يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو توهان پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي هڪ انسان (حضرت آدم) مان پيدا فرمايو، ۽ انهيءَ انسان مان سندس گهر واري (بيبي حوا) کي پيدا فرمايو ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون پيدا فرمايون، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو جنهن جي نالي سان سوال ڪريو ٿا ۽ مائٽيءَ جو لحاظ رکو، بيشڪ الله تعالى هر وقت توهان جا عمل ڏسندڙ آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن ملڪيت ڏيو ۽ پنهنجي حلال ملڪيت کي حرام سان تبديل نه ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت پنهنجي ملڪيت سان ملائي نه کائو، بيشڪ اهو تمام وڏو گناه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ توهان کي جيڪڏهن خوف آهي ته يتيم ڇوڪرين ۾ انصاف نه ڪري سگهندا پوءِ نڪاح ڪريو توهان، جيڪا توهان کي پسند اچي عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار، پوءِ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي انهن ۾ انصاف نه ڪري سگهندا ته پوءِِ هڪ عورت سان نڪاح ڪريو يا ٻانهين سان، اهو (هڪ نڪاح ڪرڻ) زياده قريب آهي جو توهان ڪنهن عورت تي ظلم نه ڪندا. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ عورتن کي سندن مَهرون خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏهن اُهي خوشيءَ مان مَهر مان ڪا شيءِ توهان کي ڏين پوءِ توهان انهيءَ کي مزي مزي سان کائو. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ نه ڏيو توهان بي عقلن کي سندن ملڪيت جيڪا الله جي حڪم سان توهان وٽ رکيل آهي ۽ انهن کي توهان انهيءَ مان ماني کارايو ۽ ڪپڙا پارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن جي عقل جو اندازو ڪريو ايستائين جو اهي نڪاح جي لائق ٿين، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جو عقل برابر ڏسو ته پوءِ انهن جي ملڪيت انهن جي حوالي ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت حد کان زياده نه کائو ۽ جلدي ۾ نه کائو ته متان اهي وڏا نه ٿي وڃن، ۽ جيڪو توهان سنڀاليندڙن مان مالدار آهي ته پوءِ انهيءَ کي گهرجي ته پاسو ڪري، ۽ جيڪو سنڀاليندڙن مان محتاج آهي ته پوءِ ضرورت موجب خرچ ڪري، پوءِ توهان جڏهن سندن حوالي سندن ملڪيت ڪريو پوءِ انهي تي شاهد مقرر ڪريو، ۽ الله تعالى ڪافي آهي حساب وٺندڙ. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
مردن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن پيءُ ماءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن، ۽ عورتن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن ماءُ پيءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن. ملڪيت فوتيءَ جي ٿوري آهي يا گهڻي، (هر هڪ جو) حصو مقرر ڪيل آهي. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن فوتيءَ جي ملڪيت ورهائڻ وقت رشتيدار ۽ يتيم ۽ مسڪين اچن ته پوءِ انهيءَ (ملڪيت) مان انهن کي ڪجهه کارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ اهي ماڻهو ڀلي ته ڊڄن جن پنهنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏيو آهي ته انهيءَ جو ڪهڙو نه خطرو ٿئي ٿو انهن کي، پوءِ انهن کي گهرجي ته الله جو خوف ڪن ۽ سنئين سڌي ڳالهه ڪن. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جي ملڪيت ظلم سان کائن ٿا اهي پنهنجي پيٽن ۾ باه کائن ٿا ۽ جلدي جهنم جي باه ۾ داخل ٿيندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله تعالى توهان کي توهان جي اولاد بابت حڪم فرمائي ٿو پٽ جو حصو ٻن نياڻين جي برابر آهي پوءِ جيڪڏهن نياڻيون ٻن کان زياده آهن ته انهن کي فوتيءَ جي ملڪيت جا ٻه ڀاڱا ملندا، ۽ جيڪڏهن هڪ نياڻي آهي ته ان کي اڌ ملندو، ۽ فوتيءَ جي ماءُ پيءُ هر هڪ کي فوتي جي ملڪيت مان ڇهون حصو ملندو جيڪڏهن فوتي کي اولاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن فوتي کي اولاد ناهي ۽ ان جا وارث فقط پيءُ ماءُ آهن ته پوءِ فوتيءَ جي ماءُ کي ٽيون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن فوتي کي ڀائر ڀينرون آهن ته پوءِ سندس ماءُ کي ڇهون حصو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پٽ توهان نٿا ڄاڻو ته انهن مان ڪهڙو توهان کي وڌيڪ ڪم ايندو، اهي حصا الله تعالى جي طرفان مقرر ڪيل آهن، بيشڪ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ توهان لاءِ اڌ ملڪيت آهي، جيڪا توهان جي گهر وارين ڇڏي آهي، جيڪڏهن انهن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن انهن گهر وارين کي اولاد آهي ته پوءِ توهان مردن کي چوٿون حصو ملڪيت جو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ. ۽ گهر وارين لاءِ مردن جي ملڪيت مان چوٿون حصو آهي جيڪڏهن مردن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن مردن کي اولاد آهي تو پوءِ گهر وارين کي اٺون حصو ملڪيت مان ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪڏهن اهڙي مرد يا عورت جي ملڪيت ورهائڻي هجي جنهنکي پيءُ ماءُ ۽ اولاد نه هجي ۽ ماءُ جي طرفان ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته پوءِ انهن مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن اهي ڀاءُ ۽ ڀيڻون هڪ کان زياده هجن ته پوءِ اهي سڀئي ٽئين حصي ۾ شريڪ آهن وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، نه نقصان ڏيندڙ وارثن کي، اهو الله تعالى جو حڪم آهي، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
مذڪوره احڪام الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃي ٿو اهو داخل ڪيو ويندو باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ الله جي رسول جو حڪم نٿو مڃي ۽ ان جي حدن کان لنگهي وڃي ٿو اُهو داخل ڪيو ويندو باه ۾ هميشه انهيءَ ۾ رهندو، ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪن پوءِ شاهد ڪريو توهان پاڻ مان انهن تي چار مرد گواهه، پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين پوءِ انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو موت انهن کي ختم ڪري يا الله تعالى انهن لاءِ ڪا واٽ مقرر ڪري. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ توهان مان جيڪي مرد يا عورتون ايئن ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ ڏيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ چڱا ڪم ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ نه ڏيو، بيشڪ الله تعالى گهڻو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
الله تعالى انهن جي توبه قبول ڪري ٿو جيڪي بي خبري ۾ گناه ڪن ٿا پوءِ جلدي ۾ توبه ڪن ٿا انهن کي الله تعالى پنهنجي رحمت سان سرفراز ڪري ٿو، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ انهن ماڻهن جي توبه قبول ناهي جيڪي گناه ڪن ٿا، ايستائين جو جنهن وقت انهن مان هڪڙي تي موت جي سڪرات اچي ٿي، (پوءِ) چوي ٿو آئون هينئر توبه تائب ٿيس ۽ ناهي قبول توبه انهن جي جيڪي موت جي وقت ڪافر ٿي مئا، انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪرايو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي مؤمنو توهان کي حلال ناهي جو زبردستي عورتن جا وارث ٿيو، ۽ توهان نه روڪيو انهن عورتن کي انهيءَ ارادي سان ته جيڪا مَهر انهن کي ڏني اٿو انهيءَ مان ڪجهه واپس وٺو مگر انهيءَ حال ۾ جو چِٽي بي حيائي ڪن، ۽ انهن عورتن سان سهڻو سلوڪ ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجين گهر وارين کي ناپسند ڪريو ٿا پوءِ شايد جيڪي گهر واريون توهان کي ناپسند آهن الله تعالى انهن مان توهان کي صالح اولاد عطا فرمائي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن هڪ گهر واريءَ جي عيوض ٻيءَ گهر واريءَ سان نڪاح ڪرڻ چاهيو ٿا، ۽ انهن مان هڪڙي کي توهان گهڻو مال ڏنو آهي پوءِ انهيءَ مان ڪجهه به واپس نه وٺو، ڇا توهان گهر وارين کان مال وٺو ٿا ٺڳي ۽ صاف گناه سان. |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ ڪهڙيءَ طرح انهي کي واپس وٺندا حالانڪ توهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ انهن عورتن توهان کان پڪو وعدو ورتو آهي. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جي منڪوحه سان نڪاح نه ڪريو مگر جيڪو ٿي گذريو بيشڪ اها بي حيائي ۽ غضب جو ڪم آهي، ۽ خراب واٽ آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
توهان تي توهان جون مائون حرام ڪيون ويون آهن ۽ توهان جون ڌيئون ۽ توهان جون ڀينرون ۽ توهان جون پڦيون ۽ توهان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجون ۽ حرام ڪيون ويون توهان جون مائون جن توهان کي کير پياريو ۽ کير جون ڀينرون ۽ سَسُون ۽ نِپايل اڳ ڄايون نياڻيون، انهن عورتن جون جن سان توهان جماع ڪيو آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن عورتن سان جماع نه ڪيو آهي ته پوءِ توهان تي ڪو گناه ناهي، ۽ توهان تي توهان جون سڳيون نُهون حرام آهن، ۽ توهان تي حرام آهي ٻن ڀيڻن کي هڪ وقت ۾ گڏ نڪاح ۾ رکڻ مگر جيڪو ٿي گذريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ توهان تي حرام آهن مڙسن واريون عورتون مگر ڪافرن جون عورتون جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ اچن، مذڪوره احڪام توهان تي مقرر ٿيل آهن ۽ توهان تي حلال ڪيون ويون جيڪي عورتون انهن کان سواءِ آهن پنهنجن پئسن مان نيڪ عورتن سان نڪاح ڪريو نه بدڪار عورتن سان، پوءِ جن عورتن کي نڪاح ۾ آڻڻ چاهيو ته پوءِ انهن کي سندن مقرر ڪيل مَهر ادا ڪريو، ۽ توهان تي ڪو گناه ناهي جو مَهر مقرر ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ۾ راضي ٿي وڃو، بيشڪ الله تعالى علم (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ جيڪو ماڻهو پاڪ دامن آزاد مؤمن عورت سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي سگهي ته پوءِ نوجوان مؤمن ٻانهين سان نڪاح ڪري، ۽ الله تعالى توهان جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو توهان نسباً پاڻ ۾ هڪ جهڙا آهيو، پوءِ توهان انهن سان نڪاح ڪريو انهن جي مالڪن جي اجازت سان ۽ نيڪيءَ سان انهن کي انهن جون مهرون ادا ڪريو نڪاح ڪندڙ نه بدڪاري ڪندڙ ۽ نه لِڪ ۾ دوستي رکندڙ، پوءِ جيڪڏهن شادي کان پوءِ به بدڪاري ڪن پوءِ انهن ٻانهين تي اڌ حصو آهي عذاب جو جيڪو آزاد عورتن تي آهي، ٻانهن سان نڪاح ڪرڻ انهن لاءِ صحيح آهي جيڪي بدڪاري جو خوف رکن ٿا، ۽ صبر ڪرڻ توهان لاءِ بهتر آهي، ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله تعالى چاهي ٿو ته توهان لاءِ پنهنجا احڪام بيان ڪري ۽ توهان کي اڳين جي طريقي تي هلائي ۽ توهان تي پنهنجي رحمت سان وري، ۽ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله تعالى چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي رحمت سان وري، ۽ پنهنجن سَڌن تي هلندڙ چاهين ٿا ته توهان سنئين رستي کان گهڻو هٽي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله تعالى چاهي ٿو هلڪائي ڪرڻ اوهان تي، ۽ انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي مؤمنو توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو، مگر اهو واپار جيڪو توهان جي وچ ۾ رضامندي سان ٿيو هجي، ۽ پنهنجين جانين کي قتل نه ڪريو، بيشڪ الله توهان تي ٻاجهارو آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو اِنسان زيادتي ۽ ظلم سان ايئن ڪندو ته پوءِ جلدي اسين انهي کي باه ۾ داخل ڪنداسين، ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ آسان آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏهن توهان وڏن گناهن کان پاسو ڪيو جن کان توهان کي منع ڪيو ويو ته توهان جا گناه اسين ميٽي ڇڏينداسين ۽ توهان کي بهشت ۾ داخل ڪنداسين. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ اها آرزو نه ڪريو جو الله تعالى توهان مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي، مردن لاءِ سندن ڪمائي مان حصو آهي، ۽ عورتن لاءِ سندن ڪمائي مان حصو آهي، ۽ الله تعالى کان سندس مهرباني طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ اسان سڀني لاءِ ملڪيت جا حقدار بنايا آهن، جيڪو ورثو ڇڏن پيءُ ماءُ ۽ ويجها مائٽ، ۽ اهي ماڻهو جن جي ذميداري توهان کنئي آهي تن کي سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد عورتن تي حاڪم آهن انهي سببان جو الله تعالى مردن کي عورتن تي فضيلت ڏني آهي ۽ انهيءَ سببان جو مرد عورتن تي پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا، پوءِ نيڪ عورتون مردن جون فرمانبردار محافظ آهن مردن جي غير موجودگيءَ ۾ جنهنجي حفاظت جو الله حڪم فرمايو ۽ جن عورتن جي نافرماني جو توهان کي خوف آهي ته انهن کي سمجهايو ۽ انهن کان پري سمهو ۽ انهن تي سختي ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان جي چوڻ ۾ اچي وڃن ته پوءِ انهن تي زيادتي نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى بُلند (۽) وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن توهان کي زال مڙس جي جهڳڙي جو خوف هجي ته پوءِ امين موڪليو مرد جي طرفان ۽ امين عورت جي طرفان، جيڪڏهن ٻئي امين صلح جي ڪوشش ڪندا ته الله اصلاح ڪندو انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ بيشڪ الله تعالى علم رکندڙ خبردار آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ انهيءَ سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو ۽ نيڪي ڪريو پيءُ ماءُ سان ۽ مائٽن سان ۽ يتيمن سان ۽ مسڪينن سان ۽ ويجهڙن پاڙِسرين سان ۽ پري وارن پاڙيسرين سان ۽ گڏ رهندڙن سان ۽ مسافرن سان ۽ پنهنجن ٻانهن سان، بيشڪ الله تعالى پسند نٿو فرمائي انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو وڏائي ڪندڙ فخر ڪندڙ آهي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
جيڪي ماڻهو پاڻ بخيلي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي بخيلي لاءِ چون ٿا ۽ لڪائن ٿا جيڪو ڪجهه الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنو آهي ۽ اسان تيار ڪيو آهي ڪافرن لاءِ خواري واري عذاب کي |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دولت کي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان نٿا آڻن، ۽ جنهن جو سنگتي شيطان ٿيو پوءِ اهو خراب آهي سنگتي انهيءَ جو. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ انهن کي ڪهڙو نقصان پهچي ها جيڪڏهن الله تعالى تي ۽ قيامت تي ايمان آڻن ها ۽ جيڪي ڪجهه الله تعالى انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ها ۽ الله تعالى انهن کي ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
بيشڪ الله تعالى ذري برابر ظلم نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪا نيڪي آهي ته اُن کي ٻيڻي ڪري پاڻ وٽان اجرِ عظيم عطا فرمائي ٿو. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ ڪهڙو حال ڪافرن جو ٿيندو جڏهن اسان هر امت جي مٿان پيغمبر شاهد ڪنداسين ۽ رسولِ عربي توهان کي انهن سڀني تي شاهد ڪنداسين. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
قيامت جي ڏينهن ڪافر ۽ رسولِ عربيءَ جا نافرمان سڌ ڪندا ته ڪاش انهن کي مٽيءَ جي برابر ڪيو وڃي ها، ۽ اُهي ڪا ڳالهه الله تعالى کان لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي مؤمنو! توهان نشي جي حالت ۾ نماز کي ويجها نه وڃو جيستائين ايترو نه سمجهو جيڪو چئو ٿا ۽ نه غسل جي حالت ۾ سواءِ وهنجڻ جي مگر مسافري ۾ تيمم ڪري نماز پڙهي سگھو ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان بيمار آهيو يا مسافر آهيو يا توهان مان ڪو ماڻهو بنا وضو جي آهي يا توهان عورتن سان جماع ڪيو آهي پوءِ پاڻيءَ جي استعمال تي طاقت نٿا رکو ته پوءِ تيمم ڪريو پاڪ مٽيءَ سان پوءِ مٽيءَ سان مَکُ ڪريو مُنهن پنهنجن کي ۽ ٻانهن پنهنجين کي، بيشڪ الله تعالى معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا توهان پڙهيل يهودين کي نه ڏٺو جن کي تورات جو علم هو جن گمراهي کي خريد ٿي ڪيو ۽ ارادو ڪن ٿا ته توهان کي سنئين رستي تان ڀُلائين. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله تعالى توهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى ڪافي حفاظت ڪندڙ آهي ۽ الله تعالى ڪافي مددگار آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
ڪجهه يهودي اهي آهن جيڪي (تورات مان) نبي ڪريم جي تعريف کي ڦيرائن ٿا ۽ چون ٿا اسان ٻُڌو ۽ نه مڃيوسين ۽ توهان ٻڌو توهان کي ٻُڌايو نه وڃي ۽ زبانون ڦيرائي رَاعِنَا (جو لفظ) چون ٿا دين ۾ طعني جي ڪري ۽ جيڪڏهن بيشڪ يهودي چون ها اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ڳالهه ٻُڌو ۽ اسان تي نظر ڪريو ته انهن لاءِ بهتر ۽ انصاف وارو هجي ها، پر انهن جي ڪفر جي ڪري الله انهن کي رحمت کان پري ڪري ڇڏيو پوءِ نٿا ايمان آڻن مگر ٿورا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي اهلِ ڪتاب جا ايمان آڻيو توهان قرآن ڪريم تي جيڪو تورات جي تصديق ڪري ٿو انهي کان اڳ جو توهان جي مُنهن جي صورت مَٽائي ڇڏيون پوءِ انهن کي ڦيرايون پُٺِن جي طرف يا اسان انهن تي لعنت ڪريون جيئن اسان ڇنڇر جي ڏينهن وارن تي لعنت ڪئي، ۽ الله جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
بيشڪ الله تعالى ان کي نٿو بخش ڪري جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ بخش ڪري ٿو انهي کان سواءِ جنهنکي چاهي، ۽ جيڪو الله تعالى سان شرڪ ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اُنهيءَ تمام وڏو گناه ڪيو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي پاڻ پنهنجي پاڪيزگي بيان ڪن ٿا بلڪ الله تعالى جنهنکي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن تي کجور جي سنهي کل جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
توهان ڏسو ڪهڙي طرح الله تعالى جي مٿان اِهي ڪوڙ ٺاهن ٿا، ۽ اهو چٽو گناه ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
اي حبيب ! ڇا توهان يهودين ڏانهن نه ڏٺو جن کي تورات جو حصو ڏنو ويو اهي ايمان آڻن ٿا بت ۽ شيطان تي ۽ ڪافرن کي چون ٿا ته توهان مسلمانن کان وڌيڪ سنئين رستي تي آهيو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
انهن يهودين تي الله تعالى لعنت ڪئي ۽ جن تي الله تعالى لعنت ڪئي پوءِ هرگز نه لهندين تون (اي ٻڌندڙ) انهن لاءِ مددگار. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا ملڪ ۾ انهن جو ڪجهه حصو آهي (ايئن هجي ها ته) پوءِ ان وقت ماڻهن کي تِر برابر نه ڏين ها. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
ڇا رسولِ عربيءَ سان يهودي حسد ڪن ٿا، انهي نبوت تي جيڪا الله تعالى کين عطا فرمائي، پوءِ بيشڪ اسان اولاد ابراهيم جي کي ڪتاب ۽ نبوت عطا ڪئي ۽ اسان انهن کي تمام وڏو ملڪ عطا فرمايو. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ ڪن يهودين رسولِ عربي تي ايمان آندو ۽ ڪن يهودين ايمان نه آندو ۽ (انهن لاءِ) دوزخ ڪافي آهي ٻرندڙ باه. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اسين جلدي انهن کي باه ۾ داخل ڪنداسين، جڏهن به انهن جون کلون پچي وينديون اسين انهن جون ٻيون کلون تبديل ڪنداسين انهي لاءِ ته عذاب جو مزو چکن، بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا، جلدي اسين انهن کي بهشت ۾ داخل ڪنداسين جنهنجي هيٺان نهرون وهنديون هميشه اهي انهيءَ ۾ رهندا، انهن لاءِ بهشت ۾ پاڪ بيبيون هونديون ۽ اسين انهن کي هميشه وارين نعمتن ۾ داخل ڪنداسين |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
بيشڪ الله تعالى حڪم فرمائي ٿو توهان کي ته امانتون جن جون آهن انهن جي حوالي ڪريو، ۽ جڏهن توهان ماڻهن ۾ فيصلو ڪريو انصاف سان فيصلو ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان کي بهترين نصيحت فرمائي ٿو، بيشڪ الله تعالى ٻڌي (۽) ڏسي ٿو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي مؤ منو ! الله تعالى جو حڪم مڃو ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃو ۽ جيڪي توهان مان اسلامي حاڪم هجن، انهن جو حڪم مڃو پوءِ جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن ڳالهه جو اختلاف ٿئي ته الله تعالى ۽ رسولِ عربي جي حڪم ڏانهن فيصلو موٽايو جيڪڏهن توهان الله ۽ قيامت تي ايمان رکو ٿا، اهو تمام بهتر آهي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي تمام سهڻي آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
ڇا توهان اي حبيب ! انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا بيشڪ انهن ايمان آندو قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي توهان کان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ارادو ڪن ٿا ته شيطان کي پنهنجو فيصلو ڪندڙ بنايون ۽ تحقيق انهن کي حڪم ڪيو ويو ته شيطان کي نه مڃو، ۽ شيطان چاهي ٿو انهن کي گمراه ڪري گمراه ڪرڻ نهايت پري وارو |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قرآن ڪريم ۽ رسولِ عربيءَ جي طرف اچو ته توهان اي حبيب ! توهان ڏسندا ته اهي منافق توهان کان منهن ڦيرائيندا منهن ڦيرائڻ |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ ڇا ٿيندو جنهن وقت انهن تي مصيبت ايندي انهيءَ سببان جو بي فرماني ڪيائون انهيءَ کان پوءِ اي حبيب ! توهان وٽ اچي قسم کڻن ٿا الله جو ته نه ارادو ڪيو اسان مگر صلح ۽ ڀائپيءَ جو |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اهي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ جيڪي آهي الله انهيءَ کي ڄاڻي ٿو، پوءِ توهان اي حبيب ! انهن کان پاسو ڪريو ۽ توهان انهن کي نصيحت ڪريو ۽ توهان انهن جي معاملي ۾ پُر تاثير گفتگو فرمايو |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
۽ نه موڪليو اسان ڪنهن رسول کي مگر انهيءَ لاءِ الله جي حڪم سان ان جي فرمانبرداري ڪئي وڃي، ۽ جيڪڏهن بيشڪ انهن جنهن وقت پنهنجن جانين تي ظلم ڪيو (پوءِ) اي حبيب ! توهان جي خدمت ۾ اچن پوءِ الله کان معافي طلب ڪن ۽ رسولِ عربي سندن شفاعت ڪن ته ضرور الله کي توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو لهندا |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
پوءِ اي حبيب ! تنهنجي رب جو قسم آهي اُهي مؤمن ناهن جيستائين پنهنجي جھڳڙي ۾ توهان کي حاڪم نه بنائن پوءِ جيڪي ڪجھه فيصلو فرمايو پنهنجين دلين ۾ تڪليف دهه نه سمجھن ۽ سچي دل سان انهيءَ کي مڃن |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن تي فرض ڪريون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجا گھر ٻار ڇڏي ٻاهر نڪرو ته انهن مان ٿورڙا ايئن ڪن ها، جيڪڏهن بيشڪ اهي ايئن ڪن ها جيڪا کين نصيحت ڪئي وئي ته يقينن اهو ڏينهن انهن لاءِ بهتر هو ۽ دين تي ثابت قدم رهڻ هو |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ ايئن هجي ها ته ضرور اسان انهن کي پنهنجي طرفان اجر عظيم عطا فرمايون ها |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ انهن کي ضرور سڌي رستي تي هلايون ها |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃي ٿو پوءِ اهو انهن ماڻهن سان گڏ هوندو جن تي الله تعالى نعمت ڪئي (يعنى) نبين سان ۽ صديقن سان ۽ شهيدن سان ۽ صالحين سان، ۽ اهي بهترين دوست آهن |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اها الله تعالى جي طرفان ڀلائي آهي، ۽ الله تعالى ڪافي آهي علم رکندڙ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي مؤمنو توهان ڌيان سان پنهنجا هٿيار کڻو پوءِ دشمنن ڏانهن ٿورا ٿورا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ بيشڪ توهان مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي دير ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چوي ٿو ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو انهيءَ وقت آئون انهن سان گڏ موجود نه هيس |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن توهان کي مالِ غنيمت ملي ٿو ته گويا ڪه توهان جي پاڻ ۾ ڪا دوستي ڪانه هئي (چوي ٿو) افسوس ! آئون انهن سان گڏ هجان ها پوءِ وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
پوءِ انهن کي الله جي واٽ ۾ وڙهڻ گھرجي ها جيڪي آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي وڪڻن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪري ٿو پوءِ شهيد ٿئي ٿو يا فاتح ٿئي ٿو پوءِ اسين ان کي جلدي وڏو ثواب ڏينداسين |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد نٿا ڪريو ۽ ڪمزور مرد ۽ ڪمزور عورتون ۽ ٻار هيءَ دعا گھرن پيا اي اسان جا رب اسان کي هن ڳوٺ (مڪه) مان ٻاهر ڪڍ جنهنجا ماڻهو ظالم آهن، ۽ اسان کي پنهنجي طرفان ڪو حمايتي عطا ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي طرفان ڪو (بهترين) مددگار عطا ڪر |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
ڪن ماڻهن ايمان آڻي الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪيو، ۽ ڪن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ شيطان جي واٽ ۾ وڙهيا، پوءِ توهان اي مؤمنو شيطان جي دوستن کي قتل ڪريو، بيشڪ شيطان جي رٿ تمام ڪمزور آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا توهان انهن کي نه ڏٺو جن کي حڪم ڪيو ويو ته پنهنجن هٿن کي جنگ کان روڪيو ۽ توهان نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪئي وئي ته انهن مان ڪي ماڻهو ڪافرن کان ايئن ڊنا جيئن الله تعالى کان ڊنا يا ان کان به زياده، ۽ چيائون اي اسان جا رب اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيئي ڇو نه اسان کي ٿورو وقت جيئڻ لاءِ ڏنئي، اي حبيب ! توهان فرمايو دنيا جو مال ٿورڙو آهي، ۽ آخرت پرهيزگارن لاءِ بهتر آهي، ۽ توهان تي ڌاڳي برابر به ظلم نه ڪيو ويندو |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
توهان جنهن جاءِ تي هجو توهان کي موت اچي پهچندو جيتوڻيڪ توهان مضبوط قلعن ۾ هجو، ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا چڱائي پهچي ٿي ته چون ٿا هي الله جي طرفان آهي، ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا برائي پهچي ٿي ته چون ٿا هي رسولِ عربيءَ جي طرفان آهي. اي حبيب ! توهان فرمايو سڀ الله جي طرفان آهي، پوءِ هن قوم کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه نٿا سمجھن |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
(اي ٻڌندڙ) جيڪا توکي چڱائي پهچي ٿي سا الله تعالى جي طرفان آهي، ۽ جيڪا توکي برائي پهچي ٿي سا تنهنجي بداعمالي جي ڪري آهي، اي حبيب ! اسان توهان کي سڀني انسانن لاءِ رسول ڪري موڪليو، ۽ الله بهترين شاهد آهي |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
۽ جنهن ماڻهو رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃو پوءِ بيشڪ ان الله جو حڪم مڃو، ۽ جنهن انسان منهن موڙيو پوءِ بيشڪ اسان نه موڪليو توهان کي انهن تي نگهبان ڪري |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ چون ٿا اسان حڪم مڃو، پوءِ جڏهن توهان وٽان اٿن ٿا ته انهن مان ڪي ماڻهو رات جو توهان جي خلاف منصوبه بندي ڪن ٿا، ۽ الله لکڻ فرمائي ٿو انهن جون رات جون ڳالهيون، پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ۽ الله تعالى تي توڪل ڪريو ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڇا قرآن ڪريم جي علمن ۾ فڪر نٿا ڪن، ۽ جيڪڏهن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نازل ڪيل هجي ها ته انهيءَ ۾ گھڻو اختلاف لهن ها |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جنهن وقت انهن وٽ ڪا ڳالهه امن جي يا خوف جي اچي ٿي ته انهيءَ کي پکيڙين ٿا، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي رسولِ عربي ۽ اصحاب مصطفيٰ ڏانهن موٽائن ها ته ضرور انهن کان انهيءَ جي حقيقت معلوم ڪن ها جيڪي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ جيڪڏهن الله جي ڀلائي ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها ته ضرور توهان شيطان جي پويان هجو ها مگر ٿورڙا |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
اي حبيب ! پوءِ توهان الله جي راه ۾ جهاد ڪريو، ۽ نٿي تڪليف ڏني وڃي جهاد جي مگر توهان جي وجودِ مقدس کي ۽ مؤمنن کي جهاد جو شوق ڏياريو، ويجھو آهي جو الله تعالى ڪافرن جي سختي کي روڪي ڇڏي، ۽ الله تعالى جي گرفت تمام سخت آهي ۽ عذاب تمام سخت آهي |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو ماڻهو شريعت مطابق نيڪيءَ جي ڪم لاءِ سفارش ڪري ٿو ته انهي لاءِ انهي عمل مان حصو آهي، ۽ جيڪو غير شرعي ڪم لاءِ سفارش ڪري ٿو انهي لاءِ انهي بداعماليءَ مان حصو آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر مطلق آهي |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جيڪڏهن توهان کي ڪو ماڻهو سلام ڪري ٿو ته پوءِ ان کان بهتر لفظ سان توهان سلام جو جواب ڏيو يا ساڳيو سلام موٽايو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي حساب ڪندڙ آهي |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله تعالى آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو، ضرور گڏ ڪندو توهان کي قيامت جي ڏينهن جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ الله تعالى کان سچي ڪنهن جي ڳالهه ٿي سگھي ٿي؟ (يقيناً نه). |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
پوءِ توهان کي ڇا ٿيو جو منافقن جي معاملي ۾ توهان ٻه گروه بنجي ويا ۽ الله انهن کي ڦيرايو سندن عملن جي ڪري، ڇا توهان چاهيو ٿا ته واٽ ڏيکاريو ان کي جنهنکي الله تعالى گمراه ڪيو ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ هرگز نه لهندين تون انهي لاءِ واٽ کي |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
اهي چاهن ٿا ته جيڪر توهان ڪفر ڪريو جيئن انهن ڪفر ڪيو پوءِ توهان سڀئي هڪ جهڙا ٿيو، پوءِ انهن مان ڪنهن کي پنهنجو دوست نه بنايو جيستائين الله تعالى جي راه ۾ هجرت نه ڪن، پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙين پوءِ انهن کي پڪڙيو ۽ انهن کي قتل ڪريو جتي توهان کي ملن، ۽ انهن مان ڪنهن کي دوست ۽ مددگار نه بنايو |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
مگر اهي ماڻهو جيڪي اهڙي قبيلي سان تعلق رکن ٿا جنهن سان توهان معاهدو ڪيو آهي يا توهان وٽ آيا ۽ سندن سينا تنگ ٿيا جو توهان سان مقابلو ڪن يا پنهنجي قبيلي سان مقابلو ڪن، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گھري ها ته انهن جون دليون مضبوط ٿين ها، پوءِ توهان سان مقابلو ڪن ها، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کان پاسو ڪن ۽ مقابلو نه ڪن ۽ توهان سان صلح ڪن، پوءِ الله تعالى مقرر نه ڪيائين توهان تي انهن سان جنگ ڪرڻ |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
جلدي لهندا توهان ٻين ماڻهن کي جيڪي ارادو ڪن ٿا توهان کان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن، اهي جڏهن ڪڏهن مسلمانن سان جنگ ڪن ٿا ته انهيءَ ۾ هلاڪ ٿين ٿا، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کان پاسو نه ڪن ۽ صلح نه ڪن ۽ پنهنجن هٿن کي جھيڙي کان نه روڪين پوءِ وٺو توهان انهن کي ۽ قتل ڪريو توهان انهن کي جتي توهان کي ملن، ۽ اُهي ئي آهن جن تي اسان توهان کي چٽو اختيار ڏنو آهي |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ مؤمنن جو شان ناهي جو ڪنهن مؤمن کي قتل ڪري مگر غلطي سان، ۽ جيڪو ماڻهو مؤمن کي غلطي سان قتل ڪري ٿو ته ان تي مسلمان ٻانهي کي آزاد ڪرڻو آهي ۽ خون بها ادا ڪري مقتول جي وارثن کي مگر اهو جو وارث معاف ڪن، پوءِ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قبيلي مان آهي جيڪي توهان جا دشمن آهن ۽ مقتول مؤمن آهي پوءِ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي، ۽ جيڪڏهن مقتول انهي قبيلي مان آهي جن سان توهان جو معاهدو ڪيل آهي پوءِ ان جي وارثن کي خون بها ڏيو ۽ مسلمان ٻانهو آزاد ڪريو، پوءِ جنهن وٽ ٻانهو ناهي ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، اها الله تعالى وٽ قاتل جي توبه آهي ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو ماڻهو ڪنهن مؤمن کي ارادي سان قتل ڪري ٿو ته ان جي جزا جهنم آهي اهو هميشه انهي ۾ رهندو ۽ قاتل تي الله تعالى جو غضب آهي ۽ لعنت آهي ۽ قاتل لاءِ الله تعالى وڏو عذاب تيار ڪيو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي مؤمنو جڏهن جهاد لاءِ توهان سفر ڪريو ته تحقيقات ڪريو ۽ توهان انهي ماڻهو کي نه چئو ته تون مسلمان ناهين جيڪو چوي ٿو ته آئون مؤمن آهيان، توهان دنيا جو سامان طلب ڪريو ٿا، پوءِ الله تعالى وٽ مالِ غنيمت گھڻو آهي، توهان به پهرين ايئن هئا پوءِ الله تعالى توهان تي احسان فرمايو پوءِ توهان تي تحقيقات ڪرڻ ضروري آهي، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
برابر نٿا ٿين اهي مؤمن جيڪي بغير ڪنهن سبب جي جهاد کان ويهن ٿا ۽ اهي مؤمن جيڪي الله جي راه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا، الله تعالى ڀلو ڪيو انهن مجاهدن کي جيڪي پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا پوءِ ڀلو ڪيو ويهندڙن کان، ۽ الله تعالى سڀني سان ڀلائي جو وعدو فرمايو، ۽ الله تعالى جهاد ڪندڙن کي ويهندڙن کان وڏي ثواب سان ڀلو ڪيوآهي |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
الله جي طرفان درجا ۽ مغفرت ۽ رحمت انهن لاءِ آهي، ۽ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن جا روح ملائڪ ڪڍن ٿا انهي حال ۾ جو پنهنجي نفسن تي ظلم ڪندا هئا، فرشتا انهن کي چون ٿا توهان ڪهڙي مشغولي ۾ هئا، (جواب ۾) اهي چون ٿا ته اسين زمين ۾ ڪمزور هئاسين، ملائڪن چيو ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ان ۾ هجرت ڪريو ها، پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ تمام خراب ٿي جاءِ موٽڻ جي |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
مگر جيڪي ڪمزور آهن مردن مان ۽ عورتن مان ۽ ٻارن مان جيڪي ڪنهن حيلي جي توفيق نٿا رکن ۽ رستي جي کين خبر ناهي |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
پوءِ انهن ماڻهن کي جلدي الله تعالى بخش فرمائيندو، ۽ الله تعالى معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو مسلمان الله جي واٽ ۾ هجرت ڪندو اهو زمين ۾ گھڻي جاءِ ۽ گھڻي گنجائش لهندو، ۽ جيڪو مسلمان پنهنجي گھر مان نڪري ٿو هجرت ڪندڙ، الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي طرف انهي کان پوءِ ان کي موت اچي پهتو پوءِ بيشڪ ان جي هجرت جو ثواب الله تعالى جي ذمي ٿيو، ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن توهان زمين ۾ مسافري ڪريو ته توهان تي ڪو گناه ناهي جو ڪن نمازن کي گھٽ ڪري پڙهو، جيڪڏهن توهان کي خوف آهي ته توهان کي ڪافر تڪليف ڏيندا، بيشڪ ڪافر توهان جا چٽا دشمن آهن |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
اي حبيب ! جڏهن توهان مؤمنن ۾ موجود هجو پوءِ نماز ۾ انهن کي امامت ڪرايو پوءِ گھرجي ته انهن مان هڪ جماعت توهان سان گڏ هجي ۽ اهي پنهنجا هٿيار کڻي بيهن، پوءِ جڏهن اهي رڪعت پوري ڪن ته توهان کان پويان هٽي بيهن، ۽ هاڻي ٻي جماعت اچي نماز پڙهي جن نماز نه پڙهي پوءِ اهي هڪ رڪعت توهان جي پويان پڙهن ۽ اهي پنهنجي بچاءُ لاءِ هٿيار کڻي بيهن، ڪافرن جو ارادو آهي ته جيڪر توهان پنهنجن هٿيارن ۽ سامان کان غافل رهو ته جيئن توهان کي هڪ حملي سان ختم ڪري ڇڏن، ۽ توهان تي گناه ناهي جيڪڏهن توهان کي مِينهن جي ڪري تڪليف پهچي ٿي يا بيمار آهيو ته پنهنجا هٿيار بدن تان لاهي رکو، ۽ پنهنجو بچاءَ ڳوليو، بيشڪ الله تعالى ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪيو آهي |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن توهان نماز کان فارغ ٿيو پوءِ الله تعالى جو ذڪر ڪريو بيهڻ ۾ ۽ ويهڻ ۾ ۽ پاسيري سمهڻ ۾، پوءِ جڏهن اطمينان سان ٿيو پوءِ نماز قائم ڪريو، بيشڪ نماز مؤمنن تي وقت مقرر ڪيل ۾ فرض مقرر ڪيل آهي |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ ڪافرن جي تلاشي ۾ سُست نه ٿيو، جيڪڏهن توهان کي ڏک پهتو آهي پوءِ بيشڪ انهن کي به ڏک پهتو جيئن توهان کي ڏک پهتو ۽ الله تعالى ۾ توهان اميد رکو ٿا جيڪا اميد ڪافر نٿا رکن، ۽ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
اي حبيب ! بيشڪ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم حق سان نازل فرمايو انهي لاءِ ته توهان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو وحِي رباني سان، ۽ غدارن جي طرفان اختلاف نه ڪريو |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان معافي طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ انهن جي طرفان اختلاف نه ڪريو جيڪي پاڻ کي خيانت ۾ وجھن ٿا، بيشڪ الله تعالى پسند نٿو فرمائي انهي ماڻهو کي جيڪو خيانت ڪندڙ گنهگار آهي |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
اهي ماڻهن کان لڪائن ٿا ۽ الله تعالى کان نٿا لڪائن حالانڪه الله تعالى انهن سان گڏ آهي جنهن وقت دل ۾ اها ڳالهه تجويز ڪن ٿا جيڪا الله تعالى کي ناپسند آهي، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي گھيرو ڪندڙ آهي |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
ٻُڌو ٿا، توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي اختلاف ڪريو ٿا انهن جي طرفان دنيا جي حياتي ۾، پوءِ انهن جي طرفان ڪير اختلاف ڪندو الله سان قيامت جي ڏينهن يا ڪير انهن جو وڪيل هوندو |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو ماڻهو گناه ڪري ٿو يا پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪري ٿو پوءِ الله تعالى کان بخشش طلب ڪري ٿو ته الله تعالى کي بخشيندڙ ٻاجھارو ڪري لهندو |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو گناه ڪري ٿو پوءِ بيشڪ ان جي جزا انهي تي پوندي، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو ماڻهو خطا ڪري ٿو يا گناه ڪري ٿو پوءِ ان گناه کي بي گناه تي هڻي ٿو پوءِ بيشڪ ان بهتان ۽ چٽو گناه پاڻ تي کنيو |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ جيڪڏهن اي حبيب ! توهان جي مٿان الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته البته ڪجھه ماڻهو ارادو ڪن ٿا ته توهان کي صحيح فيصلي کان روڪين، ۽ نٿا گمراه ڪن مگر پنهنجو پاڻ کي ۽ توهان کي اي حبيب ! ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نٿا سگھن، ۽ الله تعالى نازل فرمايو توهان تي قرآن ڪريم ۽ حڪمتِ عظيم ۽ توهان کي سيکاريائين جيڪو ڪجھه توهان جي معلومات ۾ نه هو، ۽ الله تعالى جو توهان جي مٿان عظيم احسان آهي |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
انهن جي گھڻن مشورن ۾ خير ناهي مگر جيڪو ماڻهو نيڪيءَ جو چوي يا سهڻي ڳالهه چوي يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي رضامندي خاطر ايئن ڪري ٿو پوءِ جلدي اسين ان کي گھڻو ثواب ڏينداسين |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو ماڻهو رسولِ عربيءَ جي مخالفت ڪري انهيءَ کان پوءِ جو هدايت اُن لاءِ ظاهر ٿي چڪي ۽ مسلمانن جي رستي کان ٻئي رستي تي هليو، ڦيرائينداسين ان ماڻهو کي اوڏانهن جيڏانهن پاڻ منهن ڦيرايائين ۽ ان کي جهنم ۾ داخل ڪنداسين، ۽ اها خراب جاءِ آهي موٽڻ جي |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله تعالى نٿو بخش ڪري جو ان سان ڪنهن کي برابر ڪيو وڃي ۽ انهي کان سواءِ جنهنکي چاهي بخش ڪري ٿو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان ڪنهن کي برابر ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اهو پري واري گمراهيءَ ۾ پيو |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
(اهي) نٿا عبادت ڪن مگر بتن جي جيڪي مؤنث آهن، ۽ نٿا عبادت ڪن مگر (تڪبر ڪندڙ) شيطان جي |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
الله تعالى انهن تي لعنت موڪلي، ۽ (شيطان) چيو مون کي قسم آهي آئون ضرور الله جي ٻانهن مان ڪجھه حصو پنهنجو ڪري وٺندس |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ قسم سان آئون انهن کي گمراه ڪندس ۽ ضرور انهن کي خراب خيال ڏياريندس ۽ ضرور انهن کي چوندس ته چؤپائي مال جا ڪن چِيرين ۽ ضرور انهن کي چوندس ته الله تعالى جي خلقت ۾ تبديلي ڪن، ۽ جيڪو الله تعالى کي ڇڏي شيطان کي پنهنجو مددگار بنائي ٿو پوءِ بيشڪ اهو چِٽي نقصان ۾ پيو |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان انهن کي وعدو ڏئي ٿو ۽ خراب خيال ڏياري ٿو، ۽ نٿو وعدو ڪري انهن سان (شيطان) مگر ٺڳيءَ جو |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ جهنم سان بچڻ جي ڪابه جاءِ نه لهندا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا جلدي اسان انهن کي باغن ۾ داخل ڪنداسين جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي هميشه هميشه بهشت ۾ رهندا، الله تعالى جو وعدو سچو آهي، ۽ الله تعالى کان وڌيڪ ڪنهن جي ڳالهه سچي ٿي سگھي ٿي! |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
ناهي (نجات مشرڪن جي) اميدن تي ۽ ناهي (نجات) اهلِ ڪتاب وارن جي اميدن تي، جيڪو گناه ڪندو ان کي انجي سزا ملندي، ۽ نه لهندو اهو ماڻهو الله کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ مددگار |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو چاهي اهو مرد آهي يا عورت آهي ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اُهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان تِر برابر به ظلم نه ڪيو ويندو |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ انهي کان زياده سهڻو دين ڪنهن جو آهي جنهن پنهنجي چِهري کي الله تعالى لاءِ جھُڪايو ۽ اهو نيڪوڪار آهي ۽ دينِ ابراهيمي جي تابعداري ڪئي جيڪو حق ڏانهن لڙندڙ آهي، ۽ الله تعالى (حضرت) ابراهيم کي پنهنجو سچو دوست بنايو |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ الله تعالى لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي (پنهنجي علم سان) گھيري ۾ ڪندڙ آهي |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
۽ اي حبيب ! توهان کان اهي عورتن بابت فتويٰ معلوم ڪن ٿا، توهان فرمايو الله توهان کي انجي فتويٰ ڏئي ٿو، ۽ جيڪو توهان تي پڙهيو وڃي ٿو قرآن ڪريم ۾ انهن يتيم عورتن بابت جن کي توهان نٿا ڏيو جيڪو انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ توهان خواهش ڪريو ٿا ته انهن عورتن سان نڪاح ڪريون ۽ ننڍڙن ضعيف ٻارن کي سندن حق ڏيو، ۽ يتيمن سان توهان انصاف ڪريو، ۽ توهان جيڪا نيڪي ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى انهيءَ کي ڄاڻندڙ آهي |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي يا نه ڳالهائڻ جو خوف ڪري پوءِ ناهي گناه انهن ٻنهي تي جو پنهنجو پاڻ ۾ صلح ڪن، ۽ صلح ڪرڻ تمام بهتر آهي، ۽ دليون (انسان جون) لالچ ڪندڙ آهن، ۽ جيڪڏهن توهان چڱائي ۽ پرهيزگاري ڪندا پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ هرگز توهان طاقت رکي نٿا سگھو جو انصاف ڪريو پنهنجن زالن جي وچ ۾ جيتوڻيڪ توهان حرص رکو پوءِ سمورو لاڙو هڪ زال ڏانهن رکي پوءِ ٻيءَ کي لٽڪيل وانگر ڇڏي نه ڏيو، ۽ جيڪڏهن توهان انصاف ڪندا ۽ خوفِ خدا رکندا پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ جدا ٿيا ته ٻنهي کي الله تعالى پنهنجي فضل سان نوازيندو، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ حڪمت وارو آهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ الله تعالى جي لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ يقيناً تحقيق حڪم ڪيو اسان اهلِ ڪتاب وارن کي جيڪي توهان کان اڳ ۾ هئا، ۽ توهان مسلمانن کي حڪم هي ڪيوسين ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندا پوءِ بيشڪ الله جي لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪي ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى بي نياز ساراهيل آهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ الله تعالى لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته اي انسانو توهان کي ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻين ماڻهن کي آڻي، ۽ الله تعالى انهي تي قادر مطلق آهي |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو ماڻهو ارادو ڪري ٿو ثواب دنيا جي کي پوءِ الله تعالى وٽ ثواب آهي دنيا ۽ آخرت جو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي مؤمنو توهان انصاف تي قائم رهو (۽) شاهدي خدا ڪارڻ ڏيو جيتوڻيڪ توهان جي پنهنجي پاڻ تي شاهدي هجي يا پيءُ ماءُ تي يا مائٽن تي، جنهن تي شاهدي ڏيو اهي امير هجن يا غريب پوءِ الله تعالى انهن کان وڌيڪ آهي، پوءِ توهان پنهنجن سڌن تي نه هلو جو حق کان پري هٽي وڃو، ۽ جيڪڏهن توهان شاهدي ڦيرايو يا شاهدي نه ڏيو پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي مؤمنو! ايمان آڻيو توهان الله تعالى تي ۽ رسولِ عربي تي ۽ قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ۽ جيڪو نٿو مڃي الله تعالى کي ۽ ملائڪن کي ۽ ڪتابن کي ۽ رسولن کي ۽ قيامت کي پوءِ بيشڪ گمراه ٿيو پري جو گمراه ٿيڻ |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو انهي کان پوءِ ڪفر ڪيو انهي کان پوءِ ايمان آندو انهي کان پوءِ ڪفر ڪيو پوءِ ڪفر ۾ زياده ٿيا، هرگز نه بخش ڪندو الله تعالى انهن کي ۽ نه انهن کي سڌي رستي تي هدايت ڏيندو |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
توهان منافقن کي خوشخبري ٻڌايو ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جيڪي ماڻهو ڪافرن کي دوست بنائن ٿا مؤمنن کان سواءِ، ڇا طلب ڪن ٿا انهن وٽ عزت کي پوءِ بيشڪ سموري عزت الله تعالى وٽ آهي |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي قرآن ۾ نازل فرمايو ته جڏهن توهان الله جون آيتون ٻڌيون اهي انهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهي سان مذاق ڪن ٿا پوءِ توهان انهن سان گڏ نه ويهو جيستائين اهي ٻين ڳالهين ۾ مشغول نه ٿين، ۽ جيڪڏهن نه ته بيشڪ توهان به انهن جهڙا آهيو، بيشڪ الله تعالى منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪندو |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
جيڪي ماڻهو توهان جي هلاڪت جو انتظار ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي الله جي طرفان فتح حاصل ٿئي ٿي، چون ٿا ڇا اسين توهان سان گڏ نه آهيون، ۽ جيڪڏهن ڪافرن کي ڪا ڪاميابي ٿئي ٿي، چون ٿا ڇا اسان کي توهان جي مٿان غلبو نه هو ۽ ڇا اسان توهان کي مؤمنن کان نه بچايو؟ پوءِ الله تعالى فيصلو ڪندو توهان سڀني جو قيامت جي ڏينهن، ۽ هرگز الله تعالى ڪافرن کي مسلمانن تي ڪوبه رستو نه ڏيندو |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ منافق (پنهنجي سمجھه مطابق) الله تعالى سان فريب ڪن ٿا ۽ اهوئي انهن کي فريب جي جزا ڏئي ٿو، ۽ جڏهن نماز لاءِ بيهن ٿا ته اهي سُست ٿي بيهن ٿا، ماڻهن کي ڏيکارن ٿا ۽ الله تعالى کي ياد نٿا ڪن مگر ٿورو پريشان آهن |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
(ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾، نه هيڏانهن جا ٿيا ۽ نه هوڏانهن جا ٿيا، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ هرگز نه لهندين تون انهن لاءِ ڪنهن رستي کي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي مؤمنو! توهان (ڪڏهن به) ڪافرن کي دوست نه بنايو سواءِ مؤمنن جي، ڇا توهان ارادو ڪريو ٿا جو پنهنجي مٿان (ڪافرن سان دوستي رکي) الله لاءِ چٽو دليل پيدا ڪريو |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بيشڪ منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺئين درجي ۾ آهن، ۽ (اي ٻڌندڙ) هرگز نه لهندين تون انهن لاءِ ڪنهن مددگار کي |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ نيڪ ڪم ڪيائون الله تعالى جي دين کي پڪڙيائون ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪيائون پوءِ اهي مؤمنن سان گڏ آهن، ۽ جلدي الله تعالى مؤمنن کي اجرِ عظيم عطا فرمائيندو |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
الله تعالى توهان کي عذاب ڏيئي ڇا ڪندو جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن جو شڪرانو مڃو ۽ ايمان آندو، ۽ الله تعالى شڪرانو قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله تعالى پسند نٿو فرمائي خراب ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ کي مگر جنهن ماڻهوءَ سان ظلم ڪيو ويو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن توهان ڪا نيڪي ظاهر ۾ يا ڳجھه ۾ ڪريو ٿا يا ڪنهن جي برائي درگذر ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى معاف ڪندڙ قادر آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسولن کي نٿا مڃين ۽ ارادو ڪن ٿا ته الله تعالى تي ايمان آڻين ۽ پاڪ رسولن جو انڪار ڪن ۽ چون ٿا ايمان آندو اسان ڪن رسولن تي ۽ انڪار ڪيو اسان ڪن رسولن جو، ۽ ارادو ڪن ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ مان ڪا واٽ ڪڍن |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اِهي ئِي پڪا ڪافر آهن ۽ اسان تيار ڪيو آهي ڪافرن لاءِ خواريءَ واري عذاب کي |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو الله تعالى تي ۽ سندس رسولن تي ۽ انهن مان ڪنهن تي ايمان آڻڻ ۾ فرق نه ڪيائون انهن ماڻهن کي الله تعالى جلدي سندن ثواب ڏيندو ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
