تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو آهي الله زبردست داناءُ طرفان |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
(اي نبي!) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي توتي هي ڪتاب حق سان، پوءِ عبادت ڪندو رهه الله جي خالص سندس دين جي لاءِ |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
خبردار! الله جو ئي دين خالص آهي، ۽ جن ماڻهن بنائي رکيا آهن (الله کان) سواءِ پنهنجا ٻيا سرپرست، ان لاءِ وضاحت هي ٿا ڪن ته اسان سندن عبادت ان لاءِ ٿا ڪريون ته اهي الله تائين اسان کي پهچائن، بيشڪ الله فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو، جن ۾ اهي ا ختلاف پيا ڪن، بيشڪ الله هدايت نٿو ڏئي اهڙي شخص کي جيڪو ڪوڙو ۽ حق جو منڪر هجي |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جي گُهري ها الله ڪنهن کي بنائڻ پٽ ته وٺي ها مخلوق مان چونڊي جنهن کي به وڻيس ها، پر اهو ته ان کان پاڪ آهي اهو الله اڪيلو آهي سڀني تي غالب |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
هن خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين کي حق سان، اهو ئي ويڙهيندو آهي رات کي ڏينهن جي مٿان ۽ ويڙهيندو آهي ڏينهن کي مٿان رات جي، ۽ تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، جو هرڪو هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو، سمجهي ڇڏيو ته اهو زبردست ۽ بخشڻهار آهي |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
هن خلقيو آهي توهان کي هڪڙي ئي جان منجهان پوءِ اهو ئي آهي جنهن بڻايو ان جان منجهان ان جو جوڙو ۽ هن توهان جي لاءِ چوپائي مال مان اَٺ نر ۽ ماديون پيدا ڪيون، خلقي ٿو توهان کي پيٽن ۾ مائرن جي (درجي بدرجي) هڪ طرح بنائڻ کان پوءِ ٻيءَ طرح ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو، اهو توهان جو الله ئي پاليندڙ توهان جو رب آهي، سندس بادشاهي آهي، ناهي عبادت جي لائق ان کان سواءِ، پوءِ ڪٿان کان توهان ڦيرايا پيا وڃو |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جي توهان بي شڪري ڪندؤ، ته بيشڪ الله بي نياز آهي توهان کان ۽ نٿو پسند ڪري پنهنجي ٻانهن لاءِ ناشڪري ۽ جي توهان شڪر ڪندؤ ته اهو هو پسند ڪري ٿو توهان جي لاءِ ۽ نه کڻندو ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار، آخرڪار ته توهان جي رب ڏي توهان کي موٽڻو ئي آهي، پوءِ هو ٻڌائيندو توهان کي ته توهان ڇا ڇا ڪري رهيا هئا، بيشڪ هو ڄاڻي ٿو دلين جا سڀ حال |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ جڏهن به ايندي آهي انسان تي مصيبت ته دعا گهرندو آهي پنهنجي رب ڏي رجوع ٿي کيس سڏيندو آهي، پوءِ جڏهن (سندس رب) کيس نوازيندو آهي نعمت سان ته اهو وساريندو آهي ان (مصيبت) کي جنهن لاءِ اهو پڪاري رهيو هو پهرين ۽ بڻائيندو آهي الله جي برابر مٽ ٻين کي، جيئن گمراهه ڪري سندس راهه کان، (اي نبي!) چؤ (ان کي) مزو وٺ پنهنجي ڪفر مان ٿورڙو وقت، بيشڪ تون ويندين دوزخ ڏي |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
(ڇا اهي شخص چڱا آهن يا) جيڪو تابعدار آهي فرمان جو رات جو ڪن پهرن ۾ سجدا ڪندو ۽ بيٺو رهي ٿو، ڊڄندو آهي آخرت کان ۽ اميد رکندو آهي رحمت پنهنجي رب جي ۾، انهن کان پڇ ڇا ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا اهي ماڻهو جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو نه ٿا ڄاڻن (ڪجهه به)؟ بيشڪ نصيحت ته عقل وارا ئي قبول ڪندا آهن |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
