تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو هر ڪا قدرت رکي ٿو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
(اي پيغمبر!) يقيناً اسان توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي (۽ منجهس سچيون حقيقتون آهن ۽ سندس حڪم مفيد آهن) سو پوري پوري سچائيءَ سان ۽ پوري پوري شوق سان سندس ٻانهپ ڪندو رهه. |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
ياد رکو ته، خاص ٻانهپ ۽ فرمانبرداري فقط الله جي ڪرڻ گهرجي. پر جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجا اولياءَ يا محافظ ٿا سمجهن (سي دليل طور چوندا آهن ته) اسان فقط هن ڪري سندن بندگي ٿا ڪيون ته اهي اسان کي الله تعاليٰ جي ويجهي آڻيندا (پر اهو دليل بلڪل غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جي طاقت بي انت آهي هو سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌي سگهي ٿو) يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سندن اختلافن بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو. يقيناً الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڪونه ڏيکاريندو جيڪي ڪوڙا ۽ ناشڪر گذار آهن. |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها تنهن کي چونڊي پنهنجو پٽ ڪري ها. پر هو ته پاڪ آهي (اهڙين ڳالهين مان) هو الله آهي، يگانو آهي ۽ غالب آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
هن زمين ۽ آسمانن کي موزون ۽ مناسب انداز ۾ ٺاهيو آهي ( ۽ مقصدن لاءِ ٺاهيو آهي، نه اجايو) هو رات کي ڏينهن تي ۽ ڏينهن کي رات تي لپيٽي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي قانون جي) تابع ڪري ڇڏيو آهي جو هرهڪ (ان قانون موجب) هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو (۽ هلندو رهندو) ياد رکو ته، هو وڏي طاقت وارو آهي ۽ وڏو بخشڻهار آهي. |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
الله تعاليٰ اوهان کي هڪ نفس مان پيدا ڪيو آهي (سعدي جي قول موجب سڀ انسان هڪ ئي جوهر مان پيدا ٿيل آهن) ۽ عورت کي به (مرد جي سنگت لاءِ) ساڳئي ئي جوهر مان پيدا ڪيو اٿس. ۽ اوهان جي لاءِ اٺن قسمن جا ڍڳا ڍور (نر ۽ مادا) جوڙن ۾ بنايا اٿس. هو اوهانکي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ بنائي ٿو ۽ (اتي) هڪ ٻئي پٺيان اونداهن ٽن پردن جي اندر ٿو ٺاهي. اهڙو (قدرت وارو) آهي الله اوهان جو پروردگار. سڀ بادشاهي سندس آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود يا بادشاه ڪونهي. پوءِ توهان ڪيئن (حق کان) ڦري هٽي ويا آهيو. |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
(ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ جڏهن جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿي کيس پڪاري ٿو (يعني گناهه ڇڏي الله جي حڪمن تي هلي ٿو) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ پاڻ وٽان کيس نعمت (۽ آسودگي) ڏئي ٿو تڏهن جنهن ڳالهه لاءِ اڳي پڪاريو هئائين سا ڳالهه وساري ڇڏي ٿو. (اي پيغمبر! تون اهڙي ماڻهوءَ کي) چؤ ته ٿورو وقت پنهنجي ڪفر جو فائدو ڀلي وٺ. (جلد ئي عذابن ۾ پوندين) يقيناً تون دوزخي ماڻهن منجهان آهين. |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
(ٻڌايو ته) جيڪو رات جي وقت سجدي ۽ قيام ۾ رهي شوق سان نماز پڙهي ٿو ۽ آخرت جو خيال ۽ انديشو ٿو رکي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جي اميد ٿو رکي (سو بهتر آهي يا اهو جيڪو انهن ڳالهين کان پري آهي) تون ماڻهن کان پڇ ته جيڪي ماڻهو حقيقتون ڄاڻن ٿا سي انهن جي برابر آهن ڇا جيڪي جاهل آهن. يقين ڄاڻو ته فقط اهي ئي نصيحت وٺن ٿا جيڪي سمجهه وارا آهن. |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
