ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
ص، نصيحت واري قرآن جو قسم (تون بر حق نبي آهين). |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
پر اهي ڪافر (اجايو) وڏائي ۽ دشمني ۾ (غرق ٿي انڌا ٿيا) آهن. |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
اسان انهن کان اڳ ڪيترائي گروھ برباد ڪري ڇڏيا ته (عذاب جي وقت) اهي ماڻهون دانهون ڪرڻ لڳا پر ڇوٽڪاري جو وقت ئي نه رهيو هو. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ انهن ماڻهن کي هن ڳالھ کان حيرت ٿي ته انهن مان ئي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) انهن ڏانهن آيو پڻ ڪافر ماڻهو چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته وڏو (کيڏاري) جادوگر ۽ سخت ڪوڙو آهي. |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ڀلا (ڏسو ته) هن شخص سڀني بتن کي (مليا ميٽ ڪري رڳو) هڪ معبود مقرر ڪيو آهي، اها ڳالھ ته پڪ حيرت جهڙي آهي. |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
پڻ انهن مان ڪي ذمي دار ماڻهو هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) اٿي کڙا ٿيا ته (هتان) اٿو! ۽ پنهنجن معبودن جي عبادت تي قائم رهو، پڪ ان ڳالھ ۾ هن (شخص جو) ڪجھ (ذاتي) غرض آهي. |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اسان ماڻهن ته اها ڳالھ اڳئين دين ۾ ڪڏهين ٻڌي به ڪين! هجي نه هجي اها سندس ٺاهيل (ڳالھ) آهي. |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
ڇا اسان سڀني ۾ رڳو (محمد ئي لائق هو جو) ان تي قرآن نازل ٿيو. (نه!) ڳالھ هيءَ آهي ته کين (دراصل) منهنجي ڪلام ۾ ئي شڪ آهي (ته اهو منهنجو آهي يا نه) پر ڳالھ هيءَ آهي ته انهن ماڻهن اڃا تائين منهنجي عذاب جو مزو چکيو ئي نه آهي (تنهنڪري ئي اهي شرارت ڪن ٿا). |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
يا ته (اي رسول) تنهنجي زبردست فياض پالڻهار جي رحمت جا خزانا انهن وٽ آهن. |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
يا آسمانن ۽ زمين ۾ انهن ٻنهي جي وچ جي حڪومت سندن ئي آهي؟ ته پوءِ کين گهرجي ته رسا يا ڏاڪڻيون لڳائي (آسمان تي) چڙهن. |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
اي رسول! (اڳين نبين سان وڙهڻ وارن) گروهن مان هتي تنهنجي مقابلي ۾ به هڪ لشڪر آهي جيڪو هار کائيندو. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون. |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ جهنگ ۾ رهڻ واري (قوم شعيب) اهي (سڀني نبين کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن. هي اهي جماعتون آهن (جن هار کاڌي) |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
انهن سڀني (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جو سچو عذاب (به) اچي مٿن ڪڙڪيو. |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
هي (ڪافر) رڳو هڪ “رڙ” (صور) جو انتظار ڪن ٿا، جا (پوءِ کين) اک ڇنب جيتري (به) مهلت نه ڏيندن. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ اهي ماڻهو (ٽوڪ سان) چون ٿا ته پروردگار! حساب جي ڏينهن (قيامت) کان اڳ ۾ ئي (جيڪي) اسان جي قسمت ۾ لکيل (هجي) اسان کي جلد ڏئي ڇڏ. |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
(اي رسول! جهڙيون (جهڙيون) ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن تي (في الحال) صبر ڪر ۽ اسان جي عبد دائود کي ياد ڪر! جيڪو وڏي طاقت وارو هو (پر صبر ڪيائين) بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) رجوع ڪرڻ وارو هو. |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
اسان جبلن کي به سندس فرمانبردار ڪري ڇڏيو هو جو ان سان گڏ صبح ۽ شام خدا جي تسبيح ڪندا هئا. |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ پکي به (خدا جي ياد وقت) اچي ڪٺا ٿيندا هئا (۽) سندس چوڻ ۾ هئا. |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪري ڇڏيو پڻ اسان کيس حڪمت ۽ بحث (مباحثه) جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي هئي. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
(اي رسول) ڇا تو کي انهن دعوى دارن جي خبر به پهتي آهي؟ جڏهن اهي ڀت پٽي عبادت خاني ۾ آيا |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
(۽ اچي) جڏهن دائود وٽ بيٺا ته اهو انهن کان ڊنو، انهن چيس ته اوهين ڊڄو نه. (اسين ٻئي) هڪ مقدمي جون (ٻه) ڌريون آهيون جو اسان مان هڪ (ڌر) ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي. هاڻي اوهين اسان جي وچ تي حق سچ جو فيصلو ڪريو ۽ انصاف نه ڇڏ ۽ اسان کي سنئين واٽ لايو. |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
(ڳالھ هئين آهي ته) هي (شخص) منهنجو ڀاءُ آهي. کيس نوانوي رڍون آهن ۽ مون کي (فقط) هڪ رڍ آهي، تنهن هوندي به هي مون کي چوي ٿو ته اها دنبي به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ مون تي سختي ڪري ٿو. |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
دائود (سواءِ ٻي ڌر جي پڇڻ جي) چيو ته هي جو تنهنجي دنبي تو کان وٺي پنهنجين دنبين ۾ ملائڻ گهري ٿو ته اهو تو تي ظلم ٿو ڪري ۽ گهڻن ڀائيوارن ماڻهن (جي پڪ اها حالت آهي جو) هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا رهندا آهن، پر جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا (اهي ائين نه ڪندا آهن) ۽ اهڙا شخص تمام ٿورا آهن (اهو ٻڌي اهي ٻئي ته هليا ويا) پر دائود سمجهيو ته اسان سندس امتحان ورتو (۽ پاڻ ان ۾ پاس نه ٿيو) پوءِ ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرڻ لڳو ۽ سجدي ۾ ڪري پيو، (۽ مون ڏي رجوع ٿيو) |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
ته اسان سندس اها (لغزش) معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ سٺي پڄاڻي آهي. |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(اسان فرمايس ته) اي دائود! اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب مقرر ڪيو ته تون ماڻهن ۾ بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪندو ڪر! ۽ نفساني پيروي نه ڪر. نه ته اها ڳالھ تو کي خدا جي راھ کان ٿيڙي ڇڏيندي. بيشڪ جي ماڻهو خدا جي راھ کان ٿڙن ٿا تن جي تمام سخت سزا ٿيندي ڇو ته انهن ماڻهن حساب جي ڏينهن (قيامت) کي وساري ڇڏيو. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو بيڪار نه پيدا ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي پوءِ ڪافرن لاءِ دوزخ جو ويل آهي. |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
ڇا! جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اسين انهن جي برابر ڪيون جيڪي روءِ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا وتن ٿا يا اسين پرهيزگارن کي بدڪار ماڻهن وانگر بنايون؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
(اي رسول) جو ڪتاب (قرآن) اسان تو تي نازل ڪيو آهي (سو وڏي) برڪت وارو آهي، هن لاءِ ته ماڻهو سندس آيتن ۾ غور ڪن پڻ هن لاءِ ته سمجھ وارا سبق حاصل ڪن. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پٽ) عطا ڪيو، (اهو به) ڪهڙو چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو (اسان ڏي) رجوع ڪندڙ هو. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
اوچتو شام جي وقت خاصي جا اصول گهوڙا سندس اڳيان آندا ويا. |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
(ته ڏسڻ ۾ لڳي ويو ته نفلن کي دير ٿي ويس ۽ ياد اچڻ تي) چيائين ته مون مال جي الفت کي پنهنجي پالڻهار جي ياد تي پسند ڪيو آهي! تان (سج) پردي ۾ لڪي ويو. |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
(ته چيائين چڱو) انهن گهوڙن کي مون ڏانهن وري آڻيو. (جڏهن آيا) ته (دير ڪرڻ جي ڪفاري ۾) گهوڙن جي ٽنگين ۽ ڳچين تي (ذبح لاءِ) هٿ ڦيرڻ (ڪهڻ) شروع ڪيائين. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇلايوسون پوءِ (پاڻ کي مون ڏانهن) رجوع ڪيائين. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