(اي نبي!) چؤ! اي منهنجا ٻانهؤ جن ايمان آندو، ڊڄو پنهنجي رب کان جن ماڻهن سٺي هلت اختيار ڪئي هن دنيا ۾، تن جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ زمين الله جي ته ڪشادي آهي، بيشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بنا ڪنهن حساب جي ڏنو ويندو |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
(اي نبي!) چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته الله جي بندگي ڪريان خالص ڪري ان جي دين جي لاءِ |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ مون کي ته اهو به حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهرين آئون پاڻ مسلمان بڻجان |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
چؤ، جي آئون نافرماني ڪريان ته مون کي پنهنجي رب جي طرفان هڪ ڏينهن وڏي عذاب جو ڊپ آهي |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چئي ڇڏ ته الله جي لاءِ بندگي ڪندس خالص ان جي لاءِ پنهنجي دين ۾ |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
ڀلي ڪنهن جي به توهان بندگي ڪريو جنهن جي وڻيوَ ان کي ڇڏي، چئين، بيشڪ اصلي نقصان ۾ اهي آهن جن خساري ۾ وڌو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي ڏينهن قيامت جي، ٻڌي ڇڏيو اهو ئي اصلي خسارو (ٽوٽو) آهي ظاهر ظهور |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
انهن تي سندن مٿان کان ڇٽيون هونديون باهه جون ته سندن هيٺان کان هونديون، هي اهو ئي نتيجو آهي خوف ڏياري ٿو الله جنهن لاءِ پنهنجن بندن کي، سو اي منهنجا بندؤ، ڊڄو منهنجي غضب کان |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جن ماڻهن پاڻ بچايو غير الله طاغوت کان ۽ ان جي عبادت ڪئي ۽ موٽيا الله ڏانهن، تن لاءِ خوشخبري آهي، پوءِ (اي نبي!) خوشخبري ڏي منهنجي انهن ٻانهن کي |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
جيڪي ٻڌن ٿا غور سان ڳالهه کي ۽ پيروي ڪندا آهن ان جي سٺي پهلو جي، هي ماڻهو اهي آهن جن کي هدايت بخشي آهي الله ۽ اهي ئي (ماڻهو حقيقت ۾) دانشمند آهن |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
(اي نبي!) ڪير بچائيندو ان شخص کي جنهن تي فيصلو لاڳو ٿيو هجي عذاب جو؟ ڇا تون ان کي بچائي سگهين ٿو جيڪو وڃي پيو هجي باهه ۾؟ |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
البته اهي ماڻهو جيڪي ڊڄندارهيا پنهنجي رب کان، تن جي لاءِ اوچيون ماڙيون آهن منزل مٿان منزل اڏيل، جن جي هيٺان کان وهنديون پيون نهرون، اهو وعدو آهي الله جو ۽ ابتڙ نه ڪندو آهي الله پنهنجي وعدي جي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
ڇا تون ڏسين نٿو ته الله وسايو آهي آسمان مان پاڻي، پوءِ ان کي واهين، چشمن ۽ دريائن جي شڪل ۾ وهايو زمين ۾ پوءِ ان جي وسيلي اپائي ٿو هو جدا جدا قسمن جون پوکون جيڪي پچي سُڪي وڃن ٿيون ۽ توکي نظر اچن ٿيون پيليون پوءِ ان کي بُهه ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ سبق آهي (نصيحت آهي) عقل وارن جي لاءِ |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
ڇا اهو شخص جنهن جو کولي ڇڏيو آهي الله سينو اسلام لاءِ ۽ اهو هلي پيو هڪ روشنيءَ پنهنجي رب جي تي (اهو سخت دل آهي ڇا؟)، پوءِ تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن جون دليون الله جي نصيحت کان اڃا به سخت آهن اهڙا ئي ماڻهو چٽي گمراهيءَ ۾ پيل آهن |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله نازل ڪيو آهي بهترين ڪلام، هڪ اهڙو ڪتاب جنهن جا سڀئي حصا هڪ ٻئي سان مليل ۽ مضمون ورهايل، ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جا وار اُڀا ٿي وڃن ٿا جيڪي ڊڄڻ وارا آهن پنهنجي رب کان، پوءِ سندن جسم ۽ دليون نرم ٿي مائل ٿي وڃن ٿيون الله جي ذڪر ڏانهن، اها هدايت آهي الله جي، جنهن سان هو جنهن کي گهري سنئين راهه تي آڻي، پر جنهن کي گمراهه ڪري الله پوءِ ڪير به ان جو هادي نه آهي |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
پوءِ ان شخص جي بري حال جو سندس منهن تي ڪهڙو اندازو ڪندين جيڪو عذاب جي سخت مار ڏينهن قيامت جي جهليندو؟ ۽ چيو ويندو اهڙن ظالمن کي ته چکو ان ڪمائيءَ جو مزو جيڪا توهان ڪندا هئا |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
ڪوڙو چيو ڪيترن ئي ماڻهن انهن کان اڳ ۾ اهڙيءَ طرح، پوءِ مٿن آيو عذاب اهڙي پاسي کان، جنهن ڏانهن وڃي نٿي سگهيو سندن خيال |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ مزو چکايو انهن کي الله خواريءَ جو هن ئي حياتيءَ دنيا جي ۾ ۽ عذابِ آخرت ته وڌيڪ سخت آهي، افسوس اهي (ماڻهو) ڪا ڄاڻ رکن ها! |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ ڏنا آهن مثال اسان ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ طرحين طرحين جا، ته مَن اهي هوش ۾ اچن |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
اهو قرآن جيڪو عربي زبان ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڦڏائي ناهي، ته من اهي بري پڄاڻي کان بچن |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
ڏئي ٿو الله مثال، هڪ شخص آهي جنهن جا ڪئين ڏنگي سڀاءُ جا مالڪ آهن، سڀ کيس پاڻ ڏي پيا ڇڪن ۽ ٻيو شخص سارو ئي هڪڙي مالڪ جو غلام آهي، ڇا اهي ٻئي ڀيٽڻ سان برابر ٿيندا؟ الحمدلله، پر ڪيترا ئي ماڻهو (اهڙا آهن) جيڪي نادانيءَ ۾ پيل آهن |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي نبي!) توکي به بيشڪ مرڻو آهي ۽ بيشڪ انهن کي به مرڻو آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
پوءِ نيٺ بيشڪ توهان ڏينهن قيامت جي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پنهنجو مقدمو پيش ڪندؤ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ ڪير ان شخص کان وڏو ظالم هوندو جنهن ڪوڙ ٺاهيو الله تي ۽ ڪوڙو ڪيائين سچ کي جڏهن اهو وٽس آيو، ڇا ناهي جهنم (دوزخ) ۾ ڪو ٺڪاڻو اهڙن ڪافرن جي لاءِ |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪو شخص آيو سچائي کڻي ۽ جن سچو ڪري مڃيو ان کي، اهي ئي (عذاب کان بچڻ وارا) خوف رکندڙ آهن |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
اهي جنهن جي به خواهش ڪندا اهو سڀ ڪجهه کين ملندو سندن رب وٽ، اها ئي جزا آهي نيڪي ڪندڙن جي |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
ته جيئن ميساري الله انهن جا بڇڙا ڪم جيڪي انهن ڪيا ۽ عطا ڪري انهن کي سندن اجورو عيوضو انهن سٺن ڪمن جو جيڪي اهي ڪندا رهيا |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
