تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ زبردست ۽ حڪمت واري الله تعالى جي طرفان آهي. |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان هن ڪتاب کي توڏانهن برحق نازل ڪيو آهي. تون دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان جي ئي عبادت ڪندو رهه. |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
خبردار! خالص دين الله تعالى جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن ان کان سواءِ ٻين کي مددگار ٺاهيو آهي (اُهي چون ٿا ته) اسان انهن جي رڳو ان ڪري عبادت ڪندا آهيون ته جيئن هو اسان کي مرتبي ۾ الله تعالى جي ويجهو ڪن. بيشڪ الله تعالى انهن جي وچ ۾ موجود سڀني اختلافن جو فيصلو ڪندو. بيشڪ الله تعالى ڪوڙي ۽ ناشڪري ماڻهوءَ کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏهن الله تعالى ڪنھن کي اولاد طور چونڊي ها ته هو ضرور پنھنجي مخلوق منجهان ئي جنھن کي چاهي ها تنھن کي اولاد جو درجو ڏئي ها. پر هو ته (انهن رشتن کان) پاڪ آهي. اِهو ئي الله آهي جيڪو اڪيلو ۽ سڀني تي غالب آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
هن آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي. هو رات کي ڏينھن تي ويڙهي ٿو ۽ ڏينھن کي (وري) رات تي ويڙهي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي هڪ نظام هيٺ قابو ڪري رکيو آهي. اهي سڀئي شيون هڪ مقرر وقت تائين گردش ڪري رهيون آهن. خبردار! اُهوئي زبردست ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
هن توهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، پوءِ ان مان ئي ان جي گهر واري کي بنايو ۽ توهان جي لاءِ جانورن جا اَٺَ جوڙا (يعني نر ۽ مادي) پيدا ڪيا. هو توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽ ۾ ٽن اونداهين جي وچ ۾ هڪڙي شڪل کان پوءِ ٻي شڪل ڏيندو رهي ٿو. اِهوئي ته الله تعالى آهي جيڪو توهان جو پالڻھار آهي. حڪمراني ان جي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ توهان کي ڪاڏي ڦيرايو وڃي ٿو؟ |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندا ته بيشڪ الله تعالى توهان کان بي پرواهه آهي پر هو پنھنجي ٻانهن لاءِ ڪفر کي پسند نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن توهان شڪر ڪندا ته هو ان شڪرگذاري کي توهان جي لاءِ پسند ڪندو آهي. ڪير به بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن شخص جو بار نه کڻندو. توهان سڀني کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن واپس موٽڻو آهي. پوءِ توهان جيڪو ڪجهه ڪيو هوندو، اهو سڀ توهان کي ٻڌائيندو. بيشڪ هو ته سينن جي رازن کان به واقف آهي. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
انسان جي مٿان جڏهن به ڪا تڪليف ايندي آهي ته هو رجوع ڪندي پنھنجي پالڻھار کان دُعا گهرندو آهي. پوءِ هو جڏهن کيس پنھنجي طرفان نعمت عطا ڪندو آهي ته ڪجهه وقت پھريان پنھنجي گهريل دعا کي وساري ويهندو آهي ۽ الله تعالى جي لاءِ شريڪ ٺاهيندو آهي ته جيئن هو ماڻهن کي ان جي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏي. چؤ ته تون پنھنجي ڪفر جي بنياد تي مزا ڪري وٺ. بيشڪ تون باهه ۾ وڃڻ وارن مان آهين. |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
ڇا جيڪو ماڻهو عبادت ڪندڙ آهي، رات جو سجدو ۽ قيام ڪندڙ آهي. هو آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت ۾ وڏي اميد رکي ٿو (سو ڀلو آهي يا اِهو ناشڪرو مشرڪ)؟ چؤ ته ڇا جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿي سگهن ٿا؟ بيشڪ نصيحت ته عقل وارا ماڻهو ئي وٺندا آهن. |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
چؤ ته: اي منھنجا مؤمن ٻانهو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو. جن ماڻهن هن دنيا ۾ ڀلائي ڪئي ته (اڳتي به) انهن جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله تعالى جي زمين ڪشادي آهي. بيشڪ صبر ڪرڻ وارن کي بغير حساب جي پورو بدلو ڏنو ويندو. |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
