يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ خلقيائين ۽ انهن (ٻنهين) مان گهڻائي مرد ۽ عورتون (جهان ۾) پکيڙيائين، ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي کان (حق ) گُهرندا آهيو ۽ مائٽيون (ڇنڻ کان بچو.) بيشڪ الله اوهان مٿان نگهبان آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب مال کي (يتيم) جي سُٺي مال سان نه مَٽايو ۽ انهن جو مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بلاشڪ اهو وڏو گناهه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن اوهان ڊڄو ٿا ته يتيم ڇوڪريُن جي باري ۾ انصاف ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جيڪي توهان لاءِ مَن پسند حلال هجن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جي ڊڄو ٿا ته (گهڻين زالن ۾) عدل ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ صرف هڪ (ئي ڪافي آهي) يا اُهي ڪنيزون جيڪي (قانونِ شرع مطابق) اوهان جي ملڪيت ۾ آيون. اهو هن لاءِ جو توهان نا انصافي نه ڪيو. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ زالن کي انهن جا مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ اگر اُهي پنهنجي مهر مان ڪجهه حصو خوش دلي سان اوهان کي ڇڏن ته ان کي خوشگوار مزي سان کائو. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ پنهنجا مال بي وقوفن جي حوالي نه ڪيو جن (مالن) کي الله اوهان جي گذران کي قائم رکڻ جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن کي ان مان کارايو ۽ انهن کي پهرايو ۽ انهن سان ڀلائي جي ڳالهه ڪندا ڪيو. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو جيستائين اُهي نڪاح (جي عمر) کي پهچن، پوءِ جي انهن ۾ هوشياري ڏسو ته انهن جا مال انهن جي حوالي ڪيو ۽ ان کي فضول خرچي سان نه کائو ۽ هن تڪڙ ۾ ته متان وڏا ٿي وڃن (۽ حق طلب ڪن) ۽ جيڪو (پرورش ڪندڙ) آسودو هجي ته اهو (يتيم جي مال کان) بلڪل بچيل رهي. ۽ جيڪو خود محتاج هجي ته ان کي مناسب حد تائين کائڻ گهرجي. پوءِ جڏهن انهن جا مال انهن کي واپس ڪيو ته انهن تي شاهد بنايو ۽ حساب وٺڻ وارو الله ئي ڪافي آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
مردن جي لاءِ حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ۽ عورتن لاءِ به حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ان (ورثي جي مال) مان جو ٿورو آهي يا گهڻو. حصا (الله پاران) مقرر ٿيل آهن. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جي ورهائڻ وقت (غير وارث) رشتيدار ۽ يتيمَ ۽ مسڪينَ به حاضر ٿين ته ان مان ڪجهه انهن کي به ڏيو ۽ انهن سان سٺي طرح گفتگو ڪريو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ انهن کي (جيڪي يتيمن جا سنڀالدار ٿين ٿا) ڊڄڻ گهرجي اگر اُهي پنهنجي پويان ڪمزور اولاد ڇڏن ها ته (مرڻ مهل) انهن ٻارڙن جي حال تي ڪيترو نه فڪرمند هجن ها! پوءِ انهن کي گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ کپي ته سڌي ڳالهه چون. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي ظلم سان يتيمن جو مال کائن ٿا اُهي پنهنجي پيٽن ۾ صرف (جهنم جي) باهه کائن ٿا. ۽ سگھوئي ڀڙڪندڙ باهه ۾ پهچندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله اوهان کي اوهان جي اولاد جي باري ۾ حڪم ٿو ڏئي ته:مرد (يعني پٽ) لاءِ ٻن عورتن (يعني ٻن نياڻين) جي برابر حصو آهي. پوءِ جيڪڏهن (وارث) رڳي ڇوڪريون آهن (ٻه يا) ٻن کان مٿي ته انهن جي لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن. ۽ جي هڪ نياڻي آهي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (فوتيءَ جي) ماءُ ۽ پيءُ مان هرهڪ کي سندس ميراث جو ڇهون حصو آهي جيڪڏهن کيس اولاد آهي. پر جيڪڏهن ان (فوتيءَ ) کي اولاد نه آهي ۽ ماءُ پيءُ کي وارث ڇڏيائين ته سندس ماءُ لاءِ ٽيون حصو آهي. (باقي سڀ پيءُ جو آهي) پوءِ جيڪڏهن کيس ڀائر ڀينر آهن ته سندس ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي بعد ان وصيت جي جيڪا ڪري ويو يا قرض (جي ادائگي جي). توهان جا پيئر ۽ توهان جا پُٽ توهان نه ٿا ڄاڻو ته فائدو پهچائڻ ۾ انهن مان ڪهڙو اوهان جي وڌيڪ ويجهڙو آهي. (هي ورهاڱو) الله جي پاران فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ اوهان جي لاءِ (ان مال جو) اڌ آهي جيڪو توهان جي زالن ڇڏيو بشرطيڪه انهن کي اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن کين اولاد آهي ته پوءِ اوهان لاءِ انهن جي ڇڏيل مال جي چوٿائي آهي. هي (ورهاست) ان وصيت جي ادائگي بعد آهي جيڪا وصيت ڪيائون يا قرض (ادائگي) جي. ۽ انهن زالن جي لاءِ چوٿائي آهي جيڪو مال اوهان ڇڏيو بشرطيڪه اوهان کي اولاد نه هجي، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺوڳ (اٺين پتي) آهي ان مال مان جيڪو اوهان ڇڏيو ان وصيت جي ادائگي بعد جيڪا وصيت اوهان ڪئي يا قرض (ادائگي جي). ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مرد يا عورت جو ورثو آهي جيڪو ڪلاله آهي (يعني جنهن کي نه ماءُ پيءُ آهي نه اولاد) ۽ ان کي (مائتو) ڀاءُ يا ڀيڻ آهي ته انهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي. پوءِ جي اُهي (ڀاءُ ڀيڻ) هڪ کان وڌيڪ آهن ته سمورا ٽهائي ۾ شريڪ آهن . (هي ورهاست) ان وصيت بعد ڪبي جا (وارثن کي) نقصان پهچائڻ بغير ڪئي وئي هئي يا قرض جي ادائگي بعد، هي الله جي پاران حڪم آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته (الله) ان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها زبردست ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ ان جون حدون اورانگهيندو ته ان کي جهنم ۾ داخل ڪندو جنهن ۾ اهو هميشه هوندو ۽ ان لاءِ خواري وارو عذاب آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن ته انهن تي پنهنجن ماڻهن مان چئن مردن جي شاهدي وٺو. پوءِ جي (چار ماڻهو) شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو انهن کي موت ماري يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو پيدا ڪري. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ اوهان مان جيڪي بدڪاري ڪن ته پوءِ انهن ٻنهين کي سزا ڏيو. پوءِ جي توبه ڪن ۽ پنهنجو اصلاح ڪن ته انهن (کي سزا ڏيڻ) کان ڪنارو ڪيو. بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
الله (جي ذمهءِ ڪرم) تي صرف انهن ماڻهن جي توبه قبول ڪرڻ آهي جيڪي ناداني ۾ گناهه ڪري ويهن ٿا پوءِ جلدي توبه ڪن ٿا پوءِ اُهي ئي آهن جو الله انهن جي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ اهڙن ماڻهن جي توبه (جي قبوليت) ناهي جيڪي گناهه ڪندا رهن ٿا، تانجو جڏهن انهن مان ڪنهن وٽ موت اچِي پهچي ٿو (ان وقت) چوي ته ”آءُ هاڻي توبه ٿو ڪيان“. نه ئي اهڙن ماڻهن جي لاءِ (توبه) آهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارؤ! اوهان لاءِ اهو حلال نه آهي جو اوهان زبردستي عورتن جا وارث بنجي وڃو. ۽ نه اهو حلال آهي جو انهن تي سختي ڪيو هن لاءِ ته انهن کي ڏنل مهر مان ڪجهه واپس وٺو سواءِ ان صورت جي جو اهي کُليل بي حيائي جو ڪم ڪري ويهن، ۽ انهن سان سهڻي سلوڪ سان زندگي گذاريو. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن کي ناپسند ڪيو ٿا ته ممڪن آهي جو اوهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪيو ۽ الله ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهان هڪ زال جي بدلي ٻي زال آڻڻ چاهيو ۽ اوهان انهن مان هڪڙي کي مال جا ڍير ڏئي چڪا آهيو ته ان مان ڪابه شيءِ واپس نه وٺو. ڇا توهان ناحق الزام ۽ پڌري گناهه جي ذريعي اهو مال (واپس) وٺڻ چاهيو ٿا؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ اهو (مال) ڪيئن ٿا واپس وٺو! جڏهن ته اوهان هڪ ٻئي مان لطف اندوز ٿي چڪا آهيو ۽ اُهي اوهان کان پڪو عهد به وٺي چڪيون آهن. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ انهن عورتن سان نڪاح نه ڪيو جن سان اوهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا آهن سواءِ ان جي جو (هن حڪم کان) اڳ گذري چڪو. بلاشڪ اها وڏي بي حيائي ۽ غضب (جو باعث) ۽ بُري واٽ آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
