ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
الله جلّ جلالہٗ، سمجھي معنىٰ صاد، ساک سچي قُرآن جِي، جو جڳ ڏِيندڙ ياد، |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
اُٽلو جَن اِنڪار ڪيو، سي مَنجھ ڦُونڊ فساد، |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
ڪياسون جڳ ڪيترا، اُنهن کان اڳ بَرباد، پوءِ ڪيائون فرياد، ته ڀَڄڻ ڀِيڻِي ناھِ ڪا. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ اُٽلو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿيا حيران، ته آيُن ڪو اُنهن مَنجھان، خَبرون ڏِيندڙ خان، ۽ هِي ڪوڙو ڪار اَ کريو، ڪَهڻ لڳا ڪُفران، |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ته سَوِين دَرگاهون ديسيِـين، ڏِين جَنين تي ڏان، آهي عجب عيان، ته هِن سَموريون هِڪ ڪيون. |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ ٽولِي ٽَري اُنهن مان، ته هَلو ته، هَلون يَڪا، پَنهنجي پُوڄ، پِيرن تي، ڪَريو پير پَڪا، اِي ڪِهڙي ڳالھ ڪا، جنهن جو رکن اسان ۾ آسرو؟ |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
ٻِئي ڪِنهن ڌَرم، دِين ۾، هِي ڪَنِين سُئيِسُون ڪانه، هِي ڪُوڙ سوا ڪُجھ ناھِ ٻِيو، |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
ڇا، اُن جو ايڏو شان؟ اَسان وِچان اُن تي، لاٿو وِيو قُرآن، نه آهِن نَصِحيت تي اِهي، مگر مَنجھ گُمان، جڏهن مَنجھ جھان، ڪام نه چکيائون قَهر جِي. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
ڇا، تُنهنجي رَبَّ جي رَحمت جا، اُنهن وَٽ اَنبار؟ صفت جنهن صاحب جِي، ڏاڍو ۽ ڏاتار، |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
يا اَندر اَڀن ۽ ڀُون جي، پڻ جيڪِي مَنجھن جِنسار، آهي هَٿ اُنهن جي، سَڀڪا سار سَنڀار، ٿِي سِيڙهيَن مَنجھ سُوار، مَرچَڙهن پوءِ چوٽئـِين! |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
ِڪِهڙو ڪَٽڪ قومن مان، هُت ڀڳل ۽ بَرباد، |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
ڪُوڙو قوم نُوح جِي، چيو، اِنهيان اڳ اِرشاد، ۽ فِرعون ڦاهِيَن جو ڌَڻِي، توڻي عاد، |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
توڻي ثَمُود، ۽ لَشڪر قوم لُوط جو، پڻ اَيڪت ۾ آباد، فوجون اَصل فساد، اِهي ماري مُڃ ڪَيو وِيون. |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
سي هُئا نه هِنَيس ڌار، ته ڪُوڙو ڪوٺيون مُرسَلِين، پوءِ مُنهنجي سزا ثابِت ٿئـِي، تَن مَٿي تڪرار، |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
فقط ڦُوڪ هِڪ جو، اُهي ڪَڍن اِنتظار، پوءِ ڪانهِي اِنهن لئي وار، اَصل اوٻاسِي هِڪ جِي. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ آکيؤن ته عَمل، اَسان جا سانيَمِ!، رَبَّ سُڄاڻ! مَهند مَحشر ڏِينهن کان، جَلد اَسان تي آڻ، |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
سوسَہ صَبر ساڻ، جي ڳالهائـِين ڳهيلڙا. ۽ ياد ڪر دائُود کي، جو طاقت مند تمام، عَملدار اسان جو، وَرندڙ، وِير، وَريام، |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
تابِع ڪياسون تِنهن جا، جبل جوراڻا جام، |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
پَکِي پَکڻ اُن وٽ، حاضِر گڏ، حُشام، ميڙ مِڙوئـِي اُن ڏي، موٽندڙ مُدام، |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
مَضبوط ڪيوسون مُلڪ تِنهن، لشڪر مَٿي لام، ۽ صَحِي سَمجھ اُن کي، اَسان ڪَئـِي اِنعام، پڻ سُهڻو صاف ڪلام، عَطا ڪيو سون اُن کي. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
۽ آيو ڪو اوهان، مُدعِي جو مَذڪور؟، مَسجد ۽ مِحراب جِي جڏهن ڪيائون دَرپُور، |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏهن داخل ٿيا دائُود تي، ته هِراسيو کائُن حُضور، مُرسل! ڊِڄ نَه مُور، چيائون اهڙِي چال سان. ٻه طرف اَسان مان، هِڪ ٻئي،مَٿي واڌ گُھرن هِن وير، پوءِ عدل ۽ انصاف سان، نِياءُ تون نبير، رَک نه فرق، ڦير، ۽ سَنئـِين سُهائـِيون واٽڙِي. |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