چؤ ته مون کي اِن ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ته مان دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري انجي ئي عبادت ڪريان. |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته (هن وقت) مان ئي سڀ کان پھريائين مسلمان ٿيان. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
چؤ ته جيڪڏهن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪئي ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چؤ ته آءٌپنھنجي دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان جي ئي عبادت ڪندس. |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
توهان ان کان سواءِ جنھن جي وڻيوَ عبادت ڪندا رهو. چؤ ته حقيقي نقصان وارا ته اُهي ماڻهو آهن جن (گمراهه ٿيڻ سبب) پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کي قيامت واري ڏينھن نقصان ۾ وڌو ــ خبردار! اهوئي ته پڌرو نقصان آهي. |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
انهن جي مٿان باهه جا ڪڪر هوندا ۽ اهڙي طرح هيٺان به ساڳيا ڪڪر هوندا. اهڙي ئي عذاب کان ته الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي ڊيڄاريندو آهي. اي منھنجا ٻانهؤ! (بس!) مون کان ئي ڊڄو. |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جن ماڻهن الله تعالى جي باغين جي عبادت ڪرڻ کان پاڻ کي بچايو ۽ الله تعالى ڏي رجوع ڪيو ته انهن جي لاءِ خوشخبري آهي. سو تون منھنجي ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي هر ڳالهه کي غور سان ٻڌندا آهن پوءِ انهن مان سٺي ڳالهه جي پيروي ڪندا آهن. هي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله تعالى هدايت بخشي آهي ۽ اهي ئي عقل کان ڪم وٺندڙ ماڻهو آهن. |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
ڇا جنھن ماڻهوءَ تي عذاب جو حڪم جاري ٿي چڪو هجي؟ پوءِ ڇا تون اهڙي دوزخي کي بچائي سگهندين؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پر جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊڄن ٿا ته انهن جي لاءِ ماڙين جي مٿان ماڙيون ٺهيل آهن.جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون. اِهوئي الله تعالى جو وعدو آهي ۽ الله تعالى (ڪڏهن به) وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ زمين ۾ ان جا چشما وهايا پوءِ ان پاڻي جي ذريعي مختلف رنگن جا فصل پيدا ڪيا پوءِ هي فصل سُڪي وڃن ٿا ۽ تون انهن کي هيڊو (يعني ڦڪو) ڏسين ٿو پوءِ هو اُن کي صفا بُهه ڪري ڇڏيندو آهي. بيشڪ ان ۾عقل وارن لاءِ وڏي نصيحت آهي. |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
جنھن شخص جو سينو الله تعالى اسلام جي لاءِ کولي ته اهو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي روشني ۾ آهي (ڇا هي ماڻهو سخت دل ڪافرن جھڙو هوندو، هرگز نه!) پر اهڙن ماڻهن لاءِ وڏو ويل آهي جن جون دليون الله تعالى جي ياد کان سخت ٿي ويون آهن. بيشڪ هُو پڌري گمراهيءَ ۾ آهن. |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله تعالى ڪتاب جي صورت ۾ هي هڪ بھترين ڪلام نازل ڪيو آهي جيڪو (پڙهڻ ۾) صفا هڪ جھڙو آهي جنهن جا مضمون بار بار دهرايا وڃن ٿا. ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جا لِڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا جيڪي پنھنجي پالڻھار جو خوف رکن ٿا. پوءِ انهن جا جسم ۽ دليون الله تعالى جي ذڪر لاءِ نرم ٿي وڃن ٿيون. اها ئي الله تعالى جي هدايت آهي. هو جنھن کي گهري ان جي ذريعي هدايت ڏيندو آهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري پوءِ ان کي سڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪير به نه آهي. |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ڪير آهي جيڪو پنھنجي چهري کي قيامت جي ڏينھن بُري عذاب کان بچائي سگهي؟ (ڪير به نه) سو اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ته جيڪو توهان ڪندا هئا ان جو مزو چکو. |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
ان کان پھريان به جن ماڻهن ڪوڙو ڪيو، انهن جي مٿان اهڙي طرف کان عذاب آيو جو کين وهم ۽ گمان ۾ به نه هو. |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