توهان تي حرام ڪيون ويون آهن اوهان جون مائرون ۽ اوهان جون نياڻيون ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جون پڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻجون ۽ اوهان کي ٿڃ پياريندڙ مائرون ۽ اوهان جون ٿڃ شريڪ ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون (سَسُون) ۽ اوهان جي گود ۾ پلجندڙ اُهي نياڻيون جيڪي اوهان جي انهن زالن (جي پيٽان) آهن جن سان توهان صحبت ڪري چڪا آهيو. پر جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي آهي ته (انهن جي نياڻين سان نڪاح ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پُٺين مان آهن (يعني نُهون) ۽ (هي به حرام آهي) جو ٻن ڀينرن کي (هڪ مرد جي نڪاح ۾) گڏ ڪيو. سواءِ ان جي جيڪو اڳ گذري چڪو. بيشڪ الله بخشڻهار، ٻاجھارو آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ شادي شده عورتون (به حرام آهن) سواءِ انهن (جنگي قيدياڻِيُن) جي جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ اچي وڃن. (هي حڪم) الله جي طرفان اوهان تي لکيل آهي ۽ انهن کان سواءِ (سڀ عورتون) اوهان لاءِ حلال ڪيون ويون آهن تان جو توهان پنهنجي مالن جي ذريعي (نڪاح) طلب ڪيو پاڪدامن رهندي نه ڪه شهوت پوري ڪرڻ لاءِ. پوءِ جن عورتن مان اوهان نفعو وٺو ته انهن کي سندن مقرر ڪيل مهر ادا ڪيو. ۽ اوهان تي ان (مال) جي باري ۾ ڪو گناهه ناهي جنهن تي توهان مهر مقرر ڪرڻ بعد پاڻ ۾ راضي ٿي وڃو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ اوهان مان جنهن کي ايتري طاقت نه آهي جو آزاد مؤمنياڻين عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن مؤمنياڻين ٻانهين سان نڪاح ڪري جيڪي (حڪمِ شرعي مطابق) توهان جي ملڪيت ۾ آهن. ۽ الله اوهان جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. توهان هڪ ٻئي مان آهيو، پوءِ اوهان انهن (ٻانهين) سان انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪيو، ۽ انهن کي سندن مهر دستور مطابق ادا ڪيو. اُهي پاڪدامن هجن نه ڪه بدڪاري ڪندڙ هجن ۽ نه ڳجها آشنا رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن نڪاح ۾ اچي وڃن ته پوءِ جيڪڏهن بي حيائي جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آزاد عورت تي آهي ان جو اڌ مٿن آهي. اها اجازت اوهان مان ان لاءِ آهي جيڪو زنا جو انديشو رکي. ۽ جي اوهان صبر ڪيو ته اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله چاهي ٿو ته توهان لاءِ (احڪام) چِٽي طرح بيان ڪري ۽ اوهان کي انهن (صالح) ماڻهن جي واٽن تي هلائي جيڪي اوهان کان اڳ گذريا آهن ۽ اوهان تي رحمت سان رجوع فرمائي. ۽ الله علم وارو، حڪمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله اوهان تي پنهنجي رحمت سان رجوع فرمائڻ چاهي ٿو ۽ اُهي ماڻهو جيڪي شهوتن جا پيروڪار آهن سي چاهن ٿا ته توهان سڌي راهه کان گهڻو پري هٽي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله چاهي ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري، ۽ انسانُ ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! اوهان هڪ ٻئي جا مال پاڻ ۾ ناحق طريقي سان نه کائو سواءِ هن جي جو اوهان جو هڪ ٻئي ۾ رضامندي سان ڪو واپار هجي. ۽ پنهنجي جانين کي قتل نه ڪيو. بيشڪ الله اوهان سان وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو زيادتي ۽ ظلم سان ائين ڪندو ته جلد اسان ان کي باهه ۾ پهچائينداسين. ۽ اهو ڪم الله تي نهايت سولو آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
اگر انهن وڏن گناهن کان بچندا رهو جن جي اوهان کي منع ڪئي وئي آهي ته اسان اوهان کان اوهان جون (ننڍيون) خطائون ميٽي ڇڏينداسين ۽ اوهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسين. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ اوهان ان جي تمنا نه ڪيو جيڪو الله اوهان مان ڪنهن کي ٻين کان وڌيڪ ڏنو آهي. مردن لاءِ ان مان حصو آهي جيڪو انهن ڪمايو. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ اسان هر ڪنهن لاءِ ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل مال ۾ وارث مقرر ڪيا آهن. ۽ (باقي اهي ماڻهو) جن سان توهان جو معاهدو ٿي چڪو آهي پوءِ انهن کي سندن حصو ڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي نگران آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد عورتن مٿان سنڀالدار آهن هن ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) هن ڪري به ته اهي پنهنجي مالن مان (عورتن تي) خرچ ڪندا آهن. پوءِ نيڪوڪار عورتون فرمانبردار هونديون آهن (جيڪي) مڙسن جي غير موجودگي ۾ الله جي حفاظت سان (انهن جي مال ۽ عزت) جي حفاظت ڪنديون آهن. ۽ توهان کي جن عورتن جي بي فرماني جو انديشو هجي ته پوءِ انهن کي نصيحت ڪيو (اگر نه سمجهن ته) انهن کي بسترن ۾ ڌار ڪيو (جدا سمهو) پوءِ به نه سمجهن ته (هلڪي) مار ڏيو. پوءِ جي اوهان جي فرمان ۾ اچي وڃن ته پوءِ انهن تي ڪوبه (جارحانه) رستو نه ڳوليو. بيشڪ الله برتر آهي (سڀ کان) وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جي اوهان کي زال مڙس جي وچ ۾ اڻ بڻت جو ڊپ آهي ته هڪڙو امين مرد جي خاندان مان ۽ ٻيو امين عورت جي خاندان مان مقرر ڪيو. جي اُهي ٻئي (امينَ) صلح ڪرائڻ چاهيندا ته الله ٻنهين ۾ موافقت پيدا ڪندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ باخبر آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ الله جي عبادت ڪيو ۽ ان سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه بنايو ۽ ماءُ پيءُ سان احسان ڪيو ۽ قرابت دارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ رشتيدار پاڙيسري ۽ ڌارئي پاڙيسري ۽ هم مجلس ۽ مسافر ۽ جن جا توهان (شرعي) مالڪ بنيا آهيو (سڀني سان احسان ڪيو) بيشڪ الله ان کي پسند نه ٿو ڪري جيڪو هٺيلو فخر ڪندڙ آهي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
اهي ماڻهو جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا ۽ انهن (نعمتن) کي لڪائن ٿا جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنيون آهن، ۽ اسان (اهڙن) ناشڪرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ (خواريءَ وارو عذاب آهي) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجا مال ماڻهن جي ڏيک ويک لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ نه الله تي ايمان رکن ٿا ۽ نه آخرت واري ڏينهن تي. ۽ جنهن جو ساٿي شيطان ٿيو ته پوءِ ڏاڍو بڇڙو ساٿي آهي. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ انهن تي ڪهڙي آفت پوي ها! جي اهي الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آڻن ها ۽ الله جي ڏني مان (ان جي راهه ۾) خرچ ڪن ها. ۽ الله انهن (جي حال) کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