(اي پيغمبر!) چؤ ته، اي (خدا جا) مؤمن بندؤ پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو نيڪ عمل ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏي چڱائي ۽ اجر آهي. ۽ (ياد رکو ته) الله جي زمين ڪشادي آهي، (پنهنجي وطن ۾ چڱايون ڪري نٿا سگهو ته ٻئي پاسي هليا وڃو) جيڪي ماڻهو (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقيناً بي انداز اجر ۽ انعام ملندو. |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته، يقيناً مون کي حڪم ڏنو ويو آهي، ته مان وڏي شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ڪيان (۽ سندس حڪمن تي هلان.) |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان اول نمبر فرمانبردار ٿيان. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
(۽ پڻ) چئو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي. |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چئو ته، مان شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ٿو ڪيان (۽ سندس سڀني حڪمن جي تعميل ٿو ڪيان.) |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
پوءِ (اي منڪرؤ) الله کي ڇڏي جنهن جي وڻيوَ تنهن جي ٻانهپ ڪيو (نقصان توهان جو ئي ٿيندو) يقيناً وڏي نقصان هيٺ اهي ايندا جيڪي قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي خساري ۾ وجهندا. ٻڌي ڇڏيو ته، اهوئي ظاهر ظهور وڏي ۾ وڏو خسارو آهي. |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
انهن جي لاءِ سندن مٿان به باهه جا تهه هوندا ۽ هيٺان به اهڙا تهه هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ (عذاب) کان خوف ڏياري خبردار ڪري ٿو (ته متان گناهه ڪيو ۽ باهه ۾ سڙو) پوءِ اي منهنجا بندؤ منهنجي (نافرمانيءَ جي عيوض ۾ جيڪو مان عذاب ٿو ڏيان تنهن) کان ڊڄو (۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو). |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو برائين کان (يعني شيطان کان) پري رهن ٿا ۽ سندس چوڻ تي نٿا لڳن ۽ الله ڏي رجوع ڪن ٿا (۽ الله جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا) تن جي لاءِ (نعمتن ۽ انعامن جي) خوشخبري آهي. سو منهنجي (فرمانبردار) ٻانهن کي (اهڙي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
جيڪي ماڻهو (الله جو) ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان جي سهڻين ڳالهين ۽ حڪمن جي تعميل ڪن ٿا سي ئي آهن جن کي الله تعاليٰ سڌيءَ واٽ تي لڳايو آهي ۽ اهي ئي آهن جي هوش ۽ سمجهه وارا آهن. |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
پوءِ جنهن تي عذاب جو حڪم حق ۽ انصاف موجب صادر ٿئي (سو انهيءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو ڇا جو گناهن کان پري رهيو. هرگز نه!) پوءِ (اي پيغمبر!) تون انهيءَ کي ڇڏائيندين ڇا جو باهه ۾ پئجي چڪو آهي؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي نافرمانيءَ کان بچن ٿا تن جي لاءِ ماڙين مٿان ماڙيون بنايل آهن، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهو الله جو واعدو آهي. الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
(اي پيغمبر!) تون نٿو ڏسين (بيشڪ ڏسين ٿو) ته الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي (يعني مينهن) نازل ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي زمين تي چشمن ۾ وهائي ٿو. پوءِ ان جي وسيلي مختلف رنگن جون پوکون ۽ اوڀڙ پيدا ڪري ٿو. پوءِ وري اُهي ڪومائجڻ لڳن ٿا ۽ توهان کي هيڊا پيلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوءِ آخر الله تعاليٰ انهن کي سڪائي ڪک ڪري ٿو ڇڏي. بيشڪ انهيءَ ۾ هوش وارن ماڻهن لاءِ وڏي نصيحت آهي. |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
