تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
(هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ان خدا جي بارگاھ مان آهي جو (سڀ تي) غالب حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
(اي رسول) بيشڪ اسان تو ڏي (بلڪل) حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي ته تون خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر. |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
خبردار! عبادت ته خالص خدا جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) پنهنجو سرپرست ڪيو آهي (۽ چون ٿا ته) اسين ته انهن کي رڳو هن ڪري پوڄيون ٿا ته اهي خدا جي (بارگاھ ۾) اسان کي ويجهو ڪندا. بيشڪ جنهن ڳالھ بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو (قيامت جي ڏينهن) سندن وچ ۾ خدا فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا ڪوڙي (۽) ناشڪري کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي. |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏهن خدا ڪنهن کي (پنهنجو) پٽ ٺهرائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوقات مان جنهن کي چاهي ها ته چونڊي ها (پر) هو ته ان (ڳالھ) کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. اهو ته اڪيلو وڏو زبردست الله آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
ان ئي آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. (جو) رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جو اهي سڀ پنهنجي (پنهنجي) مقرر وقت تي هلندا رهندا. خبردار اهو ئي غالب وڏو بخشڻهار آهي. |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
ان اوهان سڀني کي هڪ شخص مان ئي پيدا ڪيو پوءِ ان (جي بچيل مٽيءَ) مان سندس زال (حوا) کي پيدا ڪيو ۽ ان اوهان لاءِ اٺن قسمن جا چوپايا (جانور) پيدا ڪيا. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ هڪ قسم جي پيدائش کان پوءِ ٻيءَ پيدائش (نطفو، ڄميل رت۽ لوٿڙي) سان ٽن اونداهين (پيٽ، رحم جي جهلي) ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو ئي خدا اوهان جو پالڻهار آهي، سندس ئي بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦرندا وڃن ٿا؟ |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته (ياد رکو) خدا توهان کان بلڪل بي پرواھ آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اهو ان کي اوهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪو به ڪنهن جي (گناھ) جو بار (پاڻ تي) نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻو آهي، (هن لاءِ) ته (دنيا ۾) اوهين جيڪي (چڱو يا برو ڪم) ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو. اهو ته پڪ دلين جي ڳجھ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ ماڻهوءَ (جي حالت ته اها آهي جو) جڏهن ان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن خدا ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راھ کان گمراھ ڪري (اي پيغمبر اهڙي ماڻهو کي) چئو ته پنهنجي ڪفر (جي حالت ۾) ٻه ٽي ڏينهن ٻيا مزا ڪري وٺو! (نيٺ) تون پڪ دوزخين مان ٿيندين. |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
جو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي ۽ آخرت کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جو اميدوار هجي سو (بي شڪر ڪافر جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) اي رسول تون چوين ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾) رڳو عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا. |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
(اي رسول کين) فرمائي ته اي منهنجا ايماندار بندو پنهنجي پروردگار کان (ئي) ڊڄندا رهو (ڇو ته) جن ماڻهن هن دينا ۾ نيڪي ڪئي تن لاءِ ئي (آخرت ۾) چڱائي آهي. پڻ خدا جي زمين ته ڪشادي آهي. جتي عبادت نه ڪري سگهو اتان لڏي (وڃو) صبر ڪرڻ وارن کي ئي ته ان جو بي حساب ڀرپور عوض ڏنو ويندو. |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
(اي رسول کين) فرمائي ته: مون کي ته هي حڪم ڪيو ويو آهي ته خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪريان. |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
پڻ مون کي هي (به) حڪم ڪيل آهي ته: آءُ سڀني کان پهريون مسلمان آهيان. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
(اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪريان ته آءُ هڪ تمام سڏي (سخت) ڏينهن (قيامت) جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
(اي رسول کين) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي سندس لاءِ خالص ڪري خدا جي ئي بندگي ڪريان ٿو. |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
(باقي آهيو) اوهين سو ان کان سواءِ جنهن کي گهرو تنهن کي پوڄيو. (اي رسول کين) چئو ته در اصل نقصان وارا اهي آهن جن (گمراھ ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهروارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي. |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
انهن لاءِ سندن مٿان باھ جا اوڇڻ ۽ سندن هيٺان (به اهڙا ئي) وڇاڻا هوندا. هي اهو عذاب آهي جنهن کان خدا پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو! |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جيڪي بتن جي عبادت کان بچيا ۽ خدا ڏي رجوع ڪيائون تن لاءِ خوش خبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي. |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
جي ڳالھ کي دل سان ٻڌن ٿا ۽ وري ان مان تمام چڱي (ڳالھ) تي هلن ٿا. اهي اهي آهن جن کي خدا هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن. |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
ته (اي رسول) ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو وعدو پورو ٿئي ته ڇا تون ان کي ڇڏائي سگهندين جو باھ ۾ (پيل) هجي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پر جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان واھ وهن ٿا. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي خدا (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
ڇا تو هن (ڳالھ) تي غور نه ڪيو ته خدا ئي آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان کي زمين ۾ چشما بنائي جاري ڪيائين وري ان سان جدا جدا رنگن (جي اناج) جي پوک پيدا ڪري ٿو وري اها (پچڻ کان پوءِ) سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت ۽ عبرت آهي. |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
ڇا پوءِ جنهن جو سينو خدا اسلام (قبول ڪرڻ) لاءِ کوليو آهي ته اهو پنهنجي پالڻهار (جي هدايت) جي روشني تي (هلي) ٿو (سو گمراهن جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) افسوس ته انهن تي آهي جن جون دليون خدا جي ياد کان (غافل ٿي) سخت ٿي پيون آهن. اهي ظاهر گمراهي ۾ (پيا) آهن. |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
خدا نهايت سٺو ڪلام ڪتاب (قرآن) نازل فرمايو (جنهن جون ڳالهيون) هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ مقصد جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا. وري سندن بدن نرم ٿين ٿا ۽ سندن دليون خدا جي ياد ڏي خاطريءَ (دلجاءِ) سان متوجه ٿين ٿيون. هي خدا جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ته ان کي (سڌي) راھ تي ڪو به آڻڻ وارو ڪونهي. |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ته ڇا جو شخص قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن کي وڏي عذاب جي ڍال بنائيندو (سو ناجي جي برابر ٿيندو ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) جيڪي ڪجھ ڪندا هئا هاڻي تن جا مزا چکو. |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو ته انهن تي اهڙي طرح عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين خبر نه پئي. |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
ته خدا کين (هن) دنيا ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان به) تمام وڏو آهي.جيڪڏهن (هيءَ ڳالھ) سمجهن ها. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن. |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
(اسان ته صاف ۽ سليس) هڪ عربي قرآن (نازل ڪيو) جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته جيئن اهي (سوچي سمجهي) خدا کان ڊڄن. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
خدا هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته هڪ شخص (غلام) جنهن جا ڪيئي جهڳڙالو حصي دار آهن ۽ هڪ غلام جيڪو هڪ ماڻهو جي خالص (اڪيلو) ملڪيت آهي ته ڇا انهن ٻنهي (غلامن جي) حالت هڪجهڙي ٿي سگهي ٿي؟ (هرگز نه) سڀ ساراهون الله لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايتري ڳالھ به) نه ٿا ڄاڻن. |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي رسول) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ اهي ماڻهو (به) پڪ مرڻ وارا آهن. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندو. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ مڙهيو ۽ جڏهن وٽس سچي ڳالھ آئي ته ان کي ڪوڙو چيائين ته ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي). |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ ياد رکو! ته جنهن (رسول) سچي ڳالھ آندي ۽ جنهن ان جي تصديق ڪئي اهي ٻي شخص پرهيزگار آهن. |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
هي جيڪي گهرندا سو سندن پالڻهار وٽ (موجود) آهي اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي. |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي خدا کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي. |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
ڇا خدا پنهنجن ٻانهن (جي مدد) لاءِ ڪافي نه آهي؟ (بيشڪ آهي) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو تو کي خدا کان سواءِ ٻين (معبودن کان) ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي تنهن کي ڪو به سڌي راھ تي آڻڻ وارو نه آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن شخص کي خدا هدايت ٿو تنهن کي ڪو به گمراھ ڪرڻ وارو نه آهي ڇا خدا زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (بيشڪ آهي) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا (ته) الله. تون (کين) چئو ته غور ڪريو! جن جي اوهين خدا کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندس (پهچايل) تڪليف لاهي سگهن ٿا؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ڇا اهي سندس مهرباني روڪي سگهن ٿا؟ (اي رسول) چوين ته مون لاءِ خدا ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
(اي رسول کين) چئو ته اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جيڪي وڻيو) عمل ڪريو آءُ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪريان ٿو. پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو. |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته ڪنهن کي اها آفت اچي ٿي جا کيس (دنيا ۾) خوار ڪري ۽ (آخرت ۾) مٿس هميشه عذاب (به) نازل ٿيندو. |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
(اي رسول) اسان تو تي بيشڪ ماڻهن (جي هدايت) لاءِ حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو، پوءِ جيڪو راھ تي آيو سو پنهنجي (ڀلي) لاءِ، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين. |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله ئي ماڻهن جي مرڻ جي وقت سندن روح (پاڻ ڏي) ڇڪي سڏي ٿو ۽ جيڪي نه مئا آهن سندن (روح) ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن کي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) سفارشي بنايو آهي؟ (اي رسول کين) چئو ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا) جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شيءَ جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا. |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
تون چوين ته سڀ سفارش خدا جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس (ئي) آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن رڳو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن واڇون کلن ٿيون. |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
(اي رسول تون) چئو ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين. |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ ان جيترو ٻيو (به) جيڪڏهن نافرمانن وٽ هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ (ان وقت) خدا جي طرفان کين اهڙي ته ڳالھ پيش ڪئي ويندي جنهن جو وهم ۽ گمان به نه هوندن. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
۽ جي برا ڪم ڪيا هوندا (سي به) مٿن ظاهر ٿيندن ۽ جنهن (عذاب) تي هي ٺٺوليون ڪن ٿا سو کين اچي گهيريندو. |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمنديءَ جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪ اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
جيڪي انهن کان اڳ هئا سي به اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا پوءِ (جڏهن اسان جو عذاب آيو) ته سندن ڪارستانيون کين ڪجھ ڪم نه آيون. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
مطلب ته سندن ڪرتوتن جا برا نتيجا کين ڀوڳڻا پيا. پڻ انهن (مڪي جي ڪافرن) مان به جن ماڻهن نافرمانيون ڪيون) آهن تن کي به پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻي پوندي ۽ اهي ماڻهو (خدا کي) عاجز نٿا ڪري سگهن. |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه ڄاتو ته الله ئي جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايماندارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
۽ پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿيو ۽ سندس فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي نازل ٿئي ان وقت اوهان جي مدد نه ڪري سگهي. |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ جيڪي سٺيون سٺيون ڳالهيون اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿين ٿيون انهن تي هلو. (پر) ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب نازل ٿئي ۽ اوهان کي (ان جي) ڪا خبر به نه هجي. |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
(ڏسو ائين نه ٿئي) جو (اوهان مان) ڪو شخص چوڻ لڳي ته افسوس! منهنجي هن ڪوتاهي تي جا مون (خدا جي بارگاھ جو) قرب حاصل ڪرڻ ۾ ڪئي ۽ آءُ ته رڳو اهڙين ڳالهين تي کلندو رهيس. |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا هئين چوڻ لڳي ته جيڪڏهن خدا منهنجي هدايت ڪري ها ته آءُ ضرور پرهيزگارن مان هجان ها. |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
جڏهن عذاب کي (ايندو) ڏسي ته چوڻ لڳي ته هاءِ! جيڪڏهن مون کي (دنيا ۾) ٻيو ڀيرو وڃڻ ملي ته آءُ (جيڪر) نيڪن مان ٿيان. |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(تنهن وقت خدا فرمائيندو ته) هاءُ! هاءُ! جڏهن تو وٽ منهنجون آيتون پهتيون ته تو تن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين (هاڻي تنهنجي هڪ ڳالھ به نه ٻڌي ويندي). |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
پڻ جن ماڻهن خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌا تون قيامت جي ڏينهن ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا هوندا ڇا! غرور ڪرڻ وارن جي جڳھ جهنم ۾ نه آهي؟ (بيشڪ آهي). |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ جي شخص پرهيزگار آهن خدا کين سندن ڪاميابي ۽ (نيڪ هجڻ) سبب نجات عطا ڪندو جو انهن کي (ڪا به) تڪليف ڇهندي به نه ۽ نه اهي ماڻهو (ڪنهن طرح) ڏک ڏسندا. |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ هو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن ۽ جن ماڻهن سندس آيتن کان انڪار ڪيو اهي ئي نقصان ۾ رهندا. |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
(اي رسول کين) چئو ته نادانو! ڀلا اوهين مون کي چئو ٿا ته آءُ خدا کان سواءِ (ڪنهن ٻئي) جي عبادت ڪريان! |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
۽ (اي رسول) تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ ٿي چڪا آهن. پڪ هي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪيو ته پڪ تنهنجو عمل اڪارت ٿي ويندو ۽ تون بلڪل نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين. |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
پر اوهين خدا جي عبادت ڪريو ۽ شڪر گذارن مان ٿيو. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
۽ انهن ماڻهن خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو (تهڙو ڪجھ به) قدر نه ڪيو. هوڏانهن (اهو اهڙو قادر آهي جو) قيامت جي ڏينهن سموري زمين (ڄڻ ته) سندس مٺ ۾ ئي هوندي ۽ سڀ آسمان (ڄڻ ته) سندس سڄي هٿ ۾ ويڙهيل (سهيڙيل) هوندا جنهن کي اهي ماڻهو سندس شريڪ بنائين ٿا اهو ان کان پاڪ ۽ بلند آهي. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ (جڏهن پهريون ڀيرو) صور ڦوڪيو ويندو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن سي ۽ جيڪي زمين ۾ آهن اهي (سڀ موت کان) بيهوش ٿي ڪري پوندا پر (هاءُ) جنهن کي خدا گهري (سو البت بچي پوندو) وري (جڏهن) ٻيو ڀيرو صور ڦوڪيو ويندو ته يڪدم سڀئي اٿي بيهي ڏسڻ لڳندا! |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي پوندي. پڻ (عملن جو) ڪتاب (ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو، ۽ پيغمبر ۽ شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي (ذري جيترو به) ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ جنهن شخص جو ڪجھ ڪيو هوندو تنهن کي ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. ۽ جو ڪجھ اهي ماڻهو ڪن ٿا اهو تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏي هڪليو ويندو تان جو جڏهن دوزخ وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ دوزخ جا دروغا کين چوندا ته اوهان مان توهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پروردگار جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن (بري) ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين؟ ڪافر چوندا ته هاءُ! (آيا ته هئا) پر (اسان نه مڃيو ۽)عذاب جو حڪم ڪافرن جي باري ۾ ثابت ٿيو. |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
(پوءِ کين) چيو ويندو ته دوزخ جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه پيا رهو. غرض وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آهي. |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ جيڪي (دنيا ۾) پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا تن کي جنت ڏي (وڏي عزت) سان ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ته ان جا نگهبان کين چوندا سلام عليڪم (اوهان تي سلام هجي) اوهين چڱا رهيا! ۽ ان ۾ هميشه (هميشه) رهڻ لاءِ داخل ٿيو. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ اهي (مومن) چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (بهشت جي) زمين جو وارث ڪيائين. بهشت ۾ جتي چاهيون ٿا اتي رهون ٿا ته نيڪ ٿي هلڻ وارن جو عوض ڪهڙو نه سٺو آهي. |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ (اي رسول! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ ئي آهن جو جهانن جو پروردگار آهي. |