بلاشڪ الله ذري برابر ظلم ڪونه ٿو ڪري، ۽ اگر نيڪي آهي ته ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ پاڻ وٽان (ان جي عيوض) زبردست اجر عطا ٿو ڪري. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ ان ڏينهن ڇا حال هوندو؟ جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد آڻينداسين ۽ (اي نبي!) اسان تو کي انهن سڀني مٿان شاهد بنائي آڻينداسين. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
ان ڏينهن اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ رسول جي بي فرماني ڪيائون سي تمنا ڪندا ته هائو جي (کين مِٽِيءَ ۾ پوري) انهن تي زمين برابر ڪئي وڃي! ۽ اهي الله کان ڪا ڳالهه لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارؤ! نشي جي حالت ۾ نماز کي ويجها نه وڃو جيستائين اها ڳالهه سمجهي سگهو جيڪا چئو ٿا ۽ نه تڙ جي حالت ۾ (نماز جي ويجهو وڃو) جيستائين غسل ڪيو سواءِ مسافري جي حالت جي. ۽ جيڪڏهن اوهان بيمار آهيو يا سفر تي آهيو يا توهان مان ڪو قضا حاجت کان موٽي يا اوهان عورتن سان مباشرت ڪئي هجي پوءِ جي پاڻي نه لهو ته پوءِ اوهان پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪيو. پوءِ (تيمم جو طريقو هي آهي جو) پنهنجي چهرن ۽ ٻانهن تي مسح ڪيو. بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو! جن کي ڪتاب مان هڪ حصو ڏنو ويو اُهي (خود به) گمراهي خريد ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته توهان به رستي کان ڀٽڪي وڃو. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله اوهان جي دشمنن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي ۽ الله مددگار ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
يهودين مان ڪي ماڻهو الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا ۽ چون ٿا ته سَمِعْنَا وَ عَصَیْنَا ٻڌوسين ۽ نا فرماني ڪئي سين ۽ (چون ٿا) وَ اسْمَعْ غَیْرَ مُسْمَعٍ ٻڌ توکي نه ٻڌايو وڃي! ۽ زبان مروڙي ۽ دين ۾ طعنو هڻندي رَاعِنَا چون ٿا. حالانڪه جي اُهي (هيئن) چون ها: سَمِعْنَا وَ اَطَعْنَا اسان ٻڌوسين ۽ فرمانبرداري ڪئي سين ۽ اِسْمَعْ وَ انْظُرْنَا (اي محبوب!) اسان جي ڳالهه ٻڌ ۽ اسان تي نظرِ (ڪرم) ڪر ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو ۽ (اهو قول) زياده مناسب هيو ۽ پر انهن جي ڪفر جي سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن سواءِ ٿورن ماڻهن جي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي ڪتاب وارؤ! ايمان آڻيو ان (قرآن) تي جيڪو اسان (هاڻي) نازل ڪيو آهي جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان جي جيڪو (اڳ) اوهان وٽ آهي. (ايمان آڻيو) ان کان اڳ جو اسان ڪجھه چهرا بگاڙي ڇڏيون پوءِ انهن کي پٺين طرف ڦيرائي ڇڏيون. يا انهن تي لعنت ڪيون جيئن اسان ڇنڇر جي ڏينهن (بي فرماني ڪرڻ) وارن تي لعنت ڪئي هئي. ۽ الله جو حڪم پورو ٿي رهندو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
بلاشڪ الله ان ڳالهه کي نه ٿو بخشي جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان گهٽ (جيڪي به گناهه آهن) جنهن لاءِ چاهي بخشي ڇڏي ٿو، ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ان واقعي به تمام وڏي گناهه جو بهتان گهڙيو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ! جيڪي پاڻ کي پاڪ سمجهن ٿا. بلڪه الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري انهن تي ڌاڳي جي برابر به ظلم نه ڪيو ويندو. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏس ته سهي! ڪيئن الله تي ڪوڙو بهتان ٻَڌن ٿا. ۽ (انهن جي گنهگار هجڻ لاءِ) اهو ئي پڌرو گناهه ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو! جن کي (آسماني) ڪتاب جو ڪجهه حصو ڏنو ويو هيو (پوءِ به سندن حال اهو آهي جو اُهي) بتن ۽ شيطان کي مڃن ٿا ۽ ڪافرن جي باري ۾ چون ٿا ته: ”اُهي مؤمنن کان وڌيڪ سڌي راهه تي آهن“. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
اِهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي. ۽ جنهن تي الله لعنت ڪري ته انهن لاءِ تون ڪو مددگار نه لهندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا بادشاهي ۾ انهن جو ڪو ڪجهه حصو آهي؟ اگر ائين هجي ها ته اهي ماڻهن کي تِر برابر به نه ڏين ها. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
ڇا اهي (يهودي) ٻين ماڻهن سان ان ڪري حسد ڪن ٿا جو الله انهن کي پنهنجي فضل سان نوازيو آهي؟ پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي خاندان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏني ۽ اسان انهن کي زبردست بادشاهي ڏني. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪنهن ان کان مُنهن موڙيو. ۽ (انهن بي فرمانن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو جلد اسان انهن کي باهه ۾ وجھنداسين. جڏهن انهن جون کلون سڙي وينديون ته اسان انهن کي ٻيون کلون بدلائي ڏينداسين تان ته اُهي (لاڳيتو) عذاب چکندا رهن. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سگهو ئي اسان انهن کي (اهڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه هميشه رهندا. انهن لاءِ اتي پاڪيزه گهرواريون هونديون ۽ انهن کي گهاٽين ڇانؤُن ۾ داخل ڪنداسين. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
(اي مسلمانو) بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته امانتون انهن جي اهل ماڻهن تائين پهچايو ۽ جڏهن اوهان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو ته انصاف سان فيصلو ڪيو. بلاشڪ الله اوهان کي ڪهڙي نه سهڻي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ اوهان مان جيڪي حڪم جا صاحب آهن (انهن جي به فرمانبرداري ڪيو) پوءِ جي اوهان پاڻ ۾ ڪنهن شيءِ ۾ اختلاف ڪيو ته پوءِ ان کي الله ۽ رسول جي حضور ۾ موٽايو جيڪڏهن اوهان الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا. اِها (ئي) ڀلي راهه آهي ۽ نتيجي جي لحاظ کان تمام سهڻي ڳالهه آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
ڇا تو انهن (منافق) ماڻهن کي نه ڏٺو! جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن ايمان آندو ان (قرآن) تي جيڪو تو مٿان نازل ٿيو آهي ۽ (ان تي) جيڪو تو کان اڳ نازل ٿيو آهي (۽ وري) چاهن ٿا ته (پنهنجي معاملات جا) فيصلا شيطان وٽ ڪرائن حالانڪه انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ان جو انڪار ڪن. ۽ شيطان چاهي ٿو ته انهن کي ڏورانهين گمراهي ۾ وجهي ڇڏي. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو ان (ڪتاب) ڏانهن جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ رسول ڏانهن ته تون منافقن کي ڏسندين ته (اي نبي!) اُهي تو کان مُنهن موڙي ڦري ويندا. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ (ان مهل) ڪيئن ڪندا! جڏهن انهن تي ڪا مصيبت انهن جي ئي هٿن جي ڪمائيءَ سبب پهچندي پوءِ تو وٽ ايندا الله جا قسم کڻندا (۽ چوندا ته) ”اسان جو ٻيو ڪو ارادو نه هيو سواءِ ڀلائي ۽ ٺهراءَ جي“. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اِهي ماڻهو آهن جو الله ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي دلين ۾ (نفاق)آهي. پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ ۽ انهن کي نصيحت ڪر ۽ انهن سان سندن ئي باري ۾ مؤثر گفتگو ڪر. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر هن لاءِ ته الله جي حڪم سان ان جي فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن (اي نبي) اهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪري ويٺا هئا ته تو وٽ اچن ها! پوءِ الله کان بخشش گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ بخشش طلب ڪري ها ته الله کي گھڻو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو لهن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