اُهو ماڻهو جنهن جي دل الله تعاليٰ اسلام لاءِ (يعني الله تعاليٰ جي پوري پوري فرمانبرداري ڪرڻ لاءِ) کولي ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ جو انهيءَ ڪري پنهنجي پروردگار جي (ڏنل) روشنيءَ ۾ (نيڪ عمليءَ جي راهه تي) هلندو رهي ٿو (سو انهيءَ وانگر آهي ڇا جنهن جي دل سخت آهي ۽ ٻوٽيل بند ڪيل آهي؟) پوءِ جن ماڻهن جون دليون الله تعاليٰ جي ذڪر کان (يعني الله تعاليٰ جي ڏنل حڪمن کان غفلت ڪرڻ سببان) سخت ٿي ويون آهن تن جي لاءِ ويل آهي (هو ضرور مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندا) اهي ئي آهن جيڪي کلي کلي گمراهيءَ ۾ آهن. |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله تعاليٰ ڪتاب طور (يعني قرآن مجيد ۾) بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي. جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ٺهڪي ڦهڪي اچن ٿيون ۽ بار بار (ٻين ٻين الفاظن ۽ مثالن سان) سمجهايون ويون آهن. ان (قرآن جي ٻڌڻ) وقت انهن ماڻهن جي لونءَ ئي ڪانڊارجي وڃي ٿي جيڪي پنهنجي پروردگار (جي ناراضپي کان ڊڄندڙ آهن. پوءِ انهن جون چمڙيون ۽ دليون الله تعاليٰ جي نصيحت ۽ پيغام (قبول ڪرڻ لاءِ) نرم ۽ مائل ٿي وڃن ٿيون. اها آهي الله جي هدايت جنهن سان جنهن کي وڻيس تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي ضد ۽ انڪار سبب) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
پوءِ اهو ماڻهو جيڪو قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن تي سخت عذاب جهليندو (سو جنتي ماڻهن جهڙو آهي ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته بدعمل ڪرڻ سان توهان جيڪي ڪمايو تنهن جو نتيجو هاڻي چکو. |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
(ياد رکو ۽ عبرت وٺو) هنن ماڻهن کان اڳي به گهڻن ئي ماڻهن (خدا جي حڪمن کي) ڪوڙو ٺهرايو. نتيجو ڪهڙو نڪتو جو اهڙي هنڌان ۽ اهڙيءَ طرح مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين پتو ئي ڪونه پيو. |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ الله تعاليٰ هنن کي دنيا ۾ ئي خوار خراب ٿيڻ جو مزو چکايو. ۽ يقيناً آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو گهڻو وڏو ۽ سخت آهي. کين اها خبر هجي (ته ڪهڙو نه هنن لاءِ چڱو ٿئي). |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن جي لاءِ هن قسم جا مثال ڏنا آهن ته من هو سمجهن ۽ نصيحت وٺن. |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
اهو قرآن عربي زبان ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڪانهي، (يعني سنئون سڌو ۽ صاف بيان ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته من هو پرهيزگاري اختيار ڪن. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
الله تعاليٰ هڪڙو مثال ٿو بيان ڪري. هڪڙو ماڻهو (غلام) آهي جنهن ۾ گهڻا ئي ڀائيوار آهن جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندڙ آهن ۽ ٻيو هڪڙو غلام آهي جو فقط هڪڙي ماڻهوءَ جو تابعدار آهي. ٻنهي جي حالت برابر آهي ڇا؟ (هرگز نه) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي پر افسوس جو انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن. |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر!) يقيناً تون هن دنيا مان نيٺ لاڏاڻو ڪندين ۽ يقيناً هي ماڻهو به موت جو مزو چکندا (وڏي زندگي اڳتي آهي جنهن ۾ تون نعمتون ماڻيندين ۽ نافرمان ماڻهو عذاب لوڙيندا). |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ اوهان سڀ (منڪر ماڻهو) قيامت جي ڏينهن پنهنجي پرودگار وٽ پنهنجا جهڳڙا پيش ڪندؤ. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