(اي نبي!) ڇا الله ڪافي نه آهي پنهنجي ٻانهن جي لاءِ؟ ۽ توکي خوف ڏيارين ٿا اهي ماڻهو سواءِ الله جي، ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي الله پوءِ ڪير آهي ان کي رستو ڏيکارڻ وارو؟ |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنهن کي هدايت ڏئي الله تنهن کي ڪوبه ڀٽڪائڻ وارو ناهي، ڇا ناهي الله زبردست وٺڻ وارو بدلو |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
۽ جي انهن ماڻهن کان تون پڇندين ته ڪير آهي پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جو، ته اهي خود به چوندا ته الله، کين چؤ ڇا پوءِ خبر ڏيو اها ته جن کي پڪاريو ٿا توهان سواءِ الله جي، ارادو ڪري الله نقصان پهچائڻ جو مون کي ته اهي ٽاري سگهندا مون کي ان نقصان کان يا جي اهو ارادو ڪري مون تي رحمت ڪرڻ جو ته ڇا اهي روڪي سگهندا ان جي رحمت کي؟ انهن کي چؤ، ڪافي آهي منهنجي لاءِ الله ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ وارا ڀروسو ڪندا آهن |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
صاف ٻڌائينِ ته، اي منهنجي قوم! توهان ڪم ڪندا رهو پنهنجي ليکي، آئون به ته پنهنجو ڪم ڪندڙ آهيان، پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته ڪنهن تي ٿو اچي عذاب خوار ڪندڙ ۽ ڪنهن کي ٿي سزا ملي اها (عذاب جي) جيڪا ٽرڻ واري ناهي |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
(اي نبي!) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي توتي هي ڪتاب سڀني انسانن جي لاءِ حق سان، پوءِ جيڪو سڌي راهه رکندو سا ان جي لاءِ هوندي ۽ جيڪو ڀٽڪندو، پوءِ ان ڀٽڪڻ جو وبال ان تي ئي هوندو ۽ ناهين تون انهن جو ڪو ذميوار |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
اهو الله ئي آهي جيڪو قبض ڪري ٿو روح جيئرن جا سندن موت جي وقت ۽ جيڪو اڃا ناهي مئو (ان جو روح) ننڊ ۾ ڪڍندو آهي، پوءِ روڪي ٿو ان کي پنهنجي حڪم سان جنهن جو موت آهي ۽ ڇڏي ٿو موٽائي ٻين جي روحن کي وقت مقرر تائين، بيشڪ انهيءَ ۾ آهن وڏيون نشانيون انهن جي لاءِ جيڪي سوچ سمجهه وارا آهن |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
ڇا ڇڏي انهن ماڻهن الله کي، ٻيا کڻي شفاعت ڪندڙ بڻايا آهن؟ کين چؤ، (ڇا اهي شفاعت ڪندا) جن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي ۽ نه ئي انهن کي ڪو عقل ئي آهي |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
چوين، الله ئي آهي شفاعت جو سمورو اختيار رکندڙ، اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو، پوءِ انهيءَ ڏي ئي توهان موٽايا ويندؤ |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن ذڪر ڪيو وڃي ٿو اڪيلي الله جو ته درد ٿئي ٿو دلين ۾ انهن کي جيڪي نٿا رکن ايمان آخرت تي ۽ جڏهن ذڪر ٿئي ٿو ان کان سواءِ ٻين جو ته پوءِ امالڪ خوشيءَ وچان ٽڙڻ لڳن ٿا |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
چؤ (اي نبي!) اي الله! پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جا، (اي) علم رکندڙ غيب ۽ ظاهر جا! تون ئي فيصلو ڪندين پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا رهيا آهن |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن اهي ظالم (جيڪا ڪجهه دولت آهي) زمين ۾ اها سڀ ۽ ايتري ٻي به جي عيوض ۾ ڏيڻ چاهيندا بڇڙي عذاب کان بچڻ لاءِ ڏينهن قيامت جي، ۽ ظاهر ٿيندو انهن جي آڏو جيڪي آهي طرفان الله جي، جنهن جو انهن ڪڏهن ڪو اندازو ئي نه ڪيو آهي |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
۽ ظاهر ٿيندا انهن تي برا نتيجا اتي جيڪي انهن ڪم ڪيا ۽ اها ئي شيءِ وڪوڙي ويندي انهن کي جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
پوءِ جڏهن پهچي ٿي انسان کي ڪا تڪليف ته پڪاري ٿو اسان کي، پوءِ جڏهن عطا ڪندا آهيون ان کي نعمت پنهنجي ته چوندو آهي، اها ته ڏني وئي مون کي علم جي ڪري، نه! اها ته آزمائش آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
اها ئي ڳالهه چئي چڪا آهن انهن کان اڳي گذريل ماڻهو، پر ڪم نه آيو انهن کي جيڪي ڪجهه اهي ڪمائيندا هئا |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڀوڳيائون برا نتيجا جيڪي انهن ڪمايو هو ۽ اهي ماڻهو جيڪي ظالم آهن سڀ سگهوئي ڀوڳيندا نتيجا پنهنجي براين جا جيڪي انهن ڪمايون ۽ اهي ناهن اسان کي لاچار ڪرڻ وارا |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڇا انهن کي معلوم نه آهي ته بيشڪ الله جنهن لاءِ گهرندو آهي (ان جو) رزق ڪشادو ڪندو آهي ۽ (جنهن لاءِ گهري ان جو) تنگ ڪري، بيشڪ ان ۾ نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(اي نبي!) چئي ڇڏ ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن زيادتي ڪئي آهي پنهنجو پاڻ تي، نه ٿيو مايوس الله جي رحمت کان، بيشڪ الله بخشي ٿو گناهه سمورا، بيشڪ اهو ئي غفور ۽ رحيم آهي |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
۽ موٽي اچو پنهنجي رب ڏانهن ۽ سندن تابعدار بنجي وڃو، ان کان اڳي جو توهان تي اچي ڪڙڪي عذاب، پوءِ نه ملي سگهندي توهان کي مدد ڪٿان ڀي |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ تابعداري ڪريو سهڻي ان نازل ڪيل ڪتاب جي جيڪو توهان ڏي موڪليو آهي توهان جي رب ان کان اڳي جو اچي وڃي توهان تي عذاب اوچتو ئي ۽ توهان کي ڪا خبر به نه پوي |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
ڪٿي ائين نه ٿئي جو بعد ۾ چوي ڪو شخص ته، افسوس! منهنجي ان ڪوتاهيءَ تي، جيڪا آئون ڪندو رهيس الله جي باري ۾ ۽ آئون به شامل هئس ٺٺوليون ڪرڻ وارن ۾ |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا چوي ته جي الله مون کي هدايت بخشي ها ته آئون به هجان ها پرهيزگارن مان |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا چوي جنهن وقت (اهو) ڏسي عذاب، جي مون کي وري هڪڙو موقعو ملي موٽي وڃڻ جو، ته آئون به نيڪوڪارن مان ٿي وڃان |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(۽ کيس هي جواب ملي ته) ڇو ڀلا! پهتيون تو وٽ منهنجون آيتون پر تو انهن کي ڪوڙو چيو ۽ وڏائي ڪئي، ۽ تون ته هئين ئي ڪافرن مان |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
۽ ڏينهن قيامت جي تون ڏسندين انهن ماڻهن کي جن ڪوڙ ٻڌو آهي الله تي، ته انهن جا منهن ڪارا هوندا، ڇا ناهي ڪا دوزخ ۾ رهڻ جي جاءِ وڏائي ڪندڙن جي لاءِ؟ |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ بچائيندو الله انهن پرهيزگارن کي سندن مراد موجب نه پهچندي انهن کي ڪا تڪليف ۽ نه اهي غمگين هوندا |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله خالق آهي هر شيءِ جو ۽ اهو ئي هر ڪنهن شيءِ جو نگهبان آهي |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
انهيءَ (الله) وٽ ڪنجيون آهن آسمانن ۽ زمين (جي خزانن) جون ۽ جن (ماڻهن) ڪفر ڪيو الله جي آيتن سان اهي ئي آهن نقصان ۾ پوڻ وارا |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