پوءِ (اي نبي)تنهنجي رب جو قسم! تيستائين اهي مؤمن نه ٿا ٿي سگهن جيستائين توکي سندن وچ ۾ ٿيل جھيڙن جو فيصلو ڪندڙ (حاڪم) نه بنائن. پوءِ پنهنجي دلين ۾ ڪو کُٽڪو نه لهن ان ڳالهه ۾ جيڪو تو فيصلو فرمايو ۽ پوري خوشيءَ سان قبول ڪن. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن تي فرض ڪيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪيو يا پنهنجي گهرن مان نڪرو ته انهن مان تمام ٿورڙا ئي ائين ڪن ها. ۽ جيڪڏهن اُهي ائين ڪن ها جيئن انهن کي نصيحت پئي ڪئي وئي ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو ۽ تمام گهڻو ثابت قدم رکڻ وارو هيو. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ ان وقت اسان به انهن کي پاڻ وٽان وڏو اجر عطا ڪيون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ ضرور انهن کي سڌي واٽ تي هلايون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪري ته اُهي انهن ماڻهن سان گڏ هوندا جن جي مٿان الله انعام ڪيو آهي جي نبين ۽ صديقن ۽ شهيدن ۽ صالحن مان آهن ۽ اهي ڪهڙا نه سٺا ساٿي آهن. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اهو فضل الله جي پاران آهي. ۽ الله ڄاڻڻ وارو ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ (جهاد لاءِ) ٽولا ٽولا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ بيشڪ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو ضرور (جهاد لاءِ نڪرڻ ۾ )دير ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا مصيبت پهچي ٿي ته چوي ٿو ته: ”مون تي الله انعام ڪيو جو آءُ انهن سان گڏ حاضر نه هيس“. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن اوهان کي الله جي پاران ڪو فضل ملي پوي ته ضرور چوندو ته ڄڻڪ اوهان جي ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي ”هائو جي آءُ به انهن سان گڏ هجان ها ته آءُ به وڏي ڪاميابي ماڻيان ها“. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
پوءِ انهن (مؤمنن) کي الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ گھرجي جن پنهنجي دنيا جي زندگي آخرت جي عيوض ۾ وڪڻي ڇڏي آهي. ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ لڙائي ڪندو پوءِ پاڻ قتل ٿي وڃي يا غالب ٿئي پوءِ جلد اسان کيس زبردست اجر عطا ڪنداسين. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راهه ۾ لڙائي نه ٿا ڪيو! حالانڪه ڪمزور مرد ۽ زالون ۽ ٻارڙا چون ٿا ته: ”اي اسان جا مالڪ! اسان کي هن ڳوٺ مان ڪڍ جنهن جا رهواسي ظالم آهن، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ وٽان ڪو ڪارساز بناءِ ۽ پاڻ وٽان اسان لاءِ ڪو مددگار بناءِ“. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
اُهي ماڻهو جن ايمان آندو سي الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ٿا ۽ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي شيطان جي واٽ ۾ وڙهن ٿا پوءِ (اي مؤمنو!) اوهان شيطان جي دوستن سان وڙهو، بلاشڪ شيطان جو مَڪَرُ نهايت ڪمزور آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي چيو ويو ته (شروعاتي دور ۾ جهادکان) پنهنجا هٿ روڪيو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو، پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪيو ويو ته انهن مان هڪ جماعت (دشمن) ماڻهن کان ائين ڊڄڻ لڳا جيئن الله کان ڊڄبو آهي يا ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته: ”اي اسان جا مالڪ!تو اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيو! ڇو نه اسان کي ڪجھه وقت لاءِ مُهلَتَ ڏنئي“! چؤ ته: ”دنيا جو سامان ٿورڙو آهي ۽ آخرت ڀلي آهي ان لاءِ جنهن پرهيزگاري ڪئي ۽ توهان تي هڪ ڌاڳي جي برابر به ظلم ڪونه ڪيو ويندو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
توهان جاتي به هجو اوهان کي موت اچي پهچندو توڙي جو مضبوط قلعن ۾ هجو“. ۽ اگر انهن کي ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته چون ٿا هيءَ الله پاران آهي ۽ جي انهن کي ڪا برائي (يا نقصان) پهچي ٿو ته چون ٿا هيءَ تو وٽان آهي. (اي نبي) چؤ ته سڀ ڪجهه الله وٽان آهي. پوءِ (آخر ) انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه سمجهڻ جي ويجهو به نه ٿا وڃن. |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
(اي انسان) تو کي جيڪا به نيڪي پهچي ٿي سا الله پاران آهي ۽ جي تو کي ڪا مصيبت پهچي ٿي ته اِها تنهنجي نفس پاران آهي. ۽ (اي نبي!) اسان تو کي سڀ انسانن لاءِ رسول بنائي موڪليو آهي ۽ ان تي الله جي شاهدي ڪافي آهي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جيڪو رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ته ان بلاشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جنهن مُنهن موڙيو ته اسان توکي انهن تي نگهبان ڪري ته ڪونه موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ (منافق منهن تي) چون ٿا ته فرمانبرداري ڪئي سين. پوءِ جڏهن تو وٽان اُهي ٻاهر وڃن ٿا ته انهن مان هڪ ٽولي پنهنجي (ڏينهن جو) چيل ڳالهه جي ابتڙ رات جون صلاحون ڪندي آهي. ۽ الله لکي ٿو جيڪي اهي رات جون صلاحون ڪن ٿا. پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ ۽ الله تي ڀروسو رک. ۽ الله ڀروسي لاءِ ڪافي آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڇا اهي قرآن ۾ غور نه ٿا ڪن؟ ۽ جي اهو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽان آيل هجي ها ته ان ۾ گهڻو اختلاف لهن ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن انهن وٽ امن يا خوف جي خبر اچي ٿي ته ان کي پکيڙن (مشهور ڪن) ٿا. حالانڪه جي ان کي رسول جي طرف ۽ پنهنجي صاحبانِ علم طرف موٽائن ها ته انهن مان (خبر جي حقيقت) کي تحقيق جو مادو رکڻ وارا ڄاڻي وٺن ها. ۽ جي اوهان تي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته ٿورن ماڻهن کان سواءِ اوهان (سڀ) شيطان جي پيروي ڪيو ها. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ ( اي نبي) الله جي راهه ۾ جنگ ڪر. تو تي تنهنجي جان کان سواءِ ٻين جو بار نه رکيو ويندو ۽ مؤمنن کي (جهاد لاءِ) همت ڏيار. پڪ آهي ته الله ڪافرن جي زور کي ٽوڙي ڇڏي. ۽ الله لڙائي ۾ ڏاڍو طاقتور ۽ سزا ڏيڻ ۾ زور سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو چڱي سفارش ڪندو ته ان لاءِ ان جي اجر ۾ حصو آهي، ۽ جيڪو بري سفارش ڪندو ته ان لاءِ ان جي گناهه ۾ حصو آهي ۽ الله هر شيءِ مٿان نگهبان آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان زور سهڻي لفظ ۾ سلام جو جواب ڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) اُنهن ئي لفظن ۾ جواب ڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي حساب ڪرڻ وارو آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله اهو آهي جو ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. اهو اوهان کي ضرور قيامت واري ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. ڪير آهي جيڪو الله کان وڌيڪ ڳالهه ۾ سچو هجي. |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو جو منافقن جي باري ۾ اوهان ٻه ٽولا ٿي ويا؟ حالانڪه الله انهن جي (سوچ) کي انهن جي ڪرتوتن سبب اونڌو ڪيو آهي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته ان ماڻهو کي راهه ڏيکاريو جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي؟ ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان لاءِ تون ڪا واٽ نه لهندين. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