اهڙن ماڻهن کي ته الله تعالى دنيا ۾ خواري جو مزو چکايو ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان به گهڻو آهي. ڪاش! هي ماڻهو ڄاڻن. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان قرآن مجيد ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن. |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
هي قرآن عربي ٻولي ۾ آهي. جنهن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه آهي ته جيئن ماڻهو پرهيزگاري اختيار ڪن. |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
الله تعالى هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته: هڪ ماڻهو غلام آهي پر ان جا گڏيل ڪيترائي بداخلاق (۽ ضدي) مالڪ آهن (۽ هر هڪ ان کان پنھنجي پنھنجي حساب سان ڪم وٺي ٿو) پر ٻيو ماڻهو آهي جيڪو هڪ ئي مالڪ جو غلام آهي (هاڻي ٻڌايو ته) ڇا هي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه بس!) سڀ تعريفون خاص الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا. |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ توهان به وفات ڪري ويندا ۽ بيشڪ هي ماڻهو به مرندا. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ بيشڪ توهان سڀ قيامت واري ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي روبرو جهڳڙا پيش ڪندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي؟ جنھن الله تعالى تي ڪوڙ هنيو ۽ جڏهن وٽس سچائي پھتي ته ان کي ڪوڙو ڪيائين. ڇا اهڙن ڪافرن جي جاءِ جھنم نه آهي؟ |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪو ماڻهو سچي ڳالهه کڻي آيو پوءِ جنھن ماڻهوءَ ان کي سچو مڃيو ته اهڙا ئي ماڻهو پرهيزگار آهن. |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
انهن جي لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ هر اُها شيءِ آهي جيڪا هو چاهيندا. اهوئي نيڪوڪارن جو بدلو آهي. |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
ته جيئن الله تعالى انهن جي ڪيل برن ڪمن کي مٽائي ڇڏي ۽ کين ڪيل سھڻن ڪمن جو بدلوعطا فرمائي. |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
ڇا الله تعالى پنھنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ هي ماڻهو توکي الله تعالى کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا حالانڪه جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري ان کي ڪير به سڌو رستو ڏيکارڻ وارو نه آهي. |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنھن کي الله تعالى سڌو رستو ڏيکاري ته ان کي گمراهه ڪرڻ وارو به ڪير نه آهي. ڇا الله تعالى زبردست بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى (ئي پيدا ڪيو آهي). چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي ڪا تڪليف پھچائڻ چاهي ته ڇا اُهي جن کي توهان الله تعالى کي ڇڏي سڏيو ٿا، منھنجي تڪليف دور ڪري سگهن ٿا؟ يا الله تعالى مون تي مھرباني ڪرڻ چاهي ته ڇا هو ان مھرباني کي روڪي سگهن ٿا؟ چؤ ته (بس!) منھنجي لاءِ الله تعالى ئي ڪافي آهي. ڀروسو رکڻ وارا ان تي ئي ڀروسو رکندا آهن. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
چؤ ته: اي منھنجي قوم! توهان پنھنجي حساب سان عمل ڪندا رهو ۽ مان به پنھنجي حساب سان عمل ڪري رهيو آهيان، توهان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي. |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته (دنيا ۾) ڪنھن جي مٿان ذليل ڪندڙ ۽ (آخرت ۾) هميشه رهڻ وارو عذاب اچي ڪڙڪندو. |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
بيشڪ اسان تنھنجي مٿان ماڻهن جي لاءِ هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي، (هاڻي) جيڪو سڌي راهه تي آيو ته اِهو ان لاءِ فائدي وارو آهي ۽ جيڪو گمراهه ٿيو ته ان گمراهيءَ جو وبال ان تي ئي آهي. (بھرحال) تون انهن جو ذميدار نه آهين. |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله تعالى ئي ماڻهن جا روح سندن مرڻ وقت ئي ڪڍندو آهي. باقي جنھن تي موت نه آيو ته ان جي روح کي به ننڊ ۾ پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي پوءِ (ننڊ وارن مان) جنھن کي حقيقي موت ڏيڻو هوندو آهي ته ان جي روح کي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو آهي. باقي ٻين روحن کي مقرر وقت تائين (واپس جسم ۾) موڪلي ڇڏيندو آهي. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن ماڻهن الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي سفارشي ٺاهي ورتو آهي؟ چؤ ته توڻي جو انهن کي ڪنهن به شيءِ جو اختيار نه هجي ۽ عقل به نه هجي (پوءِ به اُهي سفارش ڪندڙ آهن؟) |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
