ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (ته جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو سو سچ آھي). |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
بلڪ ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن. |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نه ھو. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ته عجب ڪرڻ لڳا، ۽ (اِھي) ڪافر چوڻ لڳا ته ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي. |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ڀلا (ڏسو ته) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھي ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي. |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي. |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي. |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟ |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن. |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو. |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو). |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي. |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي. |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو. |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا. |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو. |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا. |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ. |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين. |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
(داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين. |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي. |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ داؤد کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھون ھو، بيشڪ اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا. |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪو (۽ وچين نماز قضا ٿي). |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
(چيائين ته ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ذبح جو) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (خُدا ڏانھن) موٽيو. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي بخشڻھار آھين. |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون جتي پھچڻ گھرندو ھو (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ ٽٻندڙ ھو). |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع ڪياسون). |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(چيوسون ته) ھيءُ اسان جو اِحسان آھي پوءِ احسان ڪر يار کي ڇڏ (جئن توکي وڻي) ته (توتي) حساب نه آھي. |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ اسان جي ٻانھي ايّوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين ته مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک پھچايو آھي. |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(تڏھن چيوسون ته) زمين تي پنھنجي لت ھڻ، جو ھي (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي. |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا به) عطا ڪيوسون (ھيء) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي. |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھوا. |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي. |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ سڳورن نيڪن مان ھوا. |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ اسماعيل ۽ اَلۡيَسَعَ ۽ ذُوالۡڪِفۡل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھوا. |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
(يعني) ھميشه (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن. |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرائيندا. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون. |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو. |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي. |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي. |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن. |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي. |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن. |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
(تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي. |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر. |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ دوزخي چوندا ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو مڙسن (مسلمانن مسڪينن) کي نٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھواسون؟ |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھواسون ڇا يا کانئن اسان جون اکيون ترڪيون آھن. |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
(کين) چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان، ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
(کين) چؤ ته اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي. |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
اوھين کانئس مُنھن موڙيندا آھيو. |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
مون کي (اُنھيءَ جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نه آھي جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن. |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏانھن ھيء ئي وحي ٿيندو آھي ته آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو. |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
مگر ابليس (نه سجدو ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
(الله) چيو ته اي ابليس جنھن کي پنھنجي ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم تنھن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو، تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
(ابليس) چيو ته آءٌ اُن کان ڀلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي. |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
(الله) چيو ته انھيءَ ڪري اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين. |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ توتي بدلي جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
(اُن) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تڏھن اُنھي ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن. |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
الله فرمايو ته (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين. |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
(ابليس) چيو ته تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي ته ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس. |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نه ھلندو). |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
الله فرمايو ته (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو. |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان. |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي. |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ. |