تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
آهي اُن الله کان، نازِل هِي ڪِتاب، جو بِلڪُل هَر ڪِنهن باب، سَٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
توڏي اَسان اُتاريو، ڪامِل! حَق قُرآن، پوءِ پُوڄ پَروَر پاڪ کي، ڏِيندڙ اُنهِئَ کي ڏان، |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
ڏانَ رُڳو حَق رَبَّ جو، جِنهن ۾، ڪوڏيِ ٻي جِي ڪانه، ۽ جَن اَجَھا، اَوليا اُن ري، جوڙيا مَنجھ جھان، آکيون ته اَسِين نه پُوڄِيون، اُهي آستان، مگر ته اَسان کي مانَ!، اوڏو ڪَن اَللهُ ڏي. اُنهن وِچ اَلله پاڻهِين ڪَندو فيصلو، جِنهن وَسيلي تان پِيا وڙهن، هِڪ ٻِئي سان هَمراه، رَبُّ نه سُهائي راھ، ڪُوڙي ڪِنهن ڪُفار کي. |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
پُٽ بَنائڻ پَنهنجو، جي گُھريو هُوند غفّار، ته تنهن مان ڌُڻي ڌوج کي، جيڪِي جوڙي ٿو جَبَّار، اولاد جي عيب کان، پاڪ پالڻهار، اُهو واحِدُ الْقَهَّارُ، اَلله جَلَّ جَلالہٗ |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
اَللهُ اُڀ ڀُون جوڙيا، قائـِم بَرقرار، رات ۽ ڏِينهن ۾، رات ۾ ڏِينهن ڳنڊي ڏاتار، سائـِين سِج چَنڊ کي تابعِ ڪيو تڪرار، ڪِنهن مُقرّر مُدّت سِين چَلن سي چوڌار، ڏاڍو سو ڏاتار، سو مَرهڻ وارو مِهرسان. |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
هِڪ جِئَ مان، آن کي جوڙڻئـِين، سندسِ نال، ۽ اَٺ جوڙا وَرِي اوهان لئي، مالِڪ لاٿو مال، مَنجھ اورن اَنهنجي مائرِين، قدرت ساڻ ڪَمال، جوڙڻ، جوڙڻ پُٺيان، ٿو جوڙي جَلَّ جَلال، اَندر ٽِن اُونداهيين، جِنهنجي ڳُجِھي ناھي ڳالھ، اُهو اَلله، ڌَڻِي اَوهان جو، مُلڪ مِڙِئي جِنهن نال، تِنهن سوا سائـِينءَ ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ سُوال، ڪيڏانهن پوءِ ڪُلال! ڦيريا وَڃو فِريب سان |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
ڳُڻ نه ڳائيندا جڪڏهن، ته آهي اِها ڳالھ، پوءِ اَلله پاڪ، اَوهان کان، بي پرواھ آهي بَحال، ۽ بي شُڪرِي سَندسِ بَندن لئي چڱِئ نه سَمجھي چال، ۽ جي ڀائـِينداڀال، ته ڀَلو اوهان لئي ڀاڻءِ سو. ۽ کَڻندڙ کڻندو ڪو نه ڪو، ٻئي جو ٻوجهو بار، پوءِ موٽَڻ اَوهان مِڙن جو، پنهنجي پَروَر پار، پوءِ کولي ڏِيندا خبرون، ڪريو جي ڪم ڪار، هرگز سو هوشيار، اَندر جي اَسرار کان. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ مَس اَڃا ماڻهؤَ کي، جڏهين رَسيو ضَرر ضَرُور، ته دانهِين سَندسِ ڌَڻِئ کي، موٽندڙ ڏانهسِ مُور، وَرِي نوازيو نِعمت سان، جڏهن پاڻا پاڪ حُضور، ته جنهن کي ڪارُون اڳ ڪَئـِين وِساريو وَهلور ۽ هَئـِي وارِيندڙ حَق جِي، مُقرّر ڪَيا مَنظور، تان سَندسِ سَنئـِينءَ واٽ کان، ڦيري ساڻ فُتور، چَئو، ڪي ڏِينهن پَنهنجي ڪُفر جو، مَزو وَٽِ مَغرور! تون بيشڪ بي شُعور، آهِين ڀاتِيَن مَنجھان باھِ جي. |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
