يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جنھن توهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو، ان مان ئي سندس گهر واري (يعني بيبي حوا) پيدا ڪيائين، پوءِ ٻنهي مان ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون پيدا ڪري زمين تي پکيڙيائين، الله تعالى کان ڊڄو جنھن جي نالي تي توهان هڪ ٻئي کان (پنھنجا حق ) گهرندا رهو ٿا ۽ مٽي مائٽي ڇِنڻ کان بچو، بيشڪ الله تعالى توهان جي مٿان نگھباني ڪري رهيو آهي. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي پنھنجا (وراثت ۾ مليل اصل) مال ڏيو، خراب شيءِ کي سٺي شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه ئي انهن جي مالن کي پنھنجي مالن سان ملائي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته يتيمن سان انصاف نه ڪري سگهندا، ته پوءِ عورتن مان جيڪي عورتون (اولاد سان گڏ بيوهه ٿي چڪيون آهن) توهان کي پسند اچن، ته انهن سان نڪاح ڪري وٺو، ٻن ٻن، ٽن ٽن ۽ چئن چئن عورتن سان هڪ ئي وقت ۾ نڪاح ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن توهان کي انهن سان انصاف نه ڪرڻ جو ڊپ هجي، ته پوءِ هڪ سان ئي نڪاح ڪريو يا ٻانهيءَ کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪريو (جيڪا توهان کي اسلامي رياست طرفان ڏني وئي هجي)، بي انصافي ڪرڻ کان ته اهوئي طريقو وڌيڪ مناسب آهي. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ عورتن کي انهن جا مھر (ڪابينو) خوشيءَ سان ادا ڪري ڇڏيندا ڪريو، پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي رضا خوشيءَ سان، ان مان ٿورو گهڻو معاف ڪري ڇڏين ته توهان ان کي خوشيءَ ۽ مزي سان پنھنجي استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
توهان پنھنجا مال ناسمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪريو، ڇو جو الله تعالى توهان جي زندگي گذارڻ جو دارومداران مال تي رکيو آهي، اوهان ان مال مان ناسمجهه ماڻهن کي کارايو، پياريو ۽ ڪپڙا لٽا وٺي ڏيو ۽ انهن سان سھڻي طريقي سان ڳالهائيندا ڪريو. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
يتيمن جي ذهني سوچ تي چڱيءَ طرح نظر رکندا ڪريو، ايستائين جو هو نڪاح ڪرڻ جي لائق ٿي وڃن، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي اندر سٺي سوچ (۽ لياقت) ڏسو ته انهن جا مال سندن ئي حوالي ڪري ڇڏيو، انهن جي مالن کي سندن بالغ ٿيڻ جي ڀؤ کان، اڳ ۾ ئي جلدي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، يتيمن جو سنڀاليندڙ جيڪڏهن خود مالدار آهي ته کيس کپي ته هو يتيم جي مال کائڻ کان پاسو ڪري، پر جيڪڏهن سنڀاليندڙ غريب آهي ته اهو مناسب طريقي سان ڪجهه کائي سگهي ٿو. (۽ يتيمن جي بالغ ٿيڻ کان پوءِ) جڏهن توهان سندن مال کين واپس ڪريو ته انهن تي شاهد بيھاريو، باقي الله تعالى حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
مردن جي لاءِ والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. اهڙيءَ طرح عورتن لاءِ به والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. ڇڏيل مال ٿورو هجي يا گهڻو، الله تعالى جي طرفان حصا مقرر ٿي چڪا آهن. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
مال ورهائڻ وقت جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مائٽ، يتيم يا ڪو مسڪين اچي وڃي (۽ انهن جو شرعي لحاظ سان ڪوبه حصو نٿو لڳي) ته اهڙي صورت ۾ (رحم دليءَ جي نظر ڪندي) انهن کي (پنهنجي پنهنجي حصي مان ) ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا ڪريو، پر جيڪڏهن وارث انهن کي ڏيڻ تي متفق ناهن ته پوءِ انهن کي سھڻي طريقي سان ئي جواب ڏيو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
ورثو ورهائيندڙن ۽ سنڀاليندڙن کي نا انصافي ڪرڻ کاڻ ڊڄڻ کپي جو جيڪڏهن هو خود پنھنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏي وڃن ته ان جي باري ۾ کين ڪهڙي قسم جا انديشا سامهون ايندا؟ کين الله تعالى کان ڊڄڻ کپي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ کپي. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، حقيقت ۾ هو پنھنجي پيٽ ۾ باهه ٿا وجهن ۽ سگهو ئي هو باهه ۾ اڇلايا ويندا. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله تعالى توهان کي اولاد جي باري ۾ حڪم ڏئي ٿو، ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي برابر آهي، جيڪڏهن مَيَّتَ جون (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ڌيئرون هجن، ته انهن سڀني ڌيئرن ۾ ڇڏيل ملڪيت مان ٻه ٽھايون حصو ورهايو ويندو، پر جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءَ وارث آهي، ته ان کي ڇڏيل ملڪيت جو اڌ حصو ڏنو ويندو، مَيَّتَ جو اولاد هجڻ جي صورت ۾ ان جي والدين مان هر هڪ کي الڳ الڳ ڇھون حصو ڏنو ويندو، جيڪڏهن ميت جو اولاد نه آهي ۽ والدين ئي ان جا وارث آهن، ته ماءُ کي ٽيون حصو ڏنو ويندو ۽ باقي بچيل ٻه ٽھايون پيءُ کي ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ميت جا وارث هڪ کان وڌيڪ ڀائر ۽ ڀينر هجن، ته ان صورت ۾ ماءُ کي ڇھون حصو ملندو، هي سڀ حصا ميت جي طرفان ڪيل وصيت ۽ ورتل قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، باقي بچيل ملڪيت مان ڪڍيا ويندا، توهان کي اندازو ئي نه آهي، ته توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ انهن مان ڪير توهان جي لاءِ وڌيڪ فائديمند آهن؟ هي سڀ حصا الله تعالى فرض ڪري ڇڏيا آهن. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
جيڪڏهن عورت مري وئي ۽ کيس ڪوبه اولاد نه آهي، ته سندس مڙس کي پوري ملڪيت مان اڌ حصو ملندو، جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته پوءِ مڙس کي چوٿون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي ۽ ان جو ڪوبه اولاد نه هجي، ته سندس گهر واريءَ کي سموري مال جو چوٿون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته سموري ڇڏيل ملڪيت مان کيس اٺون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي يا عورت، ٻنهي جو اولاد به نه هجي ۽ انهن جا ماءُ پيءُ به نه هجن، رڳو ان جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن، ته انهن مان هر هڪ کي ڇھون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ آهن، ته پوءِ سڀني کي ڪل ملڪيت مان ٽيون حصو ملندو، جيڪو هو سڀ پاڻ ۾ برابر برابر ورهائي کڻندا، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، وصيت به اُها پوري ڪئي ويندي، جنھن سان ڪنھن به حقدار جي حصي کي نقصان نه پھچي، اهو حڪم الله تعالى جي طرفان آهي، بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ نرمي ڪندڙ آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
هي سڀ الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن، هاڻي جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندو، ته هو اهڙي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندو ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
پر جيڪڏهن ڪو الله تعالى ۽ سندس رسول ﷺ جي نافرماني ڪندو ۽ مقرر ڪيل حدون ٽوڙيندو، ته هو جھنم ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن ۾ هو هميشه رهندو ۽ ان جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
جيڪڏهن توهان جي عورتن مان ڪي بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته انهن تي پاڻ مان چار ماڻهو شاهد بيھاريو، جيڪڏهن هو شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهر ۾ سخت نگرانيءَ ۾ رکو، ايستائين جو کين موت اچي يا انهن لاءِ الله تعالى ٻيو ڪو رستو ڪڍي (ٻيو رستو بعد ۾ سورة نور ۾ ٻڌايو ويو آهي). |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
توهان مان جيڪڏهن ٻه مرد (شادي شده ۽ غير شادي شده) بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته کين سزا ڏيو پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪن ۽ پنھنجي اصلاح ڪن، ته کين ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
(اهو ذهن ۾ رکو) ته الله تعالى تي صرف انهن ماڻهن جي توبہ قبول ڪرڻ جو حق ٿِئي ٿو، جن رڳو ناسمجهي ۾ اهو برو عمل ڪيو هوندو ۽ هڪدم توبہ ڪئي هوندي، اهڙن ماڻهن کي الله تعالى معاف ڪندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جي خبر رکندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
هي توبہ انهن ماڻهن جي لاءِ نه آهي، جيڪي لڳاتار برا ڪم ڪندا رهن، پوءِ جڏهن انهن مان ڪنھن کي موت جو وقت اچي پھچي، ته ان وقت هو چوي ته بيشڪ هاڻي مان توبہ ڪئي، سو اهڙن ماڻهن جي ڪا به توبہ ناهي، جيڪي مرڻ گهڙي تائين ڪافر ٿي رهيا، انهن سڀني لاءِ اسان تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارؤ! توهان لاءِ اهو حلال نه آهي، ته اوهان (بيوهه عورتن کي به فوت ٿيل مڙسن جي ڇڏيل ملڪيت سمجهي) زبردستي انهن جا وارث ٿي بيھو ۽ نه ئي عورتن کي تنگ ڪري ڏنل مھر مان ڪجهه حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو، ها جيڪڏهن هو ڪنھن پڌري بدڪاريءَ ۾ ملوث ٿي چڪيون آهن، ته پوءِ کين سيکت ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري سگهو ٿا (باقي مھر ڦٻائڻ لاءِ پوءِ به تنگ نٿا ڪري سگهو)، انهن سان سھڻي طريقي سان زندگي گذاريو، جيڪڏهن توهان انهن کي پسند نٿا ڪريو، ته ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شيءِ اوهان کي پسند نه اچي، ان ۾ ئي الله تعالى ڪا وڏي ڀلائي رکي هجي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
جيڪڏهن توهان هڪ زال کي ڇڏي، ٻي زال آڻڻ چاهيو ٿا، ته ڇڏڻ واري زال کي اوهان ڪيترو به ڍير سارو مال ڏنو هجي، ان مال مان ڪجهه به واپس نٿا وٺي سگهو، ڇا توهان الزام لڳائي ۽ ظلم سان ان کان مال واپس وٺندا؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ آخر توهان انهن کان وٺي به ڪيئن ٿا سگهو؟ اوهان ته انهن سان قرب ونڊي چڪا آهيو ۽ انهن توهان کان باقاعده نڪاح جي ذريعي وعدو ورتو آهي. |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
توهان اهڙين عورتن سان ڪڏهن به نڪاح نه ڪجو، جن سان اڳ ۾ توهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا آهن، اڳ ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو، بيشڪ اهو عمل بيحيائي، نفرت وارو ۽ برو رستو آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
(هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ، اوهان لاءِ بلڪل حرام آهي): اوهان جون مائرون، ڌيئرون، ڀينرون، پُڦيون، ماسيون، ڀائيٽيون، ڀاڻيجِيون، اهي مائرون جن توهان کي کير پياريو آهي، گڏجِي کير پيئندڙ ڀينرون، سسون، توهان جي زالن (جن سان توهان قرب ونڊي چڪا آهيو) جون اڳ ڄاول ڌيئرون جن کي توهان پنھنجي جهوليءَ ۾ پاليو آهي، پر جيڪڏهن توهان انهن زالن سان رڳو نڪاح ڪيو پر قرب نه ونڊيو آهي، ته اهڙين زالن کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ، انهن جي ڌيئرن سان نڪاح ڪرڻ ۾، توهان تي ڪو به گناهه نه آهي، اوهان جي سڳن پٽن جون زالون (يعني نُھَر) ۽ توهان تي ٻن ڀينرن سان، هڪ ئي وقت ۾ نڪاح ڪرڻ به حرام آهي، اڳ ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو، بيشڪ الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ شادي شده عورتون به ( توهان لاءِ حرام آهن) سواءِ انهن شادي شده عورتن جي، جيڪي توهان کي (اسلامي حڪومت جي طرفان دشمن سان جنگ جي نتيجي ۾) مالِ غنيمت طور ڏنيون ويون هجن (سي حرام نه آهن).اهو حڪم الله تعالى لازمي قرار ڏنو آهي، (مٿين) حرام ڪيل سڀني رشتن کان سواءِ باقي سڀ عورتون، حق مھر جي ذريعي حاصل ڪرڻ اوهان لاءِ حلال آهن، پر شرط اهو آهي ته توهان پاڻ کي پاڪدامن رکڻ جو ارادو رکو، نه ڪه امير هجڻ سبب رڳو آزاد جنسي خواهش پوري ڪرڻ جو ارادو ڪريو، انهن مان جنسي لَذَّت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، کين حق مھر فرض سمجهي ادا ڪريو، مھر مقرر ڪرڻ کان پوءِ ان (مقرر ڪيل مھر) ۾ گڏيل رضامنديءَ سان ڪا گهٽ وڌائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ توهان تي ڪو به گناهه نه آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
توهان مان جنھن کي ڪنھن آزاد مؤمن عورت سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي، ته هو ڪنھن ٻانهيءَ سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، شرط اهو آهي ته هوءَ مؤمنياڻي هجي. الله تعالى توهان جي ايمان کان خوب واقف آهي، اوهان سڀ جا سڀ پاڻ ۾ ئي ته آهيو (يعني ايمان جي لحاظ کان اوهان ۾ ڪو به فرق نه آهي) پوءِ توهان انهن سان سندن وڏڙن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ کين سھڻي طريقي سان حق مھر ادا ڪريو، ته جيئن هو نڪاح ۾ قابو رهن ۽ زنا جي ويجهو نه وڃن ۽ لڪ ڇپ ۾ ڪنھن سان دوستي به نه رکي سگهن، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن هو نڪاح ۾ رهڻ دوران ڪارنھن وارو ڪم ڪري وجهن، ته انهن جي سزا آزاد شادي شده عورت جي سزا جو اڌ آهي، (ڇو ته هي عورت آزاد مؤمن عورت جي حيثيت ۾ نه، پر مؤمن ٻانهيءَ جي حيثيت ۾ آيل آهي) ٻانهين سان نڪاح جي اجازت توهان مان ان لاءِ آهي، جيڪو زنا (جي گناهه) کان ڊڄندڙ هجي (حالانڪه) توهان جو صبر ڪرڻ (يعني نڪاح نه ڪرڻ) ئي توهان لاءِ بھتر آهي ۽ بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله تعالى چاهي ٿو ته توهان جي سامھون انهن طريقن کي واضح ڪري ۽ اوهان کي اهي رستا ڏيکاري، جن جي پيروي توهان کان اڳ گذري ويل ڀلارا ماڻهو ڪندا هئا، ۽ اوهان کي معاف ڪري، الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله تعالى توهان تي رحم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو نفس جي خواهش جي پويان هلن ٿا، سي چاهين ٿا ته اوهان سڌي راهه کان هٽي تمام گهڻو پري ٿي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله تعالى توهان جي مٿان ذميدارين جو بار هلڪو ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انسان کي (فطري طور تي) ڪمزور طبيعت وارو پيدا ڪيو ويو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال غلط طريقي سان نه کائو، اوهان جو هڪ ٻئي سان رضامنديءَ واري طريقي سان ڏيڻ وٺڻ هجڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کي قتل (۽ برباد) نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان تي وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو شخص سرڪشي ۽ ظلم سان ايئن ڪندو ته اسان کيس عنقريب باهه ۾ اڇلائينداسين ۽ الله تعالى جي لاءِ اهو ڪم تمام سولو آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏهن توهان وڏن گناهن کان پاسو ڪندا، جن کان اوهان کي روڪيو ويو آهي ته اسان توهان جي (ٻين ننڍين ننڍين) برائين کي مٽائي ڇڏينداسين ۽ توهان کي عِزَّت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسين. |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ توهان اهڙين شين جي هرگز تمنا نه ڪندا ڪريو، جيڪي الله تعالى اوهان مان ڪنھن ٻئي کي وڌيڪ عطا ڪئي هجي، مردن لاءِ اهو ئي ڪجهه آهي جيترو انهن ڪمايو آهي ۽ عورتن لاءِ (به) اهو ئي ڪجهه آهي جيترو انهن ڪمايو آهي. الله تعالى کان رڳو ان جي مھربانيءَ جي دعا گهرندا رهو. بيشڪ الله تعالى هرهڪ شيءِ جو علم رکندڙ آهي. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ جيڪو ڪجهه والدين يا مائٽ (مرڻ وقت) پويان ڇڏي وڃن ته اسان ان جي ڇڏيل ميراث جا حقدار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، باقي رهيا اهي ماڻهو جن سان توهان ڪو وعدو يا معاهدو ڪيو آهي، ته پوءِ کين انهن جو حصو ڏيو، بيشڪ الله تعالى جي هر شيءِ تي نظر آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد عورتن جي معاملات جا ذميدار آهن، ان ڪري جو الله تعالى انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت عطا ڪئي آهي ۽ ان ڪري به جو هو پنھنجو مال (انهن عورتن تي) خرچ ڪري رهيا آهن، پوءِ نيڪ عورتون اهي آهن جيڪي فرمانبردار هجن، مردن جي سمورن معاملن کي سندن غيرموجودگيءَ ۾، الله تعالى جي حفاظت تحت سنڀاليندڙ هونديون آهن، باقي جن عورتن جي باري ۾ توهان کي بيوفائيءَ جو خوف هجي، ته پوءِ کين (ويھاري) سمجهايو (پر جيڪڏهن اهي اڃا به بيوفائيءَ ڏانھن مائل هجن ته) پوءِ توهان کين پنھنجي قربائتي ماحول کان پري رکو ۽ ٿورو ڌڪ چنبو هڻي وٺو، پوءِ جيڪڏهن فرمانبردار ٿي رهڻ تي آماده ٿين ته توهان به( هروڀرو پوئين ڳالهين تي ڳت ڏئي) سختي ڪرڻ جا بھانا نه ڳوليو. بيشڪ الله تعالى بلند ترين مرتبي وارو ۽ وڏو آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن توهان کي زال ۽ مڙس جا تعلقات هٿن مان نڪرندي نظر اچن، ته پوءِ هڪ امين ماڻهو مڙس جي خاندان طرفان ۽ هڪ امين ماڻهو زال جي خاندان طرفان مقرر ڪريو ۽ جيڪڏهن (واقعي) انهن ٻنهي جي نِيَّتَ معاملي کي ٺاهڻ جي هوندي، ته الله تعالى به انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه جي صورت پيدا ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ هر معاملي جي خبر رکندڙ آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ الله تعالى جي بندگي ڪريو ۽ ان ذات سان ڪنھن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سھڻو سلوڪ ڪريو ۽ مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن، ويجهن پاڙيسري مائٽن، اڻ سڃاتل پاڙيسرين، گڏ ويھندڙن، مسافرن ۽ غلام ٻانهن سان جيڪي توهان جي ذميداريءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان چڱائي ڪريو. بيشڪ الله تعالى ڪنھن به مغرور ۽ وڏائي ڪندڙ کي پسند نٿو ڪري. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
اهڙا شخص به (الله تعالى کي پسند نه آهن) جيڪي ڪنجوس آهن ۽ وري ٻين کي به ڪنجوسيءَ جو سبق ڏين ٿا، الله تعالى کين پنھنجي فضل مان جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، تنھن کي هو لڪائين ٿا، اهڙن ناشڪري ڪندڙن لاءِ ته اسان خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
اهڙا شخص به (الله تعالى کي پسند نه آهن) جيڪي ماڻهن کي رڳو ڏيکاءَ خاطر خرچ ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان ئي نٿا رکن، (حقيقت هي آهي ته) جنھن جو ساٿي شيطان ٿيندو ته ان کي ڄڻ ته انتھائي برو ساٿي مليو. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ انهن جو ڪھڙو نقصان ٿئي ها، جو هو جيڪڏهن الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکن ها ۽ الله تعالى جي ڏِنل رِزق مان خرچ ڪن ها، ته انهن جي اهڙي رويّي کان الله تعالى باخبر هجي ها. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
الله تعالى جي ذات ڪنھن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندي آهي، بلڪ هو ته ڪنھن جي نيڪيءَ کي وڌائي ٻيڻو ڪندو آهي ۽ پنھنجي طرفان اڃا به گهڻو اجر عطا ڪندو آهي. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ انهن ماڻهن جو ان وقت ڇا حال هوندو، جڏهن اسان (انهن جي سامھون) هر هڪ امت منجهان هڪ شاهد آڻي بيھارينداسين ۽ وري انهن سڀني جي مٿان (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي شاهد ڪري سامھون آڻينداسين. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ رسول سڳوري جي نافرماني ڪندا رهيا، ان ڏينھن هو دل ۾ تمنا ڪندا ته جيڪر اسان کي زمين جي اندر دفن ڪري، ان کي سنوت ۾ آندو وڃي ۽ هو اتي ڪا به دل جي ڳالهه الله تعالى کان نه لڪائي سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارؤ! توهان نشي جي حالت ۾ نماز پڙهڻ جي ويجهو به نه وڃو، ايستائين جو نماز ۾ جيڪو قرآن پڙهو ان جي لفظن کي نه سمجهو. اهڙيءَ طرح ميري مٿي به نماز پڙهڻ جي ويجهو نه وڃو جيستائين وهنجي نه وٺو، سواءِ اهڙيءَ حالت ۾ جو توهان سفر ۾ هجو، ته پوءِ اوهان تيمم ڪري نماز پڙهي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان بيمار آهيو، يا سفر ۾ آهيو يا اوهان مان ڪو بيت الخلاء مان فارغ ٿي اچي، يا توهان عورتن سان قرب ونڊيو هجي، (هاڻي) جيڪڏهن انهن سڀني صورتن ۾ پاڻي نٿو ملي، ته پاڪ مٽيءَ کي ڪم ۾ آڻي ان سان پنھنجن چھرن ۽ هٿن تي (ٻانهن سميت) مک ڪريو. بيشڪ الله تعالى درگذر ڪندڙ ۽ وڏو بخشيندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
(اي نبي ﷺ) ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي، (هو هروڀرو) پنهنجو پاڻ گمراهي خريد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن ۽ هو چاهين ٿا ته توهان به صحيح رستي کان هٽي وڃو. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
الله تعالى توهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، درحقيقت الله تعالى جي حمايت ۽ مدد ئي (توهان لاءِ) ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
يھودين مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي لفظن ۾ هيراڦيري ڪري انهن کي اصل مطلب کان ڦيرائي، ٻئي مطلب ڏانھن کڻي وڃن ٿا، (اهي لفظ هي آهن) سَمِعۡنا (اسان ٻڌوسين) - عَصَيۡنَا (اسان نه مڃيوسين) - اِسۡمَعۡ (تون ٻڌ) - غَيۡرَ مُسۡمَعٍ (شل توکي نه ٻڌايو وڃي) ۽ رَاعِنَا - يھودي هي مٿيان سڀ لفظ دين ۾ طعني ڏيڻ خاطر، زبان سان گول مول ڪري (ٺٺول واري انداز ۾) ڳالهائيندا آهن. جيڪڏهن هو اهي الفاظ هن طريقي سان استعمال ڪن ها، ته انهن جي لاءِ تمام بھتر هو، (يعني) سَمِعۡنا (اسان ٻڌوسين) - اَطَعۡنَا (اسان اطاعت ڪئي سين) - اِسۡمَعۡ (سائين اسان جي ڳالهه ٻڌو) - اُنۡظُرۡنَا (سائين اسان تي نظر فرمايو) حقيقت ۾ صحيح انداز به اهو ئي هو، پر انهن جي انڪار سبب مٿن الله تعالى جي لعنت پيل آهي، تنھنڪري (انهن مان) ٿورا ماڻهو ايمان آڻين ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي ڪتاب وارؤ! ايمان آڻيو هن ڪتاب (يعني قرآن مجيد) تي، جيڪو انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي توهان وٽ اڳ موجود آهن، ان کان پھريائين جو اسان (انهن جي) چھرن کي بگاڙي، سندن پٺين ڏانھن ڪري ڇڏيون يا انهن کي اهڙيءَ طرح لعنتي ڪري ڇڏيون، جھڙيءَ طرح اسان ڇنڇر جي ڏينھن وارن کي ڪيو هو. (دماغ ۾ اهو ويھاري ڇڏيو ته) الله تعالى جو حڪم ئي جاري ۽ ساري رهندو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
(اهو به ذهن ۾ رکو ته) الله تعالى شرڪ واري عمل کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، ان کان سواءِ جنھن به گناهه کي هو چاهي ته معاف ڪري ڇڏيندو ۽ جنھن (به) الله تعالى سان گڏ (ٻئي کي) شريڪ ڪيو، ان ماڻهوءَ (حقيقت ۾) هڪ وڏو ڪوڙ گهڙيو ۽ اهو وڏو گناهه آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جيڪي پنھنجو پاڻ کي وڏو پاڪباز سمجهن ٿا، (هرگز نه) الله تعالى جنھن کي چاهي پاڪيزگي عطا ڪندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنھن کي پاڪيزگي نه ملي، ته به انهن سان حقيقت ۾ ذرو برابر به ظلم نه ڪيو ويو (ڇاڪاڻ جو هو ان جي لائق ئي نه هئا جو کين پاڪيزگي عطا ڪئي وڃي ها). |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏسو (ته سھي) هي ماڻهو ڪيئن ٿا الله تعالى جي ذات مٿان ڪوڙ هڻن، اهڙو نسورو ڪوڙ ئي سندن گناهه گار هجڻ لاءِ ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
(اي رسول ﷺ!) ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو (پوءِ) انهن جي حالت هي آهي، جو هو بي بنياد معبودن (يعني بتن وغيره) ۽ شيطانن تي يقين رکن ٿا ۽ ڪافرن جي باري ۾ چون ٿا، ته ايمان وارن کان ته اهي ئي وڌيڪ سڌي رستي تي آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
انهن ماڻهن تي الله تعالى لعنت ڪئي آهي ۽ جنھن تي الله تعالى جي لعنت هجي، ته تون انهن جو ڪڏهن به مددگار نه ڏسندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪو حصو پتي آهي؟ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هي ماڻهن کي ذرو به نه ڏين ها. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
يا هي ماڻهن سان ان لاءِ حسد ڪن ٿا جو الله تعالى انهن ماڻهن کي پنھنجي فضل سان نوازيو آهي، اسان ته ابراهيم (ؑ) جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي عطا ڪئي ۽ کين (دنيا جي) وڏي بادشاهت (به) عطا ڪئي. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ انهن مان ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن هن ڪتاب تي ايمان آندو ۽ ڪي وري هن ڪتاب کان منھن موڙي پوئتي هٽي وِيا، بيشڪ منھن موڙيندڙن جي لاءِ ئي ته جھنم جي ڀڙڪندڙ باهه آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن کي اسان ضرور باهه ۾ اڇلائينداسين، جڏهن انهن جي چمڙِي سڙي ڪوئلو ٿي ويندي ته (فوراً) ان جي جاءِ تي ٻي چمڙي پيدا ڪنداسين، ته جيئن هو عذاب ۾ مبتلا رهن، بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهندڙ هونديون، جتي هو هميشه لاءِ رهندا ۽ انهن لاءِ باغن ۾ پاڪيزه ڪردار واريون گهر واريون هونديون ۽ اتي کين (سدائين) گهاٽي ڇانو نصيب ٿيندي. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
بيشڪ الله تعالى توهان کي حڪم ڪري ٿو ته، (هر قسم جون) امانتون (رکيل شين جي صورت ۾ هجن يا ذميدارين جي صورتن ۾) انهن کي ذميدار ماڻهن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن توهان ماڻهن جي وچ ۾(ڪنھن معاملي جو) ڪو فيصلو ڪريو، ته انصاف وارو فيصلو ٻڌايو. الله تعالى توهان کي (ان باري ۾) تمام سھڻي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى (توهان سڀني جي ڳالهين کي) ٻڌندڙ ۽ (سڀني معاملات کي) ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو ۽ انهن جي به فرمانبرداري ڪريو، جيڪي توهان تي حڪمران هجن، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي وچ ۾ ڪنهن معاملي تي ڪو اختلاف ٿي پوي، ته جيڪڏهن توهان جو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي (پختو) ايمان آهي، ته ان کي الله تعالى ۽ سندس رسول ﷺ جي ئي ٻڌايل حڪم مطابق حل ڪريو، (حقيقت ۾) اهو ئي بھترين طريقو آهي ۽ ان جو نتيجو (به) بھتر نڪرندو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جيڪي قرآن شريف ۽ پھريائين نازل ٿيندڙ ڪتابن تي ته ايمان آڻڻ جي دعوى ڪن ٿا، پر وري پنھنجي معاملات جو فيصلو الله تعالى جي سرڪش ۽ باغين کان ڪرائڻ گهرن ٿا، (حالانڪه اڳ ۾ ئي کين) حڪم ڏنو ويو هو ته الله تعالى جي باغين جو سختيءَ سان انڪار ڪريو، حقيقت هي آهي ته شيطان اهڙن ماڻهن کي سڌي رستي کان هٽائي گهڻو پري اڇلائڻ چاهي ٿو. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (ڀلا) اچو ان شيءِ ڏانھن، جيڪا الله تعالى نازل ڪئي آهي ۽ توهان رسول (ﷺ) جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، (اي نبي ﷺ!) پر توهان انهن کي پاڻ ڏانھن اچڻ کان ڪن لاٽار ڪندي لنوائيندي ڏسو ٿا. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ انهن ماڻهن جي ڪھڙي حالت ٿئي ٿي، جو جڏهن مٿن پنھنجي ڪرتوتن جي ڪري ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي، ته تو وٽ حاضر ٿي الله تعالى جي نالي جا قسم کڻن ٿا، ته اسان جو ارادو چڱائيءَ ۽ گڏجي سڏجي رهڻ جو هو، ٻيو ڪو به ارادو نه هو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اهڙن بدنيت منافقن ۽ سندن دلين جي ارادن کي، الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو (اي نبي ﷺ!) انهن جي بدنيتيءَ کان بچِي رهجانءِ ۽ کين (حق ڳالهه جي) نصيحت ڪندو رهجانءِ ۽ نصيحت اهڙي طريقي سان ڪندو رهجانءِ، جو انهن جي دلين تي چڱيءَ طرح اثر ٿئي. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
اسان جيڪي به رسول سڳورا موڪليا، تن جو اهو ئي مقصد هو ته، الله تعالى جي حڪم مطابق انهن جي فرمانبرداري ڪئي وڃي، انهن منافق ماڻهن جڏهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو، ان وقت جيڪڏهن (فوراً) توهان وٽ اچي حاضر ٿين ها ۽ الله تعالى کان (پنهِنجي بدنيتيءَ جِي) معافي گهرن ها ۽ رسول (ﷺ به) انهن جي لاءِ معافيءَ جي درخواست ڪري ها، ته هو الله تعالى کي ضرور توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ سمجهن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
(پر معاملو رڳو ايترو نه آهي، اي محمد ﷺ!) قسم آهي تنھنجي رَبَّ جو! ته هي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن نٿا ٿي سگهن، جيستائين هو پنھنجي سمورن جهڳڙن (۽ مسئلن) جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار توکي نه ڏين ۽ وري تنھنجي ٻڌايل فيصلي تي ڪا به ٻِڙڪ نه ڪڍن ۽ اکيون ٻوٽي ان کي دل سان نه تسليم ڪن. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ اسان جيڪڏهن انهن کي پاڻ کي قتل ڪرڻ ۽ پنھنجي گهرن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪريون ها، ته اهڙي حڪم تي سواءِ ٿورڙن جي ڪو به عمل نه ڪري ها، کين جيڪا نصيحت ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن هو ان تي (دل سان) عمل ڪن ها، ته انهن لاءِ (اهو عمل) تمام سٺو ۽ سندن ايمان کي مضبوط رکڻ وارو هجي ها. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
جيڪڏهن هو ايئن ڪن ها ته اسان کين پنھنجي طرف کان وڏو اجر به ڏيون ها. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ کين سڌو رستو به ڏيکاريون ها. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
پر جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندا، ته اهي (قيامت جي ڏينھن) اهڙن ماڻهن سان گڏ هوندا، جن تي الله تعالى (خاص) انعام فرمايو آهي، (يعني) نبي سڳورا، صدِّيق، شھيد ۽ نيڪ ماڻهو، هي سڀ ڪيڏا نه بھترين دوست آهن. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اها الله تعالى جي طرفان خاص مھرباني آهي ۽ الله تعالى کي ئي هر شيءِ جو صحيح علم آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارؤ! (دشمن جي مقابلي لاءِ) هر وقت جنگي سامان تيار رکو، پوءِ ٽولا ٽولا ٿي (ڳجها حملا ڪرڻ لاءِ) نڪرو يا (باقاعده منظم جنگي ويڙهاڪن جي صورت ۾) گڏجي نڪرو (بھرحال جيئن به توهان کي موقعو ملي، نڪري پئو). |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
(خبردار!) بيشڪ توهان مان ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جيڪو (جنگ کان ڄاڻي واڻي) نٽائي ٿو، پوءِ جيڪڏهن توهان کي جنگ ۾ ڪا تڪليف اچي وڃي، ته هو (دل ۾ خوش ٿيندي) چوندو ته الله تعالى جي وڏي مھرباني جو مان انهن سان گڏ شامل نه هئس، نه ته مان به انهن سان گڏ تڪليف ۾ اچي وڃان ها. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن توهان کي (جنگ دوران) الله تعالى جي طرفان ڪا مھرباني حاصل ٿئي، ته (دل ۾ ڦڪو ٿي) ضرور چوندو ته، لڳي ايئن ٿو ته توهان ۽ هن جي وچ ۾ ڪي لاڳاپا ئي نه آهن. ڪاش! (هي مسلمان مون تي ٿورو زور ڀرين ها ته) مان به انهن سان گڏ هجان ها، پوءِ مان به وڏي (۽ حقيقي) ڪاميابي حاصل ڪريان ها. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
(حقيقت هي آهي ته) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ ته انهن ماڻهن کي جڳائي، جيڪي آخرت جي زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي زندگيءَ کي وڪڻن ٿا، پوءِ الله تعالى جي راهه ۾ وڙهندي جيڪو شھيد ٿي وڃي، يا فتح حاصل ڪري ته اسان کيس فوراً وڏو اجر عطا ڪنداسين. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
(ڀلا) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله تعالى جي راهه ۾ انهن ڪمزور مردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ نٿا وِڙهو، جيڪي ويچارا فرياد ڪري رهيا آهن، ته اي اسان جا رَبَّ! اسان کي هن شھر مان ڪڍ، جنھن جا رهندڙ ظالم آهن، اسان جي لاءِ پنھنجي طرفان ڪو حمايت ڪندڙ ۽ مددگار پيدا ڪر. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
(دراصل ) ايمان وارا ئي ته الله تعالى جي راهه ۾ وڙهندا آهن، باقي رهيا ڪافر، هو ته الله تعالى جي باغين طرفان وڙهندا آهن، ( اي مسلمانو!) توهان شيطان جي ساٿِين سان جنگ ڪريو، حقيقت هي آهي ته شيطان جا فريب (يعني منصوبا) انتھائي ڪمزور هوندا آهن. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي (جھاد جي حڪم کان اڳ) چيو ويو ته، پنھنجي هٿن کي روڪيو (هروڀرو بي صبرا ٿي وڙهڻ جي تمنا نه ڪريو)، نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪندا رهو، پر جڏهن انهن کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو، ته هاڻي انهن منجهان هڪ گروهه جو اهو حال آهي، جو مخالفن کان ايئن ٿو ڊڄي، جيئن الله تعالى کان ڊڄڻ کپي پر اڃا به ان کان وڌيڪ ڊڄڻا ٿي بيٺا ۽ چون ٿا ته اي اسان جا رب!، جنگ ڪرڻ اسان تي ڇو فرض ڪيئي؟ اسان کي ڪجهه وقت تائين مھلت ڇو نه ڏنئي؟ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته دنيا جي زندگيءَ جو فائدو تمام ٿورڙو آهي ۽ آخرت واري زندگي ان شخص لاءِ بھتر آهي، جيڪو الله تعالى کان ڊڄندو رهندو ۽ (قيامت جي ڏينھُن) توهان تي ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
(باقي رهيو موت جو مسئلو ته) توهان جتي به هوندا بھرحال موت توهان تي ايندو، توڙي جو توهان مضبوط ڪوٽن ۽ قلعن ۾ ئي محفوظ ٿي ويھو. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، ته چون ٿا ته اها ڀلائي الله تعالى جي طرفان عطا ٿي آهي ۽ وري جيڪڏهن کين ڪا تڪليف ملي ٿي، ته چون ٿا ته (اي نبي ﷺ!) اِها توهان جي ڪري ملي آهي.(اي نبي ﷺ!) توهان کين چؤ ته (ڀلائي ۽ برائي) سڀ الله تعالى جي طرف کان آهي، پوءِ هن قوم کي ڇا ٿي ويو آهي، جو ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه آهي؟ |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
(اي انسان ڪن کولي ٻڌ!) تو کي جڏهن به ڪا ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، اها سڌو سنئون الله تعالى جي طرف کان آهي ۽ جيڪا تڪليف تو کي ملي ٿي، سا تنھنجي ئي نفس جي خراب ڪمن جو نتيجو آهي. (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي سڀني انسانن لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي ۽ ان ڳالهه لاءِ شاهدي صرف الله تعالى جي ڪافي آهي (ڪنھن ٻئي جي شاهديءَ جي ضرورت ئي ناهي). |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
هاڻي جنھن به ماڻهوءَ رسول سڳوري جي فرمانبرداري ڪئي، ڄڻ ته ان الله تعالى جي فرمانبرداري ڪئي ۽ جنھن (رسول کان) منھن موڙيو، ته پوءِ (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي انهن تي نگھبان ڪري به نه موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
هي (منافق تنھنجي سامھون) چون ٿا ته اسين فرمانبردار آهيون ۽ جڏهن توهان وٽان اٿي هليا وڃن ٿا، ته رات جو انهن مان هڪ ٽولي تنھنجي ٻڌايل ڳالهين جي خلاف (پاڻ ۾) ويھي صلاحون ڪن ٿا، الله تعالى انهن جون سڀئي ڳجهيون سازشون محفوظ ڪري ٿو، (اي نبي ﷺ!) توهان انهن جي سازشن کان بچي رهجو ۽ الله تعالى تي ڀروسو ڪجو ۽ (بيشڪ) الله تعالى جي ذات ئي ڀروسي جي قابل آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڀلا هي ماڻهو قرآن (پاڪ) کي سمجهڻ لاءِ غور ۽ فڪر ڇو نٿا ڪن؟ جيڪڏهن هي (قرآن) الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي جي طرف کان هجي ها، ته کين ان ۾ تمام گهڻو اختلاف نظر اچي ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
اهڙن منافقن کي جڏهن به امن يا خوف واري ڪا خبر هٿ اچي وڃي ٿي، ته هو افواهه پکيڙين ٿا، حالانڪه کين گهرجي ها ته اها خبر رسول (ﷺ) يا پنھنجي خليفي (يعني حڪمران) کي پھچائين ها، ته جيئن هو اهڙن ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي مقرر ڪري، جيڪا انهن افواهن جي اصل حقيقت معلوم ڪري ها، (حقيقت هي آهي ته) جيڪڏهن توهان تي الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها، ته توهان مان گهڻا ماڻهو شيطان جي پيروي ڪن ها. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
(اي نبي ﷺ!) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪر، پنهنجو پاڻ کان سواءِ تون ڪنھن ٻئي جو ذميدار نه آهين، باقي مؤمنن کي جنگ وڙهڻ لاءِ همت افزائي ڪندو رهه، ٿي سگهي ٿو ته الله تعالى ڪافرن جي ان دٻاءَ کي جلد ئي ختم ڪري، الله تعالى جو دٻاءُ انتهائي زبردست ۽ ان جي سزا تمام سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو ماڻهو جائز ڳالهه جي سفارش ڪندو ته ان سفارش ڪرڻ ۾ ان لاءِ به اجر هوندو ۽ جيڪو ماڻهو غلط ڳالهه جي سفارش ڪندو، ته ان غلط ڳالهه جي سفارش ۾ ان جو به حصو هوندو، الله تعالى هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن توهان کي ڪو سھڻي طريقي سان سلام دعا ڪري، ته موٽ ۾ توهان اڃا به بھتر طريقي سان سلام دعا ڪريو، يا گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي جواب ڏيو (اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو حساب ڪندو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله تعالى جي ذات اها آهي، جنھن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، هو توهان سڀني کي قيامت جي ڏينھن ضرور گڏ ڪندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪا به شڪ جي ڳالهه نه آهي ۽ ڪير آهي جيڪو الله تعالى کان وڌيڪ پنھنجي ڳالهه ۾ سچو هجي؟ |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
(آخر) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو منافقن جي باري ۾ اوهان جي وچ ۾ ٻه گروهه پيدا ٿي پيا آهن، حالانڪه انهن جيڪي ڪلور ڪيا آهن، تن جي ڪري الله تعالى کين الٽو ڦيري چڪو آهي، ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏيڻ چاهيو ٿا، جن کي الله تعالى گمراهه ڪري چڪو آهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري، ته اهڙي شخص لاءِ توهان ڪوبه هدايت وارو رستو نه لهي سگهندا. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
هي (منافق) ته توهان کي به ڪافر ڏسڻ چاهين ٿا، جيئن هو پاڻ ڪافر آهن (سندن دل ۾ هي ڳالهه آهي ته) اهڙي طريقي سان توهان سڀ هڪجھڙا ٿي پوندا. اهڙي سوچ رکندڙن مان ڪڏهن به ڪنھن سان دوستي نه رکجو، تان جو هو الله تعالى جي رستي ۾ هجرت ڪري نه اچن، پر جيڪڏهن هو هجرت کان انڪار ڪن، ته پوءِ توهان انهن کي جتي به ڏسو، کين سوگهو ڪريو ۽ قتل ڪريو، انهن مان ڪنھن کي به دوست ۽ مددگار نه سمجهو. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
پر جيڪڏهن هي اهڙي قبيلي وٽ پھچن، جنھن سان توهان جو (اڳواٽ) ڪو معاهدو آهي، ته پوءِ انهن کي قابو به نه ڪريو ۽ کين قتل به نه ڪريو ۽ اهڙا منافق به انهيءَ حڪم کان آجا آهن، جيڪي توهان وٽ اچي ٻئي هٿ مٿي ڪري چون ٿا، ته اسان جي توبہ هاڻي اسان نه توهان سان وڙهنداسين ۽ نه پنھنجي قوم سان، پر جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته کين توهان تي غالب ڪري ها ۽ پوءِ هو توهان سان ضرور وڙهن ها، جيڪڏهن هو توهان کان پاسو ڪن ۽ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام به موڪلين، ته اهڙي صورت ۾ الله تعالى توهان جي لاءِ انهن سان وڙهڻ جي ڪا به گنجائش نه رکي آهي. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
وري توهان سگهو ئي اهڙا ٻيا ماڻهو به ڏسندا، جيڪي چاهيندا ته توهان جي طرفان انهن کي امن (۽ حفاظت) ملي ۽ پنھنجي قوم طرفان به کين امن ملي (پر انهن جي اها عادت آهي جو) جڏهن به کين فتني ڦھلائڻ جو موقعو ملي، ته (هڪدم) ان ۾ انڌا ٿي ملوث ٿي ويندا، جيڪڏهن هو توهان سان مقابلي ڪرڻ کان پاسو نه ڪن، اوهان ڏانھن صلح جو پيغام نه موڪلين ۽ پنهنجو پاڻ کي توهان سان جنگ ڪرڻ کان پري نه رکن، ته پوءِ جتي به ڏسو کين قابو ڪريو ۽ قتل ڪريو، اهڙن ماڻهن سان اوهان کي وڙهڻ جي کلي اجازت ڏني وڃي ٿي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ ڪنھن به مؤمن کي اها اجازت نه آهي ته هو، ڪنھن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري سواءِ غلطيءَ جي، پوءِ جيڪڏهن ڪنھن مؤمن کي غلطيءَ سان قتل ڪري وڌو، ته ان جي مٿان هڪ غلام (يعني ٻانهو) آزاد ڪرڻ لازمي آهي ۽ قتل ٿيل ماڻهوءَ جي وارثن کي خون بھا (يعني ديت) به ادا ڪرڻي آهي. جيڪڏهن وارث خون بھا معاف ڪن ته قاتل تي ٻِي ڪا به ذميداري نه آهي، پر جيڪڏهن قتل ٿيل مسلمان اهڙي قبيلي مان هو، جنھن سان توهان جي ذاتي دشمني آهي ته پوءِ ان قاتل تي (ڪفاري جي صورت ۾) هڪ مؤمن غلام آزاد ڪرڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن قتل ٿي ويل ماڻهو اهڙي غيرمسلم قبيلي سان تعلق رکندو هو، جنھن سان توهان جو ڪو معاهدو آهي، ته انهن جي وارثن کي خون بھا ادا ڪئي ويندي ۽ هڪ مؤمن غلام کي به آزاد ڪرڻو پوندو پر جيڪڏهن آزاد ڪرڻ لاءِ ڪو غلام نه ملي سگهي، ته پوءِ (قاتل) لڳاتار ٻه مھينا روزا رکي، الله تعالى جي طرفان اهو ئي گناهه بخشائڻ جو طريقو مقرر ڪيو ويو آهي. الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جنھن ڪنھن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو، ته ان جو بدلو جھنم آهي، هو ان ۾ سدائين رهندو، ان تي الله تعالى جو قھر ۽ ان جي لعنت پوندي ۽ ان لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيل آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن (به) توهان الله تعالى جي راهه ۾ جھاد لاءِ نڪرو، ته پوءِ (جھاد دوران ٿورو) خبرداري رکندا ڪريو، انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪير توهان کي اڳرائي ڪري سلام ڪري، ته اوهان ان کي يڪدم اهو نه چئو، ته تون مؤمن نه آهين، توهان ان کي غيرمسلم چئي ان جو دنيا جو مال حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، حالانڪه دنيا جو سامان مال غنيمت جي صورت ۾ جام آهي،(اهو به سوچيو ته) توهان به ته ان حالت ۾ رهي چڪا آهيو، پوءِ الله تعالى اوهان تي احسان ڪيو تنھِنڪري ٿوري تحقيق ڪندا ڪريو. بيشڪ جيڪو توهان ڪندا آهيو الله تعالى کي ان جي پوري خبر آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مؤمنن مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي بغير ڪنھن مجبوريءَ جي گهر ويھي رهڻ کي پسند ڪندا آهن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جو الله تعالى جي راهه ۾ پنھنجي جان ۽ مال سان جھاد ڪندا آهن، ٻنهي جي حيثيت هڪ جھڙي نه آهي، الله تعالى گهر ويھي رهڻ وارن جي مقابلي ۾، پنھنجي مال ۽ جان سان جھاد ڪرڻ وارن جو درجو اتم رکيو آهي، اها ٻِي ڳالهه آهي، ته الله تعالى سڀني سان ڀلائيءَ جو وعدو فرمايو آهي، بھرحال ويھي رهڻ وارن جي مقابلي ۾، الله تعالى جھاد ڪرڻ وارن جو اجر تمام گهڻو رکيو آهي. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
انهن جي لاءِ الله تعالى جي طرفان وڏا درجا به رکيل آهن ۽ رحمت به آهي، الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ جن ماڻهن (مسلمانيءَ جي صورت ۾) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته جڏهن ملائڪن انهن جو ساهه ڪڍيو ته کانئن پڇيو، ته توهان دنيا ۾ ڪهڙي حال ۾ هئا؟ هو چـوندا ته اسان زمين ۾ ڏاڍا ڪمزور ۽ مجبور هئاسين (تنھن ڪري ڪافرن جو پاڙو نه ڇڏي سگهياسين)، ان تي کين ملائڪ چوندا ته ڇا الله تعالى جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان اوڏانهن لڏي هليا وڃو ها؟ (حقيقت هي آهي ته) انهن ماڻهن جي جاءِ جھنم آهي ۽ اها تمام بري جاءِ آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
سواءِ انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن جي، جيڪي واقعي لاچار آهن ۽ انهن کي نڪرڻ (۽ هجرت ڪرڻ) جي ڪا به واهه نظر نه آئي ۽ نه ئي کين ٻيو ڪو رستو سجهي پيو. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
اهڙن ماڻهن لاءِ ٿي سگهي ٿو، ته الله تعالى سندن لاچاريءَ کي درگذر ڪري (ڇاڪاڻ جو) الله تعالى وڏو درگذر ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ هجرت ڪندو، ته هو زمين ۾ وڏي ڪشادگي ۽ رزق جا وڏا ذريعا ڏسندو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول جي لاءِ گهران نڪري هجرت ڪندو، پوءِ رستي ۾ ئي کيس موت اچي ويو، ته ان جو اجر الله تعالى جي ذمي آهي ڇو ته الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ توهان جڏهن به سفر ۾ هجو ۽ اوهان کي ڪافرن جي تنگ ڪرڻ جو خوف هجي، ته نماز (جي رڪعتن) کي گهٽايو (يعني قصر نماز پڙهو)، بيشڪ ڪافر اوهان جا پڌرا دشمن آهن (ڇو ته هو نماز دوران به حملو ڪري سگهن ٿا). |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
(اي نبي ﷺ) جڏهن توهان مسلمان لشڪر سان گڏ هجو، پوءِ اوهان نماز جي امامت لاءِ بيھو، ته سمورو لشڪر نماز لاءِ نه اچي، رڳو لشڪر جو ڪجهه حصو هٿيارن سميت نماز پڙهڻ اچي، پوءِ هڪ رڪعت جا سجدا پورا ڪرڻ کان پوءِ، اهو لشڪر جو حصو پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو جنھن نماز نه پڙهي آهي، اهو اچي جماعت ۾ هوشياريءَ سان هٿيارن سميت بيھي رهي ۽ توهان جي پويان (ساڳي ترتيب سان) نماز پڙهي، جنھن ترتيب سان اوهان نماز پڙهائي رهيا آهيو، ڇو ته دشمن ان تاڙ ۾ هوندو آهي، ته توهان پنھنجي هٿيارن ۽ سامان کان ٿورو به غافل ٿيو، ته هو اوهان تي اوچتو گڏجي حملو ڪن، ها جيڪڏهن توهان بارش جي ڪري هٿيار کڻندي ڏکيائي محسوس ڪريو، يا بيماريءَ سبب طبيعت صحيح نه ڀانئيو، ته پوءِ ڀلي هٿيار رکي نماز پڙهو، تڏهن به بھرحال توهان کي (ڪافرن کان) هوشيار رهڻو آهي، بيشڪ الله تعالى ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
جڏهن توهان نماز کان فارغ ٿيو، ته پوءِ به هلندي ڦرندي، اٿيي ويٺي هر حال ۾ الله تعالى کي ياد ڪندا رهو، جڏهن جنگي حالت ختم ٿي وڃي، ته پورين رڪعتن سان نماز پڙهو، بيشڪ مؤمنن تي مقرر وقت تي نماز پڙهڻ فرض ڪئي وئي آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
پوءِ به ڪافرن جو پيڇو ڪرڻ ۾ سستي نه ڏيکارجو، انهن جي ڪڍ لڳڻ ۾ جيڪڏهن توهان ڪا تڪليف محسوس ڪريو ٿا، ته هو ڪافر به (اوهان جو پيڇو ڪرڻ ۾) تڪليف محسوس ڪن ٿا، پر فرق رڳو هي آهي ته توهان الله تعالى کان اميد رکو ٿا، جيڪا اميد ڪافر نٿا رکن ۽ (بيشڪ ) الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
بيشڪ اسان توهان ڏانھن حق سمجِهي ڪري (هي) ڪتاب نازل فرمايو آهي، ته جيئن ماڻهن جي وچ ۾ اهڙي طريقي سان فيصلو ڪريو، جيڪو الله تعالى توهان کي سمجهايو آهي ۽ تون (ڪڏهن به) خيانت ڪندڙن جي طرفان جهڳڙو نه ڪجانءِ. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله تعالى کان (سدائين) بخشش جي دعا گهرندو رهه، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ انهن ماڻهن جي طرف کان به جهڳڙو نه ڪجانءِ، جيڪي پنھنجي نفس سان خيانت ڪري رهيا آهن. بيشڪ الله تعالى خيانت ڪندڙن ۽ گناهگارن کي پسند نٿو ڪري. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
هي ماڻهو پنھنجي ڪرتوتن کي انسانن کان ته لڪائي سگهن ٿا، پر الله تعالى کان هرگز لڪائي نٿا سگهن، الله تعالى جي ذات ته انهن سان ان وقت به گڏ هوندي آهي، جڏهن هو راتين جو ويهي اهڙين ڳالهين جا مشورا ڪندا آهن، جيڪي الله تعالى کي پسند نه آهن، حقيقت هي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي به ڪم ڪن ٿا، سي سڀ الله تعالى جي گهيري ۾ آهن. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
ها! توهان اهي ئي ته آهيو جو اهڙن ڏوهارين پاران دنيا جي حياتيءَ ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا، پر (مون کي ٻڌايو ته) قيامت واري ڏينھن اهڙن ڏوهارينِ پاران، الله تعالى سان ڪير جهڳڙو ڪندو يا انهن جو ان وقت معاملو سلجهائيندڙ ڪير هوندو؟ |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو ماڻهو برا عمل ڪري ٿو يا پنھنجي نفس تي ظلم ڪري ٿو، ان کان پوءِ هو الله تعالى کان گناهن جي بخشش گهري ٿو ته اهڙو ماڻهو ضرور الله تعالى کي وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ ڏسندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪو ماڻهو گناهه جو ڪم ڪري ٿو، سو سندس نفس جي لاءِ ئي وبال آهي ۽ الله تعالى کي هر شيءِ جو علم آهي ۽ هو وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
پوءِ اهڙو شخص جيڪو خود خطا يا گناهه جو ڪم ڪري، وري ان جو بھتان ٻئي ڪنھن بيقصور تي هڻي، ته اهڙي ماڻهوءَ پاڻ تي بھتان ۽ پڌري گناهه جو بار کنيو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
(اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها، ته انهن مان هڪ گروهه (وقتي طور)توکي صحيح رستي تان هٽائڻ جي نيت ڪئي هئي، حالانڪه حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ئي صحيح رستي تان هٽائي سگهن ٿا، ۽ توکي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿا پھچائي سگهن، (ڇاڪاڻ جو) الله تعالى توهان تي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ تو کي هر اها شيءِ سيکاري آهي، جيڪا تون نه ڄاڻندو هئين ۽ تنھنجي مٿان الله تعالى جي وڏي مھرباني آهي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
ماڻهن جي پنھنجي ليکي لڪيل طريقي سان ويھي سُس پُس ڪرڻ ۾ به گهڻو ڪري ڪا ڀلائي نه هوندي آهي، ها باقي لڪيل طريقي سان خيرات ڪڍڻ، نيڪيءَ جو ڪم ڪرڻ يا ماڻهن جي وچ ۾ سڌاري لاءِ ڪو مشورو ڪجي ته اها سٺي ڳالهه آهي، هي ڪم جيڪڏهن الله تعالى جي رضامنديءَ لاءِ ڪري ته پوءِ اسان ان کي وڏو اجر عطا ڪنداسين. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو ماڻهو صحيح رستو معلوم ٿيڻ کان پوءِ به رسول سڳوري جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن واري رستي کان ڌار ٿي، ٻئي ڪنھن رستي تي هلندو، ته اسان به کيس ان طرف ئي موڙينداسين جنھن طرف هو (ٿاٻا کائڻ لاءِ) وڃڻ چاهي ٿو ۽ کيس جھنم ۾ اڇلائينداسين ۽ اها رهڻ لاءِ انتھائي برِي جاءِ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله تعالى پنھنجو پاڻ سان شرڪ ڪرڻ وارن کي (ڪڏهن به) نه بخشيندو، ان کان سواءِ (ٻيا گناهه) جنھن کي چاهي معاف ڪندو، (حقيقت هي آهي ته) جنھن به الله تعالى سان گڏ ڪنھن کي شريڪ ڪيو، ڄڻ ته هو تمام وڏي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
هي (مشرڪ) الله تعالى کي ڇڏي ديوِيُن کي پڪارين ٿا ۽ سرڪش شيطان کي معبود ڪري سڏين ٿا. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
الله تعالى ته ان تي لعنت ڪري چڪو آهي (ڏسو ته وري به هي ماڻهو ان ملعون جي عبادت ڪن ٿا)، جنھن الله تعالى کي چيو هو ته مان تنھنجي ٻانهن مان ڪجهه ٻانهن کي ورغلائي پاڻ سان ضرور ملائي وٺندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
مان انهن ٻانهن کي ضرور گمراهه ڪندس، انهن کي سندن (غلط) تمنائن ۾ ٻوڙيندس، کين جانورن جا ڪن چيرڻ جو حڪم ڪندس، ته هو ڪن چيريندا ۽ انهن کي فطري نظام (يعني الله تعالى جي ٺاهيل نظام) کي بگاڙڻ جو حڪم ڏيندس، ته هو الله تعالى جي ٺاهيل نظام کي ضرور بگاڙي ڇڏيندا (اهڙي صورت کي ڏسندي به) جيڪڏهن ڪير الله تعالى کي ڇڏي شيطان کي دوست ٺاهيندو، ته پوءِ اهڙو شخص سنئون سڌو پڌري نقصان ۾ پئجي ويو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان ماڻهن کي وعدن ۽ اميدن جي آسري تي رکي ٿو پر شيطان جا هي سڀ وعدا ۽ اميدون رڳو ڌوڪو هوندا آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
ان جي پيروِي ڪندڙن جي جاءِ جھنم آهي ۽ ان کان هو (ڪڏهن به) بچي نه سگهندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
(ها باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان کين اهڙن (سرسبز) باغن ۾ داخل ڪنداسين، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا، الله تعالى جو وعدو برحق آهي. پنھنجي قول ۾الله تعالى کان وڌيڪ ٻيو ڪير سچو ٿي سگهي ٿو؟ |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
(الله تعالى وٽ رڳو تمنائن ڪرڻ جو مسئلو نه آهي جو) توهان ۽ اهل ڪتاب جي تمنائن ڪرڻ سان ڪو معاملو حل ٿي وڃي (هتي ته) جيڪو به برو عمل ڪندو، کيس سزا ڏني ويندي ۽ الله تعالى کان سواءِ هو پنھنجي لاءِ ٻيو ڪو به حامي ۽ مددگار نه لهندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
مردن ۽ عورتن مان جن به نيڪ عمل ڪيا پر شرط هي آهي ته هو مؤمن هجن، ته پوءِ هو سڀ جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان ذري جيتري به نا انصافي نه ٿيندي. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪير چڱو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنھن پنھنجو پاڻ کي الله تعالى جي اڳيان جهڪائي ڇڏيو ۽ برابر نيڪ ڪم ڪندو رهيو ۽ (حضرت) ابراهيم (ؑ) جي طريقي جي پيروي ڪئي جيڪو دين جي طريقي ۾ وڏو توحيد پرست هو ۽ الله تعالى (حضرت) ابراهيم (ؑ) کي (پنهنجو) دوست بڻايو هو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي (۽ هو سڀني شين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو). |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
(اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان عورتن جي معاملن جي باري ۾ حڪم پڇن ٿا. کين چؤ ته الله تعالى اوهان کي انهن جي معاملن جي باري ۾ اهو ئي پھرين وارو حڪم ڏئي ٿو، جيڪو انهن يتيم ڇوڪرين جي باري ۾ آهي، جن کي توهان پنھنجا مقرر حق به نٿا ڏيو ۽ انهن جي شاديءَ جو بندوبست به نٿا ڪريو، دل ئي دل ۾ توهان خود انهن سان شادي ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ۽ ڪمزور ٻارن بابت (به) الله تعالى حڪم ڏئي ٿو ۽ اهي آيتون به توهان کي حڪم ڏين ٿيون (جيڪي هن کان اڳ نازل ٿي چڪيون آهن) جيڪي توهان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ الله تعالى اوهان کي يتيمن سان انصاف تي قائم رهڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ توهان جيڪا به نيڪي ڪندا، الله تعالى ان کي خوب ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏهن ڪنھن عورت کي پنھنجي مڙس جي طرفان بدسلوڪيءَ يا منھن سڄائڻ جو اندازو ٿي وڃي، ته اها ڪا گناهه جي ڳالهه نه آهي، پاڻ ۾ ويھي ان معاملي ۾ ڏي وٺ ڪري صلح ڪري وٺو. صلح ڪرڻ تمام سٺو آهي (بھرحال) انسان جي طبيعت ۾ ڪم ظرفي موجود آهي، (پر) جيڪڏهن توهان ڀلائي اختيار ڪندا ته بيشڪ الله تعالى اوهان جي هر عمل کان باخبر آهي. |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
هڪ کان وڌيڪ گهر وارين جي وچ ۾ پورو انصاف ڪرڻ، توهان جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي، ڀلي اوهان چاهيو به ته توهان طاقت نٿا رکي سگهو، بس ٿلهي ليکي اها ڳالهه آهي ته هروڀرو هڪ ڏانھن (به) ايترو مائل نه ٿجو، جو ٻي ويچاري (رنڙ زال وانگر) اداس ويٺي رهي ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾صلح ڪندا ۽ پرهيزگارِي اختيار ڪندا ته بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏهن هي زال مڙس الڳ ٿي وڃن ته (هاڻي ڪير اهو نه سمجهي، ته هو هڪ ٻئي کان سواءِ نه هلي سگهندا بلڪ) الله تعالى پنھنجي فضل سان هر ڪنھن کي هڪ ٻئي کان بيپرواهه ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله تعالى ڏيڻ ۾ وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي، سو توهان کان اڳ ۾ جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن کي ۽ اوهان کي اهو تاڪيد ڪيوسين ته صرف الله تعالى کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن توهان (الله تعالى جي ڳالهه جو) انڪار ڪندا ته (الله تعالى کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي ۽ بيشڪ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جو مستحق آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي، بيشڪ الله تعالى جي ذات ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي انسانؤ! جيڪڏهن الله تعالى گهري ته توهان کي ختم ڪري (توهان جي جاءِ تي) ٻين ماڻهن کي سامهون آڻي. (بيشڪ) الله تعالى ان تي طاقت رکندڙ آهي. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو ماڻهو (رڳو) دنيا جو فائدو حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، (ته کيس اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته) دنيا ۽ آخرت ٻنهي جا فائدا الله تعالى جي ئي هٿ ۾ آهن ۽ الله تعالى هر شيءِ جو ٻڌندڙ ۽ چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ! (هميشه) انصاف تي قائم رهو ۽ (سدائين) الله تعالى جي واسطي شاهدي ڏيندا ڪريو، چاهي اها شاهدي توهان جي پنھنجي خلاف، والدين جي خلاف ۽ مٽن مائٽن جي ئي خلاف ڇو نه هجي، ٻي ڌر چاهي وڏي گهراڻي سان تعلق رکندي هجي يا غريباڻي گهراڻي سان، الله تعالى توهان کان وڌيڪ انهن جو خيرخواهه آهي. تنھنڪري انصاف ڪرڻ ۾ توهان جي پنھنجي مرضي رڪاوٽ نه ٿئي ۽ جيڪڏهن توهان هڪ طرفي (۽ جانبداريءَ واري) ڳالهه ڪئي يا سچائيءَ کان منھن ڦيريو ته (ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ الله تعالى اوهان جي هر عمل کان چڱيءَ ريت باخبر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى، سندس رسول (ﷺ)، هن ڪتاب (قرآن مجيد) تي جيڪو هُن پنھنجي (موجود) رسول سڳورِي تي نازل فرمايو آهي ۽ انهن ڪتابن تي جيڪي هن کان اڳ نازل ڪيا آهن، سڀني تي ايمان آڻيو، جيڪو ماڻهو الله تعالى، ان جي سڀني ملائڪن، ڪتابن، رسول سڳورن ۽ آخرت جي ڏينھن جو انڪار ڪندو، ته اهڙو شخص وڏي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويندو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، پوءِ وري ڪفر ڪيو، وري ٻيھر ايمان آندو وري ٻيھر ڪفر ڪيو ۽ ڪفر تي پڪا ٿي بيٺا ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي بخشش نه ڪندو ۽ کين سڌو رستو به نه ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
منافقن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏيو ته بيشڪ (الله تعالى) انهن جي لاءِ تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
هي منافق مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست ٺاهين ٿا. ڇا هو انهن وٽ پنھنجي عزت سمجهن ٿا؟ حالانڪه سموريون عزتون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ ڪتاب ۾ توهان تي الله تعالى هي حڪم نازل فرمايو آهي، ته (جنهِن محفل ۾) الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي، يا انهن جو مذاق اڏايو وڃي سو اهڙين جڳھن تي انهن ماڻهن سان گڏ بلڪل نه ويھو، جيستائين هو ٻِي ڳالهه ۾ مشغول نه ٿين، جيڪڏهن ان ڳالهه تي عمل نه ڪندا ته توهان به انهن وانگر ٿي ويندا، بيشڪ الله تعالى سڀني منافقن ۽ ڪافرن کي جھنم ۾ (هڪ ئي هنڌ) گڏ ڪندڙ آهي. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
منافق ته توهان جي انتظار ۾ آهن (ته اوهان سان ڪھڙو معاملو پيش اچي ٿو)، جيڪڏهن الله تعالى توهان کي فتح نصيب ڪندو، ته هو (ڏيڏر وانگر سرڪي) اوهان وٽ ايندا ۽ چـوندا ته ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ پر جيڪڏهن ڪافرن کي فتح ملي ته کين چوندا ته اسان مؤمنن سان ملي توهان تي غالب هئاسين پر اسان اوهان کي (پنهنجي ڪمال هوشياريءَ سان) مسلمانن کان بچايوسين، الله تعالى ئي قيامت جي ڏينھن توهان سڀني جو فيصلو ڪندو ۽ ڪافرن جي لاءِ ته الله تعالى مسلمانن تي غالب ٿيڻ جي ڪا به گنجائش رکي ئي نه آهي. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ منافق الله تعالى کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، حالانڪ الله تعالى کين ڌوڪي جي سزا ڏئي ٿو (۽ منافقن جي هي نشاني آهي ته) هو جڏهن نماز لاءِ اٿندا آهن، ته انتھائي سستيءَ سان اٿندا آهن ۽ اهو به رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ خاطر، هو الله تعالى جو ٿورو ذڪر ڪندا آهن. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
هو ايمان ۽ ڪفر جي ٻڏتر واري حالت ۾ رهندا آهن، نه مسلمانن جي جماعت ۾ هوندا آهن ۽ نه ٻئي ٽولي ڏانھن ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري، توهان ڪڏهن به ان لاءِ ڪو رستو نه ڏسندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارؤ! مؤمنن جي مقابلي ۾ ڪافرن کي دوست نه بنايو، ڇا توهان پنهنجو پاڻ تي الله تعالى جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گهرو ٿا؟ ۽ انهن سان دوستي رکي پاڻ کي منافق ظاهر ڪرڻ چاهيو ٿا). |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بيشڪ منافق ته جھنم جي هيٺئين تري ۾ هوندا، تون انهن لاءِ ڪنھن کي مددگار نه ڏسندين. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
باقي جن ماڻهن توبہ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي سڌاريو ۽ الله تعالى جي ذات کي چنبڙي ورتو ۽ پنھنجي دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ڇڏيو ته اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ آهن، الله تعالى اهڙن ماڻهن کي سگهو ئي وڏو اجر عطا ڪندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندا رهندا ۽ ايمان آڻيندا، ته الله تعالى اوهان کي ڇو عذاب ڏيندو؟ ۽ الله تعالى ته (نيڪ عمل جو) وڏو قدردان ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله تعالى ان ڳالهه کي پسند ئي نٿو ڪري، ته ڪير ڪنھن جي برائيءَ کي ظاهر ڪندو وتي، ها باقي جنھن سان زيادتي ٿي هجي ان کي حق آهي ته هو ظالم جي ڪيل برائيءَ کي ظاهر ڪري، (اهو ذهن ۾ رکو ته) الله تعالى هر شيءِ جو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏهن توهان ڪنھن سان ظاهري طرح يا لڪائي ڀلائي ڪريو يا ان ماڻهوءَ جي برائيءَ کي درگذر ڪريو، ته بيشڪ الله تعالى (خود) وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏي طاقت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندن رسول سڳورن جو انڪار ڪن ٿا ۽ وري الله تعالى ۽ سندس رسول سڳورن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا، (انهي بنياد تي) هو بيھوده ڳالهه ڪن ٿا ته اسين ڪجهه رسولن کي مڃينداسين ۽ ڪجهه رسولن کي مڃڻ اسان جي حساب ۾ نٿو اچي، تنھنڪري هو چاهين ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ وارو ڪو رستو اختيار ڪجي. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
(اهو ٿي ئي نٿو سگهي) هي پڪا ڪافر آهن، اهڙن (ڪَٽن) ڪافرن لاءِ ته اسان ذليل ۽ خوار ڪرڻ وارو عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنھن به هڪ جي وچ ۾ فرق نه رکيو، اهڙن ماڻهن کي اسان اجر عطا ڪنداسين. الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي نبي ﷺ!) اهل ڪتاب (يھودي) توکان مطالبو ڪن ٿا، ته تون آسمان مان براه راست ڪو ڪتاب مٿن نازل ڪراءِ، (حالانڪ) ان کان اڳ (حضرت) موسى (ؑ) کان هي ماڻهو، ان کان به وڏا مطالبا ڪري چڪا آهن، (حضرت) موسى (ؑ) کي ته هو چوندا هئا ته تون الله تعالى جي ذات کي اسان جي روبرو ڏيکار. اهڙي ( بيھودي) مطالبي تي کين کنوڻ اچي پڪڙيو، انهن کليل نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به وري گابي جي پوڄا شروع ڪئي، اسان وري به کين انهن ڳالهين هوندي درگذر ڪري معاف ڪيوسين ۽ (اهڙين حالتن کان پوءِ) اسان موسى (ؑ) کي باقاعده زمين جي حڪمراني عطا ڪئي. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ جڏهن وعدي وٺڻ جي مقصد سان اسان انهن جي مٿان طور جبل کي بيھاريو ۽ کين چيو ته (ڳوٺ جي) دروازي مان (شڪر جو) سجدو ڪندي داخل ٿجو ۽ کين اهو به چيو ته ڇنڇر جي ڏينھن وارو نافذ ڪيل قانون نه ٽوڙجو، حالانڪه اسان انهن کان ان ڳالهه جو پڪو وعدو (به) ورتو هو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ کين وعدو ٽوڙڻ، الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪرڻ، نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن ان قول جي ڪري، ته اسان جي دلين تي توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هڪ پردو چڙهيل آهي، انهن سڀني ڪفريه ڳالهين جي ڪري، الله تعالى سندن دلين تي مُھر هڻي ڇڏي آهي، تنھنڪري (يھودين مان) ڪي ٿورڙا ئي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن. |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ وري ڪفر ۾ هو ايترا ته انڌا ٿي پيا جو (بي بي) مريم (ؒ) تي وڏو بھتان مڙهيائون. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
سندن هي چوڻ ته بيشڪ اسان الله تعالى جي رسول مسيح عيسى پٽ مريم کي قتل ڪيو آهي، حالانڪه انهن کيس قتل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي کيس ڦاسي ڏني آهي پر اسان ته انهن جي لاءِ اهو معاملو شڪ وارو بنائي ڇڏيوسين ۽ جن ماڻهن به ان باري ۾ اختلاف ڪيو آهي، سي سڀ شڪ ۾ پيل آهن، سواءِ گمان جي پويان هلڻ جي انهن وٽ ٻيو ڪو به علم نه آهي. (سچي ڳالهه هي آهي ته) انهن عيسى (ؑ) کي بلڪل قتل نه ڪيو آهي. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪه الله تعالى کيس پنھنجي طرف کڻي ورتو آهي، بيشڪ الله تعالى زبردست (طاقت رکڻ وارو ۽) وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
اهل ڪتاب مان ڪو به اهڙو ماڻهو نه رهندو، جيڪو مسيح (ؑ) تي سندس وفات کان اڳ ايمان نه آڻي ۽ هو قيامت جي ڏينھن انهن جي بدسلوڪيءَ جي شاهدي به ڏيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ يھودين جي ظلم ۽ ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان گهڻي ڀاڱي روڪڻ جي ڪري، اسان مٿن اهڙيون پاڪ شيون به حرام ڪري ڇڏيون، جيڪي اڳ ۾ انهن لاءِ حلال هيون. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
ان جو اهو به سبب هو جو هي ماڻهو منع ڪرڻ جي باوجود وياج وٺندا هئا، ناجائز طريقي سان ماڻهن جا مال کائيندا هئا ۽ انهن مان ڪفر ڪندڙ ماڻهن لاءِ اسان تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر انهن مان جن کي علم ۾ ملڪو (يعني ڪمال مھارت) حاصل آهي ۽ هو ايماندار به آهن، ته اهڙا ماڻهو ان تعليم تي ايمان آڻين ٿا، جيڪا تنهنجي طرف نازل ڪئي وئي آهي ۽ ان تعليم تي به ايمان آڻين ٿا، جيڪا توهان کان اڳ پھريائين نازل ڪئي وئي هئي. اهڙا ئي ماڻهو نماز قائم ڪندڙ ۽ زڪوات ادا ڪندڙ آهن ۽ الله تعالى تي ايمان آڻڻ کان سواءِ آخرت جي ڏينھن تي به ايمان آڻين ٿا. اهڙي ڪردار وارن کي اسان وڏو اجر عطا ڪنداسين. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
(اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان توهان ڏي (به) اهڙي طريقي سان وحي موڪلي سين جيئن نوح (ؑ) ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سڀني پيغمبرن ڏانھن موڪلي هئي ۽ (اهڙيءَ طرح) اسان ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جي اولاد، عيسى، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان (ؓ) ڏانھن به وحي موڪلي سين ۽ دائود (ؑ) کي زبور عطا ڪيوسين. |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ ڪن رسولن جو ذڪر هن کان اڳ اسان توهان سان ڪري چڪا آهيون ۽ وري ڪن رسولن جو ذڪر اوهان سان (اڃا) نه ڪيو آهي ۽ الله تعالى موسى (ؑ) سان براه راست گفتگو ڪئي. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اسان سڀني رسولن کي (سھڻي انجام جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (بري انجام کان) ڊيڄاريندڙ جي حيثيت ۾ موڪليوسين ته جيئن الله تعالى تي ماڻهن جي ڪا حجت باقي نه رهي، الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله تعالى توهان ڏي جيڪو (ڪتاب) لاٿو آهي، ان تي هو پاڻ شاهدي ڏئي ٿو، ته هن، ان کي پنھنجي علم سان ئي نازل ڪيو آهي ۽ (ان باري ۾) ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله تعالى جي شاهدي ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين ماڻهن کي الله تعالى جي رستي تي هلڻ کان روڪيائون، ته اهڙا ماڻهو حق کان تمام گهڻو پري ٿي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ ظلم وارو رستو اختيار ڪيو، اهڙن ماڻهن کي الله تعالى ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه کين سڌي راهه ڏيکاريندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
اهڙن ماڻهن کي جھنم وارو رستو ڏيکاريو ويندو، هو ان ۾ هميشه رهندا ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ تمام سولو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانو! اوهان وٽ توهان جي پالڻھار پاران سچو رسول اچي چڪو آهي سو ان تي ايمان آڻڻ ئي توهان لاءِ بھتر رهندو، پر جيڪڏهن انڪار ڪندا ته (ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي آهي ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهل ڪتاب! پنھنجي دين ۾ حد کان اڳتي نه وڌو ۽ الله تعالى جي باري ۾ سچي ڳالهه ڪندا ڪريو. بيشڪ مسيح (ؑ) مريم جو پٽ، جيڪو الله تعالى جو رسول آهي ان جو (پاڪ) فرمان، جيڪو (براه راست) مريم ڏانھن ڳجهي طريقي سان نازل فرمايو ۽ اهو روح آهي، جيڪو الله تعالى جي طرف کان آهي. (بس اکيون ٻوٽي) الله تعالى ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو (۽ اها بيھوده ڳالهه نه ڪريو ته) الله ٽي آهن، توهان لاءِ بھتر اهو ئي آهي ته ٽي چوڻ کان مڙي وڃو. بيشڪ الله تعالى ئي اڪيلو معبود آهي، اولاد هجڻ کان اها ذات پاڪ آهي، آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي ملڪيت آهي ۽ الله تعالى ئي سڀني شين جي معاملات کي درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
عيسى (ؑ) ۽ وڏا ملائڪ الله تعالى جا ٻانها هجڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نٿا ڪن، پر جيڪڏهن ڪير الله تعالى جي بندگيءَ کان لڄ ۽ وڏائي محسوس ڪندو، ته هڪ وقت اهڙو ايندو جو هو انهن سڀني کي پاڻ وٽ گڏ ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي الله تعالى مڪمل اجر عطا ڪندو ۽ پنھنجي طرفان اڃا به خاص مھرباني سان وڌائي ڏيندو، باقي رهيا اهي ماڻهو جن (الله تعالى جي بندگيءَ کي) عار سمجهيو ۽ تڪبرڪيو ته انهن کي هو تڪليف ڏيندڙ عذاب ڏيندو ۽ هو الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به دوست ۽ مددگار نه ڏسندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ توهان جي رب جي طرف کان واضح دليل اچي چڪو آهي ۽ توهان ڏي اسان اهڙي پڌري روشني نازل ڪئي آهي، جنھن ۾ توهان سڌو رستو حاصل ڪري سگهو ٿا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن ماڻهن الله تعالى تي ايمان آندو ۽ ان تي مضبوط بيٺا، اهڙن ماڻهن کي هو پنھنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانھن ايندڙ سڌو رستو ڏيکاريندو. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي ﷺ!) توهان کان هي ماڻهو ڪلالہ (يعني جنھن مرڻ واري جو نه ته ماءُ پيءُ هجي ۽ نه اولاد هجي) جي باري ۾ پڇن ٿا. تون کين چؤ ته الله تعالى ڪلالہ جي باري ۾ توهان کي حڪم ڪري ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ ان جو ڪو به اولاد نه هجي، ان جي هڪ ڀيڻ هجي ته ان جي ڇڏيل پوري ملڪيت مان ان ڀيڻ کي اڌ حصو ملندو، پر جيڪڏهن ڀيڻ بي اولاد مري وڃي ته ان جو وارثُ سندس ڀاءُ ٿيندو. ها! جيڪڏهن ميت جي وارثن ۾ ٻه ڀينرون هجن، ته هو ٻئي ڪل ملڪيت مان ٻن ٽھاين جون حقدار آهن ۽ جيڪڏهن ان (ميت) جا گهڻا ڀائر ۽ گهڻيون ڀينرون هجن، ته عورتن مان هرهڪ کي هڪ حصو ۽ مردن مان هرهڪ کي ٻيڻو (يعني ٻه حصا) ڏنو ويندو، الله تعالى اهڙي طريقي سان اوهان جي لاءِ (هر ڳالهه کي) کولي بيان ڪري ٿو، ته جيئن توهان (وارثن جو حق ماري) گمراهه نه ٿيو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب باخبر آهي. |