ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
ص نصيحت وارو قرآن شاهد آهي. |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
بلڪ ڪافر وڏائيءَ ۽ دشمنيءَ ۾ پيل آهي. |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
هنن کان اڳ گهڻائي جڳ ناس ڪياسون، هنن گهڻو ئي پڪاريو پر اهو ڇوٽڪاري جو وقت نه هو. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ ڪافرن کي عجب لڳو، جڏهن منجهائن ئي هڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ۽ هو چوڻ لڳا، ته ”اهو ڪوڙو جادوگر آهي. |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ڀلا سڀني سائين کي ڦيرائي هڪ سائين ٿو بنائي؟ هيءَ ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.“ |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ منجهانئن سردار هڪ ٻئي کي چوندا هليا ويا، ته ”هلو ۽ پنهنجي سائين تي محڪم رهو، بيشڪ هيءَ ته ڪا مطلبي چيز آهي_ |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اسان اهڙي ڳالهه اڳين دينن ۾ ته ڪانه ٻُڌي، هيءُ ته رڳو ٺاهه آهي_ |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
ڇا اسان سڀني وچان وڃي هن تي نصيحت لٿي؟“ بلڪ اهي منهنجي نصيحت کان ئي شڪ ۾ پيل آهن، ڇاڪاڻ ته اڃا هنن منهنجو عذاب نه چکيو آهي. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
ڇا، هنن وٽ ڪي تنهنجي غالب بخشڻهار ڌڻيءَ جي رحمت جا خزانا آهن؟ |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، تنهن جي بادشاهي سندن آهي؟ جي ها، ته رسين سان مٿي چڙهڻ کپين! |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
پر هي شڪست کاڌل ٽولين مان هتي هڪ لشڪر آهي- |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
هنن کان اڳ نوح جي قوم، قوم عاد، ميخن واري فرعون |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود، ۽ لوط جي قوم ۽ ”ايڪي“ وارن به ڪوڙ سمجهيو هو، اهي ئي ٽولا هئا. |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو سمجهيو هو، ان ڪري منهنجي سزا لازم ٿين. |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
۽ هيءُ به رڳو اهڙي هڪڙي آواز جي واٽ پيا نهارين، جو بنا ساهيءَ هوندو. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ (مسخريءَ مان) چوندا آهن ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کي اسان جا چٺا قيامت کان اڳ ئي ڏيئي ڇڏ!“ |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
هي جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر_ ۽ تون اسان جي ٻانهي داؤد کي ياد ڪر جو طاقت وارو هو ۽ اسان ڏي موٽندڙ هو. |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان جبلن کي هن جو تابع ڪيو، جو شام توڙي صبح جو ساڻس گڏ تسبيح پڙهندا هئا. |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ گڏ ڪيل پکي به_ سڀ سندس تابعدار هئا. |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ اسان هن جي بادشاهي مضبوط ڪئي ۽ کيس ڏاهپ ۽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت ڏني سون. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
۽ توکي آهي ڪا ٻن وڙهندڙن جي خبر؟ جڏهن هو ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا. |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏهن دائود وٽ پهتا، ته هو کانئن ڊڄي ويو، چيائون ”ڊڄ نه، اسين ٻه تڪراري آهيون_ اسان مان هڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان جي وچ ۾ حقي فيصلو ڪر ۽ ناحق نه ڪج_ ۽ اسان کي سنئينءَ راهه لڳائج!“ |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
”هي آهي منهنجو ڀاءُ_ هن وٽ نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي_ هاڻي مون کي ٿو چوي، ته ”اها به مون کي ڏي“ ۽ مون تي ڳالهائڻ ۾ سخت زور ڪيو اٿس!“ |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
دائود چيو ته ”بيشڪ اها گهر ڪرڻ سان هن توتي ظلم ڪيو آهي ته تنهنجي رڍ به پنهجن رڍن ۾ گڏي، ۽ گهڻو ڪري ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آهن_ سواءِ انهن جي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ اهي ڪي ٿورا آهن.“ اتي دائود سمجهيو ته اسان هنکي پرکيو آهي. تڏهن هن پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهري، سجدي ۾ ڪري پيو ۽ الله ڏي مهاڙ ڪيائين. (سجدو) |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ اسان کيس اهو معاف ڪيو ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ مرتبو ۽ سٺو موٽڻ جو هنڌ آهي. |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(چيوسون) ”اي دائود! اسان توکي زمين ۾ اقتدار ڏنو آهي، ان ڪري ماڻهن وچ ۾ حقي فيصلا ڪر ۽ پنهنجي سڌن جي تابعداري نه ڪر، جو اهي توکي الله جي راهه کان ڀلائي ڇڏينديون.“ بيشڪ جيڪي الله جي راهه کان ڀُليا، تن لاءِ سخت عذاب آهي_ جو هنن قيامت کي وساري ڇڏيو_ |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ اسان آسمان خواهه زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، سو اجايو نه بنايو آهي_ اهو ڪافرن جو گمان آهي، ان ڪري ڪافرن لاءِ باهه جي خرابي آهي.“ |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
