ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
ص (حقيقي معنى الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو. |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
بلڪه اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي غرور ۽ مخالفت ۾ (پِيَلَ) آهن. |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
اسان ڪيترين ئي امتن کي انهن کان اڳ هلاڪ ڪيو پوءِ (عذاب ڏسي) دانهون ڪيائون حالانڪه اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هيو. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ عجب ڪيائون هن ڳالهه جو ته انهن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، ۽ ڪافرن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي. |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ڇا ان سڀ معبودن جو هڪ ئي معبود بنايو آهي. بيشڪ اها وڏي عجب جي ڳالهه آهي“. |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ انهن مان سردار هي چوندا اٿي هليا ته: ”هلو پنهنجي معبودن (جي پوڄا تي) ڄميل رهو، بيشڪ ان ڳالهه ۾ ضرور ڪو (ذاتي) غرض آهي. |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اسان اها ڳالهه پوئين دين (يعني نصرانيت) ۾ به نه ٻڌي، بيشڪ هي رڳو هڪ ٺاهه آهي. |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
ڇا اسان سڀني وچان صرف ان تي ئي ذڪر (قرآن) لاٿو ويو آهي“. بلڪه اُهي منهنجي نصيحت جي باري ۾ شڪ ۾ آهن، بلڪه انهن اڃا تائين منهنجي عذاب (جو مزو) نه چکيو آهي. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت جا خزانا آهن؟ جيڪو غالب عطا ڪرڻ وارو آهي. |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
يا ته انهن وٽ آسمانن ۽ زمين جِي ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي ان جي بادشاهت آهي. (اگر آهي) ته اُهي رسيون ٻڌي (آسمان تي) چڙهن. |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
هي به (وڏن) لشڪرن مان هڪ (ننڍو) لشڪر آهي جيڪو ان جاءِ (يعني ميدانِ بدر ۾) شڪست کائڻ وارو آهي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن (سان عذاب ڏيڻ) واري به (نبين) کي ڪوڙو چيو هيو. |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (يعني شعيب جي قوم وارن) به (ڪوڙو چيو هيو). اُهي (وڏا) لشڪر هئا. |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو ته (انهن تي) منهنجو عذاب واجب ٿي ويو. |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
اُهي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز جو انتظار ٿا ڪن جنهن ۾ ڪابه ساهي ڪانه هوندي. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ چون ٿا ته: ”اسان جا پالڻهار حساب واري ڏينهن کان اڳ ئي اسان کي اسان جو حصو جلدي ڏي“. |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
صبر ڪر ان تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ اسان جي ٻانهي دائود کي ياد ڪر جيڪو وڏي قوت وارو هيو، بيشڪ اهو (اسان ڏانهن) رجوع ڪندڙ هيو. |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو هيو جيڪي شام ۽ صبح ان سان گڏ (الله جي) پاڪائي بيان ڪندا هئا. |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ پکين کي به جيڪي (ان وٽ) گڏ رهندا هئا. هر هڪ ان ڏانهن (فرمانبرداري لاءِ) رجوع ڪندڙ هيو. |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ اسان سندس بادشاهي کي مضبوط ڪيو هيو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصله ڪُن اندازِ خطاب عطا ڪيو هيو. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
۽ ڇا تو کي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالهه پهتي آهي. جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا؟ |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏهن اُهي دائود وٽ اندر آيا ته هو انهن کان گهٻرائجي ويو انهن چيو ته: ”نه گهٻراءِ، (اسان) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون اسان مان هڪڙي ٻئي تي زيادتي ڪئي آهي سو تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نا انصافي نه ڪر ۽ اسان جي سڌي واٽ طرف رهبري ڪر. |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. وٽس نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي. پوءِ هي چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ هي ڳالهائڻ ۾ مون کي دٻائي ويو آهي“. |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
(دائود) چيو ته: ”تنهنجي رڍ کي پنهنجي رڍن ۾ ملائڻ جو مطالبو ڪري هن تو تي زيادتي ڪئي آهي. بيشڪ گهڻا گڏجي سڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ اهڙا ماڻهو ٿورڙا آهن“. ۽ دائود سمجھي ويو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهريائين ۽ رڪوع ڪندي (سجدي ۾) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين. |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ اسان ان کي اها ڳالهه معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(اسان چيو) ”اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي سو تون ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل ورنه اها (خواهش) تو کي الله جي راهه کان هٽائيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا انهن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري جو انهن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو“. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ جيڪي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو اسان بي مقصد پيدا نه ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي، سو اهڙن ڪافرن لاءِ بربادي آهي (جهنم جي) باهه کان. |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، انهن ماڻهن وانگر ڪنداسين جي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن. يا اسان پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
هي ڪتاب (قرآن) برڪت وارو آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي هن لاءِ ته اهي ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ عقلمند نصيحت پِرائن. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پُٽ) بخشي ڏنو. اهو ڀلو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو (الله ڏانهن) موٽندڙ هيو. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
جڏهن شام جي وقت ان اڳيان تيز رفتار گهوڙا پيش ڪيا ويا. |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ مون هن مال جي محبت پنهنجي رب جي ياد جي سبب کان اختيار ڪئي آهي“، ايستائين جو جڏهن اهي گھوڙا (نگاهن کان) اوٽ ۾ اچي ويا. |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
(فرمايائين) انهن کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ لڳو انهن (گهوڙن) جي پِنِــيُن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ“. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمائش ۾ وڌو ۽ اسان ان جي تخت مٿان هڪ جسم آڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ ان (اسان ڏانهن) رجوع ڪيو. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي معاف ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به ميسر نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين“. |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان نرم نرم هلندي هئي جتي به اهو پهچڻ چاهي. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ شيطان (به سندس تابع ڪياسين) سڀئي جيڪي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (درياء ۾) ٽٻيون هڻندڙ هئا. |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ ٻيا (جِن) به جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا. |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(چيوسين) ”هي اسان جي عطا آهي پوءِ تون (ٻين تي) احسان ڪر يا (پاڻ تائين) روڪ (توتي) ڪوبه حساب نه آهي“. |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ ان لاءِ اسان جي بارگاهه ۾ خصوصي قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر. جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته: ”بيشڪ شيطان مون کي اذيت ۽ تڪليف پهچائي آهي“. |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(چيوسين ته) ”پنهنجو پير (زمين تي) هڻ، هي ٿڌو چشمو وهنجڻ لاءِ ۽ پيئڻ لاءِ“. |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ اسان ان کي سندس گهر وارا واپس ڏنا ۽ انهن سان گڏ ان جي برابر (وڌيڪ اهل و عيال ڏنا) اسان طرفان رحمت ۽ عقلمندن لاءِ نصيحت بنائي. |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (اي ايوب) تون پنهنجي هٿ ۾ تيلين جي مُٺِ (ٻهارو) وٺ ۽ (قسم پورو ڪرڻ لاءِ) ان سان (هڪ ڀيرو زال کي)مار ۽ قسم نه ٽوڙ. بيشڪ اسان ان کي صبر وارو لڌو. ڪهڙو نه سٺو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو ڏاڍو رجوع ڪرڻ وارو هيو. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي وڏي قوت ۽ نظر وارا هئا. |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان انهن کي هڪ خالص صفت سبب برگزيدو بنايو هيو اها (صفت) آخرت جي ياد هئي. |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اُهي اسان وٽ چونڊيل (۽) پسند ڪيل ٻانهن مان هئا. |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي به ياد ڪر. ۽ اُهي سڀ چونڊيل ٻانهن مان هئا. |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
هيءَ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
سدا بهار باغات آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن. |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
اُهي ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا ان ۾ گهڻا ميوا ۽ شربت پيا گهرائيندا. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ انهن وٽ جهُڪيل نگاهن واريون (شرميليون) هم عمر گھر واريون (حورون) هونديون. |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
هي اُهي (نعمتون) آهن جن جو حساب واري ڏينهن لاءِ توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ هي اسان جي بخشش آهي جنهن کي ڪا کوٽ ناهي. |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
هي (مؤمنن لاءِ آهي). ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
(اها جاءِ) جهنم آهي ان ۾ اُهي داخل ٿيندا، سا بڇڙي قيام گاهه آهي. |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