هِي آهِمِ ڀاءُ، اُن جون رِڍون نوانوي، مُنهنجِي مُرڳو رِڍ هيڪڙِي، سابه ڏِيِينمِ چوي، ۽ پاڻا زور پَوي، ٿِيو چَهرو کائمِ چوڻ ۾. |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
چي، توسان هِن ڪَلُور ڪيو، سَچ پَچ مَنجھ سُوال، تُنهنجِي گڏڻ، پَنهنجِينَ سان رِڍ، رِڍن نال، گھڻا گاڏڙ مال، هَڻنِ حَق، ٻئي سَندا. مگر جَن مَڃيو، ڪيائون ڪم خير، ۽ اِهڙا مَرد مَٿير، لَڀنِ ٿورا لوڪ ۾. ۽ سَمجِھي وِيو ائود، ته پَڪ پرکيوسون اُن کي، پوءِ سَتائـِين سائينيَسِ کي، ۽ ڪِريو مَنجھ سُجود، ۽ موٽيو؛ |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
مَرهِي سُونسِ پوءِ، سازِيادتِي زُود، ۽ اَسان وَٽ اُن لئي، آهِن مرتبا موجود، وَرِي جاءِ وُرُود، موچارِي مَحلات |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
نائـِب ڪيو سون توکي، ڌرتِئَ تي دائُود!، پوءِ ڪَر حق جا فيصلا، ماڻهن وِچ موجود، ۽ هَل نه ٿِي هَلڪڙو، سَڌ پُٺيان بي سُود، واٽان رَبَّ، وَدُود، وِرسائنئـِي وِير! پوءِ. جي ڀُلن ربَّ جِي راھ کان، اُنهن لئي سخت عذاب، سَندِي حَرف حِساب، جيلانهن وٖيل وساريون. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، بِلڪُل ڪي بيڪار، پڻ جوڙون ۽ جِنسار، جي آهِن، اُنهن جي وِچ ۾. ڦِريا جي فَرمان کان، اُنهن ڪيو گُمان، پوءِ جي ڦِريا کان فَرمان، اُنهن لئي آهون آڳ کان!! |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا،ڇا، اَسِين ڪنداسون اُنهن کي، مَنجھ مُهت ۽ مان، تَن جِھڙو، جي زمين ۾، وَسندِيون ڪَن ويران؟ يا نيڪن ڪريون نِڌان، ڏوهِيَن جِھڙو ڏات ۾؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
ڪتاب، اُتاريوسُونسِ تو اُتي، بَرڪت سان ڀَرپُور، اُن جي آيتن کي، جاچِينِ تان ضَرُور، ۽ عاقِل، اَهل شُعور، پَڙهي پِرائـِين فيض ڪو. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ ڏِنوسون دائود کي، سُليمان سُونهارو، ٻانهون موچارو، رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
پوچاڙِي پيش تِنهِين، جڏهن ڪيا وِيا ڪيڪان، ڪَڙھ ۾ کَڙا کُر مَٿَي، مارِيندڙ مَيدان، |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائـِين، ته چاهِيمِ مال کي، گَلي ۾ غَلطان، سانيَمِ جي سارڻ ڪنان، ۽ ياد ڪنان يَزدان، تان وَڃِي لِڪو لَڪَس ۾، ٿيو پَردي ۾ پِنهان، |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
مُون ڏي موٽايو تَن کي، پوءِ کَنيو کَنون خان، ڪيائـِين قَربان پِيو گُڏي گوڏا، بُڪيون. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ وَرتو سُليمان جو، اَسان اِمتحان، ۽ اُڇليو سون اُن جي تخت تي، جُسو، ڪو بي جان، موٽي مِهربان، رُجُوع ٿِيڙو رَبَّ ڏي. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين ته مَرھِ مُونکي، سانيَمِ رَبَّ ستار!، ۽ مُون کي مُلڪ اِهڙو، ڏِياريِين ڏاتار!، ته مون کان پوءِ مُختار!، حاصِل نه ٿئي هيڪڙي. اَلله تون ئـِي آهِين، بي شڪ بَخشڻهار، |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ واري ڪيوسون واءَ کي، تِنهنجو تابِعدار، ٿو هلي سَندسِ حُڪم سان، نَرم نَرم نِبار، ويجهاڏُور وَلهار، گوهر گَشت جِتي گُھريو. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ اوڏ، اَڏِيندڙ عِمارتون، سَرڪش سَڀ شيطان، ڪي ٽوٻا ڪَڍن ٽُٻِيو، موتِي ۽ مَرجان، |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
سوگھا سَنگھرن ۾، ٻئا اُنهن مان ٻان، |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
اِها سَڀ اَسان جِي، بَخشش بي گُمان، پوءِ ڏي ۽ جَھل پاڻ وَٽ، بنان کَنڌي خان!، |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ آهي اَسان وَٽ اُن لئي، مَهندان مُهت مان، پڻ آهِن عالِيشان، مَحل موچاريون ماڙيون. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ اَندر سارِ، اسان جو، اَيُّوبَ نيڪ بَندو، رَهيو پَنهنجي ربَّ کي، جڏهن ڪيرتون ڪَندو، شيطان ڪِنهن نُقصان جو، ڦيرايَمِ ڦَندو، ڪِنهن وَڏي سُور سَندو، رَهزن رَنج رساڻيو. |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
حُڪم ٿيَسِ ته هَڻ تون، پَٽ تي پَنهنجو پير، توهان لئي خير، ٿڌو ۽ مِٺو مُورهين. |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ عطا ڪيوسون اُن کي، سَندسِ آل عيال، ۽ اُنهِئَ سان گڌ اوترِي، مِلڪيت تِنهن مِثال، پَنهنجي پاران ڀَال، پڻ عِبرت عاقِلن لئي. |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ ڪامِل! مُٺ ڪَکن جِي، هَٿ پَنهنجي ۾ کَڻ، پوءِ اُنهِئَ سان هَڻ، سونهن ۾َ اوڍ، سِر مَٿي. لاشڪ لَڌو سون اُن کي، صابر سُونهارو، ٻانهون موچارو، سو رُجُوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ سار اسان جا سِپرِين، ٻانهان نيڪو ڪار، اِبراهِيم، اِسحق، پڻ يَعقُوب سڳورو سالار، طاقتمند تمام گھڻا، چٽيَن اکين چوڌار، |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
چُوندي کَنياسُون خَلق مان، خالِص نِج نِبار، جَن کي ٻئي جَھان جي، ڪارڻ پِرت پَچار، |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
ڌُوئل اسان وٽ، دوست سي، ڀَلا بَرقرار، |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ اِسماعِيل، اَلْيَسَعَ، ذُوالْكِفْل جو، پڻ رَک اَندر اَذڪار، ۽ مِڙوئـِي مُختار، |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
هِي ياداشت يَقِين سان. ۽ سُهڻي جاءِ سَچن لئي، |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
گھاٽاگُل، گَلزار، کُلِيَل دَر اُنهن جا، هُوندا تَنِين هارِ، |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
سيجن مَٿي سامهان، بالِم بَرقرار، مِلندنِ مَنجھسِ مِهمانيون، ميوا موڪ مَلهار، |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
ٻِيَن پاڪِيزا اُنهن وٽ، ۽ ٻِيون هِڪ جيڏيون حَيادار، ڪارِينهدي ڏي، ڪُنڊ مان، نيڻن بَند نِهار، |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
هِي، سو ڏينهن حساب جو، جنهن جااوهان سان اِقرار، |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
هِي آهن رزق اَسان وَٽان، بخشش بيشمار، اُن کي آخِرڪار، کِيندي، کوٽ ناھِ ڪا. |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
پَنهنجن تي پالوٽ اِي، ۽ ڪانهيارن ڪاڻ، جاءِ بُڇڙي، |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
جَھَنَّمَ پُهچن مَنجھسِ پاڻ، ۽ وِڇُن ڀَريل وِڇاڻ، پوءِ ڏاڍو ڪو ڏکيو ٿيو! |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
بَدلو اِهائـِي باھِ، پوءِ مَزو مَاڻِينِ اُن مان، گرم ۽ گند ڦَٽن جو، بَدبُوءِ ڀَريو بااللهِ! |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
اِن ٻارِين ٻِيا بِه باھ، ڪَئين جي قِسم ڪيترا!، |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
هِي فوج اوهان سان آڳ ۾، ٻيڙِي بي شُعور، نه سَلام، نه ڪَلام اُنهن سان، نه مَرحبا ڪامُور، مڱر ۾ مَجبُور، سَڙِي سي سوڪ ٿيا. |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
پوئـِلڳن پاٻوهِيو، اي اسان جا اڳواڻ!، مَرحبا ڪا مُورهِين، ڪانهي اَوهان ڪاڻ، اوهان آڳ اسان لئي، پَهرِين آندِي پاڻ، هَنڌ پَنهنجو هاڻ، بِلڪُل ڪو بُڇڙو ٿيو! |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
دانهيؤن، ته ڌَڻي اسان جا!، جَن آنداسون اِن ماڳ، اُن تي اَندر آڳ، ٻِيڻو ٻارِ تون. |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
چَيائون چِٽ ڪِهڙو، آهي اَسان ساڻ؟ ته مَٺاڀانيا سون مَرد جي، سي هِت نه پَسون هاڻ، |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
جَن کي اَسان پاڻ، هو کَڻِي کِل بَنايو. اَ کيون اَسان جون اُنهن ڪنان، ڦِرِي وِيون فِى الحال، |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بَرحق آھِ بَحال، اِي جھڳڙو جَھَنَّمِيَن جو. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
چئو، آئون ته آهيان آڳ کان، ڪندڙ خبردار، ته ڌُر کان دَرگاھ ناھِ ڪا، هڪ ڌڻئَ کان ڌار، سو اَڪيلو اُوپَري، تَن سَڀن لَهندڙ سار، |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
اُڀ، عَرش ۽ فَرش جو، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، اَپر عِزتدار، مَديون مَرهِيندڙ مِهرسان. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
چَئو، ڳَرِي آھِ ڳالهڙِي، |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
جِنهن کان، اَوهِين ڪريو اِنڪار، |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
مُون کي مَٿِين دَرٻار جِي، سُڌ نه، سَماچار، جڏهن پِيا ڪَن پاڻ ۾، دعوٰى ڌارو ڌار، |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مُڪو نه وَڃي ٿو، مگر هِي پارايو مُون پارِ، آهيان آئون اِظهار، اِطلاع ڏيندڙ آگ جو. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
تُنهنجي مالِڪ مَلڪن کي، جڏهن فائـِق ڪيو فرمان، آهِيان خَلقِيندڙ خاڪ مان، آئون هِڪ اِنسان، |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
جڏهن تيار ڪَيمِ، تِنهنجو بوتو بي گمان، وَرِي سَندسِ وجُود ۾، ڦوڪِيم پَنهنجِي جان، پوءِ سامهون تِنهن سُلطان، نَمِي سَڀ سَلام ڪريو. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ ڪُل مَلڪن صَحِي ڪيو سَلام، |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
اِبلِيس ري، پِيو خُودِي ۾ خام، هُئو اِنڪاريَن مان اَصل ئـِي. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
پاڪ ڌَڻِي پاٻوهيو، ته اي شامِتي شيطان!، روڪيو سَندسِ سلام کان، توکي ڪنهن تعبان!،پَنهنجن پاڪ هَٿن سان، خَلقِيُمِ جيڪو خان، مُفت مَٿاهون پاڻ کي، ڀانيئـِي بي گُمان، يا آهِين تون اُنهن مان، جَن جو مٿاهون مان؟ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
چي، آئون ڀَلو اُن ڪنان، هِن سبب سان سُبحان! ته مون کي بَنايَئـِي باھِ مان، هُو خاڪ مان خاقان، |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
چي، هِڪدَم نِڪر هِن مان، تون نِڪتل آهِين نادان! |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ توتي لَعنت لِعان، مُنهنجِي مَحشر ڏِينهن سِين. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
چي مالِڪ! ڇَڏ مون، اُن ڏِينهن سِين، ته اُٿاربا، |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
باقي، مَٿي ڀُون، مُهلَتيَنِ مان مُورهِين. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
چي، آهِين وَقت مَعلوم جي، ڏِينهن تائـِين تُون، |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
چي، آگا! تُنهنجِي عِزّت جو، قسم برقرار، ته گمراھ ڪَندسِ گس ڪنان، تَن مِڙنِي کي تڪرار، |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
تَن پاڪ پُڄارِيَن ڌار، جي هُوندا توهيڪ جا. |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
چي، ثابت آهي سَچ، ۽ سَچ بِه صَفا آئون چَوان، |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
تون ۽ اُنهن مان تو پُٺيان، جَن قبوليو ڪَچ، تن مِڙني سان مَچ، بيشڪ ڀَرِيندسِ باھِ کي. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
چَئو، آئون نه اَوهان کان ٿو گُھران، اِن تي پورهيو پار، نَڪِي آهيان اُنهن مَنجھان، جي بيجا رکندڙ بار، |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
ناهِي قُرآن ڪَرِيم هِي، نِج نَصِحيت ڌار، جُملي جَھانن لئي، |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ ڪِنهن وقت پُڄاڻا وار، ڪندا برقرار، اُن جي خَبر جِي خاطرِي. |