ڀلا ، سو بَدڪار، اُن جھڙو وَرِي آھِ ڇا؟ جو گھاري گَھڙيون رات جون ، تَهِدل تابِعدار، ۽ نَمندڙنيڪ نماز ۾، پيرن ڀر پينار، ڏکن ڀَر ٻئي ڏيہ جي، وِجھلي ويرو تار، ۽ رکي آس اَپار، رَبَّ ۽ سَندسِ جي رَحم ۾. چَئو، مَٽ نه ٿِيَن مُورهِين، جي سائـِين سُڃاڻن، پڻ سَنديون قادِر قُدرتون، ڄَٽ نَه جي ڄاڻن، سوا سُڄاڻن، ٻِئا نَمن نَه نَصِحيت کي. |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
ٻول ته، ٻانهان مُنهنجا، جي آهِن وِسهيا وِير، ته رکو پَنهنجي ربَّ جو، سونڪومَنجھ سَرِير، جَنِين هِن جَھان ۾، عمل ڪيا اَڪسِير، چَڱِي تَن چڱن لئي ۽ جَنت جا جائگِير، آهي مُلڪ اَلله جو، ڪُشادو ڪَثِير، صَبر جَن جو سِير، ڏِبا اَکٽ اَجر اُنهن کي. |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
چئو، مِليو مُون کي مُورهِين، فائـِق جو فَرمان، ته پُوڄان هِڪڙو پاڪ ڌَڻِي، ڏيِندڙ اُنهِئَ ڏان، |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
پڻ حُڪم مِلينمِ هَر آن، ته مُنڍ مَڃِيندڙن مان هُجان. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
چئو، آئون ٿو ڊِڄان عذاب کان، وَڏِي اُهکِي وار، جي پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، حُڪم ڀَڳمِ هيڪار، |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چَئو، ڏيئـِي ٻَن ٻِين کي، ٿو پُوڄان پالڻهار، ڏِيندڙ ڏان پَنهنجا، اُن کي نِج نِبار، |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
پوءِ وَڻي سي پُوڄيو، دَرگاھون تِنهن ڌار، چَئو، ڏاڍي ڏِينهن قِيام جي، کُٽا سي خُوار، جَن جو کي وِڌا جِئ پَنهنجا، پڻ پَنهنجا ٻَچا ٻار، هوش رَکِج هوشيار! ظاهِر آهي زِيان اِي. |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
اُنهن لئي ڄِڀيون اُنهن مَٿان، هيٺان بِه ڄِڀيون باھ، ڀَئو پَنهنجي بَندن کي، ٿو اُن جو ڏِئـِي اَلله، پوءِ ڊِڄو هميشاھ، مُنهنجا ٻانهان! مون ڪنان. |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جَن گوشو ڪيو، گُمراھ کان، ته ڏِيـنِ اُنهِي کي ڏان، ۽ موٽيا ڏُونهن مَنان، تَن لئي مُبارڪون مَهند جون. |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن کي، کِيرون ڏي تون خان!، جي هَرڪِنهن ڌَرم، دِين جا، سُڻنِ باب بيان، پوءِ سَڀنيان سُهڻِئَ ڳالھ تي، هَلنِ هَر زمان، ۽ سُهاينِ سُبحان، ۽ اُهي اَڪابِر عقل ۾. |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
ڇا، اڳيون حُڪم عَذاب جو، پوءِ ثابِت ٿِيو جنهن سِر، تون ڪَڍندِين پوءِ ڪِنهن پر؟ هُو جو داخل دوزخ وِچ ۾؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پَر ڪَنبن ڀَرِ قَهَار، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، ماڙِيون اَڏِيل ماڙِين مَٿان، آهِن اُنهن هارِ، هَلن هيٺان جَن جي، واهيون ويرو تار، اِي قادِر جا قَرار، واحِد نه ڦيري واعدا. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
