يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
(اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو سندس حڪمن ۽ قانونن جي تعميل ڪيو ورنه تباه ٿيندؤ، انهيءَ پروردگار کان ڊڄو) جنهن توهان کي هڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي سندس جوڙو (يعني عورت) پيدا ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (هڪ نفس مان قبيلا، قومون، شهر ۽ ملڪ ٿي ويا ۽ مائٽي جو وڏو حلقو ٺهيو) پوءِ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي ۾ هڪٻئي کان (پيار ۽ ڳانڍاپي جي) طلب ڪيو ٿا ۽ پڻ مائٽيءَ جي معاملن ۾ (خصوصاً عورتن جي معاملن ۾) خبرداري رکجو. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان تي ۽ (اوهان جي عملن تي هر وقت) نظر رکيون ويٺو آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن جو مال (ايمانداريءَ سان) سندن حوالي ڪيو (جڏهن هو وڏا ٿين). ائين نه ڪيو جو هنن جي ڪنهن چڱي شيءِ جي بدران پنهنجي ڪا ردي شي هنن کي ڏيو ۽ هنن جو مال پنهنجي مال سان ملائي کائي ڇڏيو. يقيناً ائين ڪرڻ (يتيمن جو مال هضم ڪرڻ) تمام وڏي گناهه جي ڳالهه آهي. (اڄ ڪلهه وڏا ڀائر يا چاچا گڏيل ملڪيت مان پاڻ لاءِ وڏا وڏا خرچ ڪن ٿا، حالانڪ صغيرن جي ملڪيت مان رڳو هڪ پئسو خيرات ڏيڻ به جائز ناهي.) |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته يتيم ڇوڪرين سان (نڪاح ڪري) انهن سان انصاف نه ڪري سگهندؤ (ته انهن سان نڪاح نه ڪيو بلڪه ٻين) عورتن مان جي پسند اچن تن سان نڪاح ڪيو، ٻن يا ٽن يا چئن سان (بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهو، يعني سڀني کي سڀ حق هڪ جهڙائي ڏئي سگهو ۽ سڀني سان هڪ جهڙي هلت ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ فقط هڪ سان نڪاح ڪيو يا انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي هٿ ۾ آيون آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ بهتر آهي (ان کان جو يتيم ڇوڪرين سان نڪاح ڪري انهن جي حقن متعلق الله وٽ ڏوهاري ٿيو). |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
عورتن کي مهر دل جي خوشيءَ سان چيئي ڇڏيو (اگرچه اهي يتيم ۽ لاواث هجن) پر جيڪڏهن هو پاڻ خوشيءَ سان ڪجهه ڇڏي ڏين (نه وٺن) ته پوءَ ڀلي مزي سان ان کي پنهنجي ڪم آڻيو. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) (يعني ننڍي عمر وارن نادان ڇوڪرن جي حوالي نه ڪيو) مگر هيئن ڪيو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پيئاريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجهايو (تعليم ۽ تربيت ڏيو). |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين ڪه هو نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ سڌارو ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ متان وڏا اجايا خرچ ڪري جلد جلد انهن جو مال کائي کپائي ڇڏيو، انهيءَ خيال کان ته وڏا ٿيندا ( ته مال موٽائي وٺندا. اوهان سنڀاليندڙن مان) جيڪو غني يعني آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته (هنن جي مال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به خرچ ڪرڻ کان) پرهيز ڪري، پر جيڪو مسڪين محتاج هجي سو ان مان ڪجهه پاڻ لاءٌ ڪم آڻي، پر انصاف سان مناسب حدن اندر. پوءِ جڏهن هنن جو مال سندن حوالي ڪيو تڏهن ان تي ماڻهن کي شاهد ڪيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ چڱيءَ طرح پورو حساب وٺندڙ آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾، ٿوري هجي توڙي گهڻي، ڇوڪرن جو حصو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ترڪي ۾ ڇوڪرين جو به حصو آهي ۽ اهو حصو (خدا جو) ٺهرايل حصو آهي. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن ترڪي جو مال ورهائڻ وقت ٻيا ڪي مائٽ (جن کي ورثي ۾ ڪجهه به ملڻو ناهي) ۽ (خاندان جا) ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن ته انهن کي به (مال جي گهڻائي يا ٿورائي تي نظر رکي) ڪجهه ٿورو گهڻو ڏيو ۽ (جيڪڏهن راضي نه ٿين ته) هنن کي چڱن وڻندڙ لفظن سان سمجهائي خوش ڪيو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ ترڪو ورهائيندڙن کي ڊڄڻ گهرجي (ته متان ڪنهن حقدار سان بي انصافي ٿئي) جيڪڏهن هو پاڻ ضعيف اولاد ڇڏي وڃن ته کين انهن بنسبت ڪيڏو نه انديشو رهي. (ساڳيءَ طرح ٻين جي اولاد لاءِ به خيال رکن) تنهن ڪري کين گهرجي ته خد کان ڊڄن ۽ اهڙا لفظ زبان مان ڪڍن جي مناسبت ۽ وزندار هجن. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
جيڪي ماڻهو بي انصافيءَ سان يتيمن جو مال هڙپ ڪري ٿا وڃن سي (ياد رکن) ته هو پنهنجي پيٽن ۾ باه جا ٽانڊا وجهي رهيا آهن ۽ جلد ئي هو دوزخ جي سخت ڄڀي ڪندڙ باه ۾ اڇلايا ويندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
توهان جي اولاد جي باري ۾ الله تعاليٰ اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ڇوڪر لاءِ ٻن ڇوڪرين جي برابر حصو هجي (يعني ڇوڪر جو حصو ڇوڪريءَ جي حصي کان ٻيڻو هئڻ گهرجي) پر جيڪڏهن (ڇوڪر نه هجي) ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن ته انهن جو حصو ٿيندو 3/2 يعني ٽن مان ٻه حصا ۽ فقط هڪ ڇوڪري هجي ته هن کي ترڪي جو اڌ ملندو. ۽ ميت جي ماءُ پيءُ مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو. جيڪڏهن ميت اولاد ڇڏيو هجي. جيڪڏهن اولاد نه ڇڏيو هجيس ۽ وارث فقط ماءُ پيءُ هجن ته ماءِ کي ٽيون حصو ملندو (باقي پيءُ کي). جيڪڏهن (ماءُ پيءِ جي علاوه) ميت هڪ کان وڌيڪ ڀائر يا ڀينر ڇڏي وڃي ته ماءُ جو حصو ڇهون ٿيندو، پر ياد رڪڻ هرجي ته ميت جيڪا وصيت ڪئي هجي يا جيڪو قرض مٿس رهجي ويو هجي (۽ ڪفن دفن جو خرچ) انهن سڀني جي ڏيڻ بعد اهي حصا وارثن کي ورهائي ڏجن. توهان کي خبر ناهي ته توهان جا ماءُ پيءُ (ڏاڏو ڏاڏاي) نفع پهچائڻ جي لحاظ کان توهان کي وڌيڪ ويجها آهن يا توهان جو اولاد (۽ پوٽا پوٽيون) وڌيڪ ويجها آهن. (ڪنهن جو حق وڌيڪ آهي، ڪنهن جوگهٽ، الله جي حڪمت ئي ان جو فيصلو ڪري ٿي سگهي، تنهن ڪري) الله تعاليٰ حصا مقرر ڪيا آهن ۽ هو (پنهنجي بندن جي مصلحتن کي) ڄاڻڻ وارو ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
جيڪڏهن زال ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه هجيس ته مڙس کي ملندو اڌ. پر جيڪڏهن اولاد ڇڏي وڃي ته مڙس کي چوٿين پتي ملندي، پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد باقي ملڪيت مان ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن مڙس ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه ڇڏي ته زال کي ملندي چوٿين پتي، پر جيڪڏهن اواد هجيس ته اٺين پتي ملندس. اهو ورهاڱو (بلڪ سڀ ڪو ورهاڱو) وصيت جي تعميل ۽ قرض لاهڻ بعد ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ترڪو ڇڏي وڃي ۽ ڪلاله هجي (يعني نڪي پيءِ ماءُ، ڏاڏو ڏاڏاي، نانو ناني هجيس، نڪي اولاد يا اولاد جو اولاد هجيس) ۽ (مائيتو) ڀاءُ يا ڀيڻ هجيس ته کيس ڇهون حصو ملندو، پر جيڪڏهن (ڀائر ۽ ڀينر) هڪ کان وڌيڪ هجن ته اهي ٽيون حصو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. (باقي ٻه حصا ٻين ڏي ويندا سڳا ڀائر ڀينر يا ساڳئي پيءُ جا اولاد موجود هوندا ته مائيتي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪجهه نه ملندو) پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد ڪرڻو آهي، بشرطيڪ حقدارن کي نامناسب طور نقصان نه پهچي. هي الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي (ته سندس بندن جي چڱائي ڇا ۾ آهي) ۽ (انهن جي غلطين جي باري ۾) ڏاڍو بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
(ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جون (ٺهرايل) حدون آهن. پوءِ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن (جنت) ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن هو انهيءَ (نعمتن واري حالت) ۾ هميشه رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
پر جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ سندس ٺهرايل حدن کان ٻاهر ٿو وڃي تنهن کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو ۽ هميشه ان حالت ۾ رهندو ۽ هن جي لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب هوندو. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
جيڪي عورتون فاحش ڪم ڪن تن بنسبت پنهنجي ماڻهن مان مٿن چئن جي شاهدي وٺو. جيڪڏهن (چار شاهد) شاهدي ڏين ته پوءِ اهڙين عورتن کي گهرن ۾ بند رکو، جيستائين مٿن موت اچي وڃي يا الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪا ٻي راهه پيدا ڪري. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ جيڪي ٻه توهان مان بدچالي جو گناه ڪن تن کي ايتري مار ڏيو جو ايذاءُ اچين، پوءِ جيڪڏهن هو ٻئي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته هنن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله تعاليٰ توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
الله تعاليٰ فقط انهن جي توبهه قبول ٿو ڪري جي ڪو برائي جو ڪم نادني ۽ بي خبريءَ ۾ ڪري ٿا ويهن ۽ پوءِ هڪدم (پشيمان ٿي ارمان ڪن ٿا ۽) توبهه ڪن ٿا، بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن ڏانهن الله تعاليٰ (پنهنجي رحمت سان) موٽي ٿو ُ يقيناً هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
پر انهن ماڻهن جي توبهه (سچي توبهه) ناهي جي سڄي عمر بڇڙايون ڪندا رهن جيستائين انهن مان ڪنهن جي مٿان موت اچي بيهي ۽ پوءِ چوي ته هاڻي مون توبهه ڪئي. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي توبهه به ڪم جي ناهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. انهن سڀني ماڻهن لاءِ (عيني گناه ڪندڙ مسلمانن توڙي ڪافرن لاءِ) اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