اهي چاهن ٿا ته توهان به ائين ڪفر ڪيو جيئن انهن ڪفر ڪيو آهي پوءِ سڀ هڪ جهڙا ٿي وڃو. پوءِ اوهان انهن مان ڪنهن کي به دوست نه بنايو جيستائين الله جي راهه ۾ هجرت ڪن. پوءِ جي منهن موڙن ته انهن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو ۽ انهن مان نه ڪنهن کي دوست بنايو نه مددگار بنايو. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
مگر انهن ماڻهن کي (قتل نه ڪيو) جيڪي اهڙي قوم سان مليا آهن جو توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ معاهدو ٿيل آهي يا توهان وٽ ان حال ۾ آيا جو انهن جون دليون توهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان جنگ ڪرڻ کان بيزار آهن. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن کي اوهان مٿان مسلط ڪري ڇڏي ها پوءِ ضرور اوهان سان لڙن ها، پوءِ اگر اُهي اوهان کان ڪناره ڪشي ڪن ۽ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو سنيهو موڪلن ته پوءِ الله توهان لاءِ انهن سان لڙڻ جي ڪا واٽ نه ڪئي آهي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
سگهو ئي ٻيا اهڙا ماڻهو ڏسندؤ جيڪي (منافقانه مفاهمت ذريعي) چاهن ٿا ته اوهان کان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن. (پر) جڏهن به (مسلمانن جي خلاف) ڪنهن فتني ڏانهن موٽايا وڃن ٿا ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪِرن ٿا، پوءِ جيڪڏهن اوهان کان ڪناره ڪشي نه ڪن ۽ (نه ئي) اوهان ڏانهن صلح جو سنيهو موڪلن ۽ نه ئي (فتني کان) پنهنجا هٿ روڪن ته پوءِ انهن کي پڪڙيو (قيد ڪيو) ۽ انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو. ۽ اُهي ئي آهن جن مٿان اسان اوهان کي کليل اختيار ڏنو آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ ڪنهن مؤمن جو ڪم نه آهي جو ڪنهن ٻئي مؤمن کي قتل ڪري سواءِ غلطيءَ جي، ۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري وجهي ته (ان جي سزا) مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ ۽ خون بها مقتول جي گهر وارن جي حوالي ڪرڻ آهي سواءِ هن جي جو اهي (خون بها) معاف ڪري ڇڏن. پوءِ جيڪڏهن (مقتول) اوهان جي دشمن قوم مان هجي ۽ اهو مؤمن به هجي ته پوءِ (صرف) هڪ مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. ۽ جي (مقتول) اهڙي قوم مان آهي جو توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿيل آهي ته پوءِ ان جي گهروارن کي خون بها حوالي ڪئي ويندي ۽ مؤمن ٻانهو به آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ان کي ٻه مهينا لڳو لڳ روزا رکڻ (لازم) آهي. اها الله پاران توبه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو ڪنهن مؤمن ماڻهو کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته پوءِ ان جي سزا جهنم آهي ان ۾ هميشه رهندو ۽ ان مٿان الله جو ڏمر آهي ۽ ان تي لعنت ڪيائين ۽ ان لاءِ اُن وڏو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان (جهاد لاءِ) الله جي راهه ۾ سفر ۾ نڪرو ته پوءِ تحقيق ڪندا ڪيو ۽ جنهن اوهان کي سلام ڪيو ان کي ائين نه چئو ته تون مؤمن نه آهين. (ڪنهن کي شڪ ۾ ڪافر سمجهي قتل ڪرڻ ۾) اوهان دنيا جو سامان تلاش ڪيو ٿا ته پوءِ الله وٽ گهڻا غنيمتن جا مال آهن. (اڳ ۾) اوهان به ائين هيؤ. پوءِ الله اوهان مٿان احسان ڪيو (جو مسلمان بنيا آهيو) پوءِ تحقيق ڪندا ڪيو. بيشڪ الله توهان جي ڪمن کان خبروار آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
پاڻ ۾ برابر نه ٿا ٿي سگھن مؤمنن مان ڪنهن عذر کان سواءِ (جهاد کان) ويهي رهڻ وارا ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين ۽ مالن سان جهاد ڪرڻ وارا. پنهنجي مالن ۽ جانين سان جهاد ڪندڙن کي ويهي رهندڙن مٿان الله درجن ۾ فضيلت ڏني آهي. ۽ سڀني (ايمان وارن) سان الله ڀلائي جو وعدو ڪيو آهي. ۽ الله جهاد ڪندڙن کي ويهي رهندڙن مٿان وڏي اجر جي فضيلت ڏني آهي. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
ان (الله) جي طرفان درجا آهن ۽ بخشش ۽ رحمت آهي ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن جا روح ملائڪ ان حال ۾ قبض ڪن ٿا جو اهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪرڻ وارا آهن ته پڇن ٿا ته: ”اوهان ڪهڙي حال ۾ هيئو“؟ چون ٿا ته: ”اسان زمين ۾ ڪمزور هئاسون“ (ملائڪ) چون ٿا ته: ”ڇا الله جي ڌرتي ڪشادي نه هئي؟ جو اوهان ان ۾ هجرت ڪيو ها“! پوءِ اُهي ئي آهن جن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ نهايت برو ٽڪاڻو آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
سواءِ انهن ڪمزور مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن جي جيڪي نه ڪا تدبير ڪري سگهن ٿا ۽ نه (اتان نڪرڻ جو) رستو لهن ٿا. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
پوءِ اُهي آهن جو پڪ سان الله انهن کان درگذر ڪندو. ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو الله جي راهه ۾ هجرت ڪندو سو زمين ۾ گهڻيون پناهه جون جايون ۽ ڪشادگي لهندو. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر مان الله ۽ ان جي رسول ڏانهن مهاجر بنجي نڪتو پوءِ ان کي (رستي ۾) موت اچي ويو ته بلاشڪ ان جو اجر الله وٽ ثابت ٿي ويو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن اوهان زمين ۾ سفر ڪيو ته اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جو ڪن نمازن ۾ قصر ڪيو (يعني چار رڪعتن وارا فرض ٻه رڪعتون پڙهو) جيڪڏهن اوهان کي ڊپ آهي ته ڪافر اوهان کي تڪليف ڏيندا. بيشڪ ڪافر اوهان جا کليا دشمن آهن. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي نبي!) جڏهن تون انهن ۾ موجود هجين پوءِ انهن لاءِ نماز (جي جماعت) قائم ڪرين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ (اقتداء ۾) بيهي ۽ اُهي پنهنجا هٿيار به ساڻ کڻن، پوءِ جڏهن اُهي سجدو ڪري وٺن ته (صف مان هٽي) اوهان جي پويان ٿي وڃن ۽ (هاڻي) ٻي جماعت اچي جن (اڃا) نماز نه پڙهي آهي اُهي تو سان گڏ (مقتدي ٿي) بيهن ۽ اُهي حفاظت جا سامان ۽ هٿيار کڻي بيهن. ڪافر چاهن ٿا ته جيڪر اوهان پنهنجي هٿيارن ۽ سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي ڀيرو حملو ڪن. ۽ اوهان تي ڪو گناهه ناهي اگر اوهان تي بارش سببان ڪا تڪليف آهي، يا اوهان بيمار آهيو ته پنهنجا هٿيار لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت جو سامان ساڻ رکو. بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن اوهان نماز ادا ڪري چڪا ته پوءِ الله جو ذڪر ڪيو بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجي پاسن ڀر، پوءِ جڏهن (حالتِ خوف مان نڪري) اطمينان وارا ٿيو ته پوءِ نماز (دستور مطابق) قائم رکو. بيشڪ نماز مؤمنن مٿان مقرر وقتن تي فرض آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ اوهان (دشمن) قوم جي تلاش ۾ هرگز سستي نه ڪيو. اگر اوهان کي (دشمن جي تلاش ۾) تڪليف پهچي ٿي ته انهن کي به ائين ئي تڪليف پهچي ٿي جيئن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي، حالانڪه اوهان الله کان (ثواب جي) اها اميد رکو ٿا جيڪا اُهي نه ٿا رکن. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