نه ڏِٺئـِي؟ ته ڏاتار، آب اُتاريو اُڀ ڪنان، پوءِ بارِي واهِيَسِ ڀُون مُنجھان پَلر پِيَن پار، وَرِي پوک اُپاڙئـِين اُن اسان، جنهن جا وَرَن وَرن ڌار، وَرِي وَٽجڻ سي لڳيون گونماٽيا گُلزار، پوءِ پَسِينسِ پيلي رنگ تي، ڪَڪَا وِيَّ وَلهار، پوءِ بِنَہ بنائـِين اُن کي، ڀور ڀُڪا بيڪار، اِنهِئَ ۾ اِظهار، سَبقَ سَٻوجھن واسطي. |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
جِنهن جو اَندر اِسلام لئي، کوليو خَلقڻهار، پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، سو نِرمل نيڪو ڪار، آھِ نِسوري نور مَٿي؛ پوءِ حيف تنين هارِ! ڪارا قلب جَن جا، سارڻ کان سَتار، اُهي آهِن گرِفتار، مُنهن ٻولِي مُنجھ ۾! |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
اَلله ليک اُتاريو، سَڀ کان سُهڻِي ڳالھ، ڳالهيون ڳهالين جِھڙيون، ٻِيهر ٻول چال، کَلون اُڌوئـِجن اُن سان، تن ڀَلن جون بحال، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جو، رکن خوف، خيال، سَندنِ چِت ۽ چَمڙيون، موٽِي ميڻ مِثال، نَرم ٿِيَنِ تِنهن نال، سارڻ لئي سُبحان جي. ڏَس سِڌو ڏاتار جو، آهي اِهو ئـِي، جنهن کي گُھري، جنهن سان، سَئين سُهائي سوئي، ۽ تنهن لئي نه سُونهون ڪوئـِي، جنهن کي وِرسائـِين واٽ کان. |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ڀَلا سو بَدنام، ڄيري ۽ ڄِڀيِِءِ کان، مُنهن آڏو مَچ کي، ڏِيندو ڏِينهن قِيام، ۽ چِٽو چَئبو تن کي، آهن جي اَظلام، جي ڪَيَوَ ڪم ناڪام، تَن مُوجب مَزا ماڻيو. |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
اُنهن کان اَ ڳــيَن، ڪَئـِين ڪيا ڪُوڙ فُتور، پوءِ آيُنِ عذاب اُتهِين، جِتان نه پِيَن پَرُوڙ، |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ خُدا خوارئَ خُوب جو، مَزو چکايَنِ مُور، هِن حياتِئَ جي اَندر، جا پَل، پَهر جو پُور، اَڃا عذاب آخِرت زبر آھِ ضرور، ويهِي سي وَهلور، جيڪر جاچِينِ ڳالهيون! |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ ڪياسون هِن قرآن ۾، بِيشڪ خُوب بيان، ماڻهن لئي مِثال ڪَئـِين، ته مَت وَٺِن ڪامانَ! |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
آھِ قرآن ڪَرِيم سو، عَربي ۾ آسان، فَرق نه مُنجھ فُرقان، مانَ بَچن سي باھِ کان! |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
اَلله اَوهان جي پيش ڪيو، هِڪ ماڻهؤَ جو مِثال، گھڻا گَڏيل جنهن ۾، خان به خُود خيال، هِڪڙو ٻانهون هِڪ جو، چَڱِي جنهن جِي چال، ڇا، اهي ٻنهين ٻانهن جو، هِڪ جھڙو حال؟ آهِنِ هِڪ اَلله جا، سَڀ ڀَلايون ڀَال بَلڪ برابر ڳالھ، اَنيڪ نه ڄاڻِن اُنهن مان! |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
مُرسل! تون پڻ مَرڻو، ۽ اُهي به مَرڻا مُور، |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