هي (عذاب آهي). پوءِ ڀلي ته ان کي چکن (اهو) ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پُونءِ آهي. |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ ٻيو به انهيءَ شڪل ۾ طرح طرح جو (عذاب) آهي. |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
(جهنم وارا اتي ايندڙ نئين ٽولي کي ڏسي چوندا) هي هڪ (ڏوهارين جي) فوج آهي جيڪا توهان سان گڏ (جهنم ۾) داخل ٿي رهي آهي انهن کي ڪا خوش آمديد ناهي. بيشڪ اُهي دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن. |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
اُهي (اچڻ وارا) چوندا: ”بلڪه توهان ئي آهيو جن جي لاءِ ڪا خوش آمديد نه آهي. توهان ئي ته هي (ڪفر ۽ عذاب) اسان جي اڳيان پيش ڪيو. پوءِ ڏاڍي بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي“ |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! جنهن هي (مصيبت) اسان جي سامهون آندي آهي تنهن کي باهه ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي“. |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ چوندا ته: ”ڇا ڳالهه آهي؟ جو اسان انهن مردن کي (هتي جهنم ۾) نه ٿا ڏسون جن کي اسان بڇرن ماڻهن ۾ شمار ڪندا هئاسين. |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخريون ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن (جي سڃاڻڻ) کان تِرڪي ويون آهن“؟ |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ هي ڳالهه سچي آهي دوزخين جا پاڻ ۾ اهي جهڳڙا ٿيڻ وارا آهن. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
چؤ ته: ”آءٌ صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي جو اڪيلو سڀ تي غالب آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني) جو غالب، وڏو بخشڻهار آهي“. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
چؤ ته : ”اها تمام وڏي خبر آهي. |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
توهان ان کان منهن موڙيندڙ آهيو“. |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
(انهن کي چؤ) ”مون کي انهن بلند قدر ملائڪن (جي گفتگو) جي (از خود) خبر نه هئي جڏهن اُهي پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا. |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏي فقط اها وحي ڪئي وڃي ٿي ته ”آءٌ ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان“. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
(ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
پوءِ جڏهن آءٌ ان کي ٺاهي ٺيڪ ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي (تعظيم) لاءِ سجدو ڪندي ڪِري پئجو“. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
سواءِ ابليس جي. ان وڏائي ڪئي ۽ اهو هيو ئي ڪافرن مان. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
(الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڪنهن روڪيو؟ ان کي سجدو ڪرڻ کان جنهن کي مون خود پنهنجي (قدرت جي) هٿن سان ٺاهيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون (پنهنجي ليکي) بلند درجي وارن مان آهين“؟ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
(شيطان) چيو: ”مان ان کان بهترآهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ تو ان کي مٽيءَ مان خلقيو آهي“. |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
(الله) فرمايو ته: ”پوءِ تون ان (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين. |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ تو تي بدلي واري ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي“. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
ان چيو: ”اي منهنجا پالڻهار پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن ماڻهو (قبرن مان) اٿاريا ويندا“. |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
فرمايائين: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت وارن مان آهين. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
مقرر وقت واري ڏينهن تائين“. |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
ان چيو: ”پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آءٌ انهن سڀني کي گمراهه ڪندو رهندس. |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
سواءِ انهن مان تنهنجي مخلص ٻانهن جي“. |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
فرمايائين ته: ”پوءِ سچي ڳالهه هي آهي ۽ آءٌ سچ ئي چوان ٿو. |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته آءٌ تو مان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن مان ضرور دوزخ کي ڀريندس“. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي نبي )تون فرماءِ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران ۽ نه ئي آءٌ ڏيکاءُ ڪرڻ وارن مان آهيان. |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
هي (قرآن) ته سڀني جهان وارن لاءِ نصيحت ئي آهي. |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ توهان ضرور ان خبر (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندؤ ڪجهه وقت کان پوءِ“. |