(اي نبي!) چؤ انهن کي ته ڇا آئون ڇڏي الله کي توهان جي چوڻ تي عبادت ڪريان ڪنهن ٻئي جي اي جاهلؤ! |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
۽ (تون انهن کي صاف ٻڌائي ڇڏ ته) بيشڪ (ائين) وحي موڪليو اسان تو ڏي توکان اڳي آيل (نبين وانگر)، ته جيڪڏهن تو شرڪ ڪيو ته چٽ ٿي ويندا عمل تنهنجا ۽ تون ضرور ٿي ويندين خساري وارن منجهان |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
(تنهنڪري اي نبي!) الله جي ئي بندگي ڪر ۽ ٿي وڃ شڪرگذار بندن مان |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
۽ نه ڪيو قدر (انهن ماڻهن) الله جو جيئن حق آهي سندس قدر ڪرڻ جو ۽ زمين ساري سندس مٺ ۾ هوندي ڏينهن قيامت جي ۽ آسمان ويڙهيل هوندا سندس ساڄي هٿ ۾، هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪن ٿا |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ ڦوڪي ويندي ان ڏينهن صور (پوءِ سڀ مري ڪِري پوندا جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾، سواءِ انهن جي (جن کي جيئرو رکڻ) گهري الله، پوءِ وري ڦوڪي ويندي ٻي صور، پوءِ امالڪ سڀ اٿي کڙا ٿي ڏسڻ لڳندا |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ روشن ٿي ويندي زمين نور سان پنهنجي رب جي ۽ آڻي رکيو ويندو ڪتاب (عملن جو) ۽ حاضر ڪيا ويندا سڀ نبي ۽ شاهد ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن جي وچ ۾ بلڪل حق سان ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر ڪنهن شخص کي جيڪي ان عمل ڪيا هوندا ۽ اهو (الله آهي) سڀڪجهه ڄاڻندڙ جيڪي ڪجهه اهي ڪن ٿا |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ (فيصلي کان پوءِ) هڪليا ويندا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو، دوزخ ڏي ٽولا ڪري، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ته پوءِ کوليا ويندا ان (دوزخ) جا در، ۽ چوندا انهن کي چوڪيدار انهيءَ جا (فرشتا) ڇا نه آيا توهان وٽ ڪي رسول توهان مان، جيڪي پڙهي ٻڌائين توهان کي آيتون توهان جي رب جون ۽ ڊيڄارين توهان کي ته ڏسڻو نه پوي ها توهان کي هي (اڄوڪو) ڏينهن؟ اهي چوندا، هائو! آيا هئا پر ثابت ٿي ويو (هي) ٻول عذاب جو (انهن) ڪافرن تي |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
چيو ويندو ته، داخل ٿي وڃو دروازن کان دوزخ ۾، جتي سدائين رهڻو آهي (توهان کي) پوءِ اها ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي وڏائي خورن لاءِ |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ روانو ڪيو ويندو انهن ماڻهن کي به، جيڪي ڊڄندا هئا پنهنجي رب کان، جنت ڏانهن ٽولن جي صورت ۾، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ۽ اڳ ۾ ئي کوليا ويا هوندا (جنت جا) دروازا ته چوندا انهن کي ان جا منتظم (فرشتا)، سلام هجي توهان تي خوش هجو، پوءِ داخل ٿي وڃو ان ۾ هميشه رهڻ جي لاءِ |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ اهي چوندا، شڪر آهي ان الله جو، جنهن سچو ڪري ڏيکاريو اسان کي پنهنجو وعدو ۽ وارث بڻايائين اسان کي زمين جو، هاڻي اسان بهشت ۾ رهون جتي به چاهيون، پوءِ سٺو آهي اجر عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
پوءِ ڏسندين ته ملائڪن کي گهيرو ڪندڙ چوڌاري عرش جي پاڪائي پيا بيان ڪندا ساراهه پنهنجي رب جي، ۽ فيصلو ڪيو ويندو ماڻهن جي حق مطابق ۽ اعلان ڪيو ويندو ته سڀ ساراهه آهي (فقط) الله رب العالمين جي لاءِ |