چؤ ته: سفارش ڪرڻ جو مڪمل اختيار صرف الله تعالى وٽ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي صرف ان جي ئي آهي، توهان سڀني کي ان ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
جڏهن اڪيلي الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته آخرت کي نه مڃڻ وارن جي دلين تي بار ٿئي ٿو ۽ انهن جون دليون ڪُڙهڻ لڳن ٿيون. ۽ جڏهن الله تعالى کان سواءِ ٻين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته هو ان وقت خوشيءَ ۾ ٻھڪندا آهن. |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته: يا الله! آسمانن جا پيدا ڪندڙ، لڪيل ۽ ظاهري شين جو علم رکندڙ (بس!) تون ئي پنھنجي ٻانهن جي وچ ۾ اختلافي ڳالهين جو فيصلو ڪندين. |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن انهن ظالمن وٽ زمين جي هر شيءِ موجود هجي ۽ اڃا به ان جيتريون ٻيون شيون به هجن ته هو قيامت جي ڏينھن بري عذاب کان بچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه بدلي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. (پر) الله تعالى جي طرفان انهن لاءِ اهڙي سزا تيار هوندي جو کين وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندي. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
انهن جا سڀ بُرا ڪم سندن سامھون ظاهر ٿي پوندا ۽ اها شيءِ مٿن اچي ڪڙڪندي جنھن تي هو ٽوڪون ڪندا هئا. |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
انسان تي جڏهن به ڪا مصيبت اچي پوندي آهي ته هو ان وقت اسان کي سڏيندو آهي وري جڏهن اسان کيس پنھنجي نعمت سان نوازيندا آهيون ته چوندو آهي ته اها مون کي پنهنجي هوشياري جي ڪري ملي آهي. ايئن (هرگز) نه آهي. بلڪه اها هڪ آزمائش آهي، پر گهڻا ماڻهو ان کي سمجهن ئي نٿا. |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
اها ئي ڳالهه انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به چئي هئي. پوءِ جيڪو ڪجهه انهن ڪمايو سو کين بلڪل ڪم نه آيو. |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
پوءِ کين عملن جو برو نتيجو ڀوڳڻو پيو ۽ هي (مڪي وارا) ماڻهو پنھنجي ظلم ۽ بُرن عملن جو برو نتيجو ضرور ڏسندا. هي ماڻهو (الله تعالى کي) بي وس نٿا ڪري سگهن. |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا انهن ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى جنھن جو گُهري رزق ڪشادو ۽ جنھن جو گُهري گهٽائيندو آهي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(اي نبيﷺ! منھنجي طرفان) چؤ ته: اي منھنجا ٻانهو! جن به پنھنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي آهي، سي الله تعالى جي رحمت کان مايوس نه ٿين. بيشڪ الله تعالى (توهان جا) سڀ گناهه معاف ڪندو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
توهان پنھنجي پالڻھار ڏي موٽي اچو ۽ پنھنجي مٿان عذاب اچڻ کان پھريان ئي مسلمان ٿي وڃو (ورنه) توهان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ جيڪا توهان ڏي توهان جي پالڻھار جي طرفان بھترين شيءِ (يعني قرآن) نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروي ڪريو ، هن کان اڳ جو توهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ توهان کي خبر به نه پوي. |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ متان ڪو ماڻهو ايئن نه چوي ته افسوس! مان الله تعالى جي باري ۾ ڪوتاهي ڪري ويٺس. بيشڪ مان به مذاق ڪرڻ وارن ۾ شامل هيس. |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا هيئن نه چوي ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي هدايت ڏي ها ته مان به ضرور پرهيزگارن مان ٿي وڃان ها. |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا وري عذاب کي ڏسي هيئن نه چوي ته هاڻي جيڪڏهن مون کي وري موقعو ملي وڃي ته مان نيڪو ڪارن مان ٿيندس. |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