ڇا، اسين ايمان آڻي، چڱا ڪم ڪندڙن کي زمين ۾ فساد وجهندڙن برابر ڪنداسون؟ يا نيڪن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
هي برڪت وارو قرآن آهي، انهي کي تو ڏانهن لاٿو اٿئون، ته ماڻهو سندس آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ دائود کي سليمان بخشيو سون_ جو سٺو ٻانهو ۽ خدا ڏي موٽندڙ هو. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
جڏهن وٽس شام جو تکا گهوڙا پيش ڪيا ويا_ |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائين ته ”بيشڪ مون پنهنجي ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان وڌيڪ محبت، فائدن سان رکي_ تان جو هو پردي ۾ گم ٿي ويا. |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
هنن کي وري مون وٽ آڻيو“_ پوءِ سندن ڄنگهن ۽ ڪنڌن تي (هٿ) ڦيريائين. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙو وهاريو سون_ پوءِ خدا ڏي موٽيو. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي بخش ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي ڏي، جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه جڳائي_ بيشڪ تون ئي بخشڻهار آهين.“ |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ اسان هن لاءِ هوا کي تابع ڪيو، جا سندس حڪم موجب اوڏانهن آرام سان هلندي هئي، جتي به پهچڻو هوندو هئس. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ شيطانن کي به، جي سڀ رازا ۽ ٽوٻا هئا. |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ ٻيا زنجيرن ۾ جڪڙيل_ |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
”اها آهي اسان جي بي حساب عطا. جو وڻيئي تنهن تي احسان ڪر، يا نه ڏي.“ |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ مرتبو ۽ سٺو موٽڻ جو هنڌ آهي. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر_ جڏهن پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻاڏايائين ته ”بيشڪ مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک رسايو آهي.“ |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(چيوسون) ”سندءِ پير زمين تي هڻ_ هي وهنجڻ جو هنڌ، ٿڌو ۽ پيئڻ لائق آهي.“ |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ کيس سندس گهر وارا ۽ اوترا ٻيا به عطا ڪياسون- اها اسان جي طرف کان ٻاجهه ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آهي. |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (چيوسون) ”سندءِ هٿ ۾ ٻهارو کڻي اهو هڻ ۽ قسم نه ڀڃ“_ بيشڪ اسان کيس صابر ڏٺو، هو سٺو ٻانهو هو، بيشڪ هو خدا ڏي موٽندڙ هو. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جي هٿن ۽ اکين وارا هئا_ |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
اسان کين هڪ پاڪ عادت ”آخرت جي يادگيريءَ“ لاءِ خاص ڪيو. |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اهي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان هئا. |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ ياد ڪر اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذالڪفل کي، جي سڀ ڀلارا هئا. |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
هيءَ نصيحت آهي ۽ نيڪن لاءِ موٽڻ جو سٺو هنڌ آهي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
يعني هنن لاءِ هميشه رهندڙ باغن جا دروازا کليل آهن. |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
هو اتي ٽيڪ ڏيئي، گهڻا ميوا ۽ پيئڻ جون شيون گهرائيندا. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ وٽن هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون هڪ جيڏيون هونديون. |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
هي آهي اهو، جنهن جو انجام قيامت لاءِ ٿو ڏجي- |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ اهو اسان جو رزق آهي جو نه کٽندو. |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
اهو آهي (نيڪن لاءِ). ۽ حد کان لنگهندڙن لاءِ بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
يعني جهنم! هو منجهس گهڙندا_ پوءِ اهو بڇڙو وڇاڻو آهي. |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
اهو آهي، (بڇڙن لاءِ!) پوءِ ڀل ته هو ان کي چکن، جو ڪو سو پاڻي ۽ پونءِ. |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ ٻيو اهڙو قسمين قسمين عذاب آهي_ |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
اها هڪ فوج آهي، جا اوهان سان گڏ گهڙندڙ آهي، انهن لاءِ ڪا مرحبا ناهي. بيشڪ اهي باهه ۾ پوندا_ |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
چوندا ”نه بلڪه، اوهان لاءِ ڪا مر حبا شل نه ٿئي، جو اوهان ئي اسان لاءِ هيءَ چيز تيار ڪرائي آهي، جو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي!“ |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
چوندا ”اي اسانجا ڌڻي! جنهن اسان لاءِ هيءَ تيار ڪرائي، ان کي باهه جوعذاب ٻيڻو وڌاءِ!“ |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ چوندا ”ڀلا اسين هتي اهي ماڻهو ڪونه ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن ۾ ڳڻيندا هئاسون؟ |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
اسين هنن تي اجايون ٺٺوليون ڪندا هئاسون، يا انهن بابت اسان جون اکيون ٿيون ترڪن؟“ |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ اهو دوزخين جوپاڻ ۾ جهيڙو بلڪل سچ آهي. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
چئو ته آءُ ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان، ۽ الله اڪيلي زبردست کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي- |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
هو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي، انهي جو ڌڻي، غالب ۽ بخشيندڙ آهي. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
چئو ته قرآن هڪ وڏي خبر آهي. |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
جنهن کان اوهين منهن پيا موڙيو- |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
مون کي وڏي مرتبي وارن ملائڪن جي سوال جواب ڪرڻ جو ڪو به علم ڪونهي- |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏانهن ته فقط اهو ئي وحي ٿيندو آهي، ته آءُ فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ ملائڪن کي چيو ته ”بيشڪ آءُ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو خلقڻ وارو آهيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
پوءِ جڏهن کيس چڱيءَ طرح ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجي روح مان ڦوڪيان، ته تڏهن ان لاءِ سجدي ۾ ڪري پئجو.“ |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
سواءِ ابليس جي، هن هٺ ڪيو ۽ ڪافر ٿي ويو. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
الله چيو ”ابليس! تو کي انهي شخص لاءِ سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو، جنهن کي پنهنجي هٿن سان خلقيو اٿم؟ تو هٺ ڪيو، يا تون وڏي درجي وارو آهين؟“ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
چيائين ”آءُ هن کان ڀلو آهيان، جو مون کي باهه مان خلقيو اٿيئي ۽ هن کي مٽيءَ مان خلقيئي“- |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
چيائين ”هتان نڪر، جو تون تڙيل آهين. |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ توتي ڏينهن قيامت تائين لعنت آهي.“ |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
چيائين ”تڏهن منهنجا ڌڻي! مون کي به ڏينهن قيامت تائين مهلت ڏي.“ |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
چيائين ”بيشڪ! تو کي مهلت ڏني ويئي. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
معلوم وقت جي ڏينهن تائين. |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
چيائين ” تڏهن تنهنجي عزت جو قسم! انهن مان ٻين سڀني کي آءُ ضرور گمراهه ڪندس“ |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
تنهنجي سچن ٻانهن کان سواءِ |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
چيائين ”اهو سچ آهي ۽ آءُ به سچ ٿو چوان. |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته تومان، خواهه تنهنجي پوئلڳن سڀني مان ضرور دوزخ کي ڀريندس.“ |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
اي نبي! تون چئو ته آءُ نڪي اوهان کان ڪو اجورو گهران ٿو ۽ نڪي آءُ ڪوڙ ٿو ٺاهيان. |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
هيءَ ته فقط جهانن لاءِ نصيحت آهي. |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ اوهان کي به ڪجهه وقت بعد ضرور سندس خبر پوندي. |