موٽِي مَحشر ماڳ ۾، وِڙهندا اَوهين ضرور، هِڪ ٻئي سان، مَنجھ حضور، پنهنجي پاڪ ڌڻئَ جي. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ڪير وَڏو اُن ڪنان، ظالمِ مَنجھ ظُهور؟ جنهن اُٽلندو اَلله تي، ٻڌا ڪُوڙ فتوڙ، ۽ ڪُوڙ ڪوٺئـِين سَچ کي، جڏهن مِليَسِ سو مَذڪُور، جَھنّم مَنجھ ضرور، ڇا، ماڳ نه آهي مُنڪِريِن؟ |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جنهن سَچي آندو سَچ کي، ۽ سَچ ڪوٺيَسِ جِنهن سَچار، آهِن پوتِي پاڪ سي؛ |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
آهِن اُنهن هارِ، ڌڻِي سَندنِ وَٽ دائـِما، طَلِبِينِ سو تيار، جي نِرمل نيڪو ڪار، اِهو اُجورو اُنهن لئي. |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
تان جي ڪوجھا ڪَم ڪيون، سي مولاڪَرِينِ معاف ۽ جي ڪيؤن سُهڻا صاف، اُن جو اَجر ڏئـِي اُنهن کي. |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
ڇا، سائـِين سَندسِ ٻانهن لئي، بَس ناھِ نگهبان؟ ۽ خوف ڏِينئـِي خان!، ڌاران تِنهن ، ڌارِيَن جو. ۽ مولا جنهن مُنجھائي، تنهن لئي سُونهون نه سَر ۾، |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن کي جَلَّ جَلالہٗ، سَئـِين سَمجھائي، اُن کي مُنجھائـِيندڙ مُورهِين، ڪونهي ڪِنهن جاءِ، وير وَٺي، وَرجھائي، ڏاڍو سَڀ کان ڏيہ ڌَڻِي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
اُڀ، ڀُون ڪِنهن اُپائيا؟ جي پُڇنِدينِ پيغمبر!، چوندا بَرابَر، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو ڀَلا ڪِيئن ٿا ڀانيو؟ ته جَن کي دانهيون ڌڻيان ڌار، ته مون کي ڏُک ڏِين ڪو، جي گُھري هُوند غفار، ته لاهِيندمِ لاچار سي وِچان ٿي وَهار، يا مون مَٿي مِهر ڪا، ڪرڻ گُھري ڪلتار، ته آڏا ٿِيندا، اُن جي ٻاجھن کي ٻيهار، چَئو، اَلله بَس، مُون لئي، اُهِکئَ ۾ آڌار، اُن کي سَڀ ڪم ڪار، سونپڻ گُھرجن سوپِيندڙِين. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
چئو، پَنهنجي حال حيات تي، اي قوم! ڪريو ڪَم ڪار، آئون به آهيان ڪم ۾، اوسِين اِنتظار، پوِ سِگھوئـِي سَمجھندا، |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
اَوهِين آخِرڪار، ته ڪِنهن تي اَچي عَذاب سو، جو ڪريسِ خوب خوار، ۽ نازِل ٿئيسِ نبارا، عُمر ڀَر آزار ڪو. |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
اَسان اُتاريو تو مَٿي، ڪامِل! هِي ڪِتاب، سبب سُونهپ ماڻهئـِين، صَحِي بَرصواب، پوءِ جو هَليو حَق مَٿي، ته سَندسِ لاءِ ثواب، ۽ جيڪو گُٿو گَس ڪَنان، ته اُتِس ئـِي عَذاب، نه آهِين تون نواب!، آگٽ وارو اُنهن مَٿي. |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
پُوريون ڪري پاڻ ڌَڻِي، جانيون ڪُل جھان، سَندنِ مَرڻ مَهل تي، مَٿي مُهلت ڪانه، ۽ جو نه مُئو سَندين نِنڊ ۾، تِنهنجو هِي بيان، ته جنهن پَساھ جي، پُڄڻ جو، فائـِق ڪِيو فَرمان، جَھلي اُنِهئ جان کي، ٿو ڇَڏي ٻِي جان، مُقرّر مُدت سِين جنهن سان ماڻهو هِت مِهمان، آهِن اهڙئَ قوم لئي، اُن ۾ عام نِشان، جي دِل سان ڏِين ڌِيان، قادِر جي ڪمن تي. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
بَلڪ پاڻ بنايؤن درگاهون ڌَڻِي ڌار، وچ ۾ وَسِيلو ڪَري؛ ٻَهگڻ! ٻول ٻيهار ڇا، توڻِي نه رکن توڙ کان، طاقت ڪا تَڪرار؟ نه کين خَبرچار هِنن جي پُوڄا پاٽ جِي. |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
چَئو سُفارش سڀ سائـِينءَ جي، آهي اِختيار، اُڀ ڀُون مُلڪ اُن جو، قائـِم بَرقرار، اُن ڏي آخِرڪار، اَوهين مِڙئـِي موٽائـِبا. |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن هِڪ اَلله جِي، ڪَجي پاڪ پَچار، ته ڪَٽريا قلب اُنهن جا، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ۽ جڏهن وِيون ياد ڪيون، ٻِيون درگاهون، تِنهن ڌار، ته اِجھو ڪَر اُن وار اماڻِيون تَن مُبارڪون. |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
چَئو، چِيري اُڀ ڀُون کي، اي ڌڻيَمِ! ڪَندڙ ڌار، ڳجُھيون، پَڌريون ڄاڻندڙ، سانـيَمِ! رَبَّ، ستار، تون تُنهنجي ٻانَهين وچ ۾، قَضا ڪَرِين ڪَلتار! طَرف ٻَئـِي تڪرار، ڪَن جِنهن تان، جھيڙو پاڻ ۾. |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
۽ اُهي جَن اَنڌير ڪيا، جي هُوند هُجن تَن هارِ، مِڙِئي مال زَمِين جا، اولہ، اوڀر پار، اُٽل گَڏ اُنِهئَ سان، اِهڙا ٻِيا به اَنبار، ته صَدقو ڪيائون سِرتان، مِڙئـِي مَحشر وار، بُڇڙِي سَزا کان باھِ جي، ته به پاران پالڻهار، سو نيٺ ٿيو نِروار جو ڀورا ڀائـِيندائـِي نه هُئا. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
جي ڪوجھا ڪم ڪيؤن، سي اُنهن تي، ٿيا اِظهار، ۽ جيڪي کِلندا هُئاخوار، سونازِل ٿِيُنِ نَصِيب ۾. |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
مَس اَڃا ماڻهوءَ کي، جڏهن رسيو ضرر، زِيان، تڏهن لڳو ڪرڻ، اَسان کي، زاريون ساڻ زِبان، موٽِي مُشڪل اُن جو، جڏهن اَسان ڪيو آسان پَنهنجي پاران ٻاجھ سان، ڪَهيو تڏهن ڪُفران، ته ڏِنا وِيَمِ هِي ڏان، جڏهن هُئـِس آئون حق مٿي. اِهي ته آهِن نِعمتون، اُٽلو اِمتحان، اِن مان گھڻا اِنسان، پَر پروڙِين ڪِين ٿا. |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
اِن کان اڳــيَنِ ڪافِرِين، ڳالهائـِي اِئَ ڳالھ، پوءِ جيڪِي ڪيائون ڪَمڙا، تَن ڪِين ڇَڏايَنِ ڪالھ، |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
برسِر رَسيَنِ بَحال، اََگلايون عَملن جون. ۽ هاڻي پڻ هِنن مَنجھان، ڪيا جَن ڪَلُور، سِگھو اِيندنِ سامهان، ڪيؤَن جي قُصور، مُورک اِهي مُور،، ڏاڍا نه آهِن ڏيہ ۾. |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا، ڌاريؤن ڪِين ڌيان؟ ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، وَڻيسِ وَڌائي، تِنهنجو سَمر ۽ سامان، ۽ ڪِنهن جِي توڻ تنگ ڪري؛ اُن ۾ عام نِشان، آڻِين جي اِيمان، ڪارڻ اُنهِئَ قوم جي. |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
تَن ٻول، ته ٻانها مُنهنجا! نِرانِج نِبار، جَن سَندنِ جانِيَن تي، بي حد وِڌا بار، ته اُميد ربَّ جي رَحم مان، لاهيو ڪِيَم لغار، سو بي شڪ بخشي بَديون، هيڪانديون هزار، اُهو بيشڪ بَخشڻهار، سو سَٻاجھو سَڀِين پَريِن. |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
۽ ٿِيو رُجُوع پَنهنجي رَبّ ڏي، مَڃيو اُنِهئ مور، اِنهيان اڳ ته آن کي، ڪو سر تي اَچي سُور، اَچي نَه ڪو اَهڳور، وَرِي وَهارُو اَوهان جو. |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ تِنهن سَڀنيان سُهڻي ڳالھ جا، تابِع ٿيو تمام، اَوهان جي آگي ڪنان، آيان جي اَحڪام، اِنهيان اڳ ته، اوچتو آن تي عذاب عام، نازِل ٿئي ناڪام!، اَوهِين هوشيارئـِي نه هئو. |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
آکي هَر اِنسان، ته حيف مُنهنجي حال تي! پُورا پارِيَمِ ڪين ڪي، فائـِق جا فَرمان، ۽ نِپٽ هُئـِس نادان، مَسخرن مان مُورِهين. |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا چوي اِهڙِي چال، ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، جي سَئـِين سُهايَمِ ڳالھ، ته هُئـِس سَلامت ساٿ مان. |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا چوي اِهِڙي چال جڏهن ڏِسي اکئين عذاب کي، ته موٽڻ مُنهنجو هُوند ٿـئي ، ڀيرو هِڪ بَحال! ته ٿِيان نيڪ نِهال، موٽِي موچارن مان! |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
چي هائو، تو وٽ آئـِيا، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺئـِي اُن کي، ۽ لڳِين پَڏائـِن پاڻ، ۽ اَصل هُئـِين اَڄاڻ، ڪَٽن ڪافِرن مان. |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
۽ جَن ٻَڌا ڪُوڙ ڪَرِيم تي، جُڙتو فتوائون جام، ڪارا مُنهن اُنهن جا، ڏِسندِين ڏِينهن قِيام، ڇا، ناهي ماڳ مُدام، آڪِرن جو آگ ۾؟ |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ سِيل سَلامت جَن رکيو، ڀڳا ڪنان باھِ، مُوجب مُراد اُنهن جي، آجو ڪَندنِ اَلله، لڳي نه تَن کي لاھ، ۽ نه ڳڻِتي هُونديَنِ ڪنهن ڳالھ جِي. |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
ننڍي، وَڏي سَڀ ٽول کي، جوڙِيندڙ جبّار، ۽ هميشه هَر ٽول جو، سوئـِي سَنڀاليدار، |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
اُن هَٿ اُڀن ۽ ڀُون جون، ڪُنجون برقرار، ۽ اُهي، جَن ڪيو اَلله جي، آيتنِيان اِنڪار، وَڃڻا،سي وَڻجھار، نِسوري نُقصان ۾. |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
چئو، ته اي اَڄاڻ! ڇا مون کي اَوهِين ٿا آڇيو، ته پُوڄيان آئون پاڻ ڌاريان پاڪ ڌڻئَ ري؟ |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
۽ تو ۽ توکان اڳيَن ڏي، آيو اِي اِلهام، جي گڏيو، تو غير کي، آگي، ساڻ عَلام، ته ڪانٽي مان، ڪيرائبا، تُنهنجا ڪَم تمام، ۽ ڪامل! مَنجھ قِيام، هُوندين اَڻـهـُوندن مان. |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
پوءِ اُٽلو پُوڄ اَلله کي، ۽ ٿِي ڳُڻ موکن مان مُور، |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
