارث) ڀائر ۽ ڀينرون هجن ته هڪ ڀاءُ لاءِ ٻن ڀينرن جي حصي جيترو آهي. الله اوهان لاءِ بيان ڪري ٿو ته متان اوهين گمراهه ٿيو ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |