يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي پئدا ڪيو هڪ جان مان ۽ انهيءَ جان مان ئي ان جو جوڙو (زال) بنايو ۽ انهيءَ جوڙي مان دنيا ۾ ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون پکيڙي ڇڏيا ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جو واسطو ڏئي توهان پنهنجا حق گهرو ٿا هڪ ٻئي کان، مٽن مائٽن سان تعلقات کي نه بگاڙيو، بيشڪ الله توهان جي نگراني ڪري پيو. |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ نه بدلايو بري مال کي سٺي مال سان، ۽ نه کائو انهن جا مال پنهنجي مال سان ملائي، بيشڪ اهو تمام وڏو گناهه آهي. |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ يتيمن سان، ته نڪاح ڪريو جيڪي توهان کي پسند اچن عورتون انهن مان ٻن، ٽن ۽ چار سان، پر جي اهو به خوف هجي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ انهن سان ته پوءِ هڪ سان پرڻو ڪريو، يا اهي عورتون زالون بڻايو جيڪي توهان جي قبضي ۾ آيل آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ چڱائيءَ کي هي وڌيڪ ويجهو آهي. |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ عورتن کي ڏيو حق مهر خوشيءَ سان (فرض سمجهي)، پر جيڪڏهن اهي پنهنجي خوشيءَ سان مهر جو ڪو حصو توهان کي معاف ڪن ته پوءِ کائي سگهو ٿا مزي سان. |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ نادان ماڻهن جي حوالي نه ڪريو پنهنجو مال، جيڪو الله توهان کي حياتي گذارڻ لاءِ ڏنو آهي، پر انهن کي کائڻ ۽ پائڻ لاءِ ڏيو ۽ انهن کي هدايت ڪريو نيڪيءَ جي. |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو، ايستائين جو اهي نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن ۾ اهليت ڏسو ته کين حوالي ڪريو سندن مال، پر ڪڏهن نه کائو انصاف جي حد لنگهي سندن مال انهيءَ خوف کان جلدي ته اهي وڏا ٿي حق گهرندا، ۽ يتيم جو سرپرست مالدار هجي ته پرهيزگاري کان ڪم وٺي، ۽ جي غريب هجي ته اهو ڄاتل طريقي سان کائي، پوءِ جڏهن توهان انهن جا مال انهن جي حوالي ڪرڻ لڳو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو انهن تي، ۽ ڪافي آهي الله حساب وٺڻ ۾. |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
مردن جو ان مال ۾ حصو آهي جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن ڇڏيو هجي ۽ عورتن لاءِ پڻ ان مال مان حصو آهي جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن ڇڏيو هجي، ڀلي ٿورو هجي يا گهڻو، اهو (حصو الله طرفان) مقرر آهي. |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏهن ورهاست جي وقت خاندان جا ماڻهو يا يتيم ۽ مسڪين اچن ته انهن کي به ڪجهه ڏيو ان مال مان، ۽ انهن سان سٺن ماڻهن وانگر ڳالهايو. |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکي ڊڄڻ گهرجي ته جي اهي پنهنجي پويان بي وس ڪمزور اولاد ڇڏين ته مرڻ وقت کين پنهنجي ٻارن لاءِ ڪهڙا انديشا هوندا، انهن کي گهرجي ته الله کان ڊڄن ۽ صحيح ڳالهه چون. |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو کائن ٿا يتيمن جا مال ظلم سان، حقيقت ۾ اهي ڀرين ٿا پنهنجا پيٽ باهه سان، ۽ کين يقينًا جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وڌو ويندو. |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله هدايت ٿو ڪري توهان کي توهان جي اولاد جي باري ۾، مرد جو حصو ٻن عورتن جي برابر آهي جي ٻن کان وڌيڪ ڇوڪريون هجن (فوتي جون وارث) ته انهن کي ڇڏيل ميراث مان ٻه ٽهائي حصو ڏنو وڃي، پر جيڪڏهن هڪ ئي ڇوڪري آهي ته ان کي ميراث مان اڌ حصو ڏنو وڃي، ۽ جي فوتي اولاد وارو هجي ته سندس والدين کي ميراث مان هرهڪ کي ڇهون حصو ڏجي، پر جيڪڏهن هو اولادي ناهي ۽ والدين ئي وارث آهن، ته ورثي مان ماءُ کي ٽيون حصو ڏجي، جي فوتي جا ڀاءُ ڀيڻ به آهن ته ماءُ ڇهين حصي جي حقدار هوندي. (اهي حصا تڏهن ڪڍيا ويندا) پهرين ميت جي وصيت پوري ڪبي. توهان جا ماءُ پيءُ ۽ توهان جو اولاد، توهين نٿا ڄاڻو ته انهن مان ڪير توهان جي ويجهو آهي نفعي جي لحاظ کان، اهي حصا الله جا مقرر ڪيل آهن، بيشڪ الله مڙني حقيقتن ۽ مصلحتن کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ توهان کي اڌ حصو ملندو جيڪي توهان جي زالن ڇڏيو آهي جي اهي بي اولادي هجن، نه ته اولاد هجڻ جي صورت ۾ ورثي جو چوٿون حصو توهان جو آهي، جي ڪيل وصيت کي پوري ڪرڻ بعد يا ڇڏيل قرض ادا ڪيو ويو هجي ۽ اهي توهان جي ورثي مان چوٿائي جون حقدار هونديون جي توهان بي اولادي هجو، نه ته اولادي هجڻ جي صورت ۾ انهن جو اٺون حصو هوندو ان کان پوءِ جي توهان ڪا وصيت ڪئي هجي ۽ اها پوري ڪئي وئي هجي يا ڇڏيل قرض ادا ڪيو ويو هجي ۽ جيڪڏهن مرد يا عورت (جنهن جي ميراث هجي) بي اولادي هجي، ماءُ پيءُ نه هجن پر هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ آهي، ته هرهڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڇهون حصو ملندو، پر جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ آهن ته سڀئي شريڪ ڀائيوارن ۾ ٽئين حصي جا حقدار آهن، پر فوتي جي ڪيل وصيت پوري ڪئي وڃي ۽ ڇڏيل قرض ادا ڪيو وڃي، پر شرط انهيءَ سان ته نقصان ڏيندڙ نه هجي. هي حڪم الله جي طرفان آهي ۽ الله دانا، بينا ۽ نرمي رکندڙ آهي. |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
هي حدون الله جون مقرر ڪيل آهن، ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله ۽ رسول جي ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ انهن باغن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو به نافرماني ڪندو الله ۽ سندس رسول جي ۽ اورانگهيندو سندس مقرر ڪيل حدون، ان کي باهه ۾ وڌو ويندو، جنهن ۾ هميشه رهندو ۽ اها ان لاءِ خوار ڪندڙ سزا آهي. |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
جيڪي ڪندڙ هجن توهان جي عورتن مان بدڪاري، ته پوءِ شاهدي وٺو انهن تي چئن ماڻهن جي پاڻ مان ۽ جيڪڏهن چار ماڻهو شاهدي ڏين ته انهن کي بند رکو گهرن ۾ ايستائين جو انهن کي موت اچي يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو ڪڍي. |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ توهان مان جيڪڏهن ڪير اهو فعل ڪري ته انهن ٻنهي کي ايذاء ڏيو، پوءِ جڏهن اهي توبهه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله قبول ڪري ٿو توبهه ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
بيشڪ توبهه جي قبوليت جو حق الله وٽ انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي ناداني ۾ اهو برو ڪم ڪن ٿا ۽ ان کان پوءِ جلد توبهه ڪري وٺن ٿا اهڙن ماڻهن تي الله پنهنجي نظرِ عنايت سان وري توجهه ڏئي ٿو، ۽ الله هر ڳالهه جي خبر رکڻ وارو، حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ نه آهي توبهه انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي برا ڪم ڪندا رهن ٿا، انهيءَ حد تائين جو جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت اچي ٿو ته چوي ٿو هينئر مون توبهه ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي لاءِ توبهه نه آهي جيڪي مرڻ تائين ڪافر رهيا، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ته اسان تيار ڪري رکي آهي دردناڪ سزا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، هي حلال نه آهي توهان جي لاءِ ته وارث بنجي ويهو عورتن جا زبردستي ۽ نه هي حلال آهي ته انهن کي تنگ ڪري سندن مهر جو ڪجهه حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪو توهان انهن کي ڏنو آهي، ها جي اهي فاحشي اختيار ڪن ظاهري طور، ته کين تنگ ڪرڻ جو حق آهي، ساڻن چڱيءَ طرح هلو، جي توهان کي پسند ناهن ته ٿي سگهي ٿو جيڪا توهان کي پسند ناهي، پر الله توهان جي لاءِ ان ۾ وڏي ڀلائي رکي هجي. |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
پر جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو آهي هڪ زال جي جاءِ تي ٻيءَ کي آڻڻ جو، پوءِ توهان هن کي ڀلي ڪيترو به ڍير سارو سامان ڇو نه ڏنو هجي، ان مان واپس نه وٺو ڪجهه به، ڇا توهان ان تي بهتان لڳائي ۽ سڌو سنئون ظلم ڪري واپس وٺندؤ؟ |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
آخر توهان ان کي ڪيئن واپس وٺندؤ جڏهن ته توهان هڪ ٻئي مان لطف وٺي چڪا آهيو ۽ اها به وٺي چڪي آهي توهان کان پڪو پختو واعدو؟ |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
توهان انهن سان نڪاح نٿا ڪري سگهو جن سان توهان جا پيءُ نڪاح ڪري چڪا آهن، پر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، حقيقت ۾ اها هڪ وڏي بي حيائي آهي، ۽ اڻ وڻندڙ بري چال آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
حرام ڪيون ويون توهان تي توهان جون مائرون، توهان جون ڌيئرون ۽ توهان جون ڀينرون ۽ توهان جون ڦڦيون۽ توهان جون ماسيون ۽ توهان جون ڀائٽيون ۽ توهان جون ڀاڻيجيون ۽ توهان جون اهي مائرون جن توهان کي کير پياريو ۽ توهان جون ٿڃ شريڪ ڀيڻيون ۽ انهن زالن جون ڇوڪريون جن سان توهان جو تعلق زال مڙس جو رهيو هجي، پر (جيڪڏهن فقط نڪاح ٿيو) زال مڙس جو تعلق نه ٿيو هجي ته (کين ڇڏي انهن جي ڇوڪرين سان نڪاح ڪريو) توهان تي ڪابه پڪڙ ڪانه ٿيندي. ۽ توهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي توهان جي پٺين مان آهن، ۽ هي به توهان تي حرام ڪيو ويو آهي ته هڪ نڪاح ۾ ٻن ڀينرن کي گڏ رکو، پر پهرين جيڪي ٿيو سو ٿيو، بيشڪ الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي. |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ حرام آهن اهي عورتون توهان تي، جيڪي ٻئي جي نڪاح ۾ هجن، سواءِ انهن (عورتن) جي جيڪي (جنگ ۾) توهان جي هٿ اچن، هي الله جو قانون آهي جنهن جي پابندي توهان تي لازم آهي، ان کان سواءِ پنهنجي مال جي ذريعي جيتريون به عورتون آهن، انهن کي حاصل ڪرڻ توهان تي حلال آهي. پر شرط انهيءَ سان ته انهن کي نڪاح جي ڪوٽ ۾ آڻيو، انهن کي حق مهر ادا ڪريو هڪ فرض سمجهي، البته مهر مقرر ٿيڻ بعد پاڻ ۾ رضامندي سان ڪو ٺاهه ٿئي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ داناء آهي. |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ جيڪو ماڻهو توهان مان ايتري طاقت نه ٿو رکي جيڪو نڪاح ڪري سگهي خانداني مسلمان عورتن (محصنات) سان، کين گهرجي ته توهان جي انهن ٻانهين مان ڪنهن سان نڪاح ڪري جيڪي توهان جي قبضي ۾ هجن ۽ مؤمنات هجن، ۽ الله توهان جي ايمانن جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، توهان سڀ هڪ ئي ٽولي جا ماڻهو آهيو، تنهن ڪري انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ دستور موجب انهن جا حق مهر ادا ڪريو، جيئن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ محصنات ٿي رهن، آزاد شهوت نه ڪنديون ڦرن ۽ نه لڪ چوري يارن سان رهن، جڏهن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ اچن ۽ ان کان پوءِ به فحاشي ڪن ته ان تي ان سزا جو اڌ لڳندو جيڪا خانداني طور (محصنات) لاءِ مقرر آهي. اها سهوليت توهان مان انهن لاءِ پيدا ڪيل آهي جن کي شادي نه ڪرڻ سبب تقويٰ جي ٽٽڻ جو انديشو هجي. صبر بهتر آهي توهان لاءِ، ۽ الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي. |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله گهري ٿو ته انهن طريقن کي توهان تي پڌرو ڪري ۽ انهن راهن تي رهنمائي ڪري جن تي توهان کان اڳيان صالح ماڻهو پيروڪار هئا، هو توهان ڏي توجه ڏيڻ گهري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ داناء آهي. |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
ها، الله ته رحمت سان توجهه ڪرڻ گهري ٿو توهان تي پر جيڪي ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن، اهي چاهين ٿا ته توهان سڌي راهه کان هٽي وڃو. |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
گهري ٿو الله توهان تان پابنديون هلڪيون ڪري، ڇاڪاڻ ته انسان پئدا ڪيو ويو آهي بنهه ڪمزور. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، نه کائو پاڻ ۾هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقن سان، ڏيتي ليتي (يعني) واپار هڪ ٻئي جي مرضي مطابق هئڻ گهرجي، ۽ نه ڪريو قتل پنهنجو پاڻ کي، پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله توهان تي مهربان آهي. |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو به ماڻهو ائين ڪندو زيادتيءَ ۽ ظلم سان ته پوءِ ضرور ان کي وجهنداسين باهه ۾، ۽ اهو ڪم ته الله لاءِ ڏکيو نه آهي. |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏهن وڏن وڏن گناهن کان پاڻ کي بچائيندا رهندؤ، جن کان توهان کي روڪيو پيو وڃي، ته توهان جي ننڍن گناهن کي حساب مان ڪٽينداسين ۽ عزت جي جاءِ ۾ داخل ڪنداسين |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
۽ ناهي ڪيو وڌيڪ الله پنهنجو فضل توهان تي ٻين جي مقابلي ۾، جيڪي ڪجهه مردن ڪمايو آهي ان مطابق سندن حصو آهي ۽ عورتن جيڪي ڪمايو آهي، ان مطابق سندن حصو آهي. ها، گهرندا رهو دعا الله کان سندس فضل جي، بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو. |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ اسان هرهڪ حقدار مقرر ڪيا آهن ڇڏيل ملڪيت لاءِ، جيڪا والدين ۽ رشتيدار ڇڏين ٿا، ۽ اهي ماڻهو جن سان توهان جو پڪو عهد آهي ته انهن کي به سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله هر شيءِ تي پاڻ نگران آهي. |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مرد سرپرست آهن عورتن جا، انهيءَ ڪري ته الله انهن مان هڪڙي کي فضيلت ڏني آهي ٻئي تي ۽ انهيءَ ڪري ته مرد پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، صالح عورتون فرمانبردار آهن ۽ مردن جي پويان حفاظت ڪن ٿيون سندن حقن جي الله جي حفاظت ۾، ۽ جن عورتن کان توهان کي سرڪشيءَ جو انديشو هجي، انهن کي سمجهايو، انهن کان بسترا الڳ ڪريو ۽ مار ڪڍو، پوءِ جيڪڏهن اهي تابعدار ٿي وڃن ته هرو ڀرو کين ڏکوئڻ جا بهانا نه ڳوليو، بيشڪ الله مٿي موجود آهي جيڪو وڏو ۽ بالاتر آهي. |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ توهان کي زال ۽ مڙس جي تعلقات خراب ٿيڻ جو انديشو هجي تههڪ فيصلو ڪندڙ (ٽياڪڙ) مرد جي خاندان مان ۽ هڪ عورت جي خاندان مان هجي، اهي ٻئي نبيرو ڪرڻ گهرندا ته الله اها صورت پئدا ڪندو انهن ٻنهي ۾ صلح جي، بيشڪ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ باخبر آهي. |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ توهين سڀ بندگي ڪريو الله جي ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ رکو، ۽ ويجهن مائٽن سان ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان سٺو سلوڪ ڪريو، مائٽ پاڙيسري ۽ ڌارين پاڙيسرين سان، پاسي واري ساٿي ۽ مسافرن سان ۽ اهي جيڪي توهان جي قبضي ۾ آهن، بيشڪ الله ڪنهن به اهڙي شخص کي پسند نٿو ڪري، جيڪو خود پرستي ۾ مغرور هجي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
اهڙا ماڻهو به (الله کي) پسند ناهن جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ هدايت ڪن ٿا ماڻهن کي به ان جي ۽ اهو لڪائن ٿا جيڪي الله انهن کي ڏنو آهي پنهنجي فضل سان، نعمت سان ڪفر ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ اسان عذاب تيار ڪيو آهي رسوا ڪندڙ. |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ اهي ماڻهو به جيڪي خرچ ڪن ٿا پنهنجو مال ڏيکارڻ لاءِ ماڻهن کي، اهي نه ايمان رکن ٿا الله تي ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي، ۽ جنهن جو ساٿي ٿيو شيطان ته ان کي ڏاڍو برو ساٿي مليو. |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
آخر انهن ماڻهن تي ڪهڙي مصيبت اچي ها جيڪڏهن هي ايمان آڻن ها الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ خرچ ڪن ها انهيءَ رزق مان، جيڪو الله کين ڏنو آهي، ته الله کان سندن نيڪيءَ جو حال لڪل نه رهي ها. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
بيشڪ الله ڪنهن تي به ظلم نٿو ڪري ذري برابر، جيڪڏهن هو نيڪي ڪري ٿو ته ان کي ٻيڻو ڪيو وڃي ٿو، ۽ وري پنهنجي طرفان به عطا فرمائي ٿو وڏو اجر. |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ سوچيو ان وقت هي ڇا ڪندا جڏهن اسان هر امت مان هڪڙو شاهد آڻينداسين ۽ هنن ماڻهن تي توکي (اي محمد!) شاهد ڪنداسين. |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
ان وقت اهي سڀ ماڻهو جن نه مڃي هئي رسول جي ڳالهه ۽ سندس نافرماني ڪندا رهيا، تمنا ڪندا ته زمين ڦاٽي پوي هي ان ۾ هليا وڃن، ۽ اتي هي پنهنجي ڪابه ڳالهه الله کان لڪائي نه سگهندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، نماز کي ان وقت ويجها نه وڃو جڏهن توهان نشي ۾ هجو، نماز ان وقت پڙهجي جڏهن توهان سمجهو ته ڇا چئي رهيا آهيو، اهڙيءَ طرح تڙ جي حالت ۾ به (نماز نه پڙهو) جيتر غسل نه ڪريو، پر جيڪڏهن توهان مريض آهيو يا سفر ۾ هجو، يا توهان مان ڪير پيٽ خلاصو ڪري اچي، يا وري توهان مان ڪنهن عورت سان ميلاپ ڪيو هجي ۽ پوءِ پاڻي نه ملي ته تيمم جو ڪم وٺو پاڪ مٽيءَ کان ۽ ان سان پنهنجي منهن ۽ پنهنجن هٿن کي مَک ڪريو، بيشڪ الله نرميءَ کان ڪم وٺندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
تو (اي محمد!) انهن ماڻهن کي به ڏٺو جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي هو پاڻ گمراهيءَ جا خريدار بڻيا آهن ۽ گُهرن ٿا ته توهان به ٿڙي وڃو راهه کان. |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو توهان جي دشمنن کي ۽ الله توهان جي مدد ۽ حمايت لاءِ ڪافي آهي. |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
جن ماڻهن يهوديت جو طريقو اختيار ڪيو آهي، انهن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي لفظن کي اصل جاءِ تان ڦيرائن ٿا ۽ چون ٿا ”سمعنا وعصينا“ (ٻڌوسين ۽ نافرماني ڪئي سين) ۽ ”اسمع غير مسمع“ (ٻڌ اڻ ٻڌل) ۽ راعنا چون ٿا زبانن کي ٽيڏو ڪري دين حق خلاف طعنه زني ڪرڻ لاءِ پر جيڪڏهن هو چون ها ”سمعنا واطعنا“ ۽ ”اسمع“ ۽ ”انظرنا“ ته اهو انهن لاءِ ئي بهتر هو ۽ وڌيڪ سچ وارو رستو هو، پر انهن تي لعنت پيل آهي الله جي سندن ڪفر جي ڪري، پوءِ اهي ايمان آڻين ٿا گهٽ ئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي لوڪو! جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، ته ايمان آڻيو هن ڪتاب تي جيڪو اسان هاڻي نازل ڪيو آهي، اهو ان ڪتاب جي تصديق ڪري ٿو جيڪو توهان وٽ اڳي ئي موجود هو، ان کان اڳي جو توهان جا چهرا ڦيرائي پوئتي ڇڏيون ۽ انهن کي ساڳيءَ طرح لعنت زده ڪريون جيئن اسان ڪيو هو ڇنڇر وارن سان ۽ ياد رکو، الله جو حڪم جاري ٿي رهندو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
بيشڪ الله شرڪ کي معاف نٿو ڪري، ان کان سواءِ ٻيا جيترا به گناهه آهن معاف ڪري ٿو جن لاءِ گهري ته ڪري ٿو ڇڏي، ۽ جنهن به شخص ڪنهن کي شريڪ ڪيو الله سان، ان ته تمام وڏو ڪوڙ ٺاهيو ۽ وڏي گناهه جي ڳالهه ڪئي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
تو (اي محمد!) ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائي جي دعويٰ ڪن ٿا جڏهن ته الله جنهن کي گهري پاڪيزگي عطا ڪري ٿو، انهن تي ظلم نٿو ڪيو وڃي. |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
ڏسو ته سهي، هي مُڙن ئي نٿا الله تي ڪوڙن بهتانن هڻڻ کان، ۽ انهن جي گنهگار هئڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
ڇا تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي، جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي انهن جو حال هي آهي ته بتن ۽ طاغوت کي مڃن ٿا ۽ اهي ڪافرن لاءِ چون ٿا ته ايمان آڻڻ وارن کان وڌيڪ هي ماڻهو سڌي رستي تي آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
اهڙا ئي ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي، ۽ جنهن تي لعنت ڪري الله ته پوءِ تون انهن جو مددگار نه ڏسندين. |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
ڇا انهن جو ڪو حصو آهي حڪومت ۾؟ جيڪر ائين هجي ها ته پوءِ هي ٻين کي هڪ ڪوڏي به نه ڏين ها. |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
پوءِ ڇا هي حسد ٻين سان انهيءَ ڪري ڪن ٿا ته الله کين پنهنجي فضل سان نوازيو آهي؟ جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ کين معلوم هجي ته اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪئي ۽ عظيم ملڪ بخشيو هو. |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پر انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪنهن وري ان کان منهن موڙيو، ۽ منهن موڙڻ وارن جي لاءِ ته دوزخ ئي ڪافي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
بيشڪ جن ماڻهن انڪار ڪيو آهي اسان جي آيتن جو، انهن کي پڪ سان باهه ۾ وجهنداسين، جڏهن انهن جي کل (چمڙي) ڀُڄي ويندي ته ان جي جاءِ تي ٻيءَ کل پئدا ڪنداسين، جيئن اهي چڱيءَ طرح عذاب جو مزو چکن. بيشڪ الله وڏي طاقت رکي ٿو ۽ پنهنجي فيصلن تي دسترس رکي ٿو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون، جتي هو هميشه رهندا، انهن کي ملنديون پاڪ زالون ۽ کين رکنداسين گهاٽين ڇانون ۾. |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
بيشڪ الله توهان کي حڪم ٿو ڪري ته ادا ڪريو امانتون مالڪن کي ۽ جڏهن فيصلو ڪريو وچ ۾ ماڻهن جي ته انصاف ۽ عدل سان ڪريو، بيشڪ الله توهان کي بهترين نصيحت ٿو ڪري، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي ۽ انهن جي فرمانبرداري ڪريو جيڪي توهان ۾ حڪم هلائڻ وارا آهن (يعني حاڪم) پوءِ جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن معاملي ۾ جهيڙو ٿي پوي ته اهو ڦيريو الله ۽ رسول ڏي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو آهي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين رکو ٿا. اهو ئي آهي نيڪ ڪم جو صحيح طريقو ۽ پڄاڻيءَ طور اعتبار کان بهتر. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
(اي نبي!) تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان ايمان آندو آهي انهيءَ ڪتاب تي جيڪو تنهنجي طرف نازل ڪيو ويو آهي ۽ انهن ڪتابن تي جيڪي توکان اڳ نازل ڪيل هئا، اهي گهرن ٿا پنهنجا معاملا نبيرڻ لاءِ طاغوت ڏانهن رجوع ڪن، جڏهن ته انهن کي ان سان ڪفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر گهري ٿو شيطان انهن کي ڀُلائي گهڻو پري وٺي وڃڻ. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ان شيءِ ڏانهن جيڪا نازل ڪئي آهي الله ۽ اچو رسول ڏانهن، ته تون ڏسين ٿو انهن منافقن کي ته تنهنجي طرف اچڻ کان ڪيٻائن ٿا. |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن سندن هٿن جي آندل مصيبت مٿن اچي پوندي، ان وقت هي تو وٽ ايندا ۽ چوندا ته الله جو قسم، اسان ته چڱائي پئي گهري اها هئي ته ڌريون ڪنهن طرح هڪ ٿي وڃن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
انهن ماڻهن کان الله چڱيءَ طرح واقف آهي ته سندن دلين ۾ ڇا آهي، انهن سان مقابلو نه ڪريو، کين سمجهايو ۽ اهڙيءَ طرح نصيحت ڪريو جيڪا سندن دلين ۾ لهي وڃي. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
(کين ٻڌايو ته) اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي، ته الله جي حڪم سان سندس پيروي ڪئي وڃي جيڪڏهن هو ڪن ها پر هو پاڻ تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته تو وٽ اچن ها ۽ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي جي درخواست ڪري ها ته الله کي بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ ڏسن ها. |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
(اي محمد!) تنهنجي رب جو قسم! هي مؤمن ڪڏهن به ٿي نٿا سگهن، جيستائين پنهنجن جهيڙن ۾ توکي فيصلي ڪرڻ وارو نه مڃن، پوءِ جيڪو تون فيصلو ڪرين، ان تي هو پنهنجي دلين۾ تنگي محسوس نه ڪن، پر ان کي قبولين. |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
جيڪر اسان انهن کي حڪم ڏيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا نڪري وڃو پنهنجي گهرن مان ته ڪي ٿورا ماڻهو انهن مان ان تي عمل ڪن ها، جڏهن ته انهن کي ڪئي پئي وڃي جيڪا نصيحت، جي هي ان تي عمل ڪن ها ته اها انهن جي لاءِ چڱائي ۽ وڌيڪ ثابت قدمي جو سبب بڻجي ها. |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ جڏهن هي ائين ڪن ها ته اسان انهن کي عطا ڪريون ها پنهنجي طرفان وڏو اجر. |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ انهن کي سڌي راهه ڏيکاريون ها |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
جيڪو فرمانبرداري ڪندو الله ۽ رسول جي، اهو انهن ماڻهن سان گڏ هوندو جن تي الله انعام ڪيو آهي يعني (سارا) نبي، (سارا) صديق ۽ (سارا) شهيد، ۽ (سڀ) صالح، هي ڪهڙا نه سٺا آهن جي ڪن کي ملي وڃن رفيق. |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
هي سچو پچو فضل آهي جيڪو الله کان ملي ٿو ۽ ڪافي آهي علم الله کان ئي ڄاڻڻ. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، تيار رهو مقابلي جي لاءِ، پوءِ جهڙو به موقعو هجي ڌار جٿن جي صورت ۾ يا گڏجي نڪرو. |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ بيشڪ توهان ۾ ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جيڪو جنگ کان ڪيٻائي ٿو، جي توهان تي ڪا مصيبت اچي ٿي، چوي ٿو مون تي وڏو فضل ڪيو الله، جو آئون انهن سان گڏ ڪونه ويو هئس. |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏهن توهان تي ڪو فضل ٿئي ٿو الله جي طرف کان ته چوي ٿو، ڄڻ ته توهان ۽ ان جي وچ ۾ محبت جو ڪو تعلق ئي نه هو، ته افسوس! آئون به انهن سان گڏ هجان ها، ته ٿي پوي ها ڪو وڏو ڪم. |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
(اهڙن ماڻهن کي) معلوم هجي ته (الله جي راهه ۾) لڙڻ گهرجي انهن ماڻهن کي جيڪي آخرت جي بدلي ۾ دنيا جي زندگي وڪڻي ڇڏين ۽ جيڪو لڙندو الله جي راهه ۾ يا ماريو ويندو يا غالب ٿيندو، ان کي ضرور اسان عطا ڪنداسين وڏو اجر. |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
آخر ڪهڙو سبب آهي جو توهان نٿا وڙهو الله جي راهه ۾ ۽ بيوس مردن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ ڪن کي ڪمزور سمجهي دٻايو ويو آهي ۽ هو پڪاري رهيا آهن ته اي اسان جا خدا! اسان کي ڪڍ هن ڳوٺ مان، جنهن جا ظالم آهن باشندا، ۽ اسان جي لاءِ پنهنجي طرفان ڪو حامي بناءِ ۽ ڪو مددگار پئدا ڪر. |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
جن ايمان جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي لڙن ٿا الله جي راهه ۾، ۽ جن ڪفر جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي وري طاغوت جي راهه ۾ لڙن ٿا، پوءِ شيطان جي دوستن سان لڙو ۽ پڪ سمجهو ته شيطان جون چالون ڪمزور ئي آهن. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
(اي نبي!) تو انهن ماڻهن کي به ڏٺو جن کي چيو ويو ته جهلي ڇڏيو پنهنجا هٿ ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو، پوءِ جڏهن انهن کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو ويو ته انهن مان هڪ ٽولي جو اهو حال هو جو ائين ڊڄي رهيا هئا ماڻهن کان جيئن ڊڄڻ گهرجي الله کان يا ان کان به ڪجهه وڌيڪ خوف، ۽ چون پيا خدايا! هي اسان جي لاءِ ڇو لکي ڇڏيئي لڙائيءَ جو حڪم؟ اڃا ڇو اسان کي وڌيڪ مهلت نه ڏنئي؟ چؤ انهن کي (اي نبي!) ته موڙي دنيا جي ٿوري آهي ۽ آخرت، اها وڌيڪ سٺي آهي خدا ترس ماڻهن جي لاءِ، ۽ نه ڪيو ويندو توهان تي ظلم رتيءَ برابر به. |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
جتي به توهان هوندؤ ضرور ايندو توهان کي موت، کڻي ڪيترن به مضبوط ڪوٽن ۾ هجو، جيڪڏهن کين فائدو ملي ته چون ٿا، هي الله جي طرف کان آهي پر جيڪڏهن کين ڪوبه نقصان پوي ٿو ته چون ٿا، هي تنهنجي ڪري آهي، چؤ (اي نبي!) هي سڀ ڪجهه الله جي طرف کان آهي، آخر ڇا ٿيو آهي انهن ماڻهن کي جو انهن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ اچي ئي نٿي! |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
(اي انسان!) توکي ملي ٿي جيڪا به ڀلائي، سا الله جي مِهر سان ئي آهي ۽ جيڪا اچي ٿي تنهنجي مٿان تڪليف، اها تنهنجن پنهنجن عملن جي ڪري آهي. (اي محمد!) اسان توکي ماڻهن جي لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي، ۽ ان تي ڪافي آهي خدا جي شاهدي. |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جنهن اطاعت ڪئي رسول جي، ان اصل ۾ فرمانبرداري ڪئي الله جي، ۽ جنهن منهن موڙيو، ته پوءِ اسان توکي انهن ماڻهن تي نگران ڪري نه موڪليو آهي. |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ چون ٿا (منهن تي) اسان تابعدار آهيون، پر جڏهن تو وٽان اٿن ٿا ته انهن مان هڪڙو ٽولو رات جو گڏ ٿي تنهنجي ڳالهين خلاف صلاحون ڪري ٿو، ۽ الله انهن جي اها ساري گفتگو لکي رهيو آهي، تون انهن جي پرواهه نه ڪر ۽ ڀروسو رک الله تي، ۽ اهو ئي الله ڪافي آهي ڀروسي جي لاءِ. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
ڇا هي (ماڻهو) غور نٿا ڪن قرآن تي؟ جي اهو ڪنهن ٻئي جي طرفان هجي ها سواءِ الله جي، ته ان ۾ گهڻو ڪجهه اختلاف ڏٺو وڃي ها. |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ هي ماڻهو جتي ڪا اطمينان بخش يا خوفناڪ خبر ٻڌن ٿا ته ان کي کڻي پکيڙين ٿا، پر جيڪڏهن هي ان کي کڻي رسول وٽ يا جماعت جي ذميوار ماڻهن تائين پهچائين ها ته اها ڳالهه اهڙن ماڻهن جي علم ۾ اچي ها، جيڪي ان مان نتيجي ڪڍڻ جي صلاحيت رکن ٿا، توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته توهان (پنهنجين ڪمزورين سبب) سڀ شيطان جي پويان لڳل هجو ها ٿورن کان سواءِ. |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ (اي نبي!) تون لڙ الله جي راهه ۾، تون نه آهين پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ذميوار، البت اهلِ ايمان کي لڙائي لاءِ همت ٻڌاءِ، (اها ڳالهه پري ڪانهي) ته الله ڪافرن جي زور کي ٽوڙي ڇڏي، (ڇاڪاڻ ته) الله جو زور سڀني کان وڌيڪ ۽ سندس سزا سڀ کان سخت آهي. |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو ڀلائيءَ جي سفارش ڪندو، ته سٺو ان مان حصو وٺندو ۽ جيڪو برائيءَ جي سفارش ڪندو، اهو وري ان مان ڀاڱو لهندو، ۽ الله ته هر شيءِ تي مڪمل نظر رکڻ وارو آهي. |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڪو عزت سان توهان کي سلام ڪري ته ان کي بهتر طريقي سان جواب ڏيو يا گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي، بيشڪ الله ته هر شيءِ جو حساب وٺڻ وارو آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله ته اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه خدا ناهي، اهو توهان سڀني کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن، جنهن ۾ شڪ نه آهي ڪوبه، ۽ الله کان وڌيڪ سچي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي! |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
پوءِ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو منافقن جي باري ۾ توهان جا ٻه رايا آهن،۽ الله انهن کي ابتو ڦيرائي چڪو آهي سندن براين ڪمائڻ جي ڪري، ڇا توهان گهرو ٿا ته جنهن کي هدايت نه بخشي آهي الله، ان کي توهان هدايت بخشيو ۽ جنهن کي ڀٽڪائي الله ته ان لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهندين. |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
هو ته گهرن ٿا ته جيئن اهي پاڻ ڪافر آهن ته توهان به ڪافر ٿيو، جيئن اهي ۽ توهان سڀ هڪ جهڙا ٿي وڃو، انهن مان ڪنهن کي پنهنجو دوست نه ڪريو جيستائين اهي هجرت ڪري الله جي راهه ۾ نه اچن ۽ جي اهي هجرت نه ڪن ته پوءِ انهن کي قتل ڪريو جتي به ڏسو ۽ نه ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻايو. |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
البته اهي (منافق) حڪم کان بچيل آهن، جيڪي ڪنهن اهڙي قوم سان وڃي ملن جن سان توهان جو معاهدو آهي ۽ اهي منافق جيڪي توهان وٽ اچن ۽ لڙائي کان لهرائن ٿا، نه توهان سان لڙڻ گهرن ٿا ۽ نه پنهنجي قوم، سان گهري ها الله ته انهن کي توهان تي غالب ڪري ها، پوءِ اهي به توهان سان لڙن ها، پوءِ جي اهي توهان کان پاسو ڪن ۽ نه وڙهن ۽ توهان ڏانهن هٿ وڌائن صلح جو، ته الله توهان لاءِ انهن تي زيادتي ڪرڻ جي ناهي ڇڏي ڪابه راهه. |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
هڪ ٻئي قسم جا منافق توهان کي اهڙا ملندا، جيڪي گهرن ٿا ته توهان سان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم سان پڻ! پر جڏهن به فتني جو موقعو ملندن ته ان ۾ ٽپي پوندا، پوءِ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو توهان جي مقابلي کان باز نه رهن ۽ صلح سلامتي توهان جي آڏو پيش نه ڪن ۽ نه جهلين پنهنجا هٿ، ته پوءِ انهن کي پڪڙيو ۽ ماريو جتي به توهان کي ملن، انهن تي هٿ کڻڻ جي اسان توهان کي کلي حجت ڏئي ڇڏي آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ ڪنهن به مؤمن جو هي ڪم نه آهي ته ٻئي مؤمن جو قتل ڪري، پر ان کان چُڪ ٿي وڃي ۽ جيڪو ماڻهو قتل ڪري ڪنهن مؤمن جو غلطيءَ کان ته ان جو ڪفارو هي آهي ته هڪ مؤمن کي غلاميءَ کان آجو ڪري ۽ قتل ٿيل جي وارثن کي خون بها ڏئي، سواءِ ان جي ته اهي خون بها معاف ڪن، پر جيڪڏهن مقتول دشمن قوم مان آهي ۽ اهو مسلمان آهي ته پوءِ ڪفاري طور آزاد ڪرايو ويندو هڪ مسلمان غلام کي، پر جيڪڏهن اهو غير مسلم قوم مان آهي ۽ جنهن سان توهان جو معاهدو ٿيل هجي ته خون بها ڏنو ويندو ان جي وارثن کي ۽ هڪ مؤمن غلام کي آزاد ڪرڻو پوندو، پر جيڪڏهن غلام نه ملي ته پوءِ روزا رکي لاڳيتو ٻه مهينا. هي ان گناهه تي توبهه ڪرڻ جو طريقو آهي الله وٽان، ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي. |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
رهيو اهو ماڻهو جيڪو مؤمن کي قتل ڪري ڄاڻي واڻي، ته پوءِ ان جو ٺڪاڻو جهنم آهي جنهن ۾ هو هميشه رهندو، ان تي الله جو غضب آهي، ۽ ان جي لعنت پڻ ۽ (الله) ان جي لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان جهاد جي لاءِ الله جي راهه ۾ نڪرو ته تميز ڪريو دوست ۽ دشمن ۾ ۽ اڳرائي ڪري جيڪو به توهان تي سلام ڪرڻ ۾ ته ان کي (يڪدم) نه چئو ته تون مؤمن نه آهين، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته دنياوي فائدو حاصل ٿئي، ته الله وٽ توهان جي لاءِ گهڻا ئي غنيمت جا مال آهن، آخر توهان به ته ان کان اڳي انهيءَ حال ۾ رهيا آهيو، پوءِ الله توهان تي احسان ڪيو، جاچ کان ڪم وٺو، بيشڪ الله جيڪي توهان ڪريو ٿا، ان کان باخبر آهي. |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
سواءِ ڪنهن به عذر جي جيڪي ماڻهو مسلمانن مان گهر ويٺا رهن ۽ اهي ماڻهو جيڪي جهاد ڪن الله جي راهه ۾ جان ۽ مال سان (ٻنهي جي حيثيت هڪ جهڙي نه آهي.) وڏو رکيو آهي الله درجو مجاهدن جو جيڪي مال ۽ جان سان جهاد ڪن ٿا گهر ۾ ويهڻ وارن جي مقابلي ۾، جڏهن ته الله وعدو ڪيو آهي هر ڪنهن سان ڀلائي جو، پر الله وٽ مجاهدن جي خدمتن جو بدلو ويهڻ وارن جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي. |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
انهن لاءِ ته (الله وٽ) تمام وڏا درجا بخشش جا ۽ رحمت آهي، ۽ الله بيشڪ معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي نفس تي ظلم ڪري رهيا هئا، ملائڪ انهن جا روح قبض ڪرڻ سان پڇيائون ته ”توهان ڪهڙي حال ۾ ڦاٿل هئا؟“ چيائون ته اسين مجبور ۽ ڪمزور هئاسين زمين ۾، (ملائڪن) چيو ”ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو ان ۾ توهان هجرت ڪريو ها؟“ پوءِ اهي ئي (ماڻهو) آهن جن جي جاءِ جهنم آهي، اها نهايت ئي برو ٺڪاڻو آهي. |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
ها، جيڪي لاچار آهن مردن (مان)، عورتن (مان) ۽ ٻارن منجهان، انهن وٽ ڪا راهه (آهي) ذريعو (آهي) ۽ نه وري ڪو نڪرڻ جو رستو آهي. |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
ته پوءِ شايد الله انهن کي معاف ڪري ڇڏي، ۽ بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
۽ جيڪو به هجرت ڪندو الله جي راهه ۾ اهو زمين ۾ پناهه وٺڻ جي لاءِ ۽ گذر سفر لاءِ وڏي گنجائش ڏسندو. ۽ جيڪو به پنهنجي گهر کان نڪري پوءِ هجرت ڪندي الله ۽ سندس رسول ڏانهن، رستي ۾ ان تي موت اچي وڃي، ته ان جو اجر الله جي ذمي (واجب ٿي ويو)، ۽ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏهن توهان سفر لاءِ نڪرو زمين ۾، ته ڪا ڳالهه (گناهه) ناهي جو اختصار ڪريو نماز ۾، خاص طور جڏهن توهان کي اُلڪو هجي ته ستائيندا (اهي ماڻهو) جن ڪفر ڪيو آهي، بيشڪ اهي ڪافر توهان جي دشمنيءَ ۾ پڌرا آهن. |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي نبي!) جڏهن تون انهن (مسلمانن) جي وچ ۾ آهين (جنگي حالت ۾) انهن کي نماز پڙهائڻ لاءِ بيهين ته انهن مان هڪ ٽولو تو سان بيهي ۽ (ڀلي) ساڻ هجنس هٿيار، پوءِ جڏهن اهي سجدو ڪري وٺن ته پوئتي هليا وڃن ۽ ٻيو ٽولو جن اڃا نماز نه پڙهي آهي، اهي اچي توهان سان نماز پڙهن ۽ اهي به هوشيار رهن ۽ ساڻ کنيل هجن پنهنجا هٿيار، تاڙ ۾ آهن اهي جن ڪفر ڪيو آهي، ته غافل ٿيو توهان پنهنجن هٿيارن ۽ سامان کان ته هو توهان تي ٽٽي پون هڪدم ئي، البته اهو ضروري ناهي توهان جي لاءِ ته جي مينهوڳي سبب تڪليف سمجهو يا بيمار هجو ته پنهنجا هٿيار رکي ڇڏڻ ۾ (ڪا ڳالهه ناهي)، ان هوندي به هوشيار رهجو، بيشڪ الله ڪافرن جي لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن توهان نماز مان واندا ٿيو ته الله کي ياد ڪريو بيٺل هجو ويٺل هجو يا کڻي ليٽيل هجو، ۽ پوءِ جڏهن اطمينان ملي وڃي ته (ڀلي) پوري نماز پڙهو، بيشڪ نماز اهڙو فرض آهي مؤمنن تي جيڪو وقت جي پابندي سان لازم ڪيل آهي. |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ ڪمزور نه رهو انهيءَ ٽولي جي پٺ وٺڻ (تعاقب ڪرڻ) ۾، جي توهان کي تڪليف ٿي رهي آهي ته هو به توهان وانگر تڪليف ۾ آهن، ۽ توهان ته اميد رکو ٿا الله کان ان شيءِ جي جيڪا هو نٿا رکن. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو اهو وڏو داناءُ آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
(اي نبي!) اسان هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي جيئن فيصلو ڪرين ماڻهن ۾ الله جي ڏيکاريل واٽ مطابق، ۽ نه ٿيءُ تون بدنيت ماڻهن طرفان جهڳڙو ڪندڙ. |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ معافي گهر الله کان، بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ نه ڪر تون حمايت انهن ماڻهن جي، جيڪي خيانت ڪن ٿا پنهنجي نفس سان، بيشڪ الله کي پسند ناهي اهڙو ماڻهو جيڪو خيانت ڪندڙ گناهه جو عادي آهي. |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
لڪائي سگهن ٿا اهي ماڻهو پنهنجون حرڪتون ماڻهن کان، پر ڪڏهن به لڪائي نٿا سگهن الله کان، هو ته ان وقت به گڏ هوندو آهي جڏهن اهي صلاحون ڪندا آهن راتين جو انهن سان لڪي سندس مرضيءَ جي خلاف، ۽ بيشڪ الله جي گهيري ۾ سندن سمورا عمل آهن. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
ها! توهان هنن ڏوهارين پاران دنيا جي زندگيءَ ۾ ته جهڳڙو ڪري ورتو، پر ڪير آهي جيڪو جهڳڙو ڪندو الله سان سندس پاران قيامت جي ڏينهن؟ آخر اتي ڪير هوندو انهن لاءِ وڪيل؟ |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪڏهن ڪو شخص برو عمل ڪري وجهي يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ويهي ۽ ان بعد الله کان بخشش جي درخواست ڪري ته الله کي بخشڻهار ۽ رحيم ڏسندو. |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
پر جيڪو برائي ڪمائيندو، ته ان جي ڪمائي سندس لاءِ وبال هوندي، ۽ بيشڪ الله کي سڀڪا خبر آهي پاڻ حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
پر جيڪڏهن ڪنهن ڪا خطا ڪئي يا گناهه ڪري ڪنهن ٻئي تي الزام هڻي بي گناهه کي ڦاسايو، ان ته بار کنيو وڏي بهتان ۽ پڌري گناهه جو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
(اي نبي!) جي نه هجي ها فضل الله جو توتي ۽ سندس رحمت ته هڪ ٽولي انهن مان توکي غلط فهمي ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر (حقيقت ۾) سواءِ پنهنجي ڪنهن ٻئي کي غلط فهمي ۾ نه پئي وڌو ۽ تنهنجو ڪو نقصان ڪري نٿي سگهيا. ۽ نازل ڪيو آهي الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ ٻڌايو آهي توکي اهو ڪجهه جيڪو توکي معلوم نه هو ۽ وڏو فضل آهي الله جو توتي. |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
ڪابه چڱائي نه هوندي آهي ماڻهن جي لڪل سُس پُس ۾، ها! جيڪڏهن ڪو لڪائي صدقي خيرات جي تلقين ڪري ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ يا سڌاري لاءِ ماڻهن جي معاملات ۾، ڪنهن کي ڪجهه چوي، ته اها البته چڱي ڳالهه آهي، جيڪو الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪندو، ان کي عطا ڪنداسين وڏو اجر. |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
پر جيڪو به ماڻهو اٿندو رسول جي خلاف ۽ اهلِ ايمان وارن جي راهه کان سواءِ ٻئي تي هلندو، جڏهن ته ان تي پڌري واٽ ظاهر ٿي چڪي هئي مؤمنن واري ته اسان به ان کي ان طرف هلائينداسين جيڏانهن مڙيو آهي ۽ کيس جهنم ۾ وجهنداسين، جيڪا رهڻ لاءِ تمام بري جڳهه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله فقط شرڪ کي معاف نٿو ڪري، ان کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه معاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي به هو معاف ڪرڻ گهري. ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو، اهو پڌري گمراهيءَ ۾ تمام پري نڪري ويو. |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
هو الله کي ڇڏي سڏين ٿا ديوين کي ۽ هو ان باغي شيطان کي سڏين ٿا. |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
جنهن کي الله لعنتي ڪيو آهي، جنهن الله کي چيو هو ته آئون تنهنجي ٻانهن مان هڪ مقرر حصو ضرور وٺندس. |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ آءٌ انهن کي ڀلائيندس ۽ آءٌ انهن کي سڌن ۾ الجهائيندس، ۽ کين حڪم ڏيندس ۽ هو منهنجي حڪم سان جانورن جا ڪَنَ چيريندا ۽ کين حڪم ڏيندس ۽ هو خدائي ڊول ۾ ڦير ڦار ڪندا ۽ ان شيطان کي جنهن کي پنهنجو ولي وارث سرپرست بنايو الله جي بجاءِ، ته اهو (يقينًا) پڌري نقصان ۾ پيو. |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
هو انهن ماڻهن سان وعدو ڪندو ۽ اميد ڏياريندو آهي ۽ شيطان جا سڀ وعدا ٻيو ڪجهه به نه آهن سواءِ فريب جي. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
انهن (ماڻهن جي) رهڻ جي جاءِ جهنم آهي، جنهن مان ڇٽڻ جي ڪابه واهه نه ڏسندا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ عمل سهڻا ڪيا ته انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ اهي هميشه اتي رهندا. هي وعدو الله جو سچو آهي ۽ الله کان وڌيڪ سچو ٻيو ڪير پنهنجي ڳالهه ۾ هوندو. |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
نتيجو نه توهان جي تمنائن تي آهي، ۽ نه وري ڪو ٻڌل آهي تمنائن تي اهلِ ڪتاب جي، جيڪو به برائي ڪندو ته ان جو ڦل ڏسندو، ۽ نه ڏسندو الله جي مقابلي ۾ پنهنجي لاءِ ڪوبه حامي ۽ مددگار. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪو (ماڻهو) عمل سهڻا ڪندو، چاهي مردن مان هجي يا عورت (هجي)، اهو هجي مؤمن ته اهڙا ئي ماڻهو داخل ٿيندا جنت ۾ ۽ انهن سان ظلم نه ٿيندو ذري برابر. |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
ان (ماڻهو) کان سواءِ ڪنهن جي زندگي بهتر هوندي جنهن سر جهڪايو الله جي آڏو ۽ پنهنجو رويو به سهڻو رکيو ۽ پيروي ڪئي هڪ مَنو ٿي ابراهيم جي ملت جي، ۽ ابراهيم کي الله پنهنجو دوست بنايو هو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
۽ الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي، ۽ الله ئي هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
۽ فتويٰ پڇن ٿا توکان (اي نبي!) عورتن جي باري ۾، چؤ ته الله توهان کي فتويٰ ڏئي ٿو انهن لاءِ ۽ توهان کي اهي حڪم به ياد ڏياري ٿو جيڪي هن ڪتاب ۾ يتيم ڇوڪرين بابت آهن جن جا حق ادا نٿا ڪريو جيڪو مقرر ڪيو ويو آهي انهن جي لاءِ، ۽ توهان پسند ڪريو ٿا نڪاح ڪرڻ کي ۽ انهن ڪمزور ۽ ضعيف۽ اهي حڪم جيڪي انهن ٻارن بابت آهن انهن تي قائم رهو ۽ يتيمن سان انصاف تي قائم رهو، جيڪا ڀلائي توهان ڪندؤ، اها الله جي علم کان لڪل نه رهندي. |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جڏهن ڪنهن عورت کي مڙس کان بدسلوڪي يا بي رخيءَ جو خطرو هجي ته ڪا ڳالهه نه آهي ته جي ٻئي زال مڙس (حقن جي گهٽ وڌائي تي) پاڻ ۾ صلح ڪري وٺن. ۽ صلح بهرحال بهتر آهي. نفس جلد مائل ٿين ٿا تنگ دليءَ ڏانهن. پر جي احسان سان پيش اچن ۽ خدا ترسيءَ کان ڪم وٺن، ته يقينًا الله توهان جي رويي کان بي خبر نه هوندو |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
توهان جي وس ۾ نه آهي ته زالن جي وچ ۾ پورو عدل ڪري سگهو، ۽ جيڪڏهن توهان حرص ڪريو، پوءِ نه جهڪي پئو هڪ زال طرف ٻيءَ کي لٽڪائي نه رکو، ۽ پنهنجو عمل درست رکو ۽ الله کان ڊڄو، ته الله نظر انداز ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
پر جي زال مڙس ڌار ٿين ته الله هرهڪ کي محتاجي کان بچائيندو، پنهنجي وسيع قدرت سان، ۽ الله جو دامن ڪشادو آهي هو دانا بينا آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ توهان کان پهرين جن کي اسان اها هدايت ڪئي هئي، ڪتاب ڏنو هو انهن کي ۽ هاڻي توهان کي به اها هدايت ڪجي ٿي ته ڊڄو الله کان، پر جي توهان نٿا مڃو ته پوءِ الله ئي ته هر شيءِ جو مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي ۽ اهو بي نياز آهي ۽ هر ساراهه جو لائق. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
ها، الله ئي مالڪ آهي انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ ڪارسازي جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
جي اهو چاهي ته توهان کي هٽائي ٻين ماڻهن کي آڻي توهان جي جاءِ تي، ۽ اهو الله ئي ان ڳالهه جي پوري قدرت رکي ٿو. |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
اهو ماڻهو جيڪو فقط دنيا جي ثواب جو طالب هجي، ان کي معلوم هئڻ گهرجي ته الله وٽ ثواب دنيا لاءِ آهي ته ثواب آخرت لاءِ به آهي ۽ الله ٻڌندڙ به آهي ۽ ڏسندڙ به. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، انصاف جا علمبردار ٿيو ۽ الله واسطي شاهد بڻجو، پوءِ ڀلي توهان جي انصاف ۽ شاهدي جو نقصان توهان جي ذات يا توهان جي والدين ۽ مائٽن تي پوي، معاملي جي ڌر مالدار هجي يا فقير، الله ان جو توهان کان وڌيڪ حقدار آهي، ان ڪري نفس جي خواهش جي پيروي ۾ انصاف کان پٺيرا نه رهو، ۽ توهان منجهيل ڳالهه چئي يا سچائي کان پاسو ڪيو ته توهان کي معلوم هجي ته توهان جو ڪجهه ڪريو ٿا، الله کي ان جي خبر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ ان ڪتاب تي جيڪو ان (الله) نازل ڪيو آهي پنهنجي رسول تي ۽ هر ان ڪتاب تي جيڪو نازل ڪيو ويو آهي ان کان اڳي، ۽ جنهن (شخص) ڪفر ڪيو الله سان ۽ سندس ملائڪن سان، ۽ سندس ڪتابن سان، ۽ سندس رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن جو، اهو ته گمراهيءَ ۾ دربدر ٿي ڏاڍو پري نڪري ويو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيو، وري ايمان آندو وري ڪفر ڪيو، پوءِ وڌندا ويا پنهنجي ڪفر ۾، ته پوءِ الله انهن کي هرگز معاف نه ڪندو ۽ نه ڪڏهن انهن کي سڌي راهه ڏيکاريندو. |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
خوشخبري ٻڌاءِ (اي نبي!) انهن منافقن کي (جيڪي ڪافرن کي رفيق بنائن ٿا) انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي. |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جيڪي ماڻهو ڪافرن کي دوست بنائن ٿا ڇڏي مؤمنن کي، ڇا هو وٽن عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا؟ پر عزت ته سڀ الله جي هٿ ۾ آهي. |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ الله پهرين ئي) نازل ڪري چڪو آهي توهان تي هن ڪتاب ۾ حڪم ته جتي توهان ٻڌو آيتون الله جي خلاف ڪفر بڪيو پيو وڃي ۽ ان تي مسخري پئي ٿئي ته اتي نه ويهو جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ۾ لڳي وڃن، پر جيڪڏهن توهان ائين ڪيو (ويٺا) رهيا ته توهان به انهن جهڙا آهيو بيشڪ الله سڀني منافقن ۽ ڪافرن کي هڪ ئي جاءِ جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي. |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
هي منافق توهان جي معاملي ۾ انتظار ۾ آهن ته (اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي) جي الله توهان کي فتح ڏئي ٿو ته چوندا ڇا اسان توهان سان نه هئاسين؟ ۽ جيڪڏهن ڪافرن جو پاسو ڳرو رهيو ته (انهن کي) چوندا ”ڇا اسان کي توهان جي خلاف لڙڻ جي طاقت نه هئي، پر اسان ته توهان کي مسلمانن کان بچايو، بس الله ئي فيصلو ڪندو توهان ۽ انهن جي معاملي جو قيامت جي ڏينهن، ۽ نه رکي آهي الله ڪافرن جي لاءِ مسلمانن تي غالب اچڻ جي ڪا راهه. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
بيشڪ هي منافق دوکي بازي پيا ڪن الله سان، پر حقيقت ۾ اهو ئي کين دوکي ۾ رکي پيو، ۽ جڏهن هي نماز جي لاءِ اٿن ٿا ته سُستيءَ سان اٿن ٿا ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ، ۽ اهي ياد ڪن ٿا الله کي ٿورو ئي. |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
لوڏا پيا کائن ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾، نه پوريءَ طرح هِن پاسي آهن نه وري پوريءَ طرح هُن پاسي، ۽ جنهن کي الله ڀُلائي ته پوءِ تون (اي نبي!) ان جي لاءِ ڪابه راهه نه ڏسندين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ڪافرن کي پنهنجو رفيق نه بڻايو ڇڏي مؤمنن کي. ڇا توهان گهرو ٿا ته پنهنجي خلاف الله کي ڏيو پختو (پڌرو) دليل. |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
پڪ ڄاڻو ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين حصي ۾ ويندا ۽ تون ڪنهن کي به سندن مددگار نه ڏسندين. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
جيڪي انهن مان توبهه تائب ٿيندا ۽ پاڻ سڌاريندا ۽ الله جي دامن کي جهليو ۽ خالص ڪيو پنهنجي دين کي الله جي لاءِ، اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ آهن ۽ الله مؤمنن کي ضرور وڏو اجر عطا ڪندو. |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
آخر الله کي ڪهڙي ضرورت آهي جو توهان کي عذاب ڏئي، جيڪڏهن توهان شڪر گذار ايمان وارا ٿي رهندا ته الله وڏو قدردان ۽ سڀني جي حال کان واقف آهي. |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله پسند نٿو ڪري ته ماڻهو گندي ڳالهائڻ تي زبان کولي، سواءِ ان جي ته ڪنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي. ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
(مظلوم جي حالت ۾ جيڪڏهن اهو حق حاصل آهي) پر توهان ظاهر يا باطن ۾ ڀلائي ڪندا رهو يا گهٽ ۾ گهٽ برائيءَ کان معاف ڪري ڇڏيو، پوءِ الله (جي صفت اها آهي) هو وڏو معاف ڪندڙ آهي (سزا ڏيڻ جي به طاقت رکي ٿو) |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا الله ۽ سندس رسولن سان، ۽ چاهين ٿا ته فرق ڪن الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾، ۽ چون ٿا ته اسان ڪِن کي مڃينداسين ۽ ڪن کي نه مڃينداسين ۽ ارادو رکن ٿا ته ڪفر ۽ ايمان جي وچان ڪو (ٻيو) رستو ڪڍن |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اهي سڀ جا سڀ ڪافر آهن پڪا پختا، ۽ اسان سزا تيار ڪري رکي آهي اهڙن ڪافرن جي لاءِ جيڪا کين ذليل ۽ خوار ڪندي |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ سندس مڙني رسولن کي مڃين، ۽ ڪوبه فرق انهن جي وچ ۾ نه ڪن، انهن کي اسين ضرور عطا ڪنداسين سندن اجر، ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي نبي!) اهلِ ڪتاب جيڪڏهن اڄ تو کان مطالبو ڪن ٿا ته نازل ڪراءِ انهن تي ڪا لکيل شيءِ آسمان مان، ته ان کان وڌيڪ بيهودا مطالبا موسيٰ کان ڪري چڪا آهن، هن کي انهن چيو هو ته اسان کي ظاهر ظهور الله ڏيکار. پوءِ انهيءَ سرڪشيءَ جي ڪري انهن تي هڪدم وڄ ڪري هئي، پوءِ زوري انهن گابي کي پنهنجو خدا بڻايو، جڏهن ته هو ظاهر ظهور ڏسي چڪا هئا نشانيون، پوءِ به اسان انهن کي معاف ڪيو ۽ اسان موسيٰ کي واضح فرمان عطا ڪيو. |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ انهن ماڻهن مٿان جبل طُور کي کڙو ڪري کانئن (ان جي تابعداري جو) پڪو وعدو ورتو ۽ حڪم ڏنو ته دروازي مان داخل ٿيو سجدو ڪندي. اسان چيو ته قانون نه ڀڃو سبت (يعني ڇنڇر) جو، ۽ ان لاءِ کانئن پڪو وعدو پڻ ورتو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ نيٺ سندن وعدي ٽوڙڻ جي ڪري ۽ انهيءَ لاءِ ته انهن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ڪيترن ئي نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ڪري، ائين به چيائون ته اسان جون دليون پردن ۾ محفوظ آهن، حقيقت ۾ باطل پرستيءَ جي ڪري الله سندن ڪفر جي ڪري سندن دلين تي ٺپو هڻي ڇڏيو . پوءِ هو گهٽ ئي ايمان آڻين ٿا |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
وري پنهنجي ڪفر ۾ ايترو ته وڌي ويا جو مريم تي سخت بهتان لڳايو. |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ پاڻ ئي چيائون ته اسان قتل ڪيو آهي مسيح عيسيٰ پٽ مريم رسول الله کي، جڏهن ته هنن نه کيس قتل ڪيو ۽ نه صليب تي چاڙهيو، پر معاملي کي انهن لاءِ شڪ وارو بڻايو ويو، ۽ بيشڪ جن ماڻهن انهيءَ باري ۾ اختلاف ڪيو، اهي به حقيقت ۾ شڪ ۾ پيل آهن، انهن کي به ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه آهي، رڳو کين شڪ ئي آهي، ۽ انهن کيس يقينًا قتل نه ڪيو. |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
پر کڻي ورتو الله ان کي پاڻ ڏي، الله زبردست طاقت رکندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ ڪوبه اهڙو اهلِ ڪتاب مان نه هوندو جيڪو مٿس ايمان نه آڻيندو سندس موت کان اڳ ۽ قيامت جي ڏينهن هو مٿن شاهدي ڏيندو. |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ ته انهن يهودي بنجڻ وارن جي انهيءَ ظلم واري هلت سبب ۽ انهيءَ (بنياد تي) ته اهي روڪين ٿا الله جي راهه کان اڪثر. |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ وياج وٺن ٿا جنهن کان انهن کي روڪيو ويو هو، ۽ کاڌو ٿي مال ماڻهن جو ناجائز (اسان پاڪ شيون مٿن حرام ڪيون جيڪي اڳي حلال هيون) ۽ جيڪي انهن مان ڪافر آهن، اسان انهن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر انهن مان جيڪي پختو علم رکڻ وارا ۽ ايماندار آهن، ۽ مؤمن ان تعليم تي ايمان رکن ٿا جيڪا (اي نبي!) تو ڏانهن نازل ڪئي وئي آهي ۽ تو کان اڳي نازل ڪيل هئي، اهڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن ۽ نماز ۽ زڪوات جي پائبندي ڪندڙن ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي پختو يقين رکڻ وارن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسين. |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
(اي نبي!) بيشڪ اسان وحي کي اهڙيءَ طرح تو ڏانهن موڪليو آهي جهڙيءَ طرح اسان نوح ۽ ان کان پوءِ پيغمبرن ڏي موڪليو هو، ۽ اسان وحي موڪليو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندس اولاد ۽ عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ ڏنو دائود کي زبور |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ انهن رسولن تي به وحي اهڙيءَ طرح نازل ڪيو جن جو بيان اسان تو سان هن کان اڳ ڪري چڪا آهيون ۽ انهن رسولن تي به جن جو ذڪر نه ڪيو آهي. ۽ اسان (الله) موسيٰ سان ائين ڳالهايو جيئن ڳالهائبو آهي. |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
اهي سڀ رسول خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ هئا، جيئن انهن کي موڪلڻ سان ماڻهن کي الله جي لاءِ ڪابه حجت نه رهي رسولن کان پوءِ، ۽ الله ته هونئن به غالب رهندڙ حڪمت وارو داناءُ آهي. |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
(ماڻهو نه مڃن ته نه مڃن) پر الله شاهدي ٿو ڏئي ته جيڪي ڪجهه هن توتي نازل ڪيو آهي پنهنجي علم سان ۽ ان تي ملائڪ به شاهد آهن، جڏهن ته ڪافي آهي الله جو شاهد رهڻ. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
جيڪي ماڻهو ان جي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ ٻين کي به الله جي راهه کان روڪين ٿا، اهي يقينًا گمراهيءَ ۾ پري نڪري ويا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ بغاوت جو رستو اختيار ڪيو، ۽ ظلم زيادتي تي لهي پيا، الله ڪڏهن به کين معاف نه ڪندو ۽ انهن کي ڪوبه رستو نه ڏيکاريندو. |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
سواءِ جهنم جي رستي ڏانهن، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، ۽ اها ڳالهه ڪڏهن به الله جي لاءِ ڏکي نه آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي انسانؤ! هي آيل رسول توهان وٽ حق کڻي آيو آهي توهان جي رب وٽان، پوءِ توهان ايمان آڻيو، توهان لاءِ چڱائي آهي جيڪڏهن انڪار ڪيو ته پوءِ خبر هجيوَ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سڀ الله جو آهي ۽ الله عليم آهي حڪمت وارو به آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي اهلِ ڪتاب! حد کان نه لنگهو پنهنجي دين ۾ ۽ نه چئو ڪابه اهڙي ڳالهه الله جي لاءِ حق کان سواءِ، بيشڪ مسيح عيسيٰ پٽ مريم رسول هو الله جو ۽ هڪ فرمان هو جيڪو الله مريم ڏي موڪليو ۽ هڪ روح هو الله جي طرفان (ان مريم جي ڳڀيرڻ ۾ ٻار جي شڪل ورتي) پوءِ الله ۽ رسول تي ايمان آڻيو، ائين نه چئو ٽي آهن، مُڙي وڃو ته اهو توهان لاءِ بهتر آهي، بيشڪ الله ته بس هڪڙو ئي خدا آهي، اهو ته پاڪ آهي ان کان ته ان جو ڪير پٽ هجي، ان جي لاءِ اهو سڀڪجهه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ انهن جي سنڀال لاءِ بس اهو ئي ڪافي آهي. |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
مسيح ته انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به عار نه سمجهيو ته هُو بندو هجي الله جو، ۽ نه ئي ويجها ملائڪ پنهنجي لاءِ عار سمجهن ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪو عار سمجهي ٿو الله جي بندگي کي پنهنجي لاءِ، ۽ تڪبر ٿو ڪري ته هڪ وقت ايندو جڏهن الله سڀني کي پنهنجي آڏو حاضر ڪندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي پنهنجي لاءِ پورو پورو اجر ڏسندا ۽ الله پنهنجي فضل سان انهن کي وڌيڪ اجر عطا ڪندو، ۽ جن ماڻهن بندگي کي عار سمجهيو ۽ تڪبر ڪيو، تن کي الله دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ الله کان سواءِ هو ڀروسو ڪن ٿا جن ٻين جي سرپرستي تي، انهن مان هو اتي ڪنهن کي به نه لهندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي انسانؤ! توهان وٽ اچي ويو آهي روشن دليل توهان جي رب وٽان، ۽ اسان نازل ڪئي توهان ڏي چٽي روشني (صاف رستو ڏيکاريندي). |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا الله تي ۽ سندس پناهه ۾ ايندا، انهن کي الله پنهنجي رحمت ۾ وٺندو ۽ فضل و ڪرم ۾ وٺندو، ۽ رهنمائي ڪندو انهن جي پاڻ ڏي سڌي رستي سان اچڻ لاءِ. |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي!) تو کان پڇن ٿا، چوينِ ته الله فتويٰ ڏئي ٿو ڪلاله جي باري ۾، جيڪڏهن ڪو مرد بي اولاد مري وڃي ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته ان کي ميراث مان اڌ ملندو، ۽ جيڪڏهن ڀيڻ بي اولاد مري وڃي ته ڀاءُ ان جو وارث ٿيندو. جيڪڏهن ميت جون وارث ٻه ڀيڻيون هجن ته اهي ميراث مان ٻه ٽهائي جون حقدار هونديون ۽ جيڪڏهن ڪيترا ئي ڀيڻ ڀائر هجن ته پوءِ عورتن جو هڪ ۽ مردن جا ٻه حصا هوندا. الله حڪم کولي چٽا بيان ڪيا توهان جي لاءِ جيئن ڀٽڪي نه وڃو، ۽ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو. |