برابر! تو وٽ اسان جون آيتون آيون هيون، پر تو انهن آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تڪبر به ڪيو، تون ته ڪافرن مان ئي هئين. |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
جن ماڻهن الله تعالى تي ڪوڙ هنيا، قيامت جي ڏينھن تون ڏسندين ته انهن جا منھن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي خورن جي جاءِ جھنم نه آهي؟ |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي بچائي کين ڪاميابي واري جاءِ تي آڻيندو، جتي انهن کي ڪابه تڪليف نه پھچندي ۽ نه هُو غمگين رهندا. |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله تعالى ئي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهوئي هر شيءِ تي نگھباني ڪندڙ آهي. |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
آسمانن ۽ زمين جي خزانن جو اختيار ان وٽ ئي آهي ۽ جن ماڻهن الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪيو، اهي سڀ نقصان وارا آهن. |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
چؤ ته: اي جاهلو! توهان مون کي الله تعالى کي ڇڏي ٻين جي عبادت ڪرڻ لاءِ چئو ٿا؟ |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
(اي نبيﷺ!) تنھنجي ۽ توکان اڳ گذريل سڀني نبين ڏي اها ئي وحي ڪئي وئي هئي ته جيڪڏهن توهان شرڪ ڪيو ته توهان جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا ۽ توهان سڀ ضرور نقصان وارن مان ٿي ويندا. |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
(اي نبيﷺ! بس!) تون الله تعالى جي عبادت ڪندو رهه ۽ شڪر گذار ٻانهن مان ٿي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
انهن ماڻهن ته الله تعالى جو قدر ئي نه سڃاتو آهي، جھڙو قدر سڃاڻڻ جو حق آهي ۽ قيامت جي ڏينھن پوري زمين سندس مُٺ ۾ هوندي ۽ سڀ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. الله تعالى پاڪ آهي ۽ گهڻو مٿانھون آهي اُنهن کان جن کي هي ماڻهو شريڪ بڻائين ٿا. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ فنا ٿي ويندي، سواءِ ان جي جنھن کي الله تعالى زنده رکي. پوءِ وري ٻيھر صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته اُهي سڀ اُٿي نهارڻ لڳندا. |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نور سان چمڪندي ۽ سڀني جو اعمال نامو کوليو ويندو، نبين سڳورن ۽ سڀني گواهن کي حاضر ڪيو ويندو ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڪنھن تي به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
پوءِ جنھن به جيڪو عمل ڪيو هوندو کيس پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. الله تعالى کي انهن جي ڪمن جي خوب خبر آهي. |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ ڪافرن کي ٽولا ٽولا ڪري جھنم ڏي هڪليو ويندو. پوءِ جڏهن هو اتي پھچندا ته جھنم جا دروازا کوليا ويندا. ان جا داروغا چوندا ته ڇا توهان وٽ توهان مان رسول سڳورا نه آيا هئا؟ جن توهان کي توهان جي پالڻھار جون آيتون پڙهي ٻڌايون هجن ۽ اڄوڪي ڏينھن تي پيش ٿيڻ کان ڊيڄاريو هجي. هو چوندا ته برابر آيا هئا. پر ڪافرن تي عذاب جو حڪم جاري ٿي چڪو هوندو. |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
انهن کي چيو ويندو ته هلو، جھنم جي دروازن کان اندر داخل ٿيو. هاڻي توهان ان ۾ هميشه رهندا. غرور ڪرڻ وارن جي لاءِ ڪيڏي نه بري جاءِ آهي. |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊِنا تن کي ٽولا ٽولا ڪري جنت ڏانھن آندو ويندو. جڏهن هو اتي پھچندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ انهن کي جنت جا داروغا چوندا ته توهان تي سلامتي هجي، توهان خوش رهو ۽ هاڻي هميشه لاءِ ان ۾ داخل ٿي وڃو. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
جنتي ماڻهو چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن پنھنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي زمين جو وارث بڻايو ۽ هاڻي اسان جنت ۾ جتي چاهيون اُتي رهنداسين. نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ڪيڏو نه بھترين اجرآهي. |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ اُن ڏينھن تون ملائڪن کي ڏسندين ته هو عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |