تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله زبردست ۽ داناءَ وٽان آهي |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
(اي نبي) اهو ڪتاب (قرآن) اسان توڏانهن برحق نازل ڪيو آهي، سو تون الله جي ئي ٻانهپ ڪر، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ جو ئي ڪري |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
خبردار! دين خالص الله جو ئي آهي، باقي جن ماڻهن پنهنجا مددگار الله کي ڇڏي ٻيا بڻايا آهن، (۽ سبب اهو ٿا ٻڌائن ته) اسان انهن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته اهي اسان کي الله جي ويجهو ڪن ته الله بيشڪ انهن جي وچ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جن بابت هو اختلاف ڪن ٿا. الله ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت نه ڏيندو آهي، جيڪو ڪوڙو ۽ حق جو منڪر هجي |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏهن الله ڪنهن کي پٽ بڻائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها چونڊي وٺي ها، هو ته پاڪ آهي ان ڳالهه کان (جو ڪو پٽ هجيس)، اهو الله اڪيلو ۽ زبردست آهي |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
هن آسمانن ۽ زمين کي حق مطابق پيدا ڪيو آهي، هو ئي ڏينهن تي رات کي ۽ رات کي ڏينهن تي ويڙهيندو ٿو وڃي، هن سج ۽ چنڊ کي اهڙيءَ طرح تابع ڪري ڇڏيو آهي، جو هرهڪ هڪڙي مقرر وقت تائين پيو ٿو هلندو رهي. خبردار! هو زبردست به آهي ته بخشڻهار به |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
انهيءَ ئي توهان کي هڪڙي ئي وجود مان پيدا ڪيو ۽ وري انهيءَ ئي ان منجهان سندس زال بڻائي ۽ انهيءَ ئي توهان لاءِ چوپائي مال مان اَٺ نــَـر ماد پيدا ڪيا. اهوئي توهان جي مائن جي پيٽن ۾ ٽن اونداهن پردن ۾ توهان کي هڪ کان پوءِ ٻي شڪل وٺائيندو وڃي ٿو. اهوئي الله (جيڪو ائين پيو ڪري) توهان جو رب آهي! بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃو؟ |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته الله کي توهان جي ڪهڙي پرواهه آهي، باقي هو پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪفر کي پسند نه ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته ان ڳالهه کي توهان جي حق ۾ ڏاڍو پسند ٿو ڪري. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو. پوءِ ته توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، تڏهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو. هو ته دلين جا حال به ڄاڻي ٿو |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
جڏهن انسان تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته هو پنهنجي رب ڏانهن ئي منهن ڪري کيس پڪاريندو آهي، پر پوءِ جڏهن هو کيس پنهنجي نعمت سان نوازي ٿو ته هو اها مصيبت وساري ٿو ڇڏي، جنهن لاءِ کيس اڳ ۾ سڏيندو رهيو هو ۽ وري ٻين کي ٿو الله جو مــَـٽ بڻائي، تانته سندس راهه کان ٿيڙي. (اي نبي) چويس ته ٿورڙا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزو وٺي ڏس، پوءِ ته پڪ تون دوزخ ۾ پوڻ وارو آهين |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
(ڇا ان شخص جي هلت سٺي آهي يا انهيءَ ماڻهوءَ جي) جيڪو فرمانبردار آهي، رات جي ڪن پهرن ۾ سجدا به ٿو ڪري ته اڀو به بيٺو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جو اميدوار آهي؟ پڇين ته ڇا ڄاڻڻ وارا ۽ نه ڄاڻڻ وارا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته اهي ئي پرائيندا آهن، جن کي عقل هوندو آهي |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
(اي نبي) چؤ ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي، پنهنجي رب کان ڊڄو. جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي اختيار ڪئي آهي، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله جي زمين ته ڏاڍي ڪشادي آهي. صبر ڪندڙن کي ته سندن اجر بنا حساب جي ئي ڏنو ويندو |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
(اي نبي) چوين ته مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ٻانهپ ڪريان |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اول مان پاڻ فرمانبردار بڻجان |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