(۽) چيائين پالڻهار! مون کي بخش ۽ مون کي اهو ملڪ عطا فرمائي جو مون کان پوءِ ڪنهن جي به لائق نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين. |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ چاهيندو هو اتي آرام سان هلندي هئي. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ (اهڙي طرح) جيترا شيطان جاين اڏڻ وارا ۽ غوطا لڳائڻ وارا هئا، سڀني کي تابع ڪري ڇڏيو. |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به، جيڪي زنجيرن ۾ قابو ٿيل هئا. |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(اي سليمان!) هي اسان جي بي حساب عنايت آهي پوءِ (ان کي ماڻهن کي ڏيئي) احسان ڪر يا (سڀ) پاڻ وٽ رک. |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ سليمان جي اسان جي بارگاھ ۾ قرب ۽ مرتبو ۽ عمدي جاءِ آهي. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ (اي رسول) اسان جي (خاص) عبد ايوب کي ياد ڪر! جڏهن ان پروردگار کي فرياد ڪئي ته مون کي شيطان ڏاڍي تڪليف ۽ ايذاءِ پهچايو آهي. |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(ته کين چيو ته) پنهنجي پيرن سان (زمين کي) ٿڏو هڻ! (جڏهن چشمو نڪتو ته اسان چيس ته اي ايوب!) تنهنجي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ هي ٿڌو پاڻي (حاضر) آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ اسان سندس گهروارن ۽ ان سان اوتري ئي پڻ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان (اولاد وغيره) عطا ڪيس ۽ عقل وارن جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت (مقرر ڪئي) |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (اسان چيو) اي ايوب! تون پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري کڻي ۽ ان سان (پنهنجي زال کي) هڻ! ۽ پنهنجي قسم ۾ ڪوڙو نه ٿي. اسان ايوب کي پڪو صابر لڌو اهو ڪهڙو نه چڱو هو. بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) جهڪڻ وارو هو. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ (اي رسول) اسان جي ٻانهن مان ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر! جي طاقت ۽ بصيرت وارا هئا. |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
اسان انهن شخصن کي هڪ خاص صفت، آخرت جي ياد سان ممتاز ڪيو هو. |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
بيشڪ اهي اسان جي بارگاھ ۾ برگزيدا ۽ نيڪ ماڻهن ۾ آهن. |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ (اي رسول) اسماعيل اليسع ۽ ذوالڪفل کي (به) ياد ڪر ۽ اهي سڀ نيڪ بندن مان آهن. |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
هيءَ هڪ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهزگارن لاءِ (آخرت ۾) يقيني چڱي آرام گاھ آهي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
(يعني) هميشه جي رهڻ جا (بهشتي) سدا بهار باغ جن جا دروازا انهن لاءِ (سدائين) کليل رهندا. |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
۽ اهي شخص اتي ٽيڪ ڏيئي (آرام سان ويٺا) هوندا اتي (بهشت جي خدامن کان) گهڻائي ميوا ۽ شراب گهرائيندا. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ سندن پاسي ۾ (شرم کان) هيٺ ڪيل اکين واريون عم عمر زالون هوندن. |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
(مومنو!) هي اهي خبرون آهن جن جو حساب جي ڏينهن (قيامت) جي لاءِ اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ اها اسان جي (ڏنل) روزي آهي جا ڪڏهين نه کٽندي اهو (پرهيزگارن جو بدلو آهي) |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
۽ سرڪش جي ته يقينا بڇڙي جڳھ آهي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
جهنم جن ۾ کين وڃڻو پوندو، ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
اهو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکيندا رهن. |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي. |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
(ڪن ماڻهن لاءِ انهن جي سردارن کي) چيو ويندو هيءَ (اوهان جي چيلن جي) فوج به اوهان سان گڏ ئي ڌوڪي ويندي سندن ڀلو نه ٿئي! اهي سڀئي دوزخ ۾ وڃڻ وارا آهن. |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
۽ (ته چيلا) چوندن (اسين ڇو؟) پر اوهين (جهنمي آهيو) اوهان جو ڀلو نه ٿئي! توهان ماڻهن ئي ته هن مصيبت جي منهن ۾ وڌو ته جهنم به ته ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي. |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
(پوءِ وري) عرض ڪندا پروردگار! جنهن اسان کي هن (مصيبت) ۾ وڌو تنهن تي ته اسان کان وڌيڪ دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڪر. |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ (وري) پاڻ به چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو جو اسين جن ماڻهن کي (دنيا ۾) شرير ڄاڻندا هئاسين تن کي (هتي دوزخ ۾) نه ٿا ڏسون. |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
ڇا اسين انهن سان (ناحق) ٺٺوليون ڪندا هئاسون يا انهن کان (اسان جون) اکيون ڦري ويون آهن. |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ اهو بلڪ پڪ ٺيڪ آهي. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
(اي رسول) تون چوين ته آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان ۽ واهد قهار خدا کان سواءِ ڪوئي معبود عبادت جي لائق نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن (تن سڀني جو) پالڻهار وڏو بخشڻهار آهي. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
(اي رسول! کين) ٻڌائي ته اها (قيامت) هڪ وڏو واقعو آهي. |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
جنهن کان اوهين ماڻهو (اجايو) منهن موڙيو ٿا. |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
عالم بالا جي رهڻ وارا (فرشتا) جڏهن پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا تنهنجي مون کي به خبر ڪين هئي. |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏي رڳو وحي ڪيو ويو آهي ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
(اهو بحث هي هو ته) جڏهن ته اوهان جي پروردگار فرشتن کي چيو ته آءُ آليءَ مٽي مان هڪ آدمي بنائڻ وارو آهيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
ته آءُ جڏهن کيس درست ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهين سڀئي سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
ته سڀني فرشتن (ته) سجدو ڪيو، |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
پر (هڪ) ابليس جنهن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
خدا (ابليس کي) فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان بنايو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
(ابليس چوڻ لڳو ته آءُ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو ۽ هن کي تو آلي مٽي مان پيدا ڪيو (ڪٿي باھ ڪٿي مٽي) |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
خدا فرمايو تون هتان نڪر! (دفع ٿي) تون ته پڪ مردود آهين. |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ تو تي حساب جي ڏينهن (قيامت) تائين منهنجي لعنت آهي. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
ان چيو ته اي منهنجا پالڻهار! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويندي. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
هڪ ٺهرايل (مقرر ڪيل) وقت تائين. |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
هن چيو تنهنجي ئي عزت (۽ جلال) جو قسم سڀني کي گمراھ ڪندس. |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
مگر سواءِ تنهنجي خاص بندن جي، |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
خدا فرمايو ته (اسين به) سچي ڳالھ (ٿا ٻڌايون) ۽ آءُ سچ ئي چوندو ڪندو آهيان. |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته تو سان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ نه ته هن (تبليغ رسالت) جي اوهان کان مزدوري گهران ٿو ۽ نه آءُ (ڪوڙ بدوڙ) ڏيکاءُ ڪرڻ وارو ئي آهيان. |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
هي (قرآن) ته رڳو سموري جهان لاءِ نصيحت آهي. |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اوهان کي ان جي حقيقت معلوم ٿي ويندي. |