مومنؤ! توهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز ناهي ته عورتن کي (فوتيءَ جي) ميراث سمجهي (فوتيءَ جي مال سان گڏ) انهن تي زور سان قبضو ڪيو. نڪي اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي جو جيڪو (مهر يا مال متاع) انهن کي ڏنو هجيو ان مان ڪجهه کانئن وٺڻ لاءِ مٿن سختي ڪيو ۽ انهن کي روڪي وهاريو. سواءِ ان حالت جي جڏهن هو ظاهر ظهور فاحش ڪم ڪندڙ هجن ۽ هنن سان گڏ گذارڻ ۾ انصاف ۽ مهرباني جي هلت ڪيو، پر جيڪڏهن توهان کي هو ناپسند هجن (ته بگڙجي نه وڃو) ممڪن آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه کي ناپسند ٿا ڪريو، پر الله تعاليٰ ان ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي رکي هجي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو ته هڪڙيءَ زال کي ڇڏي ٻي آڻيو ۽ جيڪڏهن پهرئين زال کي سون ۽ چاندي جو ڍير (مهر ۾) ڏنو هجيو تڏهن به ائين ڪرڻ نه گهرجي جو هن کان ان مان ڪجهه واپس وٺو، ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ ظاهر ظهور ظلم ڪري مال کسي وٺندؤ؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ ڪيئن مال کسي وٺندؤ، جڏهن ته زال مڙس ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان جي زالن نڪاح جي وقت (پنهنجي حقن جو) عهد اقرار اوهان کان وٺي ڇڏيو آهي. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ انهن عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ نه آڻيو جن کي توهان جي والد نڪاح ۾ آندو هو (عرب اڳي ائين ڪندا هئا) هن کان اڳي جو ڪجهه ٿي چڪو سو ٿي چڪو. (ائنده لاءِ ياد رکو ته) اهو وڏو فاحش ڪم هو، نفرت جهڙو ڪم هو ۽ ڪنو بڇڙو دستور هو. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ اوهان لاءِ حرام ٺهرايو ويو آهي، اوهان جون مائر، اوهان جون ڌيئر، اوهان جون ڀينر، اوهان جون پڦيون، اوهان جون ماسيون، اوهان جون ڀائٽيون، اوهان جون ڀاڻيجيون، اوهان کي ٿڃ پيارڻ واريون مائون، ٿڃ واريون ڀينر، توهان جي زالن جون مائر، توهان جي زالن جي اڳين مڙسن جون ڌيئر جي توهان جي سنڀال هيٺ آيون آهن، جيڪڏهن توهان پنهنجي زالن سان همبستر ٿي چڪا آهيو، پر جيڪڏهن (نڪاح جو عقد ٻڌل آهي پر) زالن سان اڃا همسبتر نه ٿيا آهيو، پوءِ (انهن کي طلاق ڏيئي) انهن جي ڌيئرن کي نڪاح ۾ آڻيو ته اوهان تي گناه ڪونهي، توهان جي حقيقي پٽن جون زالون (به اوهان کي حرام آهن) ۽ (پڻ هي ڳالهه به حرام ڪيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾) ٻن ڀينرن کي نڪاح ۾ آڻيو. (هن حڪم جي نازل ٿيڻ کان) اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ اهي عورتون به (اوهان تي حرام آهن) جيڪي ٻين جي نڪاح ۾ هجن سواءِ انهن جي جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي قبضي ۾ آيون هجن (ڇو ته انهن جي اڳئين نڪاح متعلق تحقيقات ڪري نه ٿي سگهجي). هي الله جي طرف کان توهان جي لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو آهي، جن عورتن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو تن کي ڇڏي ٻيون سڀ عورتون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن. بشرطيڪ پاڪدامن رهڻ لاءِ نه شهوت پرستيءَ لاءِ. مهر وغيره ڏيئي (انهن سان نڪاح ڪيو) پوءِ جن عورتن سان توهان نڪاح جو فائدو ورتو آهي تن کي مقرر ڪيل مهر ڏئي ڇڏيو. ۽ مهر مقرر ڪرڻ بعد جيڪڏهن هڪٻئي جي رضامندي سان ڪا ڳالهه ٺهرايو (يعني زال مهر مان ڪجهه معاف ڪري ڇڏي) ته پوءِ ائين ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ توهان تي ڏوهه ڪونه رکيو ويندو. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي اها طاقت نه هجي جو آزاد مؤمن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) توهان جي قبضي ۾ آيون هجن ۽ مؤمن هجن. (غلام عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب يا گهٽتائي ڪانهي. اصل ڳالهه آهي ايمان) سو الله تعاليٰ اوهان جي ايمان جي حقيقت بهتر ڄاڻندڙ آهي (ممڪن آهي ته هڪ مؤمن ٻانهي ايمان جي لحاظ کان بهتر درجو رکندڙ هجي، هڪ شريف زادي کان جا ايماني خصلتن کان محروم هجي) ۽ توهان سڀ هڪٻئي سان هڪ جنس آهيو. (ٻانها ۽ ٻانهيون به ٻين وانگر انسان آهن) پوءِ ڀلي اهڙين غلام عورتن کي انهن جي مالڪن جي اجازت سان پنهنجي نڪاح ۾ آڻيو ۽ دستور موجب انهن کي مهر ڏيو.هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته اهي (ٻانهيون) نڪاح جي قيد اندر پاڪ دامن ٿي رهن، بدڪار نه ٿين نه ڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪندڙ هجن. پوءِ جيڪڏهن نڪاح ۾ اچڻ بعد انهن مان ڪا فاحش ڪم ڪري ته هن لاءِ انهيءَ سزا جو اڌ آهي جا آزاد عورتن لاءِ مقرر آهي. هي حڪم انهن ماڻهن لاءِ آهي جن کي انديشو هجي ته (نڪاح نه ڪرڻ جي ڪري) نقصان يا گناهن ۾ پئجي ويندا. ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (۽ بهتر حالتن لاءِ ترسو) ته توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله تعاليٰ چاهي ٿو ته توهان کي انهن (ڪامياب) ماڻهن جا طريقا چٽا ڪري ٻڌائي جي اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ انهن جي طريقن تي توهان کي به هلائي ۽ پڻ اوهان ڏانهن پنهنجي رحمت سان موٽي ۽ الله تعاليٰ (توهان جي مصلحتن جو) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله تعاليٰ ته چاهي ٿو ته توهان ڏانهن (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪري (۽ توهان انهن گناهن کان تائب ٿيو جن ۾ گرفتار هئو) پر جيڪي ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پوئتون لڳي پيا آهن، سي چاهين ٿا ته توهان حق جي راه کان هٽي تمام پري هليا وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (سختين ۽ رڪاوٽن جي بدران) اوهان جي لاءِ هلڪائي ۽ آساني ڪئي وڃي، ڇو ته (هي حقيقت آهي ته) انسان (طبيعت ۾) ڪمزور خلقيو ويو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
مومنؤ! هڪٻئي جو مال پاڻ ۾ ناحق (ناجائز طور بيهودين ڳالهين ۾) نه کائي کپائي ڇڏيو، پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪٻئي جي رضامنديءَ سان (مناسب طور) کائي سگهو ٿا. متان پنهنجي جانين کي برباد ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪندڙ آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو دشمني ۽ ظلم سان ائين ڪندو تنهن کي اسان جلد دوزخ جي باهه ۾ وجهنداسين ۽ الله جي واسطي اها ڳالهه بلڪل سولي آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ جن ڪبيرن گناهن کان توهان کي منع ڪئي ويئي آهي تن کان جيڪڏهن توهان پاڻ کي بچائيندؤ ته (اسان جي فضل ۽ رحمت جو قانون هي آهي ته) اسان توهان جي ننڍين اوڻاين ۽ غلطين جا اثر توهان مان ميساري ڇڏينداسين ۽ توهان کي عزت (۽ نيڪيءَ) جي درجي تي پهچائينداسين. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
الله تعاليٰ توهان مان ڪن کي وڌيڪ رزق (۽ ٻيو ڪجهه) ڏنو آهي. پوءِ ان بابت ريس يا لالچ يا حسد نه رکو (خصوصاً جيئن) مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (تيئن) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي. (هڪٻئي سان ريس ۽ ساڙ نه ڪيو، نڪي هڪٻئي ۾ لالچ رکو بلڪه) خدا کان سندس فضل ۽ نعمتون گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو علم رکندڙ آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ (ڏسو) جيڪو ترڪو ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي وڃن تنهن ۾ هرهڪ جي لاءِ اسان حقدار وارث ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ پڻ جن عورتن سان توهان جو عهد اقرار(نڪاح) ٿيل آهي، (تن جو به اسان حصو ٺهرائي ڇڏيو آهي) تنهن ڪري انهن جو حصو انهن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر ناظر آهي (۽ کانئس ڪابه شيء لڪل ناهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد عورتن (جي گذران ۽ حفاظت) لاءِ بندوبست ڪرڻ وارا آهن، هن ڪري جو الله تعاليٰ ڪن کي ڪن کان (ڪن ڳالهين ۾ مثلاً طاقت ۾) بهتر ڪيو آهي ۽ پڻ هن ڪري جو مرد پنهنجو مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ جيڪي عورتون نيڪ آهن، سي (الله جون) فرمانبردار رهن ٿيون ۽ جيئن الله تعاليٰ کين حفاظت ۾ رکيو آهي، تيئن پاڻ به (ظاهر توڙي باطن ۾) غيب ۾ به (خدائي قانونن جي) حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. ۽ جن زالن کان توهان کي بغاوت جو انديشو هجي تن کي (پهريائين نرمي ۽ محبت سان) سمجهايو پوءِ کين خوابگاه ۾ پاڻ کان الڳ رکو (پوءِ به نه مڃن ۽کين (ڪجهه قدر) بدني سزا به ڏيو. پوءِ جيڪڏهن توهان جو چوڻ مڃن ته (سختي بند ڪيو) ۽ ائين نه ڪيو جو (مٿن الزام رکڻ لاءِ) واٽون ۽ حيلا بهانا ڳوليو. ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن اوهان کي انديشو ٿئي ته زال مڙس پاڻ ۾ ڦٽي پوندا ته پوءِ هڪڙو امين مڙس جي مائٽن مان ۽ هڪڙو امين زال جي مائٽن مان مقرر ڪيو جيڪڏهن ٻئي امين (دل سان) چاهيندا ته صلح ڪرائي ڇڏيون ته الله تعاليٰ ضرور زال مڙس جي وچ ۾ موافقت پيدا ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ (خبردار) الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ ڪنهن به شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪيو ۽ اوهان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ سان، مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان، پاڙيسرين سان، اهي پاڙيسري مائٽ هجن توڙي ڌاريا هجن، (مسافريءَ ۾ يا هونئن) ۽ ڀرسان ويٺل سنگتين سان، مسافرن سان ۽ انهن سان جي توهان جي قبضي يا زيردستيءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان احسان (خير خواهي ۽ مددگاري) ڪندا رهو. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي آڪڙيل ۽ ٻٽاڪي آهن. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
جيڪي پاڻ به ڪنجوسائي ٿا .ڪن ۽ ٻين کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين ۽ جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين ڏنو آهي سو لڪائي ٿا رکن (ياد رکو) ته انهن بي شڪري ڪندڙن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ (انهن ماڻهن کي به الله تعاليٰ پسند نٿو ڪري) جيڪي رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ (نالي ماتر ناموس لاءِ) مال خرچ ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ڪونه ٿا رکن. (الله تي ايمان هجين ته ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال ڇو لٽائين). سو جنهن جو سنگتي شيطان آهي تنهن جو اهو ساٿي ڪهڙو نه خراب آهي. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ انهن ماڻهن کي ڪهڙو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ها ۽ جيڪي خدا هنن کي ڏنو آهي ان کي (سندس راهه ۾) خرچ ڪن ها؟ الله تعاليٰ سندن حالت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
يقيناً الله تعاليٰ (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) هڪ ذرو به ڪنهن تي ظلم نٿو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن هڪ رتيءَ جيتري به نيڪي ڪئي آهي ته الله تعاليٰ ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ وڌيڪ پنهنجي طرفان اهڙو بدلو به ڏيندو جو تمام وڏو بدلو هوندو. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
۽ پوءِ (اي پيغمبر!) ڪهڙو حال ٿيندو انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جڏهن اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد ڪنداسين (يعني ان امت جي پيغمبر کي آڻينداسين جيڪو پنهنجي امت جي عملن بابت شاهدي ڏيندو) ۽ اسان توکي هنن ماڻهن جي مٿان شاهدي ڏيڻ لاءِ آڻينداسين. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ (الله جي) رسول جي حڪمن جي نافرماني ڪن ٿا سي(ارمان ۽ پشيمانيءَ ۾) خواهش ڪندا ته مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃن، پر (ائين ٿي ڪين سگهندو) هو انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ کان ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
مومنؤ! نشي جي حالت ۾ نماز جو ارادو نه ڪيو. (تڏهن نماز پڙهو جڏهن) جيڪي زبان سان (نماز ۾) چئو، سو چڱيءَ طرح سمجهو ۽ جنهن کي تڙ پيل هجي سو به جيستائين غسل نه ڪري تيستائين نماز جو ارادو نه ڪري. واٽ ويندڙ مسافر هجي ۽ پاڻي نه مليس ته تيمم ڪري) نماز پڙهي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پائخانه مان فارغ ٿي نڪري يا توهان عورت سان همبستر ٿيا هجو ۽ (وضو ۽ غسل جي لاءِ) پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين کان ڪم وٺو (زمين تي هٿ لڳائي) منهن ۽ هٿن جي مٿان گهمايو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا توهان انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو؟ ڪيئن هو (هدايت وڪڻي) گمراهي خريد ڪري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته توهان به سڌي راهه ڇڏي گمراه ٿي وڃو. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله تعاليٰ اوهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (توهان جي لاءِ) الله جي دوستي ۽ مددگاري ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
(اي پيغمبر!) يهودين مان ڪي اهڙا آهن جيڪي لفظن کي انهن جي اصلي جاءِ تان ڦيرائي ڇڏين ٿا ۽ (جڏهن توهان سان ملن ٿا تڏهن) حق جي دين تي طعنه زني ۽ بدنامي ڪرڻ جي خيال سان زبان کي وٽ ڏيئي لفظن کي بگاڙي ڇڏين ٿا. (مثلاً) چون ٿا سَمِعنا وَ عَصَينا ۽ اِسمَع غير مُسمَع ۽ راعنا. جيڪڏهن اهي ماڻهو (شرارت ڇڏي) سمعنا و اطينا ۽ اسمع ۽ انُظُرنا چون ها ته هنن لاءِ چڱو ٿئي ها ۽ صحيح حقيقت کي پهچن ها. پر سندن ڪفر سببان مٿن الله تعاليٰ جي لعنت پئجي ويئي، سو ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ ايمان کان محروم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي اهل ڪتاب جيڪو ڪتاب اسان (حضرت محمدﷺ تي) نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ٿو ڪري جيڪو توهان وٽ موجود آهي، ان تي ايمان آڻيو. انهيءَ وقت کان اڳي (ايمان آڻيو) جڏهن اسان ماڻهن جي چهري جي شڪل مٽائي پٺيءَ جي پاسي ڦيرائي ڇڏينداسين (يعني کين ذليل ۽ خوار ڪنداسين) يا مٿن اهڙي لعنت وجهنداسين جهڙي سبت وارن تي وڌي هئي سين ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جيڪو فيـصلو ڪري ڇڏيو آهي اهو ضرور ائين عمل ۾ ايندو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
الله تعاليٰ هي ڳالهه هرگز نه بخشيندو ته ساڻس ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ ڪيو وڃي. (جيئن يهودي ۽ نصاري پوپ، پادرين ۽ راهبن جي فرمانبرداريءَ ۾ هر حڪم جي تعميل ڪندا هئا ۽ کين خدا سان شريڪ ڪندا هئا). پر ان کان سواءِ ٻيا گناه جيڪڏهن چاهي ته بخشي ڇڏي. جيڪو الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو، اهو وڏو گناه ڪري ٿو ۽ خدا تي جڙتو ڪوڙ هڻي ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
(اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ تي وڏو فخر ڪن ٿا (اهل ڪتاب چون ٿا ته آخرت جو ڇوٽڪارو فقط اسان جي لاءِ آهي، حالانڪ پاڪائي جو مدار نيڪ عملن تي آهي نه يهودي يا عيسائي سڏائڻ تي) هي الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي چاهي تنهن کي (براين کان) پاڪ ڪري ۽ هو (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) تر جيتري به ڪنهن سان بي انصافي نٿو ڪري. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏس ته هي ماڻهو ڪيئن نه الله تعاليٰ تي ظاهر ظهور ڪوڙو بهتان هڻن ٿا (ته پاڪائي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار يهودين جي جماعت ۾ اچڻ تي آهي.) هنن جي ظاهر ظهور گنهگار هِئڻ لاءِ هيءَ هڪ ئي ڳالهه ڪافي ثابتي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
(اي پيغمبر!) ڇا تون انهن ماڻهن جو حال نٿو ڏسين جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو. (ڪيئن نه) هو بتن ۽ شيطاني قوتن جا معتقد ٿي ويا آهن ۽ ڪافرن (بت پرست عربن) جي باري ۾ چون ٿا ته اهي (بت پرست) هنن مؤمنن کان زياده سڌيءَ واٽ تي هلندڙ آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
(يقين ڪيو ته) اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله جي لعنت پئي ۽ جنهن تي به الله جي لعنت پئي تنهن لاءِ ڪوبه مددگار نه ڏسندؤ. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا انهن جي قبضي ۾ طاقت ۽ بادشاهيءَ جو ڪجهه حصو اچي ويو آهي؟ جو هاڻي چاهين ٿا ته ماڻهن کي ڪوڏي به نه ڏيون. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
يا وري الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان ماڻهن کي جيڪي عطا ڪيو آهي تنهن تي هنن کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟ (هو نٿا چاهين ته جنهن نعمت يعني هدايت کان پاڻ محروم ٿي چڪا آهن، سا نعمت ٻين کي ملي) جي ائين آهي ته (هنن کي هن ڳالهه کان بي خبر نه هئڻ گهرجي ته) اسان حضرت ابراهيم جي خاندان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏني هئي ۽ ان سان گڏ وڏي سلطنت به ڏني هئي. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ انهن مان ڪن ان ڳالهه تي ايمان آندو ۽ ڪن ان کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ (جنهن منهن موڙيو تنهن جي لاءِ) دوزخ جي ساڙيندڙ باهه ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
(ياد رکي ته) جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو (يعني انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ شرارتن سان مقابلو ڪيو) تن کي اسان جلد (قيامت جي ڏينهن) دوزخ جي باهه ۾ ڌڪي وجهنداسين. جڏهن جڏهن هنن جي هڪڙي کل سڙي ويندي تڏهن ان جي بدران ٻي کل پيدا ڪنداسين، انهيءَ لاءِ ته عذاب جو مزو چڱيءَ طرح چکي وٺن. بيشڪ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي (۽ جيڪي ڪري ٿو سو) حڪمت سان ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جيڪي ماڻهو (اسان جي آيتن تي( ايمان آڻين ٿا ۽ ڪم به چڱا ڪن ٿا تن کي (خوشين جي) اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون. اهي انهن باغن ۾ هميشه رهندا. انهن ۾ سندن سنگت لاءِ پاڪ زالون هونديون ۽ پڻ اسان کين (پنهنجي رحمت جي) وڏي ۽ چڱيءَ ڇانو ۾ رهائينداسين. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
مومنؤ! خدا توهان کي حڪم ٿو ڪري ته جيڪا جنهن جي امانت هجي سا ان جي حوالي ڪندا ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪريو تڏهن عدل ۽ انصاف سان فيصلا ڪريو. خدا توهان کي ڪهڙي نه چڱي نصيحت ٿو ڏئي، بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
مومنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو، الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (انهن ماڻهن جي فرمانبرداري ڪيو) جيڪي اوهان ۾ حاڪم ۽ اختيار رکندڙ هجن، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اختلاف ۽ جهڳڙو ڪيو ته الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو (۽ جيڪو فيصلو اتان ملي ان کي قبول ڪري ان جي تعميل ڪريو) جيڪڏهن توهان سچ پچ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو (ته ضرور ائين ڪيو) انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي ۽ ( ان جي پڇاڙي چڱي آهي) ۽ ان مان نتيجو تمام سهڻو نڪري ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
۽ (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن (منافقن) جي حالت تي نظر نه ڪئي ڇا، جن جي دعويٰ هيءَ آهي ته جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳي نازل ٿيو آهي تنهن تي هو ايمان رکن ٿا پر (سندن عملن جو حال هي آهي جو) هو چاهين ٿا ته پنهنجا تڪرار ۽ معاملا هڪ شرير ۽ سرڪش (انسان) وٽ (فيصلي لاءِ) کڻي وڃن. اگرچه هنن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته هن (شيطان) کان انڪار ڪن (۽ فقط الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪن) حقيقت هي آهي ته شيطان چاهي ٿو ته هنن کي اهڙو گمراه ڪري جو سنئين راهه کان بلڪل پري وڃي پون. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ (اي پيغمبر!) جڏهن انهن ماڻهن کي الله جي حڪم جي طرف جو هن نازل ڪيو آهي ۽ رسول جي طرف (جنهن جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي) سڏيو وڃي ٿو تڏهن تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا (۽ هنن جا قدم رڪجي وڃن ٿا.) |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ جيڪڏهن سندن ئي بدعملن سبب هنن تي ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ته ان وقت انهن ماڻهن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ انهيءَ وقت هو تو وٽ اچي خدا جو قسم کڻندا ۽ چوندا ته (اسان کي تنهنجي فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪونهي) اسان جيڪي ڪيو تنهن جو مقصد فقط چڱائي هو ۽ هي به مقصد هو ته پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ميلاپ قائم ٿئي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
(اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن بابت الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سندن دلين ۾ ڇا لڪل آهي، تنهن ڪري توکي گهرجي ته هنن جي (شرارتن کان) پاسو ڪر ۽ کين نصيحت ڪندو رهه ۽ انهن کي سمجهاڻيءَ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ٻڌاءِ جو هنن جي دلين تي چڱو اثر پوي. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
۽ (اي پيغمبر! نه رڳو توکي پر) جنهن کي به اسان دنيا ۾ رسول ڪري موڪليو، سو هن لاءِ ته اسان جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن هنن ماڻهن (تنهنجي نافرماني ڪري) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو ۽ نقصان پهچايو تڏهن جيڪر تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ۽ پڻ خدا جو رسول هنن جي معافيءَ لاءِ خدا کان دعا گهري ها ته هي ماڻهو ڏسن ها ته خدا بيشڪ توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
(اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار هن ڳالهه تي شاهد آهي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن ٿي نه سگهندا جيستائين ڪه توکي پنهنجن جهيڙن ۽ معاملن ۾ حاڪم ۽ منصف ڪن (پڻ هنن جي دلين جي حالت به اهڙي ٿئي جو) جيڪو فيصلو تون ڪرين ان جي خلاف هنن جي دلين ۾ ڪو کٽڪو پيدا نه ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مڃن جنهن کي پورو پورو مڃڻ چئي سگهجي. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن کي حڪم ڏيون ها ته پاڻ کي قتل ڪيو (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿي جانيون قربان ڪيو) يا حڪم ڏيون ها ته پنهنجي گهرن مان (هجرت ڪري) ٻاهر نڪري پئو ته، ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا ان حڪم جي تعميل ڪونه ڪن ها، ۽ (سچ هي آهي ته) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ان تي جيڪڏهن عمل ڪن ها ته هنن جي لاءِ وڏي چڱائي به ٿئي ها ۽ (حق جي راه تي) پوريءَ طرح ثابت قدم به رهن ها. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ ان صورت ۾ اسان ضرور پنهنجي طرفان (سندن عملن جي بدلي ۾) تمام وڏو اجر عطا ڪيون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ کين (سعادت واري) سڌيءَ واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري سو ضرور انهن ڀلارن سان گڏ هوندو جن تي الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون ڪيون، اهي (ڀلارا) آهن، نبي، صديق، شهيد ۽ صالح. ۽ (جن جا سنگتي اهڙا ماڻهو آهن) تن جا اهي سنگتي ڪهڙا نه سٺا سنگتي آهن. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اهو فضل الله جي طرفان آهي ۽ (انسان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ) الله جو علم بلڪل ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
مومنؤ! پنهنجي حفاظت ۽ تياريءَ ۾ لڳا رهو، پوءِ (جڏهن ضرورت پوي تڏهن دشمن جي مقابلي لاءِ نڪرو) جدا جدا ٽولين ۾ نڪرو يا گڏجي لشڪر ڪري نڪرو (جيئن مناسب سمجهو). |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ ڏسو توهان ۾ ڪو ڪو ماڻهو اهڙو به آهي جو (جنگ جي سڏ ٿيڻ تي) پٺتي هٽي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن (لڙائيءَ ۾) اوهان تي ڪا تڪليف اچي وڃي ته (خوش ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، خدا مون تي وڏو احسان ڪيو جو مان انهن سان نه هوس. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن توهان تي خدا جو فضل ٿئي ٿو ته (حسد ۽ ساڙ ۾) چوي ٿو، ڄڻ ته توهان جي ۽ هن جي وچ ۾ محبت جو ڪو تعلق ئي ڪونهي، ته ”هاءِ هاءِ! جيڪر انهن ماڻهن سان گڏ هجان ها ته ڪيڏ نه وڏو فائدو حاصل ڪيان ها“! |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
سو جن ماڻهن آخرت جي نعمتن لاءِ دنيا جي زندگي (الله وٽ) وڪڻي ڇڏي آهي تن کي گهرجي ته (اهڙن منافقن وانگر جهاد کان نه ٽهن ۽) الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ جنگ ٿو ڪري سو قتل ٿي وڃي يا غالب پوي (هر حال ۾) اسان کيس وڏو اجر ڏينداسين. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ (مسلمانو) توهان ڇو نه ٿا الله جي راهه ۾ جنگ ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي ويچارا ، بيوس مرد ۽ عورتون ۽ ٻار آهن جي (ظالمن جي ظلم کان تنگ ٿي) فرياد ڪري رهيا آهن ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي هن شهر مان، جنهن جا ماڻهو (اسان تي) ظلم ڪري رهيا آهن، اسان کي سلامت ٻاهر ڪڍ. (يعني مڪي مان ڇڏاءِ) ۽ پنهنجي طرف کان اسان جي لاءِ ڪو حفاظت ڪندڙ بناءِ ۽ ڪو مددگار اسان ڏي موڪل. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
جي ماڻهو ايمان رکن ٿا سي الله جي راهه ۾ لڙن ٿا (حق ۽ انصاف لاءِ، نه ڪه پنهنجي نفساني خواهشن لاءِ) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي طاغوت (شيطانيت) جي راهه ۾ لڙن ٿا. سو (جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته) شيطان جي مددگارن سان لڙو (218). (انهن جي طاقت ۽ گهڻائين جي پرواهه نه ڪريو) شيطان جو مڪر يا عملي تجويز (ظاهري ڪيتري به مضبوط هجي پر حق جي مقابلي ۾) بيشڪ ضعيف آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
(اي پيغمبر!) تو (انهن ماڻهن جي حالت تي) نظر نه ڪئي ڇا، جن کي حڪم ڏنو ويو ته (جنگ ۽ خونريزيءَ کان) پنهنجا هٿ روڪيو. (ضروري سببن کان سواءِ جنگ ۽ خونريزي عظيم ترين گناه آهي) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڪڍو ( ان وقت پنهنجي وحشانيت ۽ خود غرضين جي ڪري لڙندا هئا پر) پوءِ جڏهن (حق جي راهه ۾) وڙهڻ مٿن فرض ڪيو ويو تڏهن هڪ ٽولي انسانن کان اهڙو ڊڄڻ لڳي جهڙو خدا کان ڊڄڻ گهرجي. بلڪه ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ لڳي. اهي چوڻ لڳا ته، اي خدا! جنگ ڪرڻ اسان تي ڇو فرض ڪيئي، ڇو نه اسان کي ٿورا ڏينهن ٻيا به مهلت ڏنئي. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (جنهن دنيا جي محبت ۾ توهان موت کان ڀڄو ٿا انهيءَ) دنيا جي موڙي ۾ فائدو ته تمام ٿورڙو آهي. ۽ جيڪو (انسانن کان نه پر) الله کان ڊڄي ٿو ان جي لاءِ آخرت ئي (جي موڙي ۽ فائدو) تمام گهڻو آهي، اتي توهان سان رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
توهان ڪٿي به هوندو ته به موت اوهان کي ڳولي لهندو. جيڪڏهن توهان بلند ۽ مضبوط برجن يا قلعن جي اندر هوندؤ، (ته به ان کان بچي ڪين سگهندؤ) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي ڪا چڱائي ملي ٿي تڏهن چون ٿا ته هيءَ چڱائي خدا جي طرف کان (اسان جي ڪوششن جو بدلو) آهي. پر جڏهن کين ڪو نقصان پهچي ٿو تڏهن توکي چون ٿا ته هي تنهنجي طرف کان آهي. (يعني رسول الله جي طرف کان) تون کين چئو ته، جيڪي به ٿئي ٿو سو سڀ الله جي طرفان آهي (سندس قانونن موجب نتيجا نڪرن ٿا) پوءِ (افسوس هنن جي حالت تي!) انهن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو ڪنهن به ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ عقل جي ويجهو به نٿا وڃن؟ |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
(اي انسان!) جيڪا به چڱائي توکي ملي ٿي سا خدا جي طرفان ملي ٿي ۽ جيڪو نقصان توکي پهچي ٿو سو خود تنهنجي طرف کان آهي. (تنهنجي ئي بدعملن جو نتيجو آهي) ۽ (اي پيغمبر) اسان توکي ماڻهن ڏانهن پنهنجو پيغمبر ڪري موڪليو آهي. (پيغمبر جو ڪم آهي پيغام پهچائڻ تون ماڻهن جي بدعملن لاءِ ذميوار نه آهين) ۽ (تنهنجي پيغمبر هئڻ به نسبت) الله جي شاهدي ڪافي آهي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن رسول پاڪ جي فرمانبرداري ڪئي تنهن في الحقيقت الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن (تنهنجي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو ته پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توکي مٿس نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي (جو تون هن کي زور سان پنهنجي فرمانبرداري ڪرائين). |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
هو (زبان سان ته) توکي چون ٿا ته تنهنجو حڪم اسان کي اکين تي آهي، پر جڏهن تو وٽان اٿي ٻاهر وڃن ٿا تڏهن انهن مان ڪي رات جي وقت گڏ ٿين ٿا ۽ جيڪي جيڪي تون چوين ٿو تنهن جي خلاف مشورو ڪن ٿا. جيڪي هو رات جي وقت مجلسن ۾ ڪن ٿا سو الله کان لڪل ناهي ۽ هو ان کي (سندن اعمالنامن) ۾ لکي ٿو ڇڏي. پوءِ هنن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ ڪارسازيءَ لاءِ الله تعاليٰ ڪافي آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
پوءِ ڇاهي ماڻهو قرآن (جي مطلبن) تي غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ خدا جي ڏنل عقل کان ڪم نٿا وٺن؟) جيڪڏهن هي قرآن ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها، الله جي طرف کان نه هجي ها ته، هو ضرور ان جي ڳالهين ۾ گهڻوئي اختلاف ڏسن ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏهن هنن ماڻهن وٽ امن جي يا خوف جي ڪابه خبر اچي ٿي تڏهن هڪدم ان کي ماڻهن ۾ مشهور ڪن ٿا. جيڪڏهن هو ان (ماڻهن ۾ مشهور ڪرڻ بدران) الله جي رسول ۽ اختياريءَ وارن وٽ پيش ڪن ها ته پوءِ جيڪي انهن مان ان ڳالهه جو اڳ پوءِ جاچيندڙ آهن سي سڄي حقيقت سمجهي وٺن ها (۽ عوام ۾ اهو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها (۽ عوام ۾ اجايو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (توهان جي ڪمزورين جو حال ته هي هو جو) ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀ شيطان جي پوئتان لڳي پئو ها (۽ سندس تابعداري ڪيو ها.) |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ (اي پيغمبر!) تون اهو خيال نه ڪر ته هي منافق توسان جنگ ۾ شامل ٿيندا يا نه) تون بيشڪ الله جي راهه ۾ لڙائي ڪر جو توتي رڳو پنهنجي ذميواري آهي نه ڪنهن ٻئي جي ۽ مؤمنن کي به لڙائي لاءِ آمادهه ڪر. عجب ناهي ته الله تعاليٰ جلد حق جي منڪرن جو زور ۽ ظلم اوهان کان روڪي ڇڏيندو ۽ الله جو زور سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جو انسان ٻئي انسان سان چڱي ڪم ۾ شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان عمل (جي اجر) ۾ حصو ملندو ۽ جيڪو برائي ۾ ٻئي سان شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان لاءِ ان برائي (جي نتيجي) مان حصو ملندو. (هو ۽ هر هڪ شيء جو سنڀاليندڙ ۽ نگهبان آهي. هو هر عمل جي مطابق بدلو ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ هو هر (ڪم ڪرڻ جي) طاقت رکندڙ آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ (اي مومنؤ) جڏهن توهان کي دعا جو سلام ڪيو وڃي تڏهن توهان ان کان به بهتر دعا جا الفاظ جوابي سلام ۾ ڪم آڻيو يا (ڪم از ڪم) ساڳيا لفظ موٽائي چئو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو حساب وٺندڙ آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
(ياد رکو ته) الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ هن کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو ضرور اوهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو ان ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي (اهو خود الله جو قول آهي) ۽ قول ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
(مسلمانو!) پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان منافقن به نسبت ٻه ٽوليون ٿي پيا آهيو. (هڪڙي ٽولي هڪڙي راءِ ٿي ڏئي ته ٻي وري مخالف راءِ ٿي ڏئي) حالانڪ الله تعاليٰ کين سندن بدعملين سبب اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪيو جن کي خدا گمراهه ڪيو آهي ۽ ياد رکو ته جنهن کي به خدا (جي قانون موجب بدعملين سبب) گمراهي حاصل ٿي تنهن لاءِ توهان ڪابه هدايت جي واٽ لهي نه سگهندو. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
اهي منافق تمام سخت چاهنا رکن ٿا ته جهڙيءَ طرح پاڻ ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي اٿن تيئن توهان به ڪيو ته سڀ هڪ جهڙا ٿي پئو. پوءِ جيستائين اهي ماڻهو (مڪي جا منافق) الله جي راهه ۾ هجرت نه ڪن (۽ دشمنن کي ڇڏي توهان وٽ نه اچن) تيستائين توهان هنن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بنايو، پر جيڪڏهن هو هجرت ڪرڻ قبول نه ڪن ته (جنگ جي حالت ۾ دشمنن جو ساٿي به دشمن آهي تنهن ڪري) جتي به کين ڏسو اتي کين گرفتار ڪيو يا قتل ڪيو ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو، نڪي پنهنجو مددگاربنايو. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
(اهو حڪم انهن لاءِ ناهي) جي دشمنن کان جدا ٿي ڪنهن اهڙي قوم ۾ وڃي ملن جن سان اوهان جو صلح ۽ عهد نامون ٿيل هجي يا اهڙا ماڻهو هجن جي لڙائي کان بيزار ٿي توهان وٽ هليا اچن. نه توهان سان لڙائي ڪن نه (توهان جي پاران) پنهنجي قوم سان لڙائي ڪن (انهن جي خلاف اوهان لڙائي نه ڪيو.) جيڪڏهن خدا چاهي ته انهن ماڻهن کي توهان تي زبردستي ڏئي ۽ هو اوهان سان وڙهندا رهن. پوءِ جڏهن هو اوهان کان پاسو ڪري ويا ۽ جنگ نٿا ڪن ۽ پڻ صلح جو پيغام موڪلي رهيا آهن ته پوءِ الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڪابه اهڙي راهه يا سبب نه ڇڏيو آهي جو اهڙن ماڻهن سان لڙائي ڪيو. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
انهن کان سواءِ ڪي وري اهڙا ماڻهو ڏسندؤ جي (لڙائيءَ جا خواهشمند نه آهن) توهان کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا پر جڏهن فتني ۽ فساد جي طرف ڌڪيا وڃن ته اونڌا ٿي ان ۾ ڪري پون (۽ پنهنجي امن واري خواهش تي محڪم رهي نه سگهن) سو جڏهن اهڙا ماڻهو توهان کان پاسو نه ڪن ۽ توهان ڏي صلح جو پيغام نه موڪلن ۽ نه لڙائي کان هٿ روڪن ته پوءِ انهن کي به گرفتار ڪيو ۽ جتي به کين ڏسو اتي قتل ڪيو، هي اهي ماڻهو آهن جن جي خلاف (جنگ ڪرڻ لاءِ) اسان توهان کي چٽي سند يا اختياري ڏني آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
ڪنهن به مؤمن کي نٿو جڳائي ته ڪنهن مومن کي قتل ڪري سواءِ ان حالت جي جڏهن ڀل چڪ کان ائين ٿي وڃي. جنهن به هڪڙي مومن کي غلطيءَ کان (شڪ شبهي ۾) قتل ڪيو هجي تنهن کي گهرجي ته هڪ مومن ٻانهو آزاد ڪري ۽ مقتول جي وارثن کي خون بها (عيوضو) ڏئي پر جيڪڏهن مقتول جو وارث خون بها معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قوم مان آهي جي توهان جا دشمن آهن (۽ توهان سان لڙائي اٿن) پر هو آهي مومن (۽ ڪو ائين سمجهي ته هي به دشمنن مان آهي ان کي قتل ڪيو هجي) ته گهرجي ته هڪ مسلمان غلام آزاد ڪيو وڃي. (خون بها ڏيڻ جو ضرور ڪونهي ڇو ته هن جي وارثن ۽ سنگتين جي مسلمانن سان لڙائي آهي) ۽ جيڪڏهن مقتول انهن ماڻهن مان آهي جن سان اوهان جو صلح جو عهدنامو ٿيل آهي ته گهرجي ته قاتل مقتول جي وارثن کي خون بها به ڏئي ۽ هڪ مسلمان غلام آزاد به ڪري. ۽ جيڪڏهن قاتل هڪڙو غلام نه لهي (يعني کيس ايتري وسعت ناهي جو ڪو غلام خريد ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏي) ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، هن لاءِ جو الله جي طرف کان اها (هن جي گناهه جي) توبهه آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو مسلمان ڪنهن مومن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪري تنهن جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندو ۽ مٿن الله جو غضب پيو ۽ لعنت پئي ۽ هن جي لاءِ تمام وڏو عذاب تيار رکيل آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
مومنؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرو تڏهن (توهان کي گهرجي ته جن ماڻهن سان مقابلو هجي تن بابت) چڱيءَ طرح تحقيقات ڪريو (ته اهي دشمنن مان آهن يا دوستن مان) ۽ جيڪو به توهان کي سلام ڪري (۽ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري) تنهن کي ائين نه چئو ته تون مومن نه آهين (اسان توسان وڙهنداسين) ڇا توهان دنيا ۽ دولت جا طلبگار آهيو؟ (جو چاهيو ٿا ته جيڪو به ملي تنهن سان وڙهي ڦرلٽ ڪري مال دولت هٿ ڪيون) (توهان کي خبر ناهي ڇا ته) الله وٽ توهان جي لاءِ وڏيون (جائز) نعمتون موجود آهن، (ظلم جي روش ڇو ٿا وٺو؟) اوهان جي حالت به اڳي اهڙي هئي. پوءِ الله تعاليٰ اوهان تي احسان ڪيو (جو توهان کي هدايت به نصيب ٿي ۽ قومي زور به حاصل ڪيو) تنهن ڪري توهان ضرور تحقيقات ڪريو (۽ فقط دشمنن جو مقابلو ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي عملن جي خبر رکندڙ آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مومن ۾ جيڪي بنا عذر گهر ويهي ٿا رهن (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ نٿا ٿين) سي انهن جي برابر هرگز ٿي نٿا سگهن، جيڪي پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راه ۾ جهاد ڪرڻ وارا آهن. الله تعاليٰ مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ وارن کي ويهي رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڏو درجو ۽ فضيلت ڏني آهي (هونئن ته) الله تعاليٰ جو چڱو واعدو سڀني (نيڪ مسلمانن) لاءِ آهي پر مجاهدن کي ويهندڙن کان گهڻو وڏو اجر ملندو. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
اهي هن جي طرف کان (ٺهرايل) درجا آهن ۽ سندس بخشش ۽ رحمت آهي ۽ هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
جي ماڻهو (دشمنن سان رهي) پاڻ تي ظلم ڪري (پنهنجو نقصان ڪري) رهيا آهن تن جو روح قبض ڪرڻ بعد فرشتا انهن کان پڇندا ته، توهان ڪهڙي حال ۾ هئو؟ (توهان ڪهڙو جهاد ڪيو ۽ ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا؟) هو جواب ۾ چوندا ته (اسان ڇا ڪري سگهون ها؟) اسان ملڪ ۾ دٻايل ۽ هيڻا هئاسين. تنهن تي فرشتا کين چوندا ته (جيڪڏهن توهان پهنجي ملڪ ۾ بيوس هئو ته) ڇا خدا جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ڪنهن ٻئي پاسي هجرت ڪري وڃو ها؟ اهڙن ماڻهن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي، اهو دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
سواءِ انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن جي، جيڪي سچ پچ اهڙا لاچار ۽ هيڻا هئا جو هنن لاءِ ڪوبه حيلو وسيلو ڪونه هو ۽ (هجرت ڪرڻ لاءِ) ڪابه واهه ڪانه هئي. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
انهن لاءِ امڪان آهي ته الله تعاليٰ (هنن جي معذوري ڏسي) هنن کي معاف ڪندو ۽ هو معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو الله جي راهه ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي هجرت ڪندو تنهن کي خدا جي زمين ۾ گهڻيون ئي رهڻ جون جايون ملنديون ۽ ڪشادگي ڏسندو ۽ جيڪو به پنهنجي گهر مان نڪري الله ۽ سندس رسول جي طرف هجرت ڪري ۽ پوءِ (واٽ تي) موت اچي وڃينس تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ وٽان اجر ملندو ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جيڪڏهن (جنگ ڪرڻ لاءِ) سفر تي نڪرو ۽ اوهان کي انديشو هجي ته ڪافر توهان کي ڪنهن تڪليف ۾ نه وجهن ته پوءِ توهان تي گناه ڪونهي. جيڪڏهن نماز گهٽائي پڙهو (يعني چار رڪعتون فرض جي بدران ٻه رڪعتون). بلاشبه ڪافر توهان جا ظاهر ظهور دشمن آهن (نماز جي وقت به حملو ڪري ڏيندا). |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون مسلمانن ۾ هجين (جنگ هلندڙ هجي) ۽ تون هنن جي لاءِ نماز قائم رکين ته گهرجي ته (فوج جو) هڪ حصو (مقتدي ٿي) تنهنجي پٺيان توسان گڏ (نماز لاءِ) اٿي بيهي ۽ هٿيار به کڻي بيهي، پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري رهي ته پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو حصو جو نماز ۾ شريڪ نه هو سو توسان شريڪ ٿئي ۽ کين گهرجي ته پوري خبرداري رکن ۽ هٿيار کڻي بيهن. (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ وررتي آهي سي چاهين ٿا ته توهان پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غفلت ڪيو ته هو هڪدم اوهان جي مٿان ڪاهي پون ۽ جيڪڏهن توهان کي برسات جي ڪري ڪجهه تڪليف ٿئي يا توهان بيمار هجو ته، پوءِ توهان تي گناه ڪونهي، جيڪڏهن هٿيار لاهي رکو. پر پنهنجي بچاءُ ڪرڻ کان غافل ٿيڻ نه گهرجي (يقين رکو ته) الله تعاليٰ ڪافرن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي (هو اوهان تي فتح حاصل نه ڪندا). |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن توهان نماز پڙهي چڪؤ. تڏهن به گهرجي ته بيٺي ويٺي ليٽندي هر حال ۾ الله کي ياد ڪندا رهو. پوءِ جڏهن توهان کي (دشمن جي طرف کان) خطرو نه رهي ۽ تسلي هجي تڏهن (هميشه جي دستور موجب) نماز پڙهو. بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪئي ويئي آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ دشمنن جي پوئتان پوڻ ۾ همت نه هاريو. جيڪڏهن توهان کي (جنگ ۾) تڪليف پهچي ٿي ته جهڙيءَ طرح توهان کي تڪليف ٿي پهچي، پر توهان کي الله وٽان (فتح ۽ اجر جون) اهڙيون اميدون آهن جي هنن کي بلڪل نه آهن (ڇو ته توهان حق ۽ انصاف لاءِ وڙهي رهيا آهيو ۽ هو ظلم ۽ فساد جي راه ۾ لڙي رهيا آهن). الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
(اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي سان ڀريل ڪتاب نازل ڪيو آهي انهيءَ ته جيڪي الله تعاليٰ (ان ۾) ڏيکاريو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪرين. ۽ خيانت ڪرڻ وارن جي طرفداريءَ ۾ جهڳڙو نه ڪر. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان بخشش گهر (جو فيصلن ڪرڻ جو ڪم تمام اهم ۽ نازڪ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ خيانت رکن ٿا تن جي طرفداريءَ ۾ تون جهڳڙو نه ڪر. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هرگز پسند نٿو ڪري جي خيانت ڪندڙ ۽ ڏوه گناه ڪندڙ آهن. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
اهڙا ماڻهو انسانن کان (پهنجي خيانت) لڪائين ٿا پر خدا کان ڪو نه ٿا لڪائين جڏهن هو رات جي وقت گڏ ٿي اهڙين ڳالهين جو مشورو ڪن ٿا جي خدا کي پسند ناهن تڏهن هو هنن وٽ موجود آهي. ۽ جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي الله جو علم گهيريون بيٺو آهي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
ڏسو توهان ماڻهو اهي آهيو جن دنيا جي زندگيءَ ۾ ته ڏوهارين جي طرفان جهڳڙو ڪيو پر قيامت جي ڏينهن الله وٽ انهن جي طرفان ڪير جهڳڙو ڪندو، يا ڪير آهي جو (انهيءَ ڏينهن) هنن جي وڪالت ڪندو. |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو ماڻهو ڪو برو ڪم ڪري ٿو ويهي يا پاڻ کي نقصان ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ (ان کان توبهه ڪري) الله جي بخشش ٿو گهري، سو ڏسندو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو (بدعملي ڪري) برائي ڪمائي ٿو سو پنهنجي ئي جان لاءِ برائي ڪمائي ٿو (نتيجو کيس ئي لوڙڻو پوندو) ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جنهن اڻ ڄاڻائي ۾ خطا ڪري وڌي يا ڄاڻي ٻجهي ڪو ڏوهه ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن بي ڏوهيءَ تي ان ڏوهه جي تهمت ڌريائين ته (ياد رکو ته) هن بهتان ۽ کليل ڏوهه جو بار پنهنجي گردن تي وڌو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توتي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (هي ماڻهو توکي برغلائي سگهن ها ۽ تون يهوديءَ جي خلاف فيصلو ڪرين ها). هنن ماڻهن مان هڪ جماعت توکي ڀلائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. اهي ماڻهو فقط پاڻ کي ڀلائي گمراه ڪري رهيا آهن (جو حق جي حمايت ڪرڻ بدران ڪوڙي ماڻهو جي حمايت ڪري رهيا آهن) اهي (پنهنجن ئي چالاڪين سان) توکي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندا ڇو ته الله تعاليٰ توتي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ جي ڳاليون توکي معلوم نه هيون سي توکي سيکاري ڇڏيون اٿس ۽ توتي الله تعاليٰ جو تمام وڏو فضل آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
هنن ماڻهن جي مخفي مشورن مان گهڻن ۾ چڱائي ڪانهي پر جيڪڏهن ڪو (مخفي طرح) خيرات ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن نيڪي جي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ چاهي (ته پوءِ مخفي مشورا ڪرڻ ۾ به چڱائي آهي) ۽ جيڪو خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪري ٿو تنهن کي اسان وڏو اجر ڏينداسين. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جنهن شخص لاءِ هدايت ۽ حق چٽو ڪيو وڃي ۽ پوءِ به هو الله جي رسول جي مخالفت ڪري ۽ مومنن جي واٽ ڇڏي ٻي واٽ تي هلي، تنهن کي اسان انهيءَ ئي طرف وٺي وينداسين جنهن طرف وڃڻ هنن پسند ڪيو آهي ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائي ڇڏينداسين. دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
الله تعاليٰ هيءَ ڳالهه هرگز نٿو بخشي ته ساڻس ڪنهن کي شريڪ ڪيو وڃي، ان کان سواءِ جيڪي به گناه آهن اهي جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو سو سڌي راه گم ڪري تمام پري وڃي پيو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
(اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي ديوين کي پڪارين ٿا ۽ مردود شيطان کي پڪارين ٿا. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
الله تعاليٰ ان (مردود شيطان) تي لعنت ڪئي آهي. جنهن خدا کي چئي ڏنو ته مان تنهنجي بندن مان هڪ مقرر حصو پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ ضرور انهن کي گمراه ڪندس ۽ ضرور (چڱن عملن بدران ڪوڙين) اميدن ۾ کين (خوش) رکندس ۽ ضرور کين (مشرڪانه رسمن ۽ وهمن جا) حڪم ڏيندس، پوءِ هو جانورن جا ڪن ضرور چيريندا (۽ انهن کي پيرن بتن جي نالي ڪري ڇڏي ڏيندا ۽ انهن کان ڪم نه وٺندا) ۽ مان کين ضرور حڪم ڏيندس ۽ هو (ان حڪم موجب) خدا جي خلق (شين) جي شڪل ضرور بگاڙي ڇڏيندا (سو اهي مشرڪ شيطان جي هدايتن تي هلن ٿا) ۽ جيڪو به الله کي ڇڏي شيطان کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائي ٿو سو يقيناً چٽي تباهي ۾ پيو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان هنن سان (ڪوڙا) واعدا ڪري ٿو ۽ کين (ڪوڙين) اميدن ۾ وجهي ٿو ۽ شيطان جيڪي واعدا هنن سان ڪري ٿو سي ٺڳي ۽ فريب کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اهي ئي ماڻهو (يعني مشرڪ شيطان جا تابعدار) آهن، جن جي جاءِ (آخر) دوزخ آهي ۽ هو ان مان ڀڄي نڪرڻ جي واٽ نه لهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن کي اسان جلد اهڙن (دائمي نعمتن وارن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا، اهو الله جو واعدو برحق آهي. ۽ قول ۾ الله کان ڪير وڌيڪ سچو ٿي سگهي ٿو؟ |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
(مسلمانو نجات ۽ سعادت) نڪي اوهان جي خواهشن ۽ اميدن تي مدار رکي ٿي، نڪي اهل ڪتاب جي خواهشن ۽ اميدن تي (اها ته ايمان ۽ عمل تي مدار ٿي رکي) جيڪو به (مسلم هجي توڙي غير مسلم) برائي ڪندو تنهن کي ان جو (خراب) بدلو ملندو ۽ هن کي الله کان سواءِ نه ڪوئي دوست ملندو، نه مددگار! |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪو به چڱا ڪم ڪندو، مرد هجي توڙي عورت، ۽ هو (خدا تي سچو) ايمان رکندڙ به هوندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جيڪي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ هنن سان (عملن جي جزا ملڻ ۾) رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ انهيءَ ماڻهو کان بهتر دين رکندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايو ۽ نيڪ عمل ڪندڙ به آهي ۽ جنهن حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪئي جو ايمان ۾ خالص ۽ سچو هو ۽ الله تعاليٰ حضرت ابراهيم کي پنهنجو مخلص دوست بنايو هو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) سڀني شين کي گهيريون بيٺو آهي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
۽ (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان عورتن جي باري ۾ فتويٰ گهرن ٿا. تون کين چئو ته، الله تعاليٰ اوهان کي ان باري ۾ (هاڻي) حڪم ٻڌائي ٿو ۽ پڻ يتيم عورتن متعلق حڪم ڏئي ٿو جو توهان کي (هاڻي) قرآن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. (اڳي به حڪم نازل ڪيل آهي ته ساڻن بي انصافي نه ڪيو) اهي يتيم عورتون (توهان جي سنڀال هيٺ آهن) ۽ جن کي توهان سندن حق (ورثي جو)، جو انهن جي لاءِ ٺهرايو ويو آهي سو نٿا ڏيو ۽ چاهيو ٿا (ته سندن مال تي قبضو ڪرڻ لاءِ پاڻ) انهن سان نڪاح ڪيو (اهو ظلم نه ڪيو) ۽ پڻ جيڪي بيوس (يتيم) ڇوڪرن بنسبت قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي (۽ اڳئي نازل ٿيل آهي) تنهن باري ۾ به خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي (ته انهن جا حق نه ماريو). ۽ حڪم ٿو ڪري ته يتيمن جي معاملي ۾ (ڇوڪريون هجن توڙي ڇوڪرا ۽ توهان جي سنڀال هيٺ هجن، توڙي نه، هر حال ۾) حق ۽ انصاف تي قائم رهو ۽ (ياد رکو ته) جيڪا به نيڪي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي مڙس جي طرف کان انديشو هجي ته ساڻس سختي ڪندو يا همبستريءَ کان پري رهندو ته پوءِ مٿن گناهه ڪونهي، جيڪڏهن (عورت خوشيءَ سان پنهنجي مال مان ڪجهه مڙس کي ڏئي ۽) پاڻ ۾ صلح ڪن. (بي اتفاقيءَ کان) صلح وري به بهتر آهي ۽ (طبيعتاً) انسان کي مال جي لالچ رهي ٿي، پر توهان کي گهرجي ته (لالچ کي روڪي هڪ ٻئي سان) چڱايون ڪيو ۽ (بي انصافيءَ کان) پاڻ کي بچايو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهنجي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
توهان (هڪ کان وڌيڪ) زالن جي وچ ۾ ڪامل طرح عدل ڪري نه سگهندؤ، اگرچه توهان عدل ڪرڻ جي خواهش رکو (ڇو ته قدرتي محبت ۽ توهان جي دل توهان جي وس ۾ ناهي) پر تڏهن به ائين نه ڪيو جو ڪنهن هڪ جي طرف گهڻو جهڪي پئو ۽ ٻي کي اهڙيءَ طرح ڇڏي ڏيو جو ڄڻ ته معلقه آهي (يعني نڪي مڙس کيس زال ڪري ڏسي، نڪي طلاق مليس، جو وڃي پنهنجو انتظام رکي، وچ ۾ لٽڪيل آهي) پر توهان جيڪڏهن (عورتن سان) چڱائي چاهيو ۽ (بي انصافي ڪرڻ کان) پاڻ بچايو ته پوءِ الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏهن (زال مڙس بلڪل نه ٺهن ۽) جدا ٿي وڃن ته الله تعاليٰ پنهنجي (فضل جي) ڪشادگيءَ سان ٻنهي کي غني (آسودو ۽ بي پرواه) ڪري ڇڏيندو، ۽ الله تعاليٰ وڏي وسعت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ (ياد رکو) ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جو آهي ۽ الله جي واسطي آهي. يقيناً اسان انهن ماڻهن کي جن کي اوهان کان اڳي ڪتاب ڏنو ويو ۽ پڻ اوهان کي حڪم ڪيو ته الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪيو، ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم) نه مڃيندؤ ته (خدا کي ڪا پرواه ڪانهي، نقصان اوهان جو ٿيندو) يقيناً جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي لاءِ آهي ۽ الله تعاليٰ بي نياز آهي ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ (بيشڪ) الله ئي جي لاءِ آهي جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي ۽ هو (پنهنجي فرمانبردارن لاءِ) ڪافي ڪارساز آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانؤ! جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي (اقبال ۽ سعادت جي حالت مان ڪڍي) پست حالت ۾ آڻي يا برباد ڪري ڇڏي ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻين کي آڻي هو بيشڪ ائين ڪرڻ لاءِ قادر آهي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪودنيا جو فائدو چاهي ٿو، تنهن کي (ياد رکڻ گهرجي ته) الله وٽ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جون نعمتون موجود رکيون آهن. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (۽ چڱن عملن ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون بخشيندو). |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
مومنؤ! انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ الله جي واسطي (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو. اگرچه اها (سچي) شاهدي خود توهان جي خلاف يا اوهان جي پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن جي خلاف هجي (ته به سچي شاهدي ڏيڻ کان نه ڪيٻايو) جيڪو ڪو شاهوڪار آهي يا مسڪين آهي ته الله (اوهان کان) وڌيڪ انهن تي مهربان آهي) (توهان کي ائين ڪرڻو ناهي جو دولتمند جي دولت ۾ لالچ رکي يا مسڪين جي حال تي رحم کائي سچي ڳالهه ڪرڻ کان هٽي وڃو) پوءِ خبردار ائين نه ٿئي جو نفساني خواهشن جي ڪري انصاف کان هٽي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان (شاهدي ڏيڻ ۾) آڏيون ڦڏيون ڳالهيون يا شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته (ياد رکو) ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
مومنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻيو جو پنهنجي رسول تي نازل ڪيو اٿس ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان آڻيو جيڪي ان کان اڳي (ٻين پيغمبرن تي) نازل ڪيا هئائين ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله تي سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه آندو سو سنئين واٽ ڇڏي تمام پري هٽي ويو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
جن ماڻهن ايمان آندو پوءِ ڪفر ۾ پيا، وري ايمان آندائون ۽ وري ڪفر ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا (ته في الحقيقت هنن جو ايمان سچو ايمان نه هو) الله تعاليٰ کين ڪونه بخشيندو، نڪي کين سڌي واٽ ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
(اي پيغمبر!) تون منافقن کي هي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ ته بلاشڪ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار (رکيو ويو) آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
(اهي منافق) مسلمانن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائين ٿا. ڇا هو ائين ٿا چاهين ته هو (مسلمانن جي دشمنن) وٽ عزت لهن (جيڪڏهن عزت چاهين ٿا ته کين ياد رکڻ گهرجي) يقيناً سڀ عزت فقط الله جي لاءِ آهي (۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي فقط هوئي عزت ڏئي ٿو). |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ اوهان جي لاءِ حڪم نازل ڪيو آهي ته جڏهن توهان ڏسو ۽ ٻڌو ته خدا جي آيتن کان (شرارت طور) انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي کل مسخري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هنن جي مجلس ۾ نه ويهو جيستائين ان ڳالهه کي ڇڏي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي انهن سان ويهو) جيڪڏهن هنن سان گڏ (آيتن سان مسخري ڪرڻ وقت) ويهندؤ ته توهان به هنن جهڙا ٿيندؤ، (ياد رکو ته) خدا اهڙن منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
اهي (منافق) توهان جي تاڪ ۾ آهن ۽ موقعي جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن توهان کي الله جي طرف کان فتح ملي ٿي ته توهان کي چون ٿا ته، ڇا اسان توهان سان شامل نه هئاسين؟ جيڪڏهن ڪافرن جي فتح ٿئي ته، کين چون ٿا ته، ڇا اسان (يعني مسلمانن جو لشڪر) توهان کي شڪست ڏيئي توهان تي غالب ڪين پياسين، پر پوءِ اسان (منافقن چالاڪيون ڪري) اوهان کي مسلمانن کان بچائي وڌو. پوءِ (يقين رکو ته) الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن توهان (سچن مسلمانن) ۽ هنن (منافقن) جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندو. (هو ڪيترو به اوهان جي دشمنن سان شامل ٿين ته به) الله تعاليٰ ڪڏهن به ڪافرن کي مسلمانن تي (غالب پوڻ جي) واٽ نه ٺاهيندو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
منافق (پنهنجي دورنگي چال کيڏي سمجهن ٿا ته هو) خدا کي (۽ مومنن کي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، پر حقيقت هي آهي جو هو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، (الله تعاليٰ کين مهلت ڏئي، کين ڌوڪو ڏئي رهيو آهي ۽ هو منافقيءَ ۾ وڌندا وڃي کڏ ۾ ڪرندا) ۽ جڏهن هو نماز لاءِ اٿن ٿا تڏهن سستيءَ سان اٿن ٿا رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نماز ٿا پڙهن ۽ الله کي ياد ڪونه ٿا ڪن، پر نالي طور. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
هو (ڪفر ۽ ايمان جي) وچ ۾ منجهيا بيٺا آهن، (ته هتي رهون يا هتي رهون) نڪي هنن (مسلمانن) جي طرف آهن، نڪي هنن (ڪافرن) جي طرف آهن ۽ حقيقت هي آهي ته جنهن کي الله (پنهنجي قانون موجب) گمراهه ٿو ڪري تنهن جي لاءِ توهان ڪابه راه نه لهي سگهندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
مومنؤ! متان مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي (جي توهان سان لڙائيءَ ۾ آهن ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا) پنهنجو دوست ۽ مددگار بنايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته خدا جو چٽو الزام پاڻ تي کڻو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بلاشبه منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺيئن تري ۾ پوندا ۽ توهان هنن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ڏسندو. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
سواءِ انهن (منافقن) جي جن توبهه ڪئي (ڏنگي واٽ ڇڏي سڌي راهه ورتي) پنهنجا عمل سيکاريا ۽ الله (جي حڪمن) تي مضبوطيءَ سان ڄمي رهيا ۽ پنهنجي دين ۾ خالص خدا ڪارڻ سچا رهيا، پوءِ اهي مومنن سان گڏ هوندا ۽ جلد الله تعاليٰ مومنن کي وڏو اجر عطا فرمائيندو (دنيا ۾ به جلد ڪاميابي ڏيندو ۽ آخرت ۾ به جنت نصيب ڪندو). |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
(اي انسانو!) جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو ۽ مٿس ايمان رکو ته خدا کي توهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪرڻو آهي (يعني ڇو اوهان کي عذاب ڏيندو) الله تعاليٰ ته (انسانن جي چڱن عملن جو) قدر ڪندڙ ۽ (هنن جي حالت جو) علم رکندڙ آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
خدا پسند نٿو ڪري ته توهان (ٻين جون) برايون وڏي آواز سان ٻڌائيندا وتو، سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي (۽ هو ظالم جي ظلم جو بيان ڪري) ۽ (ياد رکو ته) خدا ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
توهان ڪو نيڪيءَ جو ڪم ظاهر ڪيو يا لڪائي ڪريو يا ڪنهن جي بڇڙائي معاف ڪري ڇڏيو ته (هر حال ۾ اوهان کي اجر ملندو) ۽ الله تعاليٰ قدرت رکندڙ ۽ (برايون) معاف ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن کان انڪار ڪن ٿا ۽ چاهين ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق ڪيون ۽ چون ٿا ته اسان انهن مان ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃون ۽ اهڙيءَ طرح چاهين ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ ۾ ڪا (ٽين) راه اختيار ڪريون. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهڙا ماڻهو سچ پچ ڪافر آهن ۽ (اهڙن) ڪافرن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جيڪي ماڻهن الله ۽ سندس رسولن ۾ ايمان رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪن تن کي اسان جلد اجر ڏينداسين ۽ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي پيغمبر!) اهل ڪتاب (يهودي) توکان گهرن ٿا ته آسمان مان ڪو ڪتاب وٽن لهي اچي (ته هنن کي يقين ٿئي ته تون خدا جو رسول آهين. اهڙو سوال رڳو توکان ڪونه ٿا گهرن) هنن انهيءَ کان به وڏيءَ ڳالهه جو سوال حضرت موسيٰ (عليه السلام) کان (به) ڪيو هو. هنن (يعني سندن وڏن سينا جي ميدان ۾ حضرت موسيٰ کي) چيو هو ته، اسان کي خدا ظاهرظهور ڏيکار، پوءِ انهيءَ شرارت سبب مٿن بجلي ڪڙڪي، پوءِ چٽن دليلن اچڻ بعد به هنن گابي جي پرستش ڪئي، اسان کين اها شرارت معاف ڪري ڇڏي ۽ حضرت موسي کي اسان ظاهر ۽ چٽي اختياري ۽ اقتدار ڏنو. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ اسان (يهودين کان) عهد اقرار وٺڻ لاءِ سندن مٿان طور جبل جي چوٽي بلند ڪئي (هنن فرمانبرداريءَ جو عهد اقرار ڪيو) ان کان پوءِ اسان کين حڪم ڏنو ته شهر جي دروازي ۾ (خدا جي اڳيان) جهڪي داخل ٿيو (۽ فتح بعد ظلم ۽ شرارتون نه ڪجو) ۽ اسان کين حڪم ڪيو ته سبت جي ڏينهن (لاءِ ڏنل حڪمن بابت) حدن کان ٻاهر نه وڃجو. اسان هنن کان (انهن سڀني ڳالهين تي) پڪو عهد اقرار وٺي ڇڏيو هو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ انهن جي انهيءَ عهد اقرار ٽوڙڻ سببان، الله آيتن نه مڃڻ سببان، نبين کي ناحق قتل ڪرڻ سببان ۽ پڻ هنن جي هن قول سببان ته اسان جي دلين تي پردو چڙهيل آهي (هنن ۾ حق کي قبول ڪرڻ وارو مادوئي نه رهيو) بلڪ سندن ڪفر سببان الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ (يهودي) ايمان نه آڻيندا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ هنن (يهودين) جي ڪفر سببان ۽ هن ڳالهه سببان جو هنن حضرت مريم جي خلاف وڏو بهتان ٻڌو هو. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ پڻ سندن هن قول سببان ته اسان عيسيٰ بن مريم الله جي رسول کي قتل ڪيو (الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي) حالانڪ هنن (حضرت عيسيٰ کي) نڪي قتل ڪيو، نڪي سوريءَ تي چاڙهيو، پر سچي حقيقت هنن کي معلوم ٿي نه سگهي، (هنن سمجهيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته، مسيح ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو پرپوءِ زنده ٿيو) اهي به (ڀليل آهن ۽) شڪ شبهي ۾ پيل آهن. شڪ ۽ گمان پٺيان لڳڻ کان سواءِ ڪو (حقيقت جو) علم هنن وٽ ڪونهي، يقيناً يهودين حضرت عيسيٰ کي قتل ڪونه ڪيو هو. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪ الله تعاليٰ کيس پنهنجي طرف کڻي ورتو ۽ الله سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ اهل ڪتاب مان (يعني يهودين مان جن حضرت عيسيٰ کي نه مڃيو) ڪوبه نه هوندو جو پنهنجي موت کان اڳي (حقيقت کي نه ڄاڻيندو ۽) هن تي (يعني حضرت عيسيٰ جي سچائيءَ تي) ايمان نه آڻيندو. (ڇو ته مرڻ وقت شرارت جو پردو هٽي ٿو وڃي) ۽ قيامت جي ڏينهن هو (الله جي حضور ۾) هنن تي شاهدي ڏيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
مطلب ته يهودين جي هن ظلم سببان اسان ڪي چڱيون شيون به هنن لاءِ حرام ٺهرائي ڇڏيون جي (پهريائين) حلال هيون ۽ پڻ هن سبب جي ڪري جو هو ماڻهن کي الله جي راهه کان گهڻو روڪڻ لڳا هئا. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ پڻ هن سبب ڪري جو هو وياج وٺڻ لڳا، اگرچه کين ان کان منع ڪيل هئو ۽ ناجائز طريقن سان ماڻهن جو مال کائڻ لڳا، (اگرچه کين سڀني انسانن سان ديانتدار ٿي هلڻ جو حڪم ڏنل هو) ۽ (ياد رکو ته) جي ماڻهو (اهڙيءَ طرح حق جي حڪمن جا) منڪر ٿيا تن جي لاءِ اسان (سندن بدعملن جي بدلي ۾) دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر انهن مان جيڪي ماڻهو (الله جي ڪتاب جي) علم ۾ پڪا آهن سي ۽ مسلمان (انهن گمراهين کان پري رهن ٿا ۽) انهيءَ ڪتاب تي ايمان رکن ٿا جو توتي (اي پيغمبر) نازل ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي جي توکان اڳي نازل ٿيا آهن. اهي ۽ جيڪي نماز قائم ڪرڻ وارا آهن. زڪوات ادا ڪندڙ آهن ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تن سڀني کي اسان تمام وڏو اجر ڏينداسين. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توڏي وحي اهڙي ئي طرح موڪليو آهي جهڙيءَ طرح نوح تي ۽ کائنس پوءِ آيل نبين تي موڪليو هو ۽ جهڙيءَ طرح ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب، يعقوب جي اولاد، عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان تي موڪليو هو ۽ دائود کي زبور ڏنوسين. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ پڻ انهن رسولن (تي وحي موڪليوسين جن) جو احوال اسان (قرآن ۾) اڳئي توکي ٻڌايو آهي ۽ پڻ انهن رسولن تي جن جو احوال سان توکي ڪونه ٻڌايو آهي ۽ (ساڳيءَ طرح) الله تعاليٰ موسيٰ سان ڳالهايو (جيئن سچ پچ طور جبل تي ڳالهائڻ ٿيو هو). |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اهي سڀ پيغمبر (خدا پرستي ۽ نيڪ عملن جي نتيجن جي) خوشخبري ٻڌائڻ وارا ۽ (حق جي انڪار جي نتيجن بابت) خبردار ڪرڻ وارا هئا. (۽ انهيءَ ئي لاءِ موڪليا ويا هئا ته) انهن جي اچڻ (۽ نيڪي بدي ظاهر ڪري ڏيکارڻ) بعد ماڻهن کي به ڪابه حجت باقي نه رهي جا هو خدا وٽ پيش ڪري سگهن (يعني هي عذر نه ڏيئي سگهن ته اسان کي حق جي واٽ ڪنهن نه ڏيکاري) ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
(اي پيغمبر هي ماڻهو انڪار ڪن ته ڀلي ڪن) پر خود خدا توتي وحي نازل ڪري (تنهنجي سچائي جي) شاهدي ٿو ڏئي ۽ هن پنهنجي علم سان توتي وحي نازل ڪيو آهي. ۽ ملائڪ به ان جي شاهدي ڏين ٿا. ۽ الله جي شاهدي ته بلڪل ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
جي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا ۽ ماڻهن کي خدا جي راه کان روڪيائون سي بيشڪ (سڌي واٽ کان) ڀلجي ويا ۽ اهڙا ڀلجي ويا جو دور دراز ڏنگين واٽن ۾ گم ٿي ويا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو (مرڻ تائين) ظلم ڪندا رهيا تن کي خدا ڪڏهن به نه بخشيندو، نڪي کين (ڪاميابيءَ جي) ڪا واٽ ڏيکاريندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
سواءِ انهيءَ واٽ جي جا جهنم ڏي ٿي وڃي جتي هو هميشه رهندا، ۽ الله جي لاءِ ائين ڪرڻ بلڪل آسان آهي. (سندس قانونن جي عمل کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي). |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي (سڀئي) انسانو! بيشڪ الرسول (پيغمبر اسلام) اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائي کڻي اوهان ڏي آيو آهي. تنهن ڪري توهان مٿس ايمان آڻيو جو (ان ۾) اوهان جي ئي لاءِ بهتري آهي، پر جيڪڏهن توهان انڪار ڪندؤ ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله ئي جي لاءِ آهي (توهان جو انڪار ۽ ظلم توهان کي ئي نقصان پهچائيندو) ۽ (ياد رکو ته) الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪيو (يعني حقيقت ۾ اعتدال کان ٻاهر نه وڃو) ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چئو، عيسيٰ مسيح ابن مريم فقط الله جو رسول ۽ سندس (بشارت جي) ڪلمي جو ظهور آهي. جو ڪلمو (سندس والده) مريم تي القا ڪيو ويو هو ۽ پڻ هو هڪ روح آهي جو الله جي طرفان موڪليو ويو، پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله تي ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته خدا ٽي آهن. (اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ کان) باز اچو ته توهان لاءِ وڏي چڱائي آهي. حقيقت هي آهي ته فقط الله ئي هڪ معبود آهي (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) هو هن ڳالهه کان پاڪ آهي، جو هن کي ڪو پٽ هجي (جڏهن ته) آسمان ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس ئي آهي (ته پوءِ کيس ڪهڙي محتاجي آهي جو ڪنهن کي پٽ بنائي دنيا ۾ موڪلي) ڪارسازيءَ لاءِ خدا جو ڪارساز هئڻ ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
مسيح هن ڳالهه کان عار نٿو ڪري ته کيس الله جو ٻانهو سمجهيو وڃي، نڪي مقرب ملائڪ اهڙو عار ٿا ڪن ۽ جيڪو خدا جي ٻانهپ کان عار ڪري ۽ تڪبر ڪري ٿو (سو ويندو ڪاڏي، اهو وقت پري ناهي جڏهن) خدا سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
(انهيءَ ڏينهن) ڇا ٿيندو جو جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هو سندن چڱن ڪمن جو پورو پورو بدلو به ڏيندو. ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان انهن کي وڌائي به ڏيندو. پر جن ماڻهن (خدا جي) بندگيءَ ڪي تنگ ۽ عار سمجهيو ۽ هٺ وڏائي ڪئي تن کي (ان ڏوهه جي عيوض ۾) اهڙو عذاب ڏيندو جو دردناڪ عذاب هوندو. ۽ هنن کي خدا کان سواءِ ڪوبه رفيق يا دوست نه لڀندو، نڪي ڪو مددگار لڀندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! توهان وٽ توهان جي پروردگار وٽان برهان (يعني دليل ۽ حجت) اچي ويئي آهي ۽ اسان اوهان ڏانهن چمڪندڙ روشني موڪلي آهي. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ ان جي سهاري کي مضبوط جهليو تن کي هو جلد پنهنجي رحمت جي ڇانو ۾ داخل ڪندو ۽ مٿن پنهنجو فضل ڪندو ۽ کين پاڻ تائين پهچڻ جي واٽ ڏيکاريندو (اها واٽ ڏيکاريندو) جا سڌي واٽ آهي. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان ڪلاله جي باري ۾ (يعني اهڙي ماڻهو جي ميراث جي باري ۾ جنهن کي نه پيءِ ماءِ هجي، نه اولاد) فتوي گهرن ٿا. کين چئو ته، الله تعاليٰ توهان کي ڪلاله جي باري ۾ (هيءُ) حڪم ڏئي ٿو. جيڪڏهن اهڙو (ڪلاله) مرد مري وڃي جنهن کي اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته جيڪي فوتي ڇڏي ويو آهي، تنهن جو اڌ ڀيڻ کي ملندو، پر جيڪڏهن (ڪلاله) عورت مري وڃي ۽ کيس اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ته هن جي سڀ مال جو وارث سندس ڀاءُ ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ٻه ڀينر هجن (يا ٻن کان وڌيڪ) ته انهن (3/2 يعني) ٽن حصن مان ٻه حصا ترڪي مان ملندا ۽ جيڪڏهن ڀائر به هجن ۽ ڀينر به ته، پوءِ هرهڪ ڀاءُ کي هرهڪ ڀيڻ کان ٻيڻو ملندو. الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ حڪم چٽا ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته گمراه نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي. |