ٻڌائينِ ته جيڪڏهن مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته مون کي هڪڙي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خطرو آهي |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چئي ڇڏينِ ته مان ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ئي ٻانهپ ڪندس |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
توهان ان جي بدران جنهن جي وڻيوَ بندگي ڪندا رهو. چوين ته بيشڪ نقصان وارا ته اهي آهن، جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي به ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو. چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو ته اهوئي اٿوَ ظاهر ظهور نقصان |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
انهن تي باهه جون ڇٽيون مٿان به ڇانئيل هونديون ته هيٺان به. اهائي اٿوَ اُها پڇاڙي، جنهن کان الله پنهنجن ٻانهن کي ڊڄاريندو رهي ٿو، تنهنڪري اي منهنجا ٻانهؤ! مون کان ڊڄو |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
جن ماڻهن طاغوت جي ٻانهپ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانهن رجوع ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ (اي نبي) تون خوشخبري ڏي منهنجن انهن ٻانهن کي |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
جيڪي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌندا آهن ۽ ان جي سهڻي ۾ سهڻي مطلب جي پيروي ڪندا آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
(اي نبي) ڪير ٿو بچائي سگهي ان ماڻهوءَ کي، جنهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي چڪو آهي. ڇا تون بچائي سگهندين ان کي جيڪو وڃي باهه ۾ پيو آهي؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
باقي جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊنا انهن لاءِ بلند ماڙيون آهن، منزل مٿان منزل اڏيل، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون. اهو الله جو وعدو آهي. الله پنهنجي وعدي جي خلاف نه ڪندو آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
ڇا ڏسين نٿو ته الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان کي چشمن ۽ دريائن جي شڪل ۾ وهائي ڇڏيائين. پوءِ ان پاڻيءَ وسيلي نرالن رنگن جون قسمين قسمين پوکون ڦـٽائي ٿو. پوءِ اهي پچي ســُـڪي وڃن ٿيون ته ڏسين ٿو ته پيليون ٿي ويل آهن. نيٺ الله بــُـهه بڻائي ڇڏينِ ٿو. بيشڪ ان ۾ نصيحت آهي عقل وارن لاءِ |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
ڇا هاڻي جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کولي ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي رب جي پار واري سوجهري ۾ هلي ٿو (ان شخص وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن انهن ڳالهين مان ڪو سبق ئي نه پرايو آهي؟) پوءِ ته تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ، جن جون دليون الله جي نصيحت سببان ويتر سخت ٿي ويون آهن ۽ اهي پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهن |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله ته ڀلي ۾ ڀلو ڪلام نازل ڪيو آهي. هڪ اهڙو ڪتاب، جنهن جي سڀني حصن ۾ هڪ ٻئي سان مطابقت آهي ۽ ان جون ڳالهيون ورائي ورائي چيل آهن. ان کي ٻڌي انهن ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄڻ وارا آهن ۽ پوءِ انهن جا جسم توڙي دليون نرم ٿي الله جي ذڪر ڏانهن مــُـڙي پون ٿيون. اها آهي الله جي هدايت، جنهن جي وسيلي هو جنهن کي چاهي سنئين دڳ ٿو لائي ۽ جنهن کي الله ئي هدايت نه ڪري، تنهن لاءِ ته پوءِ ڪو هدايت ڪرڻ وارو ڪونهي |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ڇا حال هوندو، ان شخص جو جيڪو قيامت جي ڏينهن سخت عذاب واري مار پيو پنهنجي منهن تي جهليندو؟ اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ته هاڻي چکو مزو انهيءَ ڪمائيءَ جو جيڪا ڪندا هيؤ |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
کانئن اڳ به ڪيئي ماڻهو ائين ڪوڙو سڏي چڪا آهن، پر پوءِ مٿن عذاب اتان آيو، جتي سندن خيال ئي نٿي ويو |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ ته الله کين دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي خواريءَ جو مزو چکايو ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت آهي، جيڪر ته اهي ڄاڻن ها! |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر نموني جا مثال ڏنا آهن ته مــَـنَ ڪو هوش ڌارينِ |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
اهڙو قرآن جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڪونهي ته مــَـن بڇڙي پڇاڙيءَ کان بچي وڃن |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
الله هڪڙو مثال ڏئي ٿو، هڪڙو شخص آهي، جنهن جي مالڪ هجڻ ۾ ڪيترائي ڦـڏئي ڀائيوار آهن، جيڪي کيس پنهنجي پنهنجي طرف ڇڪين ٿا ۽ ٻيو شخص سڄو سارو هڪڙي مالڪ جو ئي غلام آهي. ڇا انهن ٻنهي جي حالت هڪجهڙي آهي؟ الحمدلله، مگر گهڻا ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي نبي) توکي به مرڻو آهي ۽ انهن کي به مرڻو آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ وري قيامت جي ڏينهن توهان سڀئي پنهنجي رب جي آڏو پنهنجو پنهنجو تڪرار پيش ڪندؤ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ان شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن الله تي ڪوڙ هنيو ۽ جڏهن سچ سامهون آيس ته ان کي ڪوڙ سڏيائين. ڇا اهڙن ڪافرن لاءِ جهنم ۾ جاءِ نه آهي؟ |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جنهن شخص سچ آندو ۽ جن ان کي سچ ڪري مڃيو، اهي ئي عذاب کان بچي وڃڻ وارا آهن |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
پنهنجي رب وٽ اُهو سڀ ڪجهه ملندن جنهن ڏي دل گهرندن، اهو آهي اجورو نيڪي ڪندڙن جو |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
تانته جيڪي بڇڙا عمل ڪيا هئائون، الله انهن کي ختم ڪري ڇڏي ۽ جيڪي سهڻا عمل ڪندا رهيا هئا، تن جو کين اجر عطا ڪري |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
(اي نبي) ڇا الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي ناهي؟ اهي ماڻهو کيس ڇڏي ٻين کان توکي ڊيڄارين ٿا، حالانڪه الله جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ته پوءِ ان کي رستو وٺائڻ وارو ٻيو ڪوبه ناهي |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن کي سنئين دڳ لائي ڇڏي، تنهن کي ڀٽڪائڻ وارو به ڪوئي ناهي. ڇا الله زبردست ۽ بدلو وٺڻ وارو ناهي؟ |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
جيڪڏهن پڇندينِ ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته الله، چوينِ ته پوءِ ڀلا ڇا خيال اٿوَ ته جيڪڏهن الله مون کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته توهان جون اهي ديويون جن کي الله جي بدران سڏيو ٿا، مونکي سندس پهچايل نقصان کان بچائي سگهنديون؟ يا وري الله مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ته ڇا اهي سندس رحمت کي روڪي سگهنديون؟ تنهنڪري چئي ڇڏينِ ته "منهنجي لاءِ ته الله ئي ڪافي آهي، ڀروسو ڪندڙ ته انهيءَ تي ئي ڀروسو ڪندا آهن" |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
چئي ڇڏينِ ته "اي منهنجيءَ قوم وارؤ! توهان پنهنجيءَ جاءِ تي ڪم ڪندا رهو، مان به پنهنجو ڪم ڪندو رهندس. سگهوئي پتو پئجي ويندوَ |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته خواريءَ وارو عذاب ڪنهن تي ٿو پوي ۽ ڪنهن کي ٿي اها سزا ملي، جيڪا پوءِ ڪڏهن به جند نه ڇڏيندس" |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
(اي نبي) اسان سمورن انسانن لاءِ اهو برحق ڪتاب (قرآن) توتي نازل ڪيو آهي. هاڻي جيڪو سڌي واٽ وٺندو ته پنهنجي ئي لاءِ ۽ جيڪو ڀٽڪي ويندو، تنهن جي لوڙَ به پاڻ ئي لوڙيندو. تون انهن جو ذميوار نه آهين |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله ئي مرڻ وقت ساهه ٿو ڪڍي ۽ جيڪو اڃان مئو ناهي ان جو ساهه ننڊ ۾ ٿو ڪڍي، پوءِ جنهن تي موت جو فيصلو لاڳو ڪري ٿو، ان کي جهلي ٿو ڇڏي ۽ ٻين جا ساهه مقرر وقت تائين واپس ٿو اُماڻي. انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا الله کي ڇڏي انهن ٻيا سفارشي بڻايا آهن؟ چوينِ ته ڇا اهي سفارش ڪندا، پوءِ کڻي ڪو وس ئي نه هلندو هجين ۽ نڪي ڪا سمجهه ئي هجين؟ |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
چوينِ ته شفاعت سموري الله جي هٿ ۾ آهي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي، پوءِ انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽائي آندو ويندو |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
جڏهن هڪڙي الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته آخرت تي ايمان نه هجڻ وارن جون دليون ٽاهه کائن ٿيون ۽ جڏهن سندس بدران ٻين جو ٿو نالو ورتو وڃي ته خوش ٿين ٿا |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
چؤ اي منهنجا الله ! آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارا، ڳجهه توڙي ظاهر کي ڄاڻڻ وارا، تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندين جنهن ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن انهن ظالمن وٽ زمين جي ساري دولت به کڻي هجي ۽ اوتري ٻي به هجينِ، تڏهن به اهي قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان بچي وڃڻ لاءِ سڀ ڪجهه عيوضي طور ڀري ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا. اتي الله جي طرفان سندن آڏو اهو ڪجهه ايندو، جنهن جو ته انهن ڪو اندازو ئي نه لڳايو آهي |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
اتي ته سندن پنهنجيءَ ڪئي ڪمائيءَ جا سڀ بڇڙا نتيجا اچي آڏو بيهندن ۽ اهائي شيءِ وڪوڙي ويندن، جنهن تي ٺـٺوليون ڪندا هئا |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
اهوئي انسان جنهن کي جڏهن ڪا مصيبت ٿي پاسو ڏئي ته اسان کي ٿو سڏي ۽ وري جڏهن اسان پنهنجي طرفان نعمت ڏيئي ٿا آزمايونس ته چوي ٿو ته اهو ته مون کي علم جي ڪري مليو آهي. بلڪل نه، اها ته هڪڙي آزمائش آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
اهائي ڳالهه کانئن اڳ گذريل ماڻهو به چئي چڪا آهن، پر جيڪي ڪجهه پئي ڪمايائون سو ته ڪنهن ڪم نه آين |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
پوءِ ته پنهنجيءَ ڪمائيءَ جا اُگرا نتيجا ڀوڳيائون ۽ هنن مان به جيڪي ظالم آهن، سي به جلد ئي پنهنجي ڪمائيءَ جا نتيجا لوڙيندا. اهي اسان کي لاچار ڪرڻ وارا ناهن |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا خبر نه اٿن، ته الله جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ٿو ڪري ڇڏي ۽ جنهن جو گهري تنگ ٿو ڪري ڇڏي، ان ۾ بيشڪ نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(اي نبي) چئي ڇڏين ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن پاڻ تي ظلم ڪيو آهي، الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿيو، بيشڪ الله سمورا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هو ته آهي ئي بخشڻهار ۽ ٻاجهارو |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
پنهنجي رب ڏي موٽي پئو ۽ فرمانبردار ٿي وڃو، ان کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي پوي ۽ پوءِ وري ڪٿان ڪا مدد به نه مليوَ |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ پيروي ڪريو پنهنجي رب جي موڪليل ڪتاب جي ڳالهين جي سهڻي مطلب جي، هن کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي اوچتو ڪڙڪي ۽ توهان بي خبر پيا هجو |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
ته پوءِ متان ڪو ائين چوي ته "هاءِ افسوس! منهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ تي، جيڪا مان الله جي باري ۾ ڪندو رهيس، پر مان ته رهندو ٽوڪون ڪرڻ وارن ۾ شامل هوس" |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا وري چوي ته "جيڪر مون کي الله هدايت نصيب ڪئي هجي ها ته مان به متقين مان هجان ها" |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا وري عذاب ڏسي چوي ته جيڪر مون کي ڪو هڪڙو موقعو وري ملي وڃي ها ته مان به نيڪ عمل ڪرڻ وارن مان ٿي وڃان ها" |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(ته ان وقت کيس اهو جواب ملي ته) "ڇو ڀلا منهنجون آيتون ته تو وٽ آيون هيون، پوءِ تو انهن کي ڪوڙو سڏيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ تون ته ڪافرن مان هئين" |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
(اي نبي) جن ماڻهن الله تي ڪوڙ هنيا هوندا، قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا ٿيل هوندا. ڀلا جهنم ۾ وڏائي ڪندڙن لاءِ ڪافي جاءِ ناهي ڇا؟" |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