بيشڪ اسان (اي نبي!) تو ڏانهن حق سان ڪتاب لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن جي وچ ۾ ائين فيصلو ڪرين جيئن الله تو کي (حق) ڏيکاريو آهي. ۽ تون خيانت ڪندڙ ماڻهن جو حمايتي نه ٿيءُ. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان بخشش طلب ڪر. بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ انهن ماڻهن طرفان جهڳڙو نه ڪر، جيڪي پنهنجي پاڻ سان خيانت ڪري رهيا آهن. بلاشڪ الله ان کي هرگز پسند نه ٿو ڪري جيڪو وڏو دغاباز بدڪار آهي. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
ماڻهن کان ته (پنهنجون حرڪتون) لِڪائي سگھن ٿا ۽ پر الله کان نه لڪائي سگھندا اهو ته (ان مهل به) ساڻن گڏ آهي جڏهن اُهي رات جو لڪي اهڙو مشورو ڪن ٿا جنهن کي الله پسند نه ٿو ڪري. ۽ الله انهن جي عملن کي احاطو ڪندڙ آهي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
هائو ته توهان اُهي آهيو جو دنيا جي زندگي ۾ انهن جي پاران جهڳڙو ڪيو ٿا! پوءِ ڪير آهي جو قيامت واري ڏينهن انهن جي پاران الله سان جهڳڙو ڪندو؟ يا ڪير آهي جو (ان ڏينهن) انهن جو وڪيل ٿيندو. |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو ماڻهو برو ڪم ڪري يا پنهنجي جان تي ظلم ڪري پوءِ الله کان بخشش گهري ته الله کي بخشڻهار ٻاجهارو لهندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو ماڻهو گناهه ڪمائي ٿو ته اهو صرف پنهنجي جان لاءِ ئي (وبال) وِهائي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو ماڻهو ڪابه خطا يا ڪوگناهه ڪري پوءِ ان جي تهمت ڪنهن بي گناهه ماڻهو تي لڳائي ته بيشڪ ان ماڻهو هڪ بهتان ۽ چٽو گناهه (پاڻ تي) کنيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ (اي نبي!) اگر تو تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها ته انهن (دشمنن) مان هڪ ٽولي توکي ڌوکي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هيو. ۽ اُهي ته رڳو پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ تو کي ته ڪنهن شيءِ جو به نقصان ڏئي نه سگهندا. ۽ الله تو تي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ تو کي اهو علم سيکاريائين جيڪو تون نه ڄاڻندو هئين. ۽ تو تي الله جو تمام وڏو فضل آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
انهن جي اڪثر ڳُجھن مَشورن ۾ ڪو خير نه آهي سواءِ ان شخص (جي مشوري) جي جنهن خيرات يا نيڪي جي ڪم يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ۽ جيڪو ماڻهو اهي ڪم الله جي رضا جي تلاش ۾ ڪندو ته جلد اسان ان کي زبردست اجر ڏينداسين. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو ماڻهو رسول جي مخالفت ڪري ان کان پوءِ جو ان تي هدايت جي راهه پڌري ٿي چڪي هجي ۽ مؤمنن جي واٽ جي بجاءِ ڪنهن ٻي راهه جي پيروي ڪري ته اسان به ان کي ان طرف ڦريل رکنداسين جيڏانهن پاڻ ڦريو آهي ۽ ان کي دوزخ ۾ وجهنداسين. ۽ ڏاڍو برو ٽڪاڻو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله (اها ڳالهه) معاف نه ٿو ڪري جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان هيٺ (جيڪو به گناهه) آهي سو جنهن کي چاهي معاف ڪري ڇڏي ٿو. ۽ جيڪو الله سان شرڪ ڪري ٿو ته اهو واقعي ڏورانهين گمراهي ۾ پئجي ويو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
(مشرڪ ماڻهو) الله کان سواءِ نه ٿا سڏن مگر عورتن (ديوِيُن ) کي ۽ نه ٿا پوڄن مگر سرڪش شيطان کي. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
الله ان (شيطان) تي لعنت ڪئي آهي. ۽ ان چيو ته: ”آءُ تنهنجي ٻانهن کان هڪ مقرر ڪيل حصو ضرور وٺندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ انهن کي ضرور گمراهه ڪندس ۽ انهن کي ضرور غلط اميدون ڏياريندس ۽ کين ضرور حڪم ڏيندس ته اُهي جانورن جا ڪن چيريندا ۽ کين ضرور حڪم ڏيندس جو اُهي الله جون بنايل شيون بگاڙيندا“. ۽ (ٻڌي ڇڏيو) جيڪو الله کي ڇڏي شيطان کي دوست بنائيندو ته بلاشڪ اهو چِٽي نقصان ۾ پئجي ويو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
اهو (شيطان) انهن کي ڏٽا ڏئي ٿو ۽ انهن کي سَڌن ۾ وجھي ٿو. ۽ شيطان انهن سان جو به وعدو ڪري ٿو سو فريب ئي آهي. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اُهي ئي آهن جن جي جاءِ جهنم آهي ان کان ڀڄڻ جي ڪا واهه نه لهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سگهو ئي کين باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه هميشه رهندا. (اهو) الله جو سچو وعدو آهي. ۽ الله کان وڌيڪ ڳالهه جو سچو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
(جنت) نه توهان جي سڌن تي آهي نه اهل ڪتاب جي سڌن تي. جيڪو بڇڙو عمل ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي ۽ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ نه ڪوئي حمايتي لهندو نه مددگار لهندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جو ماڻهو چڱا عمل ڪندو مرد هجي يا عورت ان حال ۾ جو اهو مؤمن هجي ته اُهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان تِر جيتري به زيادتي ڪونه ڪئي ويندي. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ ان ماڻهو کان دين ۾ وڌيڪ ڀلو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو! جنهن پنهنجو چهرو الله لاءِ جهڪايو ۽ اهو احسان ڪندڙ آهي ۽ ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيائين جيڪو هر باطل کان جدا هيو. ۽ الله ابراهيم کي دوست بنايو هيو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله هر شيءِ جو (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گھيرو ڪندڙ آهي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
