يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو! پنهنجي رب کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، ان مان سندس جوڙو پيدا ڪيائين ۽ انهن مان گهڻي ئي مرد ۽ زالون پکيڙيائين. ۽ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن جي نالي تي هڪٻئي کان سوال ڪندا آهيو ۽ مٽيءَ مائٽيءَ (ڇنڻ کان بچو) بيشڪ الله اوهان کي ڏسي رهيو آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
يتيمن کي سندن مال موٽائي ڏيو، (سندن) چڱي شيءِ کي (پنهنجي) نڪميءَ شيءِ سان نه بدلايو، ۽ سندن مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
جيڪڏهن اوهان کي ڊپ آهي يتيم (ڇوڪرين) سان انصاف نه ڪري سگهندؤ ته (انهن کانسواءِ) ٻين عورتن مان ٻن يا ٽن چئن سان نڪاح ڪريو پر جيڪڏهن ڊپ هجي، ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪ (ڪافي آهي) يا ٻانهي اها بي انصافي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ چڱي ڳالهه آهي. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيندا ڪريو. پنهنجي خوشي سان ان مان ڪجهه ڇڏين، ته ان کي مزي سان کائو. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ بي سمجهن کي سندن مال نه ڏيو، جنهن کي الله اوهان جي روزگار جو وسيلو بڻايو آهي. ان مان انهن کي کارائيندا ۽ ڍڪائيندا رهو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
يتيمن کي آزمايو جيسين نڪاح جي عمر کي پهچن. پوءِ جيڪڏهن توهان کي انهن ۾ سمجهه نظر اچي ته سندن مال کين حوالي ڪريو، سندن مال کي وڏي ٿيڻ جي خوف کان اجايو خرچ ڪري جلدي نه کپايو. جيڪو سرنديءَ وارو آهي تنهن کي بچڻ گهرجي ۽ جيڪو غريب هجي اهو مناسب طرح کائي. جڏهن اوهين کين سندن مال موٽائي ڏيو ته مٿن شاهد ڪندا ڪريو (حقيقت) ۾ ته الله ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
جيڪا ملڪيت پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ ڇڏي مرن تنهن ۾ مردن جو به مقرر ڪيل حصو آهي ۽ زالن جو به، پوءِ کڻي ٿورو مال هجي يا گهڻو. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
جڏهن ورثي جي ورهاڱي وقت مٽ مائٽ يتيم ۽ مسڪين اچن، ته انهن کي به ان مان ڪجهه ڏيندا ڪريو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
انهن ماڻهن کي ڊڄڻ گهرجي، ته جيڪڏهن هو پنهنجي پٺيان ڪمزور اولاد ڇڏي وڃن، ته هوند کين ڪهڙو نه انديشو ٿئي! تنهنڪري انهن کي الله کان ڊڄڻ گهرجي ۽ کين پڪي پختي ڳالهه چوڻ گهرجي. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
جيڪي شخص بي انصافيءَ سان يتيمن جي مال کي کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽ ۾ رڳي باهه ٿا وجهن ۽ جلد ئي دوزخ ۾ پوندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله اوهان کي پنهنجي اولاد بابت حڪم ڏئي ٿو، ته پٽ لاءِ ٻن ڌيئرن جيترو حصو هجي. جي هي ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن، ته انهن لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جي هڪ ڇوڪري آهي ته ان لاءِ اڌ. ۽ ميت جي پٽ هجڻ واريءَ حالت ۾ پيءُ ماءُ لاءِ سندس ڇڏيل ملڪيت مان هر هڪ جي ڇهين پتي آهي جيڪڏهن اولاد نه اٿس ۽ سندس وارث پيءُ ماءُ هجن، ته ماءُ لاءِ ٽين پتي آهي. جيڪڏهن ميت جا ڀائر به هجن، ته ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي. (مگر اهي حصا) ميت جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کان پوءِ ٿيندا (ڏسو) اوهان جا ابا ڏاڏا به آهن ۽ اوهان جو اولاد به آهي. اوهان کي خبر نه آهي ته انهن مان ڪير اوهان کي فائدي پهچائڻ ۾ وڌيڪ آهي. تنهن ڪري الله ئي حصا مقرر ڪيا آهن، پڪ اهوئي ڄاڻيندڙ ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
جيڪو مال اوهان جون زالون ڇڏين، ان ۾ اوهان جو اڌ آهي، جي انهن کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي اٿن ته پوءِ اوهان جو ان جي ڇڏيل مال جو چوٿون حصو آهي. (اهي حصا) انهن جي ڪيل وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهن. جيڪڏهن اوهان کي اولاد نه آهي ته پوءِ اوهان جي ڇڏيل ملڪيت ۾ انهن جو چوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺون حصو آهي. (اهي حصا) اوهان جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کانپوءِ آهن ۽ جي اهڙي مرد يا زال جو ورثو هجي، جنهن کي پيءُ يا پٽ نه هجي ۽ ان کي ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هر هڪ جو ڇهون حصو آهي ۽ جي ان کان گهڻا هجن، ته پوءِ سڀني جو (گڏ) هڪ ٽهائي حصو آهي. اها وراهپ بي نقصان، وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهي، اهو الله جو حڪم آهي ۽ الله خوب ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اهي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، ان کي هو اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدن کان نڪري ويندو ته ان کي هو دوزخ ۾ داخل ڪندو جتي هميشه رهندو ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب هوندو. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن، ته انهن لاءِ پنهنجن ماڻهن مان چئين جي شاهدي وٺو، جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين، ته انهن کي گهرن ۾ بند رکو. جيسين انهن کي موت ماري، يا انهن لاءِ الله ڪو رستو پيدا ڪري. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ جيڪي به ٻه مرد اوهان مان بدڪاري ڪن ته انهن کي ايذاءَ ڏيو. پوءِ جي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ، مهربان آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
جي نادانيءَ ڪري بڇڙائي ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ جلد ئي توبهه ڪن ٿا، اهڙن تي الله مهرباني ڪري ٿو ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ انهن جي توبهه قبول نه ٿي ٿئي، جي بڇڙا ڪم ڪندا رهن ٿا. ايتري تائين جو جڏهن منجهائن ڪنهن وٽ موت اچي ٿو تڏهن چوي ”مون هاڻي توبهه ڪئي“ نڪي انهن جي، جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. اهڙن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي مومنو! اوهان کي جائز نه آهي، ته زبردستيءَ زالن جا وارث بڻجي وڃو ۽ انهن کي انهيءَ لاءِ روڪي رکو، ته جيڪي انهن کي ڏنو اٿو، ان مان ڪجهه هٿ ڪريو. سواءِ انهيءَ جي، جو پڌري بدڪاري ڪن ۽ انهن سان چڱي نموني هلو. جيڪڏهن اوهان کي نه وڻن ته عجب ناهي، جو اوهان کي ڪا چيز نه وڻي، پر الله تعاليٰ ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال کي ڇڏي ان جي بدلي ٻي زال ڪرڻ گهرو ۽ هڪڙيءَ کي گهڻو مال ڏنو هجيوَ ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا اوهين پنهنجي ڏنل مال کي بهتان ۽ کلئي ظلم سان وٺندؤ؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
ڪيئن ان کي موٽائي وٺندؤ، جڏهن ته اوهان هڪ ٻئي سان مرد ۽ زال ٿي رهيا آهيو ۽ هو اوهان کان (نڪاح وقت) پڪو اقرار ڪرائي چڪيون آهن؟ |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
جن زالن سان اوهان جا ابا نڪاح ڪري چڪا آهن. انهن سان نڪاح نه ڪجو، مگر جيڪي اڳ ٿي گذريو (سو گذريو). اها وڏي بي حيائي ۽ (خدا جي) غضب جي ڳالهه ۽ بڇڙو رستو آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
(نڪاح لاءِ) اوهان تي هيٺيون عورتون حرام آهن: اوهان جون مائون، ڌيئرون، ڀينرون، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجيون، ٿڃ جون مائون ۽ ڀينرون، سسون ۽ اوهان جي صحبت ڪيل زالن جون اڳ ڄايون، پر جن زالن سان اوهان صحبت نه ڪئي آهي (۽ اڳ ۾ طلاق ڏني آهي) ته (انهن جي اڳ ڄاين سان نڪاح ڪرڻ ۾) گناهه ڪونهي، ۽ اوهان جي پٺ مان پيدا ٿيل پٽن جون زالون به حرام آهن، ۽ هيءُ به، ته ٻن ڀينرن سان نڪاح ڪريو، مگر جيڪي ٿي گذريو، (سو گذريو) بيشڪ الله بخشيندڙ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ پرڻيل زالون (به حرام آهن) سواءِ انهن جي، جي، (ٻانهين طور) اوهان جي قبضي ۾ هجن، ايئن الله اوهان تي فرض ڪيو آهي. انهن کان سواءِ باقي عورتون اوهان لاءِ حلال آهن، هن شرط سان، ته اوهين پنهنجي مال سان پاڪدامني قائم رکڻ لاءِ نڪاح ۾ آڻيو، نه شهوت پوري ڪرڻ لاءِ. پوءِ جن عورتن مان اوهين (نڪاح جو) فائدو وٺو ته کين سندن مقرر ڪيل مهر ادا ڪريو ۽ جيڪڏهن مهر مقرر ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان گهٽ وڌ ڪريو، ته اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
جيڪو اوهان مان آزاد مومن عورتن سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هجي، ته جيڪي مومن (ٻانهيون) اوهان جي قبضي ۾ هجن، ۽ الله اوهان جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو. اوهين هڪ ٻئي منجهان آهيو. انهن سان نڪاح سندن مالڪن جي اجازت سان ڪريو ۽ دستور موجب مهر انهن جي حوالي ڪريو. اهي نڪاح جي پابنديءَ ۾ رهندڙ هجن ۽ نه بدڪار هجن ۽ نه لڪ ڇپ ۾ دوستيءَ ڪرڻ واريون هجن. نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪڏهن بدڪاري ڪن ته مٿن آزاد عورتن جي سزا جو اڌ آهي. اها (اجازت) ان ماڻهوءَ کي آهي، جو گناهه ۾ پوڻ کان ڊڄي، پر جي صبر ڪريو، ته اوهان لاءِ بهتر آهي، الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله گهري ٿو ته اوهان لاءِ چٽائي ڪري ۽ اوهان کي اوهان کان اڳين جو رستو ڏسي ۽ اوهان تي مهرباني ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله گهري ٿو، ته اوهان تي مهرباني ڪري ۽ جيڪي پنهنجي خواهش جي پيٺان هلن ٿا، سي گهرن ٿا ته اوهين سڌي رستي کان ڀٽڪي پري وڃي پئو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله گهري ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري، جو انسان ڪمزور پيدا ٿيل آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي مومنو! هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو، سواءِ انهيءَ جي، جو هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان واپار هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد نه ڪريو. بيشڪ الله اوهان تي مهربان آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو نافرمانيءَ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو، ته اسين ان کي جلد ئي باهه ۾ داخل ڪنداسون ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جن وڏن گناهن کان اوهان کي منع ڪجي ٿي، جيڪڏهن اوهين انهن کان پاسو ڪندؤ ته اسين اوهان جي ننڍن گناهن کي ميٽينداسون ۽ اوهان کي عزت وارين جاين ۾ داخل ڪنداسون. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
جنهن ڳالهه ۾ اوهان مان ڪن کان ڪن کي وڌيڪ ڪيو آهي، ان جي هوس نه ڪريو. مردن کي انهن ڪمن جو حصو ملندو، جيڪي انهن ڪيا، ۽ زالن کي انهن ڪمن جو حصو ملندو، جيڪي انهن ڪيا ۽ الله کان سندس فضل گهرندا رهو. بيشڪ الله هر هڪ شيءِ کان واقف آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ جيڪا ملڪيت ڇڏي مرن، ته اسان هر هڪ لاءِ ان جا حقدار مقرر ڪيا آهن ۽ جن سان اوهان عهد ڪري چڪا آهيو، انهن کي به سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه کي ڏسي رهيو آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد زالن تي ان ڪري حاڪم آهي، جو الله ڪن کي ڪن تي درجو ڏنو آهي ۽ هن ڪري به، جو اُهي پنهنجا مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ نيڪ زالون فرمانبردار آهن ۽ الله جي حفاظت ڪري (مڙسن) جي غيرحاضريءَ ۾ سندن مال (۽ عزت) جي سنڀال رکن ٿيون. ۽ جن زالن کان اوهان کي سرڪشيءَ جو انديشو هجي ته پهريائين انهن کي نصيحت ڪريو، (نه سمجهن) ته وٽن نه سمهو، (اڃا به نه سمجهن) ته کين (هلڪيءَ طرح) ماريو، ۽ پوءِ جيڪڏن اوهان جو چيو وٺن، ته مٿن اڳرائي ڪرڻ جو بهانو نه ڳوليو، (ياد رکو ته) الله سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڌيڪ بزرگيءَ وارو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
جيڪڏهن اوهان کي زال مڙس وچ ۾ اڻبڻت جو انديشو آهي ته مرد جي ڪٽنب مان هڪ امين مقرر ڪيو ۽ هڪ امين زال جي ڪٽنب مان. جيڪڏهن اهي صلح ڪرائڻ گهرندا ته الله انهن ۾ ٺاهه پيدا ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
الله جي عبادت ڪريو ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ مٽيءَ مائٽيءَ وارن، يتيمن، محتاجن، پاڙيسري مائٽن، پاڙيسري ڌارين، ڀر ۾ رهندڙ ۽ مسافرن ۽ اوهان جي ٻانهن سان احسان ڪريو. بيشڪ الله تڪبر ڪندڙن، آڪڙبازن کي پسند نٿو ڪري. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
جي پاڻ به ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي سيکارين ٿا ۽ جيڪي الله پنهنجي مهربانيءَ سان کين ڏنو آهي، تنهن کي لڪائي رکن ٿا. (ياد رکو) ته اسان جي نعمتن جي ناشڪري ڪندڙن لاءِ اسان ذليل ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ الله انهن کي به پسند نٿو ڪري جي ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ خرچ ڪن ٿا. اهي نه الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي. ۽ جنهن جو ساٿي شيطان ٿيو ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ساٿي آهي. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
انهن جو ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي، جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ۽ الله جي ڏنل مان خرچ ڪن؟ ۽ الله ته کين چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
الله ڪنهن جو ذري جيترو به حق نٿو وڃائي ۽ جيڪڏهن نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ ان کي پاڻ وٽان وڏو اجر عطا فرمائيندو. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
ڀلا ڪهڙو حال هوندن، جڏهن اسين هر هڪ امت مان هڪ گواهه طلب ڪنداسون ۽ اسين توکي به هنن تي گواهي ڏيڻ لاءِ طلب ڪنداسون. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
ان ڏينهن ڪافر ۽ رسول جي حڪمن جا نافرمان چاهيندا، ته جيڪر (کين دفن ڪري) زمين برابر ڪئي وڃي، ۽ اهي الله کان ڪا به ڳالهه نه لڪائي سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي مومنو! جڏهن اوهين نشي ۾ هجو، تڏهن تيسين نماز کي ويجها نه وڃو، جيسين جيڪي پڙهو سو سمجهو ۽ مٿي ميري به (نماز نه پڙهو) جيسين وهنجي (پاڪ نه) ٿيو، سواءِ سفر ۾ هجڻ جي. ۽ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو يا سفر ۾ آهيو يا اوهان مان ڪو پائخانه کان موٽيو هجي، يا پنهنجين زالن سان صحبت ڪئي هجيو ۽ پاڻي نه ملي، ته پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو ۽ پنهنجن منهن ۽ هٿن جو مک ڪريو، بيشڪ الله معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
ڇا تو انهن جي حالت نه ڏٺي، جن کي (الله جي) ڪتاب مان ڪجهه حصو مليو، مگر اهي گمراهي خريد ڪري رهيا آهن ۽ اوهان کي به سنئين رستي کان ڀٽڪائڻ گهرن ٿا؟ |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
الله اوهان جي دشمنن کان خوب واقف آهي ۽ الله اوهان جي دوستي ۽ مددگاريءَ لاءِ ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
يهودين مان ڪي اهڙا به آهن جي لفظن کي پنهنجي اصلي جاين تان ڦيري ڇڏين ٿا ۽ (توساڻ ملڻ وقت) سچي دين جي خلاف طعني هڻڻ لاءِ زبان مروڙي چون ٿا، ”سمعنا و عَصَينَا“ يعني ”اسان ٻڌو ۽ نه مڃيو“ ۽ ”اسمع غير مسمع“ يعني ”ٻڌو نه ٻڌڻ جهڙو“ ۽ ”راعنا“ يعني اي ”اسان جا ڌنار!“ ۽ جيڪڏهن (ان جي بدران) ”سمعنا واطعنا“ يعني اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ رڳو ”اسان ڏي ڏس“ چون ها ته اهي (لفظ) انهن لاءِ چڱا بلڪ ٺيڪ هئا، مگر سندن ڪفر ڪري الله مٿن ڦٽڪار وڌي، تنهن ڪري ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ايمان نه آڻيندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي ڪتاب وارؤ! ان (قرآن) تي ايمان آڻيو، جو اسان لاٿو، جو ان ڪتاب کي به سچو ڪندڙ آهي جيڪو اوهان وٽ آهي، ان ڏينهن کان اڳ جڏهن اسين شڪلين کي بگاڙي، انهن کي پٺئين پاسي ڦيري ڇڏيون، يا انهن تي لعنت ڪريو، جيئن ڇنڇر جي ڏينهن وارن تي لعنت ڪئي سون، ۽ خدا جو حڪم فيصل ٿيل آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
الله انهيءَ کي نٿو بخشي، جو ساڻس ڪنهن کي ڀائيوار سمجهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو گناهه جنهن کي وڻيس ان کي بخشي ٿو ۽ جنهن الله سان ڪو ڀائيوار بنايو ان وڏو بهتان ٻڌو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
ڇا، تو انهن تي نظر ڪئي، جي پاڻ کي پاڪ چون ٿا؟ بلڪه الله جنهن کي وڻيس پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ٿيندو. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏس ته ڪيئن نه اهي الله بابت ڪوڙ گهڙين ٿا. انهن کي هڪ اهو پڌرو گناهه ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
ڇا، تو انهن ڏي نه ڏٺو، جن کي (الله جي) ڪتاب مان ڪجهه حصو ڏنو ويو، ته هو، بتن ۽ برين طاقتن ۾ ويساهه رکن ٿا ۽ ڪافرن بابت چون ٿا، ته اهي مومنن کان وڌيڪ سنئين رستي وارا آهن؟ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
اهي ئي آهن، جن تي الله لعنت ڪئي، ته تون هرگز ان جو مددگار نه ڏسندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا، کين بادشاهيءَ جو ڪجهه حصو مليو آهي، پوءِ ته ماڻهن کي تر جيترو به نه ڏيندا. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
يا جيڪي الله پنهنجي مهربانيءَ سان ماڻهن کي ڏنو آهي، ان تي کين ساڙ ٿئي ٿو؟ ته پوءِ اسان ابراهيم جي اولاد کي (به) ڪتاب ۽ ڏاهپ ڏني هئي ۽ اُنهن کي تمام وڏي حڪومت به عطا ڪئي هئي. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن ان تي ايمان آندو ۽ ڪن ان کان منهن موڙيو (انهن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو تن کي جلد ئي باهه ۾ وجهنداسون. جڏهن به سندن کلون ڳري سڙي وينديون، ته ان جي بدلي ٻي کل ڏينداسون، ته عذاب چڪندا رهن. بيشڪ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي اسين باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي انهن ۾ هميشه رهندا. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ انهن کي اسين گهاٽي ڇانوَ هيٺ جاءِ ڏينداسون. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو، ته امانتون سندن مالڪن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن ۾ فيصلو ڪرڻ لڳو، ته انصاف سان فيصلو ڪندا رهو، الله اوهان کي تمام چڱي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي مومنو! خدا ۽ سندس رسول ۽ اوهان مان جيڪي حاڪم هجن تن جي تابعداري ڪندا رهو، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اوهين ۽ حاڪم يڪراءِ نه ٿيو ته ان کي الله ۽ رسول جي حڪمن سان پرکيو، جيڪڏهن اوهين الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي ۽ آخرڪار ان ۾ ئي خوبي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
ڇا، تو انهن ڏي نظر نه ڪئي؟ جي دعويٰ ڪن ٿا، ته جيڪي تو تي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ٿيو آهي، ان تي ايمان رکن ٿا ۽ وري پنهنجا فيصلا ڪنهن دين جي مخالف وٽ کڻي وڃن ٿا، جنهن کان انڪار ڪرڻ جو ته کين حڪم مليل آهي. شيطان گهري ٿو، ته انهن کي اهڙيءَ طرح گمراهه ڪري، جو هو سنئين واٽ کان گهڻو پري وڃي پون. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
جڏهن کين چئجي ٿو ته جيڪو (قانون) خدا موڪليو آهي ان ۽ رسول ڏانهن اچو، ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان پوري طرح روڪين ٿا. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ تڏهن ڪهڙو حال ٿيندن، جڏهن سندن عملن جي ڪري مٿن ڪا مصيب اچي پوندي؟ تڏهن وري تو وٽ اچي قسم کائيندا (ته) اسان جو مقصد رڳو چڱائي ۽ ٺاهه آهي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اهڙن جي دلين ۾ جيڪي آهي، سو الله خوب ڄاڻي ٿو. تون انهن کان ٽري وڄ، کين نصيحت ڪر ۽ کين سندن دلين ۾ اثر ڪندڙ لفظ چئو. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي سو فقط ان لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي ۽ جنهن وقت انهن پاڻ تي ظلم ڪيو، تڏهن جيڪڏهن تو وٽ اچن ها ۽ الله کان بخشش گهرن ها ۽ رسول (به) انهن لاءِ بخشش گهري ها، ته ضرور الله کي گهڻو توبهه قبول ڪندڙ ۽ مهربان ڏسن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
(ڏس) تنهنجو رب شاهد آهي ته اهي ڪڏهن به مومن نٿا ٿي سگهن، جيسين توکان پنهنجي وچ ۾ ٿيل جهڳڙن جو فيصلو نه ڪرائين ۽ پوءِ تنهنجي فيصلي کان سندن اندر ۾ تنگي نه ٿئي ۽ ان کي پوريءَ خوشيءَ سان قبول ڪن. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
جيڪڏهن اسين انهن کي حڪم ڏيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو، يا پنهنجن گهرن مان نڪري ٻاهر ٿيو، ته انهن مان ٿورائي ايئن ڪن ها. جيڪڏهن اُهي کين ڪيل نصيحت تي عمل ڪن ها ته انهن لاءِ بهتر هو ۽ (دين ۾) وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وارو هو. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
ان وقت اسين کين پاڻ وٽان وڏو ثواب به عطا ڪريون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ انهن کي سڌو رستو به ڏيکاريون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندا، اُهي انهن جا ساٿي آهن، جن تي الله انعام ڪيو. اُهي نبي، صديق، شهيد ۽ نيڪ بخت آهن ۽ انهن جي سنگت ڪهڙي نه چڱي آهي! |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اها مهرباني الله جي طرف کان آهي ۽ (ان لاءِ) الله جو علم ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجي بچاءَ جو سامان کڻي، پوءِ جدا فوجن ۾ ٿي نڪرو يا سڀئي گڏجي. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (ڄاڻي ٻجهي) دير لڳائي ٿو ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا مصيبت پهچي ٿي، ته (خوش ٿي)* چوي ٿو ته ”الله مون تي مهرباني ڪئي، جو آءٌ انهن ۾ حاضر نه هوس.“ |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن الله اوهان تي فضل ڪري ٿو ته چوي ٿو ۽ ائين چوي ٿو ڄڻ ته توهان جي ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي. ته ”جيڪر آءٌ به انهن سان هجان ها ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها!“ |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
تنهنڪري انهن ماڻهن کي، جي دنيا جي زندگي کي آخرت جي بدلي ۾ وڪڻن ٿا، الله جي راهه ۾ وڙهڻ گهرجي ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙهي پوءِ شهيد يا غالب ٿيندو، ته اسين جلد ئي ان کي وڏو اجر ڏينداسون. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
(مسلمانو) اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙهو؟ جڏهن بيوس مرد، زالون ۽ ٻار چئي رهيا آهن ”اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ڪڍ، جنهن جا ماڻهو ظلم ڪري رهيا آهن، پنهنجي طرفان ڪو اسان جو ڪارساز بڻاءِ ۽ ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جي مدد لاءِ کڙو ڪر!“ |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
جيڪي مومن آهن، سي الله جي راهه ۾ ئي لڙندا آهن ۽ جي ڪافر آهن، اُهي شيطان جي راهه ۾ وڙهندا آهن. تنهنڪري اوهين شيطان جي مددگارن کي ماريو، بيشڪ شيطان جو داءُ ڪمزور آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا، تو انهن ڏي نظر نه ڪئي، جن کي حڪم ڏنو ويو هو ته پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪيو، نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ادا ڪندا رهو. پوءِ جڏهن مٿن جهاد فرض ٿيو ته اوچتو منجهائن هڪ ٽولو ماڻهن کان ايئن ڊڄڻ لڳو جيئن ڪو خد اکان ڊڄي رهيو هجي، بلڪ ان کان به زياده! اُهي چوڻ لڳا، ته ”اي اسان جا رب! تو اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيو، ڇو نه اسان کي ٿوري وقت جي مهلت ڏنئي؟“ چئو ته دنيا جو فائدو ٿورو آهي. نيڪن لاءِ ته آخرت چڱي آهي ۽ اوهان تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪبو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
جتي به هوندؤ، موت (اُتي به) اوهانکي اچي وٺندو، کڻي مضبوط قلعن ۾ ڇو نه هجو! جيڪڏهن کين ڪو فائدو رسي ٿو، ته چون ٿا ”هي الله وٽان آهي،“ ۽ جيڪڏهن کين ڪا تڪليف رسي ٿي ته چون ٿا ته ”هيءَ توکان پهتي آهي!“ چئو ته ”سڀ ڪجهه الله کان آهي.“ هنن کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه به نٿا سمجهي سگهن؟ |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
توکي جيڪو فائدو پهچي ٿو، اهو الله جي طرف کان آهي ۽ جيڪا تڪليف رسي ٿي، سا پنهنجي ڪيتن سبب آهي. ۽ اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول بڻائي موڪليو آهي. ان لاءِ الله جي شاهدي ڪافي آهي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن رسول جي فرمانبرداري ڪئي، ان برابر الله جو حڪم مڃيو ۽ جنهن منهن موڙيو ته اسان توکي انهيءَ تي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
اهي (زبان سان) ته تابعداري قبول ڪن ٿا پر جڏهن تو وٽان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، ته انهن مان ڪي ماڻهو رات جو تنهنجي ڳالهين جي خلاف رٿون ڪن ٿا ۽ جيڪي رٿون ڪن ٿا، سي الله (سندن اعمالنامي ۾) لکي ٿو. تون انهن جو ڪو خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ئي پورو ڪارساز آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڀلا اهي قرآن ۾ غور ڇو نٿا ڪن؟ جيڪڏهن اهو الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها، ته ان ۾ گهڻو اختلاف ڏسن ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
جڏهن انهن وٽ امن يا خوف جي ڪا خبر پهچي ٿي، ته ان کي پکيڙين ٿا، پر جي ان کي الله جي رسول ۽ پنهنجي اختياري وارن جي اڳيان پيش ڪن ها ته منجهائن حقيقت پروڙڻ وارا ان کي پروڙي وٺن ها. جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها، ته ڪن ٿورن کان سواءِ سڀ شيطان جي پٺيان لڳو ها. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ تون الله جي راهه ۾ وڙهندو رهه. تون پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ذمي دار نه آهين ۽ مومنن کي به انهيءَ جي رغبت ڏيار. اميد ته جلد ئي الله ڪافرن جي زور کي روڪي ڇڏي ۽ الله جو زور سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ سزا ڏيڻ سڀ کان زياده سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو نيڪ ڳالهه جي سفارش ڪندو، ان کي ان (جي ثواب) مان حصو ملندو ۽ جيڪو بڇڙي ڳالهه جي سفارش ڪندو، ان کي ان جي (سزا) مان حصو ملندو ۽ الله هر هڪ شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
جڏهن اوهان کي دعا ڏيئي سلام ڪيو وڃي ته اوهين ان کان بهتر يا اهڙي ئي دعا سان (سلام) جو جواب ڏيو. بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه جو حساب وٺندڙ آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله ئي اهو آهي، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو بندگيءَ جي لائق نه آهي. اهو قيامت جي ڏينهن سڀني کي ڪٺو ڪندو. جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ ڳالهه چوڻ ۾ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير سچو آهي. |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو منافقن بابت ٻه ٽولا ٿي رهيا آهيو؟ ۽ الله انهن کي سندن ڪرتوتن جي ڪري اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اوهين گهرو ٿا، ته جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي ان کي سنئين رستي آڻيو؟ پر جنهن کي الله گمراهه ڪري، ان کي تون هرگز رستو نٿو ڏيکاري سگهين. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
هو ته گهرن ٿا، ته اوهين به ائين ڪافر ٿيو جيئن هو (پاڻ) ڪافر ٿيا آهن، ته اوهين سڀ برابر ٿي پئو. پوءِ جيسين هو الله جي واٽ ۾ وطن نه ڇڏين، ته انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو. جيڪڏهن (ان کان) منهن موڙين، ته کين پڪڙيو ۽ اتي ئي کين قتل ڪريو جتي کين لهو ۽ انهن مان ڪنهن کي به دوست ۽ مددگار نه بڻايو. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
مگر جيڪي اهڙن ماڻهن سان وڃي مليا هجن، جو اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ (صلح) جو عهد هجي، يا اهڙا ماڻهو هجن، جي لڙائي کان تنگ ٿي اوهان وٽ اچن ته اوهان سان گڏجي وڙهن يا پنهنجي قوم سان وڙهن (ته انهن سان نه وڙهو). جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن کي اوهان تي غالب ڪري ها ته اهي اوهان سان ضرور وڙهن ها. پوءِ جي اوهان کان پاسو ڪن ۽ اوهان سان نه وڙهن اوهان ڏانهن صلح (جو پيغام) موڪلين ته الله اوهان کي انهن سان جنگ ڪرڻ جو ڪو اختيار نه ڏنو آهي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
اوهين ٻيا ڪي اهڙا ماڻهو به ڏسندؤ، جي گهرن ٿا، ته اوهان کان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن، اهي جڏهن فتني ڏانهن سڏايا وڃن ٿا ته ان ۾ اونڌي منهن ڪرن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي اوهان سان (وڙهڻ کان) پاسو نه ڪن، نڪي اوهان کي صلح (جو پيغام) ڏين ۽ پنهنجن هٿن کي روڪين، ته انهن کي به پڪڙيو ۽ قتل ڪريو، جتي به ڏسو. اهي ئي آهن، جن جي برخلاف اوهان کي (جنگ جي) حجت ڏني اٿئون. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
اهو مومن جو وڙ نه آهي، جو ڀل چوڪ کان سواءِ ٻئي مومن کي قتل ڪري. جيڪو ڀلجي به مومن کي قتل ڪندو ته (ان کي) هڪ مومن ٻانهو آجو ڪرڻو آهي ۽ ماريل جي وارثن کي عيوض ڏئي. سواءِ انهيءَ جي، جو هو معاف ڪن. پر جيڪڏهن ماريل اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ هو مومن هجي، ته هڪ مسلمان ٻانهو آجو ڪري ۽ جيڪڏهن ماريل اهڙي قوم مان هجي جو اوهان ۽ ان جي وچ ۾ صلح جو عهد هجي ته پوءِ ان جي وارثن کي عيوض ڏيڻ ۽ هڪ مسلمان ٻانهو آجو ڪرڻ گهرجي. پوءِ جنهن کان (ٻانهو) نه پڄي، ته لڳو لڳ ٻه مهينا روزا رکي. (اهي) الله کان توبهه (قبول ٿيڻ) لاءِ آهن ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو شخص ڪنهن مومن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪندو، ته ان جي سزا دوزخ آهي، جنهن ۾ هميشه رهندو، ان تي الله جو ڏمر ۽ سندس ڦٽڪار پوندي ۽ اهڙي ماڻهو لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي مومنو! جڏهن اوهين الله جي راهه ۾ (جنگ لاءِ) ٻاهر نڪرو، ته جاچي قدم کڻو ۽ جيڪو اوهان کي سلام ڪري، ته ان کي دنيا جي زندگي جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن نه چئو، ته ”تون مؤمن نه آهين“ الله وٽ گهڻو (جائز) لٽ جو مال آهي. اوهين به ته هن کان اڳ اهڙا ئي هئا. پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو، تنهنڪري جاچ ڪندا ڪريو. اوهين جيڪي عمل ڪريو ٿا الله کي انهن سڀني جي خبر آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مومنن مان جيڪي عذر کان سواءِ (جهاد کان) گهرن ۾ ويهندڙ آهن ۽ اهي، جي الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪندڙ آهن، سي برابر نه آهن. پنهنجن جانين ۽ مالن سان جهاد ڪندڙن کي الله (گهرن ۾) ويهي رهندڙ کان ڀلارو ڪيو آهي. الله هر هڪ کي چڱائي جو وعدو ڏنو آهي، ۽ الله جهاد ڪندڙن کي (گهرن ۾) ويهي رهندڙن کان ڀلارو ڪيوآهي، جو کين وڏو اجر ملندو. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
۽ وٽانئس درجا ۽ بخشش ۽ رحمت آهي ۽ الله وڏو بخشيندڙ مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
جي شخص پاڻ تي ظلم ڪندا آهن ته کانئن ملائڪ موت وقت پڇندا آهن، ته ”اوهين ڪهڙي حال ۾ هئا؟” هو چوندا ته ”اسين ملڪ ۾ ڪمزور هئاسون“ چوندا ”ڇا الله جو ملڪ ڪشادو نه هو، جو اوهين ان ۾ لڏي وڃو ها؟“ اهڙن ماڻهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
مگر اُهي ڪمزور مرد، زالون ۽ ٻار، جي ٻاهر (نڪرڻ لاءِ) ڪو حيلو نه ڪري سگهندا آهن ۽ نڪي رستو ئي لهي سگهندا آهن. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
ته اهڙن کي اميد ته الله تعاليٰ معاف ڪندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو، اهو زمين ۾ گهڻيون رهڻ جون جايون گهڻي ڪشادي روزي لهندو ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ سندس رسول جي واسطي وطن ڇڏڻ لاءِ پنهنجي گهر مان نڪرندو ۽ کيس (رستي ۾) موت اچي وٺندو، ته سندس ثواب الله جي ذمي ٿي چڪو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن اوهين ملڪ ۾ مسافري لاءِ نڪرو، ته اوهان کي نماز گهٽ ڪري پڙهڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي، جي ڊپ هجيو ته متان ڪافر اوهان کي ڪنهن تڪليف ۾ وجهن.بيشڪ ڪافر اوهان جا پڌرا دشمن آهن. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ جڏهن انهن (مجاهدن) ۾ هجين ۽ کين نماز پڙهائين، ته (فوج جو) هڪ حصو (جماعتي ٿي) توسان بيهي ۽ پنهنجا هٿيار پاڻ سان رکي. پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري وٺي ته اوهان جي پٺيان ٿئي ۽ ٻيو حصو جنهن نماز نه پڙهي آهي، اهو اچي توسان نماز پڙهي ۽ انهن کي هوشيار ٿيڻ کپي ۽ پنهنجا هٿيار ساڻ رکن. ڪافر گهرن ٿا ته جيڪر اوهين پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي وقت حملو ڪن. ۽ جيڪڏهن مينهن جي ڪري اوهين تڪليف ۾ هجو يا بيمار هجو ته اوهان تي پنهنجن هٿيارن لاهي رکڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي ۽ پنهنجي بچاءِ جو خيال رکو. بيشڪ الله ڪافرن لاءِ ذلت جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن نماز ختم ڪري چڪو، ته بيٺي، ويٺي ۽ پنهنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندارهو ۽ جڏهن دلجاءِ ٿئي ته (دستور موجب) نماز پڙهندا رهو. بيشڪ نماز مومنن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪيل آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
دشمن جي پٺيان پوڻ ۾ سست نه ٿيو. جيڪڏهن اوهان کي جنگ ۾ ڏک پهچي ٿو ته جيترو اوهين دکي ٿيو ٿا اوترو اهي به دکي ٿين ٿا مگر اوهين الله ۾ اها اميد رکو ٿا جا هو نه ٿا رکن ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
اسان توڏانهن سچو ڪتاب موڪليو آهي ته جيئن الله توکي سمجهايو آهي، ان سان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ کوٽ ڪندڙن جي پاسي وٺڻ لاءِ بحث نه ڪر. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
جيڪي پنهنجي اندر ۾ کوٽ رکن ٿا، تون انهن جي طرفان جهڳڙو نه ڪر، بيشڪ الله انهن کي پسند نه ٿو ڪري، جي تمام گهڻو کوٽا ۽ گنهگار آهن. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
اهي (پنهنجي کوٽ کي) ماڻهن کان ته لڪائين ٿا مگر خدا کان لڪائي نٿا سگهن. ۽ جڏهن راتين جو ويهي اهڙين ڳالهين جون صلاحون ڪندا آهن، جي (الله کي) پسند نه آهن، ته ان وقت به (الله) ساڻن هوندو آهي. جيڪي هو ڪندا آهن سو سڀ الله جي گهيري هيٺ آهي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
اوهين جي زندگيءَ ۾ ته سندن پاران بحث ڪريو ٿا پر قيامت جي ڏينهن ڪير انهن جي پاران الله سان جهڳڙو ڪندو؟ يا ڪير سندن وڪيل ٿيندو؟ |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
جيڪو بڇڙو ڪم ڪري يا پنهنجن هٿان سان پنهنجو نقصان ڪري، پوءِ الله کان بخشش گهري، ته اهو الله کي بخشيندڙ مهربان ڏسندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو گناهه ڪري ٿو ته ان جو وبال مٿس آهي ۽ خدا سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ ڪو ماڻهو ڏوهه يا گناهه پاڻ ڪري، مگر ان جي تهمت وري ڪنهن بيڏوهي تي رکي. اهڙي ماڻهوءَ بيشڪ پاڻ تي بهتان ۽ پڌرو گناهه کنيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ جيڪڏهن الله جي ڀلائي ۽ سندس رحمت توتي نه هجي ها ته منجهائن هڪ ٽولي توکي غلطيءَ ۾ وجهڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪي هئي، پر اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڀلائي نه ٿا سگهن ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي نازل ڪئي آهي ۽ توکي اهي ڳالهيون سيکاريون اٿس جي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جي وڏي ڀلائي آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
انهن جي گهڻين لڪل صلاحن ۾ڪا چڱائي ڪانهي، سواءِ انهي جي، جو خيرات ڏيڻ يا نيڪ ڪم ڪرڻ يا ماڻهن ۾ صلح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ جيڪو اهو ڪم الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندو ته اسين ان کي وڏو ثواب ڏينداسون. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو سڌي رستي معلوم ڪرڻ کان پوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مومنن جي رستي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو اختيار ڪندو، ته اسين ان کي ان طرف ئي ڦيرينداسون، جنهن طرف هو هلڻ گهرندو ۽ ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
الله اهو گناهه نه بخشيندو جو ڪنهن کي سندس شريڪ بڻايو وڃي ۽ ان کانسواءِ ٻيو گناهه جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ٿو ۽ جنهن الله سان (ڪنهن کي) شريڪ بڻايو ته اهو (سنئين رستي کان) ڀٽڪي پري وڃي پيو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
اهي فقط عورتن کي ئي ٿا پڪارين، پر درحقيقت رڳو سرڪش شيطان کي ٿا پڪارين. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
جنهن تي الله ڦٽڪار وڌي آهي ۽ ان چيو ته آءٌ ضرور تنهنجي ٻانهن مان هڪ مقرر حصو وٺندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ ضرور کين ڀٽڪائيندس ۽ انهن کي ڪوڙيون اميدون ڏياريندو رهندس ۽ کين حڪم ڏيندس ته جانورن جا ڪن چيرين ۽ کين هي حڪم به ڏيندو رهندس، ته الله جي مخلوق جي شڪلين کي بدليندا رهن.“۽ جنهن الله کان سواءِ شيطان کي ڪارساز بڻايو، اهو پڌري نقصان ۾ پئجي ويو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
اهو ساڻن وعدو ڪري ٿو ۽ کين اميدون ڏياري ٿو پر شيطان هنن سان رڳو ٺڳيءَ جا وعدا ڪري ٿو. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اهڙن ئي ماڻهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ان کان ڪا به بچڻ جي جاءِ نه لهي سگهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، انهن ۾ هميشه رهندا. (اهو) الله جو وعدو سچو آهي ۽ ڳالهه چوڻ ۾ الله کان ٻيو ڪير وڌيڪ سچو آهي؟ |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
(ڇوٽڪارو) نڪي اوهان جي سڌن تي آهي ۽ نڪي اهل ڪتاب جي سڌن تي آهي، جيڪو به بڇڙا ڪم ڪندو، کيس ان جو بدلو ملندو ۽ اهو الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ولي ۽ مددگار نه ڏسندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو، پوءِ اهو مرد هجي يا زال ۽ اهو مؤمن (به) هجي، ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ ساڻن تر جيترو به ناحق نه ٿيندو. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ ان ماڻهوءَ کان دين ۾ ٻيو ڪير وڌيڪ چڱو ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي آڏو پنهنجي (فرمانبرداريءَ) جو سرجهڪايو ۽ هو نيڪو ڪار به آهي ۽ ان ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪئي جو هڪ رخو (مسلمان) هو ۽ الله ابراهيم کي پنهنجو دوست بڻايو هو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو سڀ الله جو آهي، سڀ شيون الله جي گهيري ۾ آهن. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
توکان زالن جي نڪاح بابت پڇن ٿا. چئو ته الله اوهانکي انهن (سان نڪاح) جي اجازت ڏئي ٿو ۽ جيڪي اوهان کي ڪتاب (قرآن) مان پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو، انهن يتيم عورتن بابت آهي، جن کي اوهين سندن مقرر ڪيل حق ته نٿا ڏيو، پر انهن سان نڪاح جي خواهش رکو ٿا ۽ پڻ بيڪس ٻارن بابت ۽ يتيمن بابت انصاف کان ڪم وٺو ۽ اوهان جيڪا چڱائي ڪندؤ، الله ان کي ڄاڻي ٿو. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن زال کي پنهنجي مڙس کان لاپرواهي يا منهن موڙڻ جو انديشو هجي، ته جيڪڏهن هو پاڻ ۾ ڪنهن طرح ٺاهه ڪن، ته مٿن ڪو گناهه نه آهي ۽ صلح بهتر آهي. انساني طبيعتن ۾ ته لالچ موجود آهي ۽ جيڪڏهن نيڪو ڪار ٿيندؤ ۽ گناهن کان بچندؤ ته الله کي اوهان جي سڀني ڪمن جي خبر آهي. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
اوهين هرگز زالن ۾ برابري نه ڪري سگهندؤ کڻي ڪيتري به خواهش ڪريو. تنهنڪري هڪ ئي طرف نه جهڪي پئو، جو ٻي کي لٽڪيل وانگر ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ٺهي هلو ۽ نيڪ ٿيو ته الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏهن مڙس ۽ زال هڪ ٻئي کان جدا ٿين، ته الله هر هڪ کي پنهنجي فضل سان آسودو ڪندو ۽ الله (رزق ۾) ڪشادگي بخشيندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ اسان اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنلن کي ۽ اوهانکي به تاڪيد ڪيو آهي، ته الله کان ڊڄندا رهو ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو ئي آهي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ بيشڪ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانو! جيڪڏهن هو گهري، ته اوهانکي هٽائي ڇڏي ۽ ٻين کي (اوهان جي جاءِ تي) آڻي ۽ الله انهي تي طاقت رکي ٿو. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
۽ جيڪو دنيا جو ثواب گهري ٿو، ته الله وٽ دنيا خواهه آخرت (ٻنهي) جو ثواب آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ! انصاف تي قائم رهو ۽ خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڏيندڙ ٿيو. کڻي اها پاڻ، يا ماءُ پيءُ يا عزيزن تي هجي. جيڪڏهن ڪو مالدار يا محتاج هجي، ته الله ٻنهي جو وڌيڪ خيرخواهه آهي، تنهن ڪري انصاف ڪرڻ ۾ پنهنجي خواهش جي پٺيان نه هلو، پر جيڪڏهن زبان کي موڙو ڏيندؤ يا (گواهي کان) منهن موڙيندؤ ته الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي مومنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو، ان ڪتاب تي به، جو سندس رسول تي لٿو ۽ انهن ڪتابن تي به، جي اڳ ۾ (لٿا) ۽ جنهن الله ۽ سندس فرشتن، ڪتابن، رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار ڪيو اهو سنئين واٽ کان ڀٽڪي پري وڃي پيو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
جن شخصن ايمان آندو، پوءِ ڪفر ڪيائون، وري ايمان آندائون پوءِ وري ڪفر ڪيائون ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا رهيا ته الله نڪي انهن کي بخشيندو ۽ نڪي انهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
منافقن کي خوشخبري ڏي، ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جيڪي مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست بڻائين ٿا. ڇا، هو وٽن عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا؟ مگر عزت ته سڀ الله جي هٿ ۾ آهي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ الله اوهان تي ڪتاب (قرآن) ۾ (هي حڪم) لاٿو آهي، ته جڏهن اوهين (ڪٿي) الله جي آيتن جو انڪار ۽ انهن تي چٿر ٿيندي ٻڌو، ته جيسين اهي ماڻهو ڪي ٻيون ڳالهيون نه ڪن، اوهين انهن وٽ نه ويهو نه ته اوهين به انهن جهڙا ٿي پوندؤ. بيشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ ڪٺو ڪندو. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
جي اوهان جي تاڪ ۾ رهندا آهن جو جيڪڏهن اوهان کي الله کان فتح ملي ٿي، ته چون ٿا ته ”ڇا، اسين اوهان سان نه هئاسون؟“ ۽ جي ڪافرن کي فتح ملي ٿي، ته چون ٿا ”ڇا اسين اوهان تي غالب نه هئاسون ۽ اوهان کي مسلمانن کان نه بچايوسون؟“ الله اوهان جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن ۾ فيصلو ڪندو ۽ الله ڪافرن کي مومنن تي هرگز غلبو نه ڏيندو. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
منافق (پنهنجي خيال ۾) خدا کي دوکو ڏين ٿا، پر هو ئي انهن کي دوکو ڏئي رهيو آهي ۽ جڏهن اهي نماز لاءِ اٿن ٿا، سستي ڪن ٿا ۽ ماڻهن جي ڏيکاءُ لاءِ پڙهن ٿا ۽ الله کي ڪو تمام ٿورو وقت ياد ڪن ٿا. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
اهي (فڪر ۽ ايمان جي) وچ ۾ لٽڪي رهيا آهن، نه هنن ڏانهن ٿي رهيا آهن ۽ هنن ڏانهن. (حقيقت ۾) جنهن کي الله ڀٽڪائي، ته تون ان لاءِ ڪو رستو ڳولي نه سگهندين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي مومنو! مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو. ڇا، اوهين گهرو ٿا ته پاڻ تي الله جي پڌري حجت قائم ڪريو؟ |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
ڪجهه شڪ نه آهي، ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين درجي ۾ هوندا ۽ تون ڪنهن کي به انهن جو مددگار نه ڏسندين. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
باقي اهي شخص، جن توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي مضبوط جهليو ۽ خاص الله جا فرمانبردار ٿيا ته اهڙا ماڻهو مومنن سان گڏ گڏ هوندا ۽ الله جلد ئي مومنن کي وڏو اجر ڏيندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
جيڪڏهن اوهين شڪر ڪريو ۽ ايمان آڻيو ته الله اوهانکي عذاب ڏئي ڇا ڪندو؟ ۽ الله قدر ڪندڙ، داناءُ آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله کي پسند نه آهي ته ڪو ڪنهن جي بڇڙائي کي وڏي آواز بيان ڪري سواءِ انهيءَ جي، جنهن تي ظلم ٿئي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن اوهين ڪا چڱائي پڌري پٽ ڪريو يا لڪائي ڪريو يا ڪنهن بڇڙائي کي معاف ڪريو ته الله به معاف ڪرڻ وارو قدرت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا، گهرن ٿا ته الله ۽ سندن رسولن جي وچ ۾ فرق وجهن، چون ٿا ته ”اسين ڪن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن کي نه ٿا مڃيون،“ ۽ ارادو ڪن ٿا، ته ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ ڪو رستو اختيار ڪن. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهڙا ماڻهو سچ سچ ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ ذلت جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جي شخص الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻين ٿا ۽ انهن مان ڪنهن هڪڙي جي وچ ۾ فرق نٿا ڪن الله اهڙن کي جلد ئي سندن اجر ڏيندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
ڪتاب وارا توکان گهر ڪن ٿا، ته: ”تون انهن ڏانهن آسمان کان (لکيل) ڪتاب آڻ.“ پر اهي موسيٰ کان ان کان به وڏو سوال ڪري چڪا آهن. چيائون ته ”اسان کي الله پڌري پٽ ڏيکار“. سو سندن اُن گناهه جي ڪري کين وڄ اچي پڪڙيو. ان کان پوءِ مٿن روشن دليلن جي پڌري ٿيڻ هوندي به گابي جي پوڄا ڪرڻ لڳا، اسان ان کان به کين معافي ڏني، ۽ موسيٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ انهن کان عهد وٺڻ لاءِ جبل طور کي مٿن بلند ڪيوسون. کين چيوسون ته ”(شهر جي) دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو،“ کين هي (به) چيوسون ته ”ڇنڇر جي حڪمن کان ٻاهر نه وڃجو“ ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ سندن عهد کي ٽوڙڻ، الله جي آيت کي نه مڃڻ، نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ ته ”اسان جون دليون پردن ۾ (سلامت) آهن،“ مٿن لعنت آئي بلڪه الله سندن دلين تي ڪفر جي ڪري مهر هنئي آهي، تنهن ڪري ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ايمان نه آڻيندا. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي وڏي بهتان مڙهڻ. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ سندن هن چوڻ ڪري ته ”اسين الله جي رسول مسيح عيسيٰ پٽ مريم کي قتل ڪيو،“ پر درحقيقت انهن نه کيس قتل ڪيو ۽ نه ان کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائون. مگر کين شڪ ۾ وڌو ويو ۽ بيشڪ جن ان بابت اختلاف ڪيو اُهي شڪ ۾ پيل آهن. وٽن گمان کان سواءِ ٻيو ڪو علم نه آهي ۽ پڪ سان انهن کيس قتل نه ڪيو. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪ الله تعاليٰ کيس پاڻ ڏانهن کڻي ورتو ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪو به اهڙو نه هوندو، جو سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻي ۽ قيامت جي ڏينهن اهو مٿن گواهه ٿيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ ظلم ڪرڻ ڪري اسان يهودين تي گهڻيون پاڪ شيون، جي انهن لاءِ حلال هيون، حرام ڪيون ۽ هن ڪري به، جو گهڻو ڪري خدا جي رستي کان روڪيندا هئا. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
هو منع ڪرڻ هوندي به وياج کائيندا هئا ۽ ماڻهن جا مال ناحق کائيندا هئا ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
مگر جيڪي شخص انهن مان علم ۾ پڪا آهن، اهي ۽ مومن، توڏانهن نازل ٿيل ۽ توکان اڳ نازل ٿيل تي ايمان رکن ٿا، اهي نماز قائم ڪندڙ، زڪوات ڏيندڙ ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، انهن کي جلد ئي وڏو اجر ڏينداسون. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
اسان توڏانهن ائين وحي موڪليو آهي، جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ ٻين نبين ڏانهن موڪليو هوسون ۽ ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سيلمان ڏانهن به وحي موڪليو هوسون ۽ دائود کي اسان زبور ڏنو. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
ڪن رسولن جو ذڪر اسان توکي هن کان اڳ ٻڌايوآهي ۽ ڪن جو ذڪر توکي نه ٻڌايو اٿئون ۽ الله موسيٰ سان ڳالهائڻ وانگر ڳالهايو. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
(سڀني) رسولن کي (الله) خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (بنايو)، ته رسولن کان پوءِ ماڻهن جي الله تي ڪا حجت نه رهي ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله شاهدي ڏئي ٿو، ته جيڪي توڏانهن نازل ڪيو اٿس سو پنهنجي علم سان لاٿو اٿس، فرشتا به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله جي گواهي ئي بس آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪيائون، اهي ڀٽڪي گهڻو پري وڃي پيا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
جن ڪفر ڪيو ۽ ظلم ڪندا رهيا، الله انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو ۽ سڌو رستو نه ڏيکاريندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
دوزخ جي رستي کان سواءِ جو ان ۾ هو هميشه رهندا ۽ اها ڳالهه الله لاءِ آسان آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! رسول اوهان وٽ اوهان جي رب کان حق وٺي آيو آهي، (ان تي) ايمان آڻيو ته اوهان لاءِ چڱو آهي پر جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو ئي آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين ۾ حد کان نه وڌو ۽ الله بابت حق ڌاران ٻيو ڪجهه نه چئو. مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو الله جو رسول ۽ سندس فرمان آهي جو ان مريم ڏانهن موڪليو هو ۽ سندس طرفان هڪ روح آهي. الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ نه خدا ٽي چئو (ان کان) پاڻ روڪيو، ته اوهان لاءِ چڱو آهي الله اڪيلو ڌڻي آهي. اهو اولاد جي هجڻ کان پاڪ آهي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ سندس آهي، الله ئي ڪم جوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
نڪي مسيح کي الله جي بندي هجڻ کان عار آهي، نڪي مقرب ملائڪن کي ۽ جيڪو الله جي بندي هجڻ کان عار رکندو ۽ تڪبر ڪندو ته الله انهن سڀني کي پاڻ وٽ ڪٺو ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ته اهو کين سندن پورو بدلو ڏيندو ۽ انهن کي پنهنجي فضل سان وڌيڪ ڏيندو پر جن عار ڪيو ۽ تڪبر ڪيو، ته انهن کي دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ اهي الله کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجو ولي ۽ مددگار نه لهندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! اوهان وٽ پنهنجي پالڻهار وٽان روشن دليل اچي ويو آهي، ۽ اسان اوهان ڏانهن چمڪندڙ روشني موڪلي. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط ورتو، انهن کي الله جلد ئي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ فضل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانهن پهچڻ لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندو. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
توکان حڪم پڇن ٿا. چئو الله اوهان کي ”ڪلالة“ بابت حڪم ڏئي ٿو، ته ”جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد مري وڃي، جنهن کي ڪو به اولاد نه هجي (۽ نه پيءُ ماءُ، رڳو) ڀيڻ هجي، ته ان لاءِ ڇڏيل ملڪيت جو اڌ آهي ۽ ڀيڻ جي اولاد (مري وئي) هجي ته اهو (ڀاءُ) سندس وارث ٿيندو. جيڪڏهن اهي ٻه ڀينر هونديون ته انهن لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن، جيڪڏهن مرد زالون (ٻئي) هجن ته. مرد جو حصو ٻن زالن جي برابر ٿيندو. الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم پڌرا بيان ڪري ٿو ته اوهين گمراهه نه ٿيو. ۽ الله هر هڪ ڳالهه کان واقف آهي. |