باقي جن ماڻهن تقويٰ اختيار ڪئي هوندي، انهن جي ڪاميابيءَ جي سببن جي ڪري الله انهن کي ڇڏي ڏيندو، انهن کي ته نڪي ڪو تڪليف پهچندي ۽ نه هو ڏک ئي ڏسندا |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله هر شيءِ جو خالق آهي ۽ هو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون وٽس ئي آهن ۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن سان ڪفر ٿا ڪن، اهي ئي نقصان ۾ پوڻ وارا آهن |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
(اي نبي) چوين ته "اي جاهلؤ! ڇا توهان ٿا مونکي چئو ته الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي بندگي ڪريان؟" |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
(اها ڳالهه کين کولي چئي ڇڏڻ گهرجي ڇو جو) توڏانهن توڙي توکان اڳ ٿي گذريل سڀني نبين ڏانهن اهو وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪندين ته سڀ ڪيو ڪِرتيو چٽ ٿي ويندو ۽ نقصان ۾ پيلن مان ٿي ويندين |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
پوءِ (اي نبي) تون بس الله جي ئي ٻانهپ ڪر ۽ شڪر ادا ڪندڙ ٻانهن مان ٿي وڃ |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
انهن ماڻهن الله جو ڪو قدر نه سڃاتو، جيئن جو قدر ڪرڻ کپندو هو. (سندس قدرت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو) قيامت جي ڏينهن ساري زمين سندس مــُـٺ ۾ هوندي ۽ آسمانَ سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا، هو ته پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
انهيءَ ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اهي سڀ جيڪي به آسمانن توڙي زمين ۾ آهن، بيساها ٿي ڪري پوندا، باقي اهي نه ڪرندا جن کي الله بچائڻ چاهيندو. پوءِ وري ٻيهر صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ امالڪ سڀئي اُٿي کڙا ٿي پيا ڏسندا |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي ويندي ۽ عملن وارو ڪتاب آڻي رکيو ويندو. سڀ نبي ۽ سمورا شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا. ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪيا ويندا ۽ مٿن ڪو به ظلم نه ٿيندو |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ هرهڪ کي جيڪي ڪجهه به عمل ان ڪيو هوندو، تنهن جو پورو پورو اجورو ڏنو ويندو. الله ته چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪي ڪجهه به انهن ماڻهن ڪيو آهي |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
(فيصلي ٿي وڃڻ کانپوءِ ) اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو هو، تن کي ٽولن جي شڪل ۾ جهنم ڏانهن هڪليو ويندو، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته "توهان وٽ توهان منجهان ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جو کڻي توهان کي توهان جي رب جون آيتون ٻڌائين ها ۽ توهان کي ڊيڄارين ها ته ڪڏهن هيءُ ڏينهن به ڏسڻو پوندوَ؟" هو جواب ڏيندا ته "هائو! آيا ته هئا پر عذاب جو فيصلو ڪافرن تي لاڳو ٿي چڪو هو" |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
چيو ويندن ته "جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿي وڃو، اتي ئي هاڻي سدائين رهڻو اٿوَ. ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي وڏائي ڪندڙن لاءِ " |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب جي نافرمانيءَ کان پاسو ڪندا هئا، انهن کي ٽولن جي صورت ۾ جنت ڏانهن اماڻيو ويندو، تانجو جڏهن هو اتي پهچندا ته ان جا دروازا اڳواٽ ئي کوليا ويا هوندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته "توهان تي سلام هجي، توهان پاڻ ملهايو، داخل ٿيو ان ۾ هميشه لاءِ " |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ هو چوندا: "شڪر آهي انهيءَ الله جو، جنهن اسان سان پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي زمين جو وارث بڻائي ڇڏيائين، جو جنت ۾ جتي به وڻي رهي سگهون ٿا". پوءِ ڪهڙو نه ڀلو اجر آهي، عمل ڪرڻ وارن لاءِ |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ تون ڏسندين ته ملائڪ عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندا هوندا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ اعلان ڪيو ويندو ته ساراهه ته آهي ئي الله جهانن جي پالڻهار لاءِ |