۽ (اي نبي!) تو کان عورتن جي باري ۾ شرعي حڪم پڇن ٿا؟ چؤ ته الله اوهان کي انهن جي باري ۾ (اهوئي گذريل) شرعي حڪم ڏئي ٿو ۽ (اهي احڪام به) جيڪي اوهان کي ڪتاب (قرآن) مان پڙهي ٻڌايا وڃن پيا، ان يتيم عورتن بابت آهن جن کي اوهان اهو (حصو) نه ٿا ڏيو جيڪو انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اوهان انهن سان نڪاح ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ۽ ڪمزور ٻارن بابت (به حڪم ڪري ٿو) ۽ اوهان يتيمن بابت انصاف تي قائم رهو. ۽ اوهان جا به چڱائي ڪندئو ته بلاشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي يا بي رغبتي کان ڊڄي ٿي پوءِ ٻنهين (زال مڙس) تي ڪو گناهه نه آهي جو پاڻ ۾ ڪنهن مناسب ڳالهه تي صلح ڪن. ۽ صلح (بهرحال) ڀلو آهي. ۽ طبيعتن ۾ (ٿوري گهڻي) بخيلي رکائي وئي آهي. ۽ جي اوهان احسان ڪيو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهو ته بيشڪ الله اوهان جي عملن کان با خبر آهي. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ توهان کان ٿي نه سگهندو جو (هڪ کان وڌيڪ) زالن ۾ (پورو پورو) انصاف ڪري سگهو توڙي جو ان جو حرص به رکو. ته پوءِ ائين به نه ٿئي جو هڪ طرف پورا جهڪي وڃو ۽ ٻيءَ کي لڙڪيل شيءِ وانگر ڇڏي ڏيو. ۽ جي اوهان اصلاح ڪيو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪيو ته پوءِ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ اگر ٻئي (زال مڙس) جدا ٿي وڃن ته الله هر هڪ کي پنهنجي سگهه سان آسودو ڪندو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ بيشڪ اسان انهن کي به حڪم ڏنو هيوسين جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو ۽ اوهان کي به حڪم ڏنو آهي ته الله کان ڊڄو. ۽ جي توهان ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بلاشڪ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله وڏو بي نياز ساراهيل آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانو! اگر اُهو چاهي ته توهان کي نابود ڪري ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻين کي آڻي. ۽ الله ان تي طاقت رکڻ وارو آهي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو دنيا جو انعام گهري ٿو ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو انعام آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ! توهان انصاف تي مضبوطي سان قائم رهڻ وارا، الله خاطر شاهدي ڏيڻ وارا بنجي وڃو توڙي جو اها (شاهدي) خود اوهان جي پنهنجو پاڻ تي هجي يا ماءُ پيءُ تي هجي يا ويجهن رشتيدارن خلاف هجي. اگر اها (شاهدي) ڪنهن شاهوڪار يا محتاج جي خلاف هجي الله انهن جو اوهان کان وڌيڪ (خيرخواه) آهي. پوءِ خواهشن جي پيروي ڪندي عدل کان نه هٽي وڃجو ۽ جي اوهان (شاهدي ۾) هير ڦير ڪئي يا مُنهن موڙيو ته پوءِ بيشڪ الله توهان جي عملن کان با خبر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي ايمان وارؤ! ايمان آڻيو (يقين محڪم رکو) الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان ڪتاب تي جيڪو پنهنجي رسول تي نازل ڪيائين ۽ ان ڪتاب تي (به ايمان آڻيو) جيڪو اڳ نازل ڪيائين. ۽ جيڪو ماڻهو الله سان ڪفر ڪندو ۽ ان جي ملائڪن سان ۽ ان جي ڪتابن سان ۽ ان جي رسولن سان ۽ قيامت واري ڏينهن سان ته بلاشڪ اهو ڏورانهين گمراهي ۾ پئجي ويو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو پوءِ ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون پوءِ ڪفر ۾ وڌي ويا ته الله انهن کي اصل معاف نه ڪندو ۽ نه ئي انهن کي (سڌي) واٽ ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
(اي نبي !) منافقن کي خبر ڏي ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جيڪي مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست بنائن ٿا. ڇا اُهي انهن وٽ عزت تلاش ڪن ٿا؟ پوءِ بيشڪ عزت ته سڀ الله لاءِ آهي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ بيشڪ الله اوهان تي ڪتاب ۾ (هي حڪم به) نازل ڪري چڪو آهي ته جڏهن اوهان ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ٺٺول ڪئي پئي وڃي ته انهن سان گڏ نه ويهو ايستائين جو اُهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿين، ورنه ته اوهان به انهن جهڙا ٿي ويندؤ. بلاشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي جهنم ۾ هڪ جاءِ گڏ ڪرڻ وارو آهي. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
اُهي (منافق) جيڪي اوهان جي انجام جي انتظار ۾ آهن پوءِ اگر اوهان لاءِ الله پاران فتح اچي ٿي ته چون ٿا ته ڇا اسان اوهان سان گڏ نه هئاسين؟ ۽ جي ڪافرن کي (فتح مان) حصو ملي وڃي ٿو ته (انهن کي) چون ٿا ته ڇا اسان اوهان تي غالب نه پئجي ويا هئاسين؟ ۽ ڇا اسان اوهان کي مؤمنن کان نه بچايو هيو؟پوءِ الله قيامت واري ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ الله هرگز ڪافرن کي مؤمنن تي (غالب ٿيڻ جي) واٽ نه ڏيندو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ منافق (پنهنجي پَـــرِ ۾ ) الله کي فريب ڏيڻ چاهن ٿا حالانڪه اهو کين سندن دوکي جي سزا ڏئي ٿو ۽ جنهن وقت نماز لاءِ بيهن ٿا ته سستي سان بيهن ٿا، ماڻهن لاءِ ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ الله جو ذڪر نه ٿا ڪن مگر ٿورڙو. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
اُهي (ڪفر ۽ اسلام) جي وچ ۾ لُڏي رهيا آهن نه هِنن (مسلمانن) ڏانهن ۽ نه هُنن (ڪافرن) ڏانهن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان لاءِ تون (هدايت جي) ڪا واٽ ڪونه لهندين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارؤ! مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو. ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنهنجي مٿان الله پاران چِٽو دليل قائم ڪيو؟ |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بيشڪ منافق جهنم جي سڀ کان هيٺين تري ۾ هوندا. ۽ تون انهن لاءِ ڪو مددگار نه ڏسندين. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
مگر (انهن مان) اُهي ماڻهو جن توبه ڪئي ۽ سڌري پيا ۽ الله سان مضبوط تعلق جوڙيائون ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪيائون ته اُهي مؤمنن جي سنگت ۾ هوندا ۽ جلد الله مؤمنن کي زبردست اجر عطا ڪندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
الله اوهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪندو؟ جي اوهان شڪر گذار ٿيو ۽ ايمان آڻيو. ۽ الله قدرشناس ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله کي پسند نه آهي جو ڪو ڪنهن جي بڇڙائي وڏي سڏِ بيان ڪري سواءِ ان جي جنهن سان ظلم ٿيو. (اهو ڀلي ظالم جو ظلم بيان ڪري) ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن ڪا نيڪي ظاهر ڪيو يا ان کي مخفي رکو يا (ڪنهن جي) برائي معاف ڪيو ته بيشڪ الله معاف ڪندڙ وڏي سگهه وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله سان ۽ ان جي رسولن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق پيدا ڪن ۽ (اهو هن طرح جو) چون ٿا ته ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪيون ٿا ۽ چاهن ٿا ته ان (ايمان ۽ ڪفر) جي وچ ۾ ڪا واٽ ڪڍن. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اُهي ئي پڪا ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ اُهي ماڻهو جن الله ۽ ان جي (سڀ) رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جي وچ ۾ (ايمان آڻڻ ۾) فرق ڪونه ڪيائون، اُهي آهن جو جلد الله انهن کي سندن اجورا ڏيندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي نبي!) ڪتاب وارا توکان گھُر ڪن ٿا ته تون انهن تي آسمان مان (مڪمل لکيل ڪتاب) لاهين ته پوءِ بيشڪ انهن موسى کان (ته) ان کان به وڏو سوال ڪيو هيو، جو چيائون ته: ”اسان کي ظاهر ظهور الله ڏيکار“. پوءِ انهن جي ظلم سبب انهن تي کِنوِڻِ اچي ڪڙڪي، وري انهن گابي کي (معبود بنائي) ورتو ان کان پوءِ جو انهن وٽ چِٽيون آيتون اچي چڪيون هيون پوءِ اسان اهو به معاف ڪري ڇڏيو. ۽ اسان موسى کي پڌرو غلبو ڏنو سين. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ اسان انهن کان پڪو عهد وٺڻ لاءِ طُور (جبل) انهن مٿان (کڙو) ڪيوسين ۽ اسان انهن کي چيو ته (ايلياء جي) دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ اسان کين چيو ته ڇنڇر جي ڏينهن (مڇي مارڻ واري منع نامي) ۾ به حد نه اورانگهجو ۽ اسان انهن کان پڪو (پُختو) عهد ورتو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ (جي سزائون کين مليون سي سڀ) سندن معاهدن ٽوڙڻ سبب ۽ سندن الله جي آيتن سان ڪفر ڪرڻ ۽ سندن نبين کي ناحق قتل ڪرڻ (سبب) ۽ سندن هن قول (سبب) ته ”اسان جي دلين تي غلاف چڙهيل آهن“. بلڪه الله سندن ڪفر سبب انهن تي مُهر هنئي پوءِ ٿورن کان سواءِ ايمان نه آڻيندا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ انهن جي ڪفر سبب ۽ مريم مٿان سندن وڏي بهتان مڙهڻ سبب. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ سندن هن قول سبب ته”اسان الله جي رسول مسيح عيسى پٽ مريم کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.“ حالانڪه نه ته انهن کيس قتل ڪيو هيو ۽ نه ئي سوريءَ تي چاڙهيو هيو مگر (ٿيو ائين جو) انهن جي لاءِ (ڪنهن کي عيسى جو) هم شڪل بنايو ويو هيو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جي ان جي باري ۾ اختلاف ڪن ٿا اُهي (سندس قتل جي باري ۾) شڪ ۾ پيل آهن. انهن کي (اصل حقيقت جو) ڪجهه به علم نه آهي مگر گمان جي پيروي ڪن ٿا ۽ انهن پڪ سان کيس (يعني عيسى ) کي قتل نه ڪيو هيو. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪه الله ان کي پاڻ ڏانهن (آسمان طرف) کڻائي ورتو. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ ڪو به ڪتاب وارو اهڙو نه رهندو جيڪو (سندس آسمان تان لهڻ بعد ۽ ) سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻي. ۽ قيامت واري ڏينهن اهو (عيسى) مٿن شاهد هوندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ يهودين جي ظلم سبب اسان انهن تي (ڪي) پاڪ شيون حرام ڪيون جي مٿن حلال ڪيون ويون هيون ۽ انڪري (به) جو اُهي الله جي راهه کان گهڻو روڪيندا هئا. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ انهن جي وياج وٺڻ سبب حالانڪه اُهي ان کان روڪيا ويا هئا ۽ انهن جي ماڻهن جي ناحق مال کائڻ سبب (به کين سزا ملي.) ۽ اسان انهن مان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
مگر انهن مان جيڪي پختي علم وارا ۽ ايمان وارا آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ (ان تي) جيڪو تو کان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ نماز قائم رکندڙ آهن ۽ زڪواة ڏيندڙ آهن ۽ ايمان آڻيندڙ آهن الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي. اُهي ئي آهن جن کي اسان جلد وڏو اجر عطا فرمائينداسين. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
بيشڪ اسان تو ڏانهن وحي ڪئي جيئن اسان نوح ۽ ان کان پوءِ وارن نبين ڏانهن وحي ڪئي هئي. ۽ اسان وحي ڪئي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ (انهن جي) اولاد ۽ عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ انهن رسولن (ڏانهن به وحي ڪئي) جن جا حالات اسان توکي هن کان اڳ ٻڌايا آهن ۽ ڪن رسولن جا حالات اڃا توکي نه ٻڌايا آهن. ۽ الله موسى سان ائين ڪلام ڪيو جيئن ڪلام ڪبو آهي. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
رسولن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي هن لاءِ موڪليو ويو ته جيئن رسولن جي اچڻ بعد ماڻهن وٽ الله جي خلاف ڪا حجت نه رهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله (پاڻ) شاهدي ڏئي ٿو جيڪو تو ڏانهن نازل ڪيائين (ته) ان کي پنهنجي علم سان نازل ڪيائين ۽ ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله جو شاهد هجڻ ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بلاشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان (ٻين کي) روڪيائون بلاشڪ اهي پَراهِين گمراهي ۾ ڀٽڪي ويا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ ظلم ڪيائون الله هرگز (ائين) ناهي جو انهن کي بخشي ڇڏي ۽ نه (ائين آهي جو) انهن کي سڌي راهه جي هدايت ڪري. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
سواءِ جهنم جي رستي جي جنهن ۾ هميشه هميشه رهندا. ۽ اها ڳالهه الله لاءِ آسان آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! تحقيق اوهان جي پالڻهار وٽان اوهان وٽ (هي) رسول حق کڻي آيو آهي پوءِ ايمان آڻيو اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ جي توهان ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بلاشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين ۾ وڌاءُ نه ڪيو ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ڪجهه نه چئو. مسيح عيسى پٽ مريم جو ته صرف الله جو هڪ رسول آهي ۽ ان جو هڪ فرمان آهي، جيڪو مريم طرف موڪليائين ۽ ان جي طرفان روح آهي. پوءِ الله تي ۽ ان جي سڀ رسولن تي ايمان آڻيو. ۽ ائين نه چئو ته (معبود) ٽي آهن. (ان عقيدي کان) رڪجي وڃو ته اهو اوهان ڪاڻ ڀلو آهي. صرف الله ئي اڪيلو معبود آهي. اُهو هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو کيس اولاد هجي. اهو (سڀ ڪجهه) سندس ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ الله جو ڪارساز هجڻ ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
مسيح (عيسى) کي هرگز عار نه آهي ته اُهو الله جو بندو هجي ۽ نه ئي مقرب فرشتن کي (الله جي بندگي کان عار آهي.) ۽ جيڪو سندس بندگي کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو ته پوءِ جلد (الله) انهن سڀني کي پاڻ وٽ گڏ ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪندا رهيا ته پوءِ انهن کي پورا پورا اجورا ڏيندو ۽ انهن کي (اڃا به) پنهنجي فضل سان وڌائيندو ۽ اُهي ماڻهو جن (الله جي بندگي کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪيائون ته پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ اُهي الله کان سواءِ پنهنجي لاءِ نه ڪو دوست لهندا ۽ نه مددگار. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان هڪ مضبوط دليل آيو آهي ۽ اسان اوهان ڏانهن چِٽو نور نازل ڪيو آهي. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ اُهي ماڻهو جن الله تي ايمان آندو ۽ ان سان مضبوطي سان چنبڙي پيا ته پوءِ جلد (الله) انهن کي پنهنجي رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پنهنجي طرف سڌي واٽ ڏيکاريندو. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي) تو کان شرعي حڪم پڇن ٿا؟چؤ ته الله اوهان کي ڪلاله جي (ترڪي) جي باري ۾ فتوى ڏئي ٿو ته اگر ڪو مرد مري ويو جنهن کي ڪو اولاد نه آهي پر ان کي هڪ (سَڳِي يا پيئيتي) ڀيڻ آهي ته جيڪي ڇڏيائين ان جو اڌ ان (ڀيڻ) لاءِ آهي ۽ (ان جي ابتڙ ڀيڻ ڪلاله هجي ته ان جي مرڻ بعد ان جو سڳو يا پيئيتو) ڀاءُ ان جو (مڪمل) وارث ٿيندو. اگر ان کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي (ڪلاله ڀاءُ جي موت تي) ٻه ڀيڻون (وارث) هجن ته انهن لاءِ ٻه ٽهايون آهن جيڪو ان ڇڏيو. ۽ جيڪڏهن (ڪلاله جا) چند ڀاءُ ڀيڻ مرد ۽ عورتون (وارث) آهن ته پوءِ هڪ مرد لاءِ ٻن عورتن جي حصي برابر ٿيندو. (هي حڪم) الله اوهان لاءِ کولي کولي بيان ڪيا آهن ته جيئن توهان گمراهه نه ٿيو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي. |