۽ هرگز شان حُضور، نه ڄاتئون، ڄاڻڻ جِيئن کپي. ۽ ڀُون مِڙئـِي مُٺ اُن جي، ٿَر بَر، ٿاڻا ٿاڪ،۽ سَندسِ سَڄي هَٿ ۾، ويڙهيل اُڀ اَفلاڪ، ڪاغذ جِيئن، قيام ڏينهن؛ آهي پَڪ سو پاڪ، ۽ جي ڀيڙا ڪن بي باڪ، اَلله اُتم ٿيو، اُنهن ڪنان. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ ڦوڪيو وِيندو ڏنڊ ۾، پوءِ مَرن مِڙوئـِي مُور، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، ڀَتو ڀَتين ڀَر پُور، مگر بَچن موت کان، جي گُھري رَبُّ غفور، موٽِي مَنجھسِ ڦوڪيو ويو، حُڪم ساڻ حُضور، ته اِجھو اَهل قُبور، اُڀا ڦِيرِينِ اکيون. |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ چمڪي ڀُون چوڌار، سَندسِ ڌڻئَ جي نُور سان، ۽ آڻي اڳيان رکيا وِيا، عَملن جا اَنبار، ۽ نَبِي ۽ شاهِد سامهان، اَچِي بِيٺابرقرار، ۽ ڪيو وِيو انصاف سان، اُنهن وِچ آچار، ۽ حق نه مورهِين مارِبو، ڪو تَنِين جو تڪرار، |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ جُڙيا هر ڪِنهن جِئ کي، جي ڪيائين پورهيا پار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، واحِد واقِف اُن ڪنان. |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ جي ڦِريا کون فرمان، اُهي ڪامَن سان ڪاهِبا، ٽولِيَن پُٺيان ٽوليون، هاوِئَ ڏي حيران، تان آيَسِ، تڏهن اُن جا، کُلِيَل دَر دالان، ۽ پُڇن پار اُنهن کان، دوزخ جا دَربان، ڇا، آيان نه اَوهان مَنجھان، ڪي مُرسل مِهربان؟ جي آن تي، اَنهنجي ربَّ جا پَڙهن باب بيان، ۽ هِن ڏِينهن جي ڏَهڪار جو، ڪن اوهان کي اعلان، تڏهن اُنهن اِقرار ڪيو، ظاهر ساڻ زبان، پر ثابِت سخت عذاب جو، ٿيو قَلم مٿي ڪُفران، |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
چي، دوزخ جي دَرن مان، داخِل ٿيو ديوان! درد کِيندڙ دائـِما، مَنجِھين اِن مَڪان، پوءِ بُڇڙو بي گمان، مَغرورن جو ماڳ ٿيو! |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ رکيو پَنهنجي ربَّ جو، جَن سونڪو مَنجھ سَرِير، جماعتون جنت ڏي، ويا موڪليا سي مِير، اُپٽيا دَر اُن جا، جڏهن ويجھا آيسِ وِير، ۽ تڏهن اُتارِيَن اُن جي کِلِي ڏِنيَن کِير، آن تي سَداسلامتِي، خُوش خُوش رهو خبِير! پوءِ مَنجھ اِن مُلڪ مَلِير، داخل ٿيو دائـِما. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ اُتو تَن، ته اَلله جا، هردم حمد هزار، جنهن پاڪ، اسان سان پارِيا پَنهنجا قول قرار، ۽ ڀُون اسان کي بَخشئـِين، سَدا باغ بهار، جِتي گُھرون جَنت مان، ته گُھمون وِئَ وَلهار، پوءِ سُهڻو ٿيو سَهوار، اَجر عامِلن جو. |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
مَلڪ موچارا عرش کي، چونڪِي ڏِسِين چوڌار، ته ٻِئا پَنهنجي ربَّ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ صَفا سَچ تي ڪيو ويو، اُنهن وِچ آچار، ۽ چَو ٻولو چوڌار ٿيو، ته آهِن اَلله هارِ، هر دم حمد هزار، جو پالڻهار پر ٿڻيِن. |