سو انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو خدا تي ڪوڙ ٺاهي ٿو؟ ۽ جڏهن کيس حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ٺڪرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا جهنم ۾ اهڙن ڪافرن لاءِ جاءِ ئي ڪانهي؟ (جيڪي خدا تي ڪوڙ ٿا هڻن. بيشڪ آهي. پر هو اڃا به وڌيڪ سزا جا لائق آهن.) |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪي ماڻهو حق جي تبليغ ڪن ٿا پنهنجي عملن سان (اهڙا عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن ٿا) ان جي وسيلي ان جي سچائي ثابت ٿا ڪن سي ئي متقي آهن. |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندس پروردگار وٽان ملندو. اهو آهي بدلو ۽ انعام انهن جي لاءِ جيڪي نيڪيون ڪندڙ آهن. |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
بلڪ (الله تعاليٰ ڇا ڪندو جو) انهن جيڪي بدعمل ڪيا هوندا تن جو اثر ٽاري ڇڏيندو ۽ جيڪي عمل ڪيا هوندائون تن مان بهترين عملن جو اجورو ۽ انعام کين ڏيندو. |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
ڇا الله تعاليٰ پهنجي ٻانهي (جي مدد ڪرڻ) لاءِ ڪافي ناهي؟ ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توکي انهن کان ڊيڄارين ٿا جن کي هو الله تعاليٰ کان سواءِ معبود سمجهن ٿا (ته اهي معبود توکي نقصان رسائيندا. ڪهڙا نه ڀليل آهن!) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن کي الله تعاليٰ سڌي واٽ تي لڳائي ٿو تنهن کي ڪوبه گمراهه ڪري نٿو سگهي. ڇا الله تعاليٰ غالب ناهي ۽ بدلي ڏيڻ وارو ناهي؟ |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته خدا انهن کي خلقيو آهي. کين چئو ته پوءِ توهان انهن جي باري ۾ ڪو غور به ڪيو آهي، جن کي توهان الله تعاليٰ جي علاوه پڪاريندا آهيو؟ (اهو غور ڪيو اٿو ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي تڪليف ڏيڻ چاهي ته اهي (معبود) سندس ڏنل تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن هو مون تي ڪا رحمت ڪرڻ چاهي ته، اهي سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ (اي پيغمبر کين) چئو ته، منهنجي لاءِ الله تعاليٰ بلڪل ڪافي آهي، توڪل ڪرڻ وارا فقط الله تي توڪل ٿا ڪن (ڇو ته ٻيو ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي.) |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
(اي پيغمبر تون کين) چئو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان جيڪي ڪري سگهو سو ڪيو. مان يقيناً (پنهنجي فرض ادائين لاءِ) عمل ڪندو رهندس. پوءِ جلد توهان کي معلوم ٿيندو، ته |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ڪنهن تي ٿو خوار خراب ڪندڙ عذاب اچي ڪڙڪي، ۽ مٿس دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي. |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
(اي پيغمبر!) اسان ماڻهن جي (هدايت) لاءِ توتي هي ڪتاب حق سان (يعني سچائين سان ڀريل) موڪليو آهي، پوءِ جيڪو (ان ۾ ڏيکاريل) سڌي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ وٺندو (يعني ان ۾ سندس ئي چڱائي آهي) ۽ جيڪو (اها واٽ ڇڏي) غلط واٽ اختيار ڪندو سو يقيناً پنهنجي ئي نقصان ۾) گمراه ٿيندو (يعني گمراهه ٿي پنهنجو ئي نقصان ڪندو) ۽ (اي پيغمبر!) توتي اهو ذمو ڪونهي جو تون انهن جا ڪم سنوارين يا سندن سنڀال ڪرين. |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله تعاليٰ روحن کي (ماڻهن جي) موت وقت پنهنجي قبضي ۾ کڻي ٿو وٺي ۽ جيڪو نٿو مري تنهن جو روح سندس ننڊ جي حالت ۾ کڻي ٿو وٺي. پوءِ جنهن جي موت جو حڪم صادر ٿو ڪري تنهن جو روح روڪي ٿو رکي (يعني اهو روح انهيءَ جسم ڏي وري نٿو موٽي) پر ٻيا روح (جيڪي ننڊ جي حالت ۾ پنهنجي قبضي ۾ ٿو آڻي سندس جسمن ڏي) مقرر وقت تائين (يعني موت تائين) واپس موڪليندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن تن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون نشانيون رکيل آهن. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا هنن (منڪرن) الله کي ڇڏي ٻين کي شفاعت ڪندڙ ٺهرايو آهي؟ (جنهن جي ڪري سندن پوڄا ٿا ڪن ۽ اميد ٿا رکن ته هوسندن سفارش ڪندا ۽ مددگار ٿيندا) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، اگرچه هنن کي ڪجهه به طاقت يا اختيار ناهي، نڪي هنن کي ڪا سمجهه يا عقل آهي (تڏهن به هو توهان جي لاءِ سفارش ڪندا ڇا؟) |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
اي (پيغمبر! تون کين) ٻڌائي ڇڏ ته سفارش ڪليءَ طرح فقط الله تعالي جي اختيار ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي. آخر توهان ڏانهس ئي موٽايا ويندؤ. |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن فقط هڪ الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان رکندڙ ناهن تن جي دلين ۾ نفرت پيدا ٿي ٿئي ۽ جڏهن هن کي ڇڏي ٻين جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن ڏسو ته خوشيءَ ۾ ٽڙن ٿا پيا. |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر تون) چئو ته، اي الله سائين، آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا، لڪل ۽ ظاهر شين جا ڄاڻيندڙ، تون پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ انهيءَ ڳالهين جو فيصلو ڏي جن ۾ هو اختلاف ٿا رکن. |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
جن ماڻهن (هن دنيا ۾) ظلم جي واٽ اختيار ڪئي آهي، تن کي اگرچه دنيا جا سڀ خزانا هجن ۽ ان سان گڏ اهڙا ۽ ايترا ٻيا به خزانا هجن ۽ اهي سڀ خزانا قيامت جي ڏينهن دردناڪ عذاب کان بچڻ لاءِ فدي طور ڏين (ته به هنن کي ڪونه بچايو ويندو) ۽ الله وٽان هنن جي اڳيان اهڙيون حالتون ۽ عذاب پيش ايندا جنهن جو هنن کي ڪو وهم ۽ گمان به ڪونه هو. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
جيڪي هنن (ظالمن هن دنيا ۾) ڪيو ڪمايو هو سي بڇڙايون هنن جي اڳيان ظاهر ٿينديون ۽ جن (حقيقتن) بابت ٽوڪون ڪندا هئا سي ئي کين وڪوڙي وينديون. |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
(ڏسو ته) جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن هو اسان کي پڪارڻ ٿو لڳي، پر جڏهن اسان پاڻ وٽان هن کي نعمتون ٿا ڏيون تڏهن چوڻ لڳي ٿو ته، مون کي اهي نعمتون منهنجي علم (هنر ۽ ڪوشش) جي ڪري مليون آهن. حقيقت هي آهي ته اها (دولت ۽ آسودگي وغيره) آزمائش آهي پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن. |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
حقيقت هيءَ آهي ته کانئن اڳين (دولت مند) ماڻهن به ائين ئي چيو هو. پر پوءِ جيڪي هنن ڪيو ڪمايو سو کين ڪنهن به ڪم نه آيو. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
بلڪ جيڪي (بد) عمل ڪيائون تن جا بڇڙا نتيجا کين پيش آيا. (ساڳيءَ طرح) هنن ماڻهن مان جن ظلم جي واٽ ورتي آهي تن کي به سندن (بد) عملن جا بڇڙا نتيجا جلد ئي پيش ايندا ۽ هو هرگز الله کي عاجز ڪري نه سگهندا. (الله جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي). |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا هو نٿا ڏسن ته يقيناً الله ئي جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن تن لاءِ هن ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن. |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(اي پيغمبر! ماڻهن کي منهنجو پيغام) ٻڌاءِ ته اي منهنجا بندؤ جن (منهنجي واٽ ڇڏي بدعمل ڪري) پاڻ تي پاڻ زيادتي ۽ ظلم ڪيو آهي سي خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو، (جيڪڏن هاڻي به منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس). يقيناً الله تعاليٰ (ان حالت ۾) سڀ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. يقيناً هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
(پر شرط هي آهي ته) پنهنجي پروردگار (جي ڏيکاريل راه) ڏي موٽو (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪيو) ۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو ان کان اڳي جو توهان تي عذاب اچي وڃي. (عذاب جو وقت اچي ويندو ته) پوءِ توهان کي ڪابه مدد ملي نه سگهندي. |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن جي بهترين ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي پتو ئي نه پوي. |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
ائين نه ٿئي جو (هاڻي ته ڪو ماڻهو غافل رهي، پر عذاب اچڻ بعد ارمان ڪري ۽) چوي ته، افسوس منهنجي حال تي، مون الله تعاليٰ جي حڪمن متعلق غفلت ڪئي ۽ مان (انهن بابت) رڳو مسخريون ۽ ٺٺوليون ڪندو رهيس. |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا (هيئن نه ٿئي جو پوءِ) چوي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي هدايت ڪري ها ته مان يقيناً پرهيزگار ٿيان ها. |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا (هيئن نه ٿئي جو) عذاب ڏسڻ وقت چوي ته، هاءِ جيڪڏهن مون کي وري موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ مان نيڪ عمل ڪندڙ ٿيندس. |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(اهڙن ارمانن ڪرڻ مان پوءِ ڪجهه نه ورندو ان ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) نه نه، حقيقت هيءَ آهي تو ڏي منهنجون نشانيون آيون. تو انهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تو تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿي وئين. |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
۽ (اي پيغمبر) قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته جن ماڻهن الله تي ڪوڙ هنيا تن جا منهن ڪارا ٿي ويندا. ڇا! هٺ وڏائي ڪندڙن لاءِ جهنم ۾ جاءِ ڪانهي؟ (بيشڪ آهي پر اڃا به وڌيڪ بري جاءِ جا لائق آهن). |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي تن کي الله تعاليٰ (عذابن کان) بچائي سندس ڪاميابي ۽ سعادت واري جاءِ تي پهچائيندو. هنن کي ڪابه تڪليف نه پهچندي نڪي ڪو غم کائيندا. |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله تعاليٰ هر شيءِ جو خالق آهي، ۽ هر هڪ شيءِ جو نگهبان آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس قبضي ۾ آهن، ۽ جن ماڻهن الله تعاليٰ جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي خساري ۽ نقصان هيٺ ايندا. |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
(اي پيغمبر! تون مشرڪن کي) چئو ته، اي جاهلو! ڇا توهان مون کي اهو حڪم ٿا ڏيو ته مان خدا کي ڇڏي ٻين جي ٻانهپ ڪيان؟ |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
پر حقيقت هيءَ آهي ته، (اي پيغمبر!) توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن تون شرڪ ڪندين (يعني خدا جي حڪمن کي ڇڏي شيطان جي واٽ وٺندين) ته تنهنجا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ تون وڏي نقصان هيٺ اچي ويندين. |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
نه (ٻين جي واٽ نه وٺو) بلڪه فقط الله جي ٻانهپ ڪيو، ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪري سندس مفيد حڪمن جي تعميل ڪري ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو). |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
(افسوس) هنن ماڻهن الله تعاليٰ (جي علم، قدرت، رحم، نعمتن ۽ وحي) جو اهڙو قدر نه ڪيو آهي جهڙو ڪرڻ گهرجي. (سندس قدرت ۽ طاقت ايڏي ته آهي جو) قيامت جي ڏينهن سڄي زمين سندس مٺ ۾ پئجي ويندي ۽ سڀ آسمان سندس سڄي هٿ ۾ پئجي ويندا. وڏو شان آهي الله جو ۽ هو پاڪ ۽ بلند آهي انهن کان جن کي هنن خدا سان شريڪ سمجهيو آهي. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي ته پوءِ (ان جي آواز تي) جيڪو به آسمانن ۽ زمين تي آهي سو بيهوش ٿي ويندو. سواءِ انهيءَ جي جو جنهن کي الله تعاليٰ چاهيندو (ته بيهوش نه ٿئي) پوءِ ٻيهر توتاري وڄائي ويندي ته هڪدم سڀ ماڻهو کڙا ٿي بيهندا ۽ (هيڏي هوڏي نهاريندا). |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي ويندي ۽ (ماڻهن جي عملن جو) ڪتاب (کولي ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شهيدن کي (شاهدي ڏيڻ لاءِ) آندو ويندو ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي. |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ هر هڪ شخص کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو، ۽ (عمل لڪي به ڪونه سگهندا ڇو ته) جيڪي جيڪي ماڻهو ڪن ٿا سو سڀ هو ڀليءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ ڪافرن کي جهنم ڏانهن ٽولين ۾ وٺي ويندا، تانجو جڏهن اهي اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا محافظ (فرشتا کين) چوندا ته، ڇا توهان ڏي توهان منجهان رسول ڪونه آيا هئا؟ جيڪي توهان کي توهان جي پروردگار جون آيتون ۽ حڪم پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن جي پيش اچڻ متعلق به خبردار ڪندا هئا؟ (عجب آهي جو تنهن هوندي به توهان هيترا سارا جهنم ۾ پهچڻ لاءِ اچي نڪتا آهيو، ٻيا فرشتا جواب ۾) چوندا ته، هائو! (رسول ته برابر وٽن ويا هئا ۽ کين خبردار به ڪيائون ته به هو برا فعل ڪندا رهيا) سو عذاب جو حڪم ۽ واعدو ڪافرن بابت سچو ثابت ٿيو آهي. |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
(ڪافرن کي) چيو ويندو ته، (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ گهڙو. توهان ان (جهنم) ۾ هميشه لاءِ رهندؤ (۽ پچندؤ) پوءِ (ڏسو ته) تڪبر ڪرڻ وارن جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي. |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار کان ڊڄي نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي ٽولين ۾ جنت ڏانهن وٺي ويندا. تان جو جڏهن هو اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا (هڪدم) کلي پوندا ۽ ان جا محافظ فرشتا کين (کيڪاري مرحبا ڪري) چوندا ته اوهان تي سلام (۽ سلامتي) هجي، خوش رهو! هن جنت ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ اهي (جنتي) چوندا ته، سڀ ساراهه (۽ شڪر) آهي ان الله جي لاءِ جنهن اسان سان ڪيل پنهنجو واعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي هن زمين (يعني جنت) جو وارث بنايو. هن جنت ۾ اسان کي جتي وڻي تتي رهي ٿا سگهون. چڱا عمل ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه عمدو اجر ۽ انعام آهي! |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته فرشتا عرش جي چوڌاري حلقو ٻڌي موجود هوندا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهندا ۽ (ياد رکو ته قيامت جي ڏينهن) ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو (۽ نيڪن کي سعادت ۽ برن کي عذاب ملندو) ۽ (فرشتا ۽ نيڪ انسان نعري طور) پڪاري چوندا ته، الحمدلله رب العالمين! (يعني سڀ ساراهه انهيءَ الله جي آهي جو جهانن جي پرورش ڪندڙ آهي). |