اي حبيب ! توهان کان يهودي سوال ڪن ٿا ته انهن تي آسمان مان هڪ دفعي سان ڪتاب نازل ٿئي، پوءِ بيشڪ (انهن) موسيٰ کان انهي کان به وڏو سوال ڪيو جو چيائون ته اسان کي الله تعالى ظاهر بظهور ڏيکار پوءِ انهن کي باه هلاڪ ڪيو سندن ظلمن جي ڪري پوءِ گابي جي عبادت ڪيائون معجزن اچڻ کان پوءِ به، پوءِ اسان (اها ڳالهه) معاف فرمائي ۽ اسان (حضرت) موسيٰ کي روشن غلبو عطا فرمايو |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ يهودين جي مٿان اسان (اڇلائڻ لاءِ) طورسينا جبل بلند ڪيو پڪي وعدي وٺڻ لاء ۽ اسان انهن کي فرمايو توهان (ايليا شهر جي) دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو ۽ اسان يهودين کي فرمايو ته ڇنڇر تي مڇيءَ جو شڪار نه ڪريو ۽ اسان يهودين کان پڪو وعدو ورتو |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ وعدي خلافي سببان (اسان انهن تي لعنت ڪئي) ۽ انهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ نبين کي ناحق شهيد ڪيو ۽ انهن جو چوڻ هو ته اسان جي دلين تي پردا آهن بلڪه سندن ڪفر سببان الله انهن جي دلين تي مُهر هنئي پوءِ ايمان نٿا آڻن مگر ٿورڙا |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ (حضرت) عيسيٰ جي انڪار ڪرڻ سببان ۽ (بيبي) مريم تي وڏي بُهتان هڻڻ سببان |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ انهن جو چوڻ ته بيشڪ اسان مسيح عيسيٰ پُٽ مريم الله جي رسول کي قتل ڪيو آهي، ۽ انهن عيسيٰ کي قتل نه ڪيو ۽ نه ڦاسي ڏني ۽ پر عيسيٰ جهڙي هم شڪل کي قتل ڪيو ۽ بيشڪ جن ماڻهن اختلاف ڪيو عيسيٰ متعلق اهي ضرور شڪ ۾ آهن. انهن کي عيسيٰ جي قتل جو علم ناهي مگر گمان ڪن ٿا ۽ انهن عيسيٰ کي يقيناً قتل نه ڪيو |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪه الله تعالى عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن کڻايو ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ سڀئي يهودي ۽ نصاريٰ رسولِ عربي تي سڪرات وقت ضرور ايمان آڻيندا (مگر پوءِ سندن ايمان قبول نه ڪيو ويندو) ۽ رسولِ عربي قيامت جي ڏينهن انهن تي شاهد هوندو |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ يهودين جي ظلم ڪرڻ سببان اسان انهن تي پاڪ شيون حرام ڪيون جيڪي انهن لاءِ حلال هيون ۽ انهي ڪري جو اهي الله جي واٽ کان گھڻي مخلوق کي روڪيندا هئا |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ اهي وياج کائيندڙ هئا، حالانڪه تحقيق کين انهي کان روڪيو ويو ۽ اهي ماڻهن جو مال ناحق کائيندا هئا، ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر انهن مان علم جا پڪا ۽ مؤمن ايمان آڻن ٿا قرآن ڪريم تي ۽ جيڪي ڪتاب اڳ ۾ نازل ڪيا ويا ۽ نماز پڙهندڙ ۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ ايمان آڻيندڙ الله تعالى تي ۽ قيامت تي، اسان انهن ماڻهن کي جلدي اجرِ عظيم ڏينداسين |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
اي حبيب ! بيشڪ اسان توهان ڏانهن وحي موڪلي جيئن وحي موڪلي اسان (حضرت) نوح ۽ ان کان پوءِ رسولن ڏانهن ۽ وحي موڪلي اسان (حضرت) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندس اولاد ڏانهن ۽ (وحي موڪلي سين) اسان (حضرت) عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ اسان (حضرت) داؤد کي زبور عطا ڪيو |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ (موڪليل) رسولن مان بيشڪ ڪن پيغمبرن جا اسان توهان تي هن کان اڳ قصا (بيان) ڪيا ۽ ڪن پيغمبرن جا اسان توهان تي قصا (بيان) نه ڪيا ۽ الله تعالى (حقيقت ۾ بغير واسطي جي) (حضرت) موسيٰ سان ڪلام فرمايو |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اسان رسولن کي مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو انهي لاءِ ته ماڻهن جي الله تي ڪابه حجت نه رهي رسولن موڪلڻ کان پوءِ، ۽ الله تعالى غالبِ حڪمت وارو آهي |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله تعالى قرآن ڪريم جي شاهدي ڏئي ٿو ته قرآن ڪريم کي پنهنجي خاص علم سان پاڻ نازل فرمايو اٿس ۽ ملائڪ نبوت جي شاهدي ڏين ٿا ۽ الله تعالى جي شاهدي ڪافي آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بيشڪ جن ماڻهن رسولِ عربي کي نه مڃيو ۽ دينِ اسلام کان (ٻين کي) روڪيو تحقيق اهي سخت گمراه ٿيا |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ جن ماڻهن الله جو انڪار ڪيو ۽ رسولِ عربي جي تعريف لڪائي، الله تعالى انهن کي بخش نه ڪندو ۽ نه انهن کي ڪو صحيح رستو ڏيکاريندو |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
مگر رستو جهنم جو هميشه هميشه اهي جهنم ۾ رهندا، ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ آسان آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! تحقيق توهان وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا قرآن ڪريم سان گڏ جيڪو توهان جي رب جي طرفان آهي پوءِ توهان ايمان آڻيو ته توهان لاءِ بهتر ٿيندو ۽ جيڪڏهن توهان انڪار ڪيو پوءِ بيشڪ الله لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمان ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ پر الله تعالى گھڻو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي عيسائي مذهب وارا توهان پنهنجي دين ۾ حد کان نه وڌو ۽ الله تعالى لاءِ اُها ڳالهه ڪريو جيڪا حق آهي. مسيح (يعنى) عيسيٰ پٽ مريم جو الله جو رسول ۽ الله جي حڪم جو نتيجو آهي. جيڪو الله تعالى بيبي مريم ڏانهن پهچايو ۽ الله جي رحمت آهي پوءِ توهان الله ۽ الله جي رسولن تي ايمان آڻيو ۽ توهان نه چئو ته ٽي خدا آهن، توهان پاڻ کي ان ڳالهه کان روڪيو ته توهان لاءِ اهو بهتر آهي، فقط هڪ الله عبادت جي لائق آهي، پاڻ اولاد کان پاڪ آهي، سندس ملڪيت آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. ۽ الله تعالى (سڀني جهانن جي) سنڀالڻ لاءِ ڪافي آهي |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
هرگز نٿو عيب سمجھي (حضرت) عيسيٰ جو اهو الله جو ٻانهو هجي ۽ ملائڪ مقرب به الله تعالى جي ٻانهن ٿيڻ ۾ عيب نٿا سمجھن ۽ جيڪو ماڻهو الله جي عبادت کي عيب سمجھي ٿو ۽ وڏائي ڪري ٿو پوءِ جلدي انهن سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪيو ويندو |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پر پوءِ انهن ماڻهن جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پوءِ انهن کي سندن پورو ثواب ملندو ۽ الله تعالى پنهنجي فضل سان انهن لاءِ ثواب زياده فرمائيندو، ۽ پر جن ماڻهن الله جي عبادت کان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي پوءِ الله تعالى انهن کي دردناڪ عذاب ڪندو، اهي الله تعالى کان سواءِ ڪوبه مددگار ۽ حمايتي نه لهندا |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، ۽ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم موڪليو |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پر پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ الله جي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو پوءِ الله تعالى جلدي انهن کي پنهنجي رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانهن سنئين رستي تي هلائيندو |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
اي حبيب ! توهان کان فتويٰ پڇن ٿا ڪلاله بابت، توهان فرمايو الله تعالى ڪلاله (جنهن ماڻهو کي پيءُ ماءُ ۽ اولاد نه هجي) متعلق فرمائي ٿو، جيڪڏهن اهو ماڻهو فوت ٿي ويو ۽ ان کي اولاد نه آهي ۽ ان کي ڀيڻ آهي پوءِ ڀيڻ لاءِ اڌ ملڪيت آهي جيڪا فوتي ڇڏي ۽ مرد ڀيڻ جو وارث ٿيندو جيڪڏهن ڀيڻ کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن ٻه ڀيڻون هجن ملڪيت ۾ انهن جا (ٽن حصن مان) ٻه حصا آهن جيڪا ملڪيت ڇڏي ويو ۽ جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ (وارث) هجن مرد به عورتون به (وارث) هجن پوءِ مرد جو حصو ٻن عورتن جي برابر آهي، الله بيان فرمائي ٿو ته متان توهان گمراه ٿيو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي |