تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
هيءُ ڪتاب، الله غالب، ڏاهپ واري وٽان لٿل آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان توڏانهن سچو ڪتاب موڪليو آهي_ ان ڪري تون سچائي سان فقط الله لاءِ پنهنجي عبادت ڪندو رهه. |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
ياد رک! عبادت فقط هڪ الله کي ئي ٿي جڳائي_ ۽ جن الله کان سواءِ ٻين کي دوست ڪري ورتو آهي، (سي چون ٿا ته) ” اسين انهن جي عبادت رڳو هن لاءِ ٿا ڪريون، ته هو اسان کي الله ڏانهن مرتبي ۾ ويجهو ڪن!“ بيشڪ جنهن ڳالهه بابت هو بحث ٿا ڪن، تنهن جو فيصلو الله سندن وچ ۾ ڪندو_ بيشڪ الله ڪوڙي بي شڪر کي سڌي رستي نه لڳائيندو آهي. |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏهن الله اولاد وٺڻ گهري ها، ته جيڪر سندس خلق مان جنهن کي وڻيس انکي وٺي ها- پر هو پاڪ آهي، اهو الله اڪيلو، زبردست آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
هن آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان خلقيو آهي- هو رات کي ڏينهن مٿان ٿو لپيٽي ۽ ڏينهن کي رات مٿان ٿو لپيٽي- ۽ سج ۽ چنڊ کي جڪڙي ڇڏيو اٿس، هرڪو هڪ ٺهرايل مدت تي ٿو هلي- ياد رکو! اهوئي غالب بخشڻهار آهي. |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
هن اوهان کي هڪ ئي نفس مان خلقيو، پوءِ ان ساڳي جنس منجهان سندس زال پيدا ڪيائين. ۽ اوهان لاءِ ڍورن مان اَٺ قسم لاٿائين، هو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽ ۾ ٽن اونداهين جي وچ ۾ هڪڙيءَ بناوٽ کانپوءِ ٻيءَ بنا وٽ سان خلقي ٿو. اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، بادشاهي سموري ان جي آهي- ان کانسواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي_ پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجو؟ |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جيڪڏهن اوهين ڪفر ڪندؤ ته، الله ته بيشڪ اوهان کان بيپرواهه آهي- پر هو پنهنجن ٻانهن جي ڪفر کي پسند نه ڪندو آهي- ۽ جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندؤ ته ان کي اوهان لاءِ پسند ڪندو ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي شخص جو بار نه کڻندو- پوءِ وري اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ ڏي موٽڻو آهي، پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي سُڌ ڏيندو- بيشڪ اهو دلين جا حال ڄاڻي ٿو. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچندي آهي، تڏهن سندس ڌڻيءَ ڏانهن موٽي ان کي سڏيندو آهي، وري جڏهن هو کيس پاڻ وٽان ڪا نعمت بخشيندو آهي، تڏهن ان کان اڳ جنهن لاءِ کيس سڏيو هئائين، سو وساريندو آهي ۽ الله لاءِ ٻيا ڀائيوار مقرر ڪندو آهي، ته سندس واٽ کان ڀلائي_ چئو ته پنهنجي انهي ڪفر ۾ ڪجهه فائدا وٺي رهه! تون بيشڪ دوزخي آهين! |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ سندس ڌڻيءَ جي رحمت جي اميد رکي ٿو (اهو چڱو، يا شرڪ ڪندڙ؟) چئو ته ڇا سمجهه وارا ۽ بي سمجهه برابر ٿيندا؟ پر نصيحت فقط اهي وٺندا، جن کي ڪو ڌيان هوندو. |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
چئو ته اي منهنجا مؤمن بندؤ! اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊڄو؛ جن هن دنيا ۾ چڱائي ڪئي انهن لاءِ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي- فقط صبر ڪندڙن کي ئي سندن بدلو بي حساب ڏبو. |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
چئو ته مون کي حڪم ٿيو آهي، ته آءُ پنهنجي عبادت کي فقط انهي لاءِ خاص ڪري سندس عبادت ڪريان. |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ حڪم ٿيو اٿم ته پهرين مسلمان ٿيان_ |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم نه مڃيان، ته آءُ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي خاص الله لاءِ ڪري، رڳو سندس ئي عبادت ڪريان ٿو. |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
پوءِ اوهين ان کان سواءِ وڻيوَ تنهن کي پيا پوڄيو. چئو ته بيشڪ اهي شخص نقصان وارا آهن، جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي عيال کي نقصان وڌو، خبردار! اهو ئي صفا نقصان آهي. |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
هنن لاءِ سندن مٿان باهه جون ڇٽيون هونديون ۽ هيٺان پڻ اهڙا وڇاڻا، انهي عذاب کان الله سندس ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو- اي منهنجا بندؤ! ان ڪري مون کان ڊڄو! |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جن شخصن ڪوڙن ڌڻين جي بندگيءَ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏي موٽيا، انهن لاءِ مبارڪ آهي_ پوءِ منهنجي انهن ٻانهن کي مبارڪ ڏي_ |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
جيڪي ڳالهه کي ٻڌي پوءِ ان مان تمام سٺيءَ تي هلندا آهن_ (اهي) آهن، جن کي الله واٽ لڳايو آهي ۽ اهي ئي ڌيان وارا آهن. |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
ڀلا جنهن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو، پوءِ تون باهه ۾ پيل کي ڇڏائي سگهندين ڇا؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پر جيڪي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊنا، تن لاءِ ماڙيون آهن، جن مٿان وري ٻيون ماڙيون اڏيل آهن، انهن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن_ اهو الله انجام ڪيو آهي_ الله انجام نه ڦيرائيندو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
ڇا، تو نه ڏٺو آهي، ته الله آسمان کان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين جي چشمن ۾ وهايائين، وري ان سان قسمين قسمين رنگن جي پوک ڄمائي ٿو- وري ان کي پيلي ٿيندي ڏسندو آهين. وري ان کي ذرا ذرا ڪندو آهي- بيشڪ انهي ۾ انهن لاءِ نصيحت آهي، جي ڌيان ڪن ٿا. |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
ڀلا جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کوليو آهي، پوءِ سندس رب جي روشنيءَ مٿي آهي- (سو چڱو، يا اهو،) جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان ڏاڍيون ٿي ويون آهن، پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي- اهي صفا گمراهيءَ ۾ آهن. |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله تمام سٺي ڳالهه موڪلي، يعني اهو ڪتاب، جنهن ۾ مضمون وري وري آهن- جنهن کان انهن شخصن جي کل ڪانڊارجي ٿي، جي سندن ڌڻيءَ کان ڊڄن ٿا- وري سندن کلون خواهه دليون الله جي يادگيريءَ لاءِ نرم ٿينديون آهن- اها الله جي هدايت آهي، جنهن تي جنهن کي وڻيس تنهن کي هلائي- ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري، ان لاءِ ٻيو ڪو به واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي- |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ڀلا جيڪو قيامت ڏينهن سندن منهن کي بڇڙي عذاب کان بچائڻ گهرندو، (سو ڪيئن بچندو؟) ظالمن لاءِ ته حڪم ٿيندو، ته ”جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي سزا چکو.“ |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
هن کان اڳين به ڪوڙ ڀانيو هو، پوءِ وٽن اتان عذاب پهتو، جتان خبر ئي ڪانه هين. |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ به خواري چکائي ۽ آخرت جوعذاب ته پڪ سان تمام وڏو آهي_ جي هو ڄاڻن ها، ته چڱو! |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا، ته من اهي نصيحت وٺن. |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
قرآن عربيءَ ۾ بنا ڪنهن عيب جي موڪليوسون، ته من اهي ڊڄن. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
الله مثال ٿو بيان ڪري؛ هڪڙو ٻانهو آهي، جنهن ۾ گهڻا بدمزاج مالڪ ڀائيوار آهن، ٻيو شخص خلاصو (فقط) هڪ شخص جو آهي- ڇا، اهي ٻئي ٻانها مثال ۾ برابر ٿيندا؟ هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
اي رسول! بيشڪ تون به وفات ڪندين ۽ اهي به مرندا- |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ وري بيشڪ اوهين قيامت ڏينهن پنهنجي رب وٽ پاڻ ۾ بحث ڪندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير چئبو، جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ جڏهن وٽس سچ آيو، تڏهن ان کي ڪوڙ سمجهيائين؟ ڇا، ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ۾ ناهي؟ |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جنهن سچ آندو ۽ جن ان کي سچو سمجهيو، سي ئي نيڪ آهن. |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
هو جيڪي گهرندا، سو الله وٽان ملندن_ اهو ڀلارن جو بدلو آهي. |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
ته جيڪي خطائون ڪيائون، سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪيائون، تن جو عيوض کين بدلي ۾ ڏئي. |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
ڇا، هڪ الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ ۽ هو وري تو کي ان کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا، جنهن کي الله ڀلائي، تنهن کي ڪو سنئين واٽ لڳائيندڙ ناهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن کي الله سنئين واٽ لڳائي، ان کي ڪو ڀلائيندڙ ناهي- ڇا، الله غالب ۽ بدلي وٺندڙ ناهي؟ |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
جيڪڏهن کانئن پڇندين ته ”ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ته ”الله“ چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف رسائڻ گهري، ته جن کي اوهين الله کان سواءِ ٿا پڪاريو، سي اها تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن مون تي ڪا رحمت ڪرڻ گهري ته سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ چئو ته مون کي الله ڪافي آهي، ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪندڙ ڀروسو ڪندا آهن. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
چئو ته، ”اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو ۽ آءُ به پيو ڪم ڪريان_ پوءِ اجهو ٿي خبر پويوَ. |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته ڪنهن تي ٿو خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ مٿس هميشه رهندڙ عذاب لهي.“ |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
بيشڪ، اسان توتي ڪتاب ماڻهن لاءِ سچ سان لاٿو- پوءِ جنهن سنئين واٽ ورتي، تنهن۾ سندس ئي فائدو آهي، پر جيڪو گمراهه ٿيو ان جي گمراهي به مٿس ئي آهي ۽ تون ڪو هنن لاءِ ذميوار نه آهين. |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله ماڻهن جا روح انهن جي مرڻ وقت ڪڍندو آهي، ۽ جيڪو نه مئو آهي، ان جو سندس ننڊ وقت، پوءِ جنهن تي موت جو حڪم ڪري، تنهن جي روح کي روڪي ڇڏيندو آهي ۽ ٻئي کي هڪڙي مقرر وقت تائين وري موڪليندو آهي_ بيشڪ انهي ۾ ڌيان ڪندڙ شخصن لاءِ نشانيون آهن. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا، هنن الله کان سواءِ ٻيا پارت ڪرڻ وارا بنايا آهن؟ چئو، ته انهن کي ڪجهه به اختيار نه هجي ۽ نڪي هو سمجهندا هجن؟ |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
چئو ته شفاعت سموري الله جي وس آهي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي اوهين وري ان ڏي موٽائبؤ. |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن هڪڙي الله جي گفتگو هلندي آهي، تڏهن آخرت کي نه مڃيندڙن جون دليون ٽهنديون آهن؛ پر جڏهن ان کان سواءِ ٻين بابت ڳالهائبو آهي، تڏهن هو خوش ٿيندا آهن- |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
چئو ته ”اي الله! آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ! ڳجهي ۽ پڌري جا ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجن ٻانهن وچ ۾ فيصلو ڪندين، جنهن بابت هو بحث ڪن ٿا.“ |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
۽ قيامت ڏينهن جيڪڏهن ظالمن وٽ اهو سڀ هجي، جيڪي زمين ۾ آهي ۽ اوترو ٻيو به، ته جيڪر هو بري عذاب کان بچڻ جي بدلي ۾ اهو به ڏين، ۽ الله وٽان مٿن اهو ظاهر ٿيندو جنهن جو گمان ئي نه رکندا هئا. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون هئائون، سي مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن عذاب تان مسخريون ڪندا هئا، سو ويڙهي ويندن. |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسندي آهي ته اسان کي پڪاريندو آهي، وري جڏهن اسين کيس پاڻ وٽان نعمت ڏيندا آهيون، ته چوندو آهي ته اها مون کي پنهنجي سمجهه سبب ملي آهي، نه بلڪ اها پرک آهي_ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
انهن کان اڳين به ائين ئي چيو هو، پوءِ سندن ڪمائيءَ مٿانئن ڪجهه به نه ٽاريو. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
پوءِ سندن ڪمائي جون بڇڙايون کين پهتيون ۽ هنن مان ظالمن کي سندن ڪمائيءَ جون بڇڙايون اجهو ٿيون پهچن ۽ هو کٽي نه سگهندا. |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا، هو نٿا ڄاڻن، ته بيشڪ الله ئي جنهن جو وڻيس تنهن جو رزق ڪشادو يا تنگ ڪندو آهي_ بيشڪ انهي ۾ ايمان آڻيندڙ ماڻهن لاءِ نشانيون آهن. |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
چئو ته ”اي منهنجا وڏا گنهگار بندؤ! الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ٿو- بيشڪ اهو ئي بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
۽ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي ورو ۽ سندس تابعدار ٿيو، انهي وقت کان اڳ، جو اوهان تي عذاب اچي پهچي؛ وري ڪا به مدد نه ملندؤ. |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ اوهان جي ڌڻيءَ وٽان جيڪا تمام سٺي چيز نازل ڪيل آهي، ان جي تابعداري ڪريو، ان کان اڳ جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي خبر به نه هجي. |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
متان پوءِ ڪو به شخص چوي ته، ”هاءِ افسوس! جو مون الله جي دين ۾ سستي ڪئي ۽ آءُ مسخريون به ڪندو هئس!“ |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا چوي، ته ”جيڪڏهن الله مون کي سنئينءَ واٽ لڳائي ها، ته آءُ ضرور نيڪ بنجان ها.“ |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا عذاب ڏسڻ جي مهل چوي ”جي هاڻي مون کي هڪ وجهه ملي ته جيڪر تمام سٺا ڪم ڪندڙ ٿيان!“ |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(چئبس ته) ”هائو! بيشڪ تو وٽ منهنجيون آيتون آيون هيون، پوءِ تو انهن کي ڪوڙو سمجهيو ۽ هٺ ڪيو ۽ ڪافر ٿي وئين.“ |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
۽ قيامت ڏينهن انهن الله تي ڪوڙ ٻڌندڙن کي ڏسندين، ته سندن منهن ڪارا ٿيل هوندا! ڇا، هٺيلن جي جاءِ دوزخ ۾ ناهي؟ |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ نيڪ شخصن کي الله ڇوٽڪارو ڏيئي وڃي سندن درجي تي پهچائيندو، نڪا کين تڪليف ٿيندي ۽ نڪي هو غمگين رهندا. |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله هر چيز جو خلقيندڙ آهي ۽ هو هر چيز جي سنڀال ڪندڙ آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
هن جي ئي هٿ ۾ آسمانن خواهه زمين جون ڪنجيون آهن ۽ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي ئي ٽوٽو پائيندا. |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
چئوته ”اي جاهلو! ڇا، اوهين مون کي ٿا ڏسيو ته الله کان سواءِ ٻين جي عبادت ڪريان؟ |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
۽ بيشڪ تو ڏانهن خواهه توکان اڳين نبين ڏانهن وحي ڪيل آهي، ته جيڪڏهن الله سان ڪو به ڀائيوار سمجهندين، ته تنهنجا سڀ عمل چٽ ٿيندا ۽ تون ضرور ٽوٽي ۾ پوندين. |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
بلڪ تون فقط الله جي ئي عبادت ڪر ۽ شڪر ڪندو رهه.“ |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
هنن الله جو اهڙو قدر نه ڪيو، جهڙو سندس قدر ڪرڻ کپي_ ۽ قيامت ڏينهن ته سموري زمين سندس مٺ ۾ هوندي ۽ ويڙهيل آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ هوندا_ هو پاڪ آهي ۽ انهيءَ کان مٿانهون آهي، جيڪي هو ساڻس شريڪ ڀائيندا آهن. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ ”صور“ ۾ ڦوڪبو، ته جيڪو به آسمانن ۾ آهي خواهه جيڪو زمين ۾ آهي، سو سڀ مري ويندو؛ سواءِ انهي جي، جنهن کي الله (بچائڻ) گهري_ پوءِ وري ٻيو دفعو ڦوڪبو، ته هو هڪدم اُٿي ڏسندا پيا. |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
زمين سندس ڌڻيءَ جي نور سان روشن ٿيندي، ڪتاب رکبو. نبين ۽ شاهدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حقي فيصلو ڪبو ۽ مٿن ظلم نه ڪبو. |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ هر شخص جيڪي ڪمايو، ان جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
ڪافرن کي ٽوليون ڪري جهنم ڏي ڪاهبو، تان جو جڏهن هو وٽس پهچندا، ته ان جا دروازا کولبا؛ ۽ ان جا چوڪيدار کين چوندا ته ”ڇا، اوهان وٽ اوهان منجهان ئي ڪي رسول ڪونه آيا هئا؛ جي اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ اوهان کي هن ڏينهن جي سامهون اچڻ کان ڊيڄارين؟“ چوندا ”هائو، مگر ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو!“ |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
چئبن ”دوزخ جي دروازن مان گهڙو، اوهين منجهس سدائين رهندا_ پوءِ وڏائي ڪندڙن جي رهڻ جي جاءِ ڪهڙي نه بڇڙي آهي!“ |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ ڌڻيءَ کان ڊڄندڙ، ٽوليون ڪري بهشت ڏي موڪلبا، تان جو جڏهن وٽس ايندا ۽ ان جا دروازا کولبا ته ان جا چوڪيدار کين چوندا ته ”اوهان تي سلام هجي، اوهين خوش رهو ۽ منجهس هميشه رهڻ لاءِ گهڙو.“ |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ چوندا ”سڀ ڪا واکاڻ انهي الله کي ئي جڳائي، جنهن پنهنجي انجام کي اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي هن جو وارث ڪيائين، جو بهشت مان جتي وڻي، اتي ٿا جاءِ وٺون!“ چڱا ڪم ڪندڙن جو اجر ڪهڙو نه سٺو آهي! |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ تون ملائڪن کي ڏسندين ته عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ سان پاڪائي بيان پيا ڪن_ هنن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪبو ۽ چئبو ”هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي؛ جو جهانن جو ڌڻي آهي!“ |