ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
صاد ــ قسم آهي، نصيحت واري هن قرآن جو. |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
هي ڪافر (هروڀرو) وڏائي ۽ مخالفت (۽ ضد) ۾ پيل آهن. |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
هِنن کان اڳ اسان ڪيترن ئي قومن کي تباهه ڪيو پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳا پر ان وقت مھلت جو وقت گذري چڪو هو. |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
انهن ماڻهن کي رڳو هن ڳالهه تي تعجب ٿئي ٿو ته هِنن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي ۽ ڪافرن چيو ته هي جادوگر وڏو ڪوڙو آهي. |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
۽ هن سڀني معبودن کي ڇڏي هڪڙو ئي معبود ٺاهيو آهي. بيشڪ اها ته هڪ وڏي عجيب ڳالهه آهي. |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
مڪي جا سردار (رسول سڳوري جي تبليغي محفل مان) هي چوندي اٿي هليا ويا ته پنھنجي معبودن تي پُختا رهو، بيشڪ هتي ته هڪ نئين ڳالهه جو ارادو ڪيو ويو آهي. |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اها ڳالهه ته اسان پھرين ڪنھن به قوم کان نه ٻڌي آهي. اها ته هڪ ٺاهيل ڳالهه آهي. |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
اسان سڀني کي ڇڏي رڳو هن جي مٿان اچي قرآن نازل ڪيو ويو آهي. (اي نبيﷺ!) درحقيقت هي ماڻهو (تو ۾ نه بلڪه) منھنجي نصيحت ۾ شڪ ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو هنن ماڻهن اڃا منھنجي عذاب جو مزو چکيو ئي ناهي. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
ڇا انهن ماڻهن وٽ زبردست عطا ڪندڙ پالڻھار جي رحمت جا خزانا آهن؟ |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
ڇا هي ماڻهو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪي شيون آهن تن جا مالڪ آهن؟ (جيڪڏهن ايئن آهي ته) هو (دنيا جا) سڀ وسيلا استعمال ڪري مٿي چڙهي ڏسن. |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
(حقيقت هي آهي ته) هي شڪست کاڌل ٽولن مان هڪ ٽولو آهي. جنهن کي اِتي ئي (مڪي شھر ۾) شڪست ملندي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
انهن کان پھرين نوح ($) جي قوم ــ عاد قوم ۽ ميخن واري فرعون رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو. |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود، لوط ($) جي قوم ۽ ايڪه وارا اِهي سڀ (وڏا طاقتور) ٽولا هئا. |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
انهن سڀني ٽولن رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ انهن جي مٿان منھنجو عذاب لازمي ٿيو. |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
هي (مڪي وارا) ته رڳو هڪڙي رَڙِ جي انتظار ۾ آهن. (اها هڪڙي مسلسل رَڙِ هوندي)جنهن کان پوءِ ٻي رڙ نه ٿيندي. |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
هي ماڻهو (سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به مذاق ڪندي) چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي حساب واري ڏينھن کان اڳ ئي اسان (جي عذاب) جو حصو ڏيئي ڇڏ. |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
انهن ماڻهن جي ڳالهين تي تون صبر ڪر ۽ انهن کي اسان جي ٻانهي دائود ($) جو واقعو ٻڌاءِ جيڪو وڏي طاقت وارو هو. بيشڪ هو هر وقت الله تعالى ڏي لاڙو رکندڙ ٻانهو هو. |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان جبلن کي ان سان گڏ تابع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سڀ صبح ۽ شام (دائود $ سان گڏ ان وانگر ئي الله تعاليٰ جي) تسبيح بيان ڪندا هئا. |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ پکين جا وَلرن جا وَلر به (تسبيح ڪرڻ ۾) اُن (الله) ڏي متوجه هوندا هئا. |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ اسان سندس حڪومت کي مضبوط ڪيو هو ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪئي هئي. |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
ڇا توکي ٻن جهڳڙو ڪندڙ ماڻهن جي خبر آهي، جڏهن هو ڀت ٽُپي (داؤد $ جي) عبادت خاني ۾ داخل ٿيا. |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏهن اُهي ٻئي دائود ($) وٽ آيا ته کين (اچانڪ) ڏسي هو ڊڄي ويو، انهن چيس ته تون نه ڊڄ اسان ٻه ڌريون آهيون، جنھن مان هڪ ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪئي آهي. تون اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر، ناانصافي نه ڪجانءِ ۽ اسان کي صحيح رستو ٻڌاءِ. |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
(انهن مان هڪ ڄڻي چيو ته) بيشڪ هي منھنجو ڀاءُ آهي. هن کي نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪڙي رڍ آهي. هن جو چوڻ آهي ته اها هڪڙي رڍ به مون کي ڏي ۽ مون کي ڳالهين ۾ کُٽائي ڇڏي ٿو. |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
دائود ($) چيو ته هن تنھنجي رڍ کي پنھنجي رڍن سان ملائڻ جو مطالبو ڪري تنھنجي مٿان ظلم ڪيو آهي، ۽ ڏٺو اهو ويو آهي ته گڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي (اهڙي قسم جون) زيادتيون ڪندا آهن. پر انهن مان جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سي ئي زيادتين ڪرڻ کان بچيل آهن. پر اهڙا ماڻهو ٿورا هوندا آهن. اِتي دائود ($) سمجهي ويو ته هي ته اسان سندس آزماش ڪري رهيا آهيون پوءِ هن پنھنجي پالڻھار کان معافي گهري ۽ سجدي ۾ ڪري پيو ۽ اسان ڏي رجوع ڪيو. |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ اسان (رجوع ڪرڻ سبب) کيس معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ بهترين جڳھه آهي. |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
اي داؤد! اسان توکي زمين ۾ خلافت عطا ڪئي آهي. تنهنڪري ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ پنھنجي نفساني خواهشن تي نه هلندو ڪر ورنه اهي خواهشون توکي الله تعالى جي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏينديون. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا ۽ حساب واري ڏينھن کي وساري ڇڏين ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب آهي. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
اسان آسمان، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ (رهندڙ مخلوق کي) فضول پيدا نه ڪيو آهي، اهو رڳو انهن ڪافرن جو گمان آهي پوءِ ڪافرن جي لاءِ باهه جي صورت ۾ وڏو ويل آهي. |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن ماڻهن جي برابر ڪنداسين جيڪي زمين ۾ فساد ڦھلائين ٿا؟ ڇا پرهيزگارن کي بدڪارن جھڙو ڪري ڇڏينداسين؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
هي قرآن جيڪو توڏي نازل ڪريون ٿا اهو ته هڪ وڏي برڪت وارو ڪتاب آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي غور ڪن ۽ عقل وارا ماڻهو ان مان نصيحت پرائين. |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
اسان دائود ($) کي (پٽ جي صورت ۾) سليمان عطا ڪيو. هُو هڪ بھترين ٻانهو هو. ۽ (الله تعالى ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هو. |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
(اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن سليمان ($) جي سامھون شام جي وقت اصيل عمده (تيز ڊوڙندڙ) گهوڙا پيش ڪيا ويا. |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائين ته بيشڪ منھنجي مٿان پنھنجي پالڻھار جي ياد کان وڌيڪ مال جي محبت غالب ٿي وئي، ايستائين جو گهوڙا ڊوڙندي ڊوڙندي اکين کان پري ٿي ويا. |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
(پوءِ حڪم ڪيائين ته) گهوڙن کي مون وٽ واپس آڻيو، واپس اچڻ تي هو گهوڙن جي ڄنگهن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرڻ لڳو. |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ اسان سليمان ($) کي به آزمائش ۾ وڌو، جو ان جي ڪرسيءَ تي هڪ (انساني) ڌڙ اڇليوته هن اسان ڏانھن رجوع ڪيو. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
پوءِ هُن (الله تعالى کان دعا گهري ۽) چيو ته: منھنجا پالڻھار! مون کي معاف فرماءِ ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا فرماءِ جو مون کان پوءِ ٻئي ڪنھن کي به نصيب نه ٿئي. بيشڪ تون ئي هر شيءِ عطا ڪندڙ آهين. |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو. جيڪا سَندس حڪم سان جنھن طرف هو وڃڻ چاهيندو هو ان طرف هلندي هئي. |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ شيطانَ، هر قسم جا مستري،۽ ٽوٻا به سندس تابع ڪيا. |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ وري ٻيا (سرڪش شيطانَ) جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا، سي به ان جي قيد ۾ ڏنا. |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(اسان کيس چيو ته) اها اسان جي تنهنجي مٿان نوازش آهي. هاڻي تون ڪنھن کي ڏئين يا پاڻ وٽ رکين، ان جو ڪو حساب نه آهي. |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
بيشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ بهترين جڳھه آهي. |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
اسان جي ٻانهي ايوب ($) کي ياد ڪر. جڏهن هن پنھنجي پالڻھار کي پڪاري (نماڻو) عرض ڪيو ته شيطان مون کي سخت تڪليف ۽ عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(اسان کيس چيو ته) پنھنجو پير زمين تي هڻ ۽ هي ٿڌو پاڻي آهي وهنجڻ لاءِ به ۽ پيئڻ لاءِ به. |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
اسان کيس (مري ويل ٻار ٻچن کان پوءِ) ٻيا ٻار ٻچا عطا ڪيا. وري پنھنجي ٻاجهه سان پهريان کان ٻيڻي اولاد عطا ڪئي ته جيئن عقل وارا ماڻهو ان واقعي مان نصيحت حاصل ڪن. |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
(اسان کيس بيماري دوران کنيل قسم کي پورو ڪرڻ لاءِ چيو ته) پنھنجي هٿ ۾ ٻُھارو پڪڙ ان سان (پنهنجي گهر واريءَ کي) ڌڪ هڻ، پر قسم کي نه ڀڃ. بيشڪ اسان کيس وڏو صبر ڪندڙ ڏٺو.هو بھترين ٻانهو هو. ۽ بيشڪ هو (الله تعاليٰ ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هو. |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ تون اسان جي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) کي ياد ڪر، اِهي پڪي عمل ڪرڻ وارا ۽ ڊگهي سوچ رکڻ وارا ماڻهو هئا. |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان انهن سڀني کي خاص خوبيءَ سان نوازيو هو، اها (خوبي) هُئي ”آخرت جي يادگيري“ (جنهن کي هو سڀ هر وقت نظر ۾ رکندا هئا) |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
بيشڪ اُهي اسان جا بھترين چونڊيل ماڻهو هئا. |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ تون اسماعيل، اليسع ۽ ذوالڪفل (ؓ) کي به ياد ڪر. اُهي سڀ بھترين ماڻهن مان هئا. |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
اهو هو (رسول سڳورن جو) ذڪر. بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ بھترين جڳھه آهي. |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
هميشه رهڻ وارا باغ جن جا دروازا انهن لاءِ کليل هوندا. |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
هُو ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. ۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ پيئڻ جون شيون گهرندا رهندا. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
انهن وٽ هيٺ نگاهه رکڻ واريون (شرميليون) ۽ جوڙائتيون (يعني هم عمر) گهر واريون هونديون. |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
هي اُهي شيون آهن جن جو توهان سان قيامت جي ڏينھن ڏيڻ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو. |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ اهو اسان جي طرفان عطا ڪيل رزق هوندو جنھن ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿيندي. |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
اهو هو پرهيزگار ماڻهن جو ذڪر، بيشڪ الله تعالى سان بغاوت ڪندڙن جو برو ٺڪاڻو آهي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
اهي جھنم ۾ داخل ٿيندا. جيڪا ڏاڍي بري جاءِ آهي. |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
اها آهي انهن جي جاءِ ۽ هاڻي هو گرم پاڻي ۽ زخمن جي پونءِ جو مزو چکن. |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ (انهن لاءِ) ان جهڙا ٻيا به عذاب آهن. |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
اجهو هي ٻيو ٽولو به اچي ويو آهي. جيڪو توهان سان گڏ جھنم ۾ داخل ٿيندو (اُتي موجود سندن سردار طعنو هڻي چوندا ته) هنن جي استقبال لاءِ ته ڪير به موجود ڪونهي. بيشڪ هي سڀ ماڻهو باهه ۾ سڙڻ وارا آهن. |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
(بعد ۾ داخل ٿيندڙ ٽولو اڳ ۾ موجود سردارن جي ٽولي کي) چوندو ته (توهان به ته سڙندا) توهان جو وري ڪھڙو استقبال ٿيو آهي؟ هي ويل ته توهان ئي اسان جي لاءِ اڳتي پھچايو آهي. ڪيڏي نه بري جڳھه آهي. |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
هو وڌيڪ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! جن سردارن اسان کي هيستائين مصيبت ۾ پھچايو آهي تن کي ته باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
(وري پاڻ ۾) چوندا ته اسان جن ماڻهن کي برو سمجهندا هئاسين، اهي ته اڄ نظر ئي نٿا اچن. (يعني مؤمن ماڻهو) |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
ڇا اسان انهن سان ناحق مذاق ڪيو هو يا اسان جون اکيون انهن کي ڏسڻ کان تِرڪن ٿيون؟ |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ دوزخين جو اهو احوال سچو آهي. (جھنم ۾ وڃڻ کان پوءِ) هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهندا رهندا. |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان ته رڳو ڊيڄاريندڙ آهيان. الله واحد قهار کانسواءِ ٻيو ڪير به حقيقي معبود نه آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
هو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار، زبردست طاقت وارو ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته (الله تعالى جي هڪ هجڻ واري) اها خبر هڪ تمام وڏي خبر آهي. |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
توهان (خوامخواه) ان کان منھن موڙيو ٿا. |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
(کين چؤ ته) جيڪڏهن ملائڪ پاڻ ۾ (انسان جي پيدائش جي باري ۾) بحث مباحثو ڪري رهيا هئا ته مون کي ان جو ڪوبه علم نه آهي. |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏي رڳو هِي وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ مان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
جڏهن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ مان هڪ انسان کي مٽيءَ مان ٺاهي رهيو آهيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
جڏهن مان کيس پورو ٺاهي وٺان ۽ ان جي اندر پنھنجو روح ڦوڪيان ته پوءِ توهان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪي پوندا. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي کيس سجدو ڪيو. |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
ابليس سجدو نه ڪيو. هن وڏائي ڪئي ۽ انڪار ڪندڙن ۾ شامل ٿيو. |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
(الله تعالى کيس) چيو ته اي ابليس! جنھن کي مان پنھنجي هٿ سان ٺاهيو، ان کي سجدو ڪرڻ کان توکي ڪهڙي شيءِ منع ڪيو؟ ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون ايترو مھانڊو ٿي ويو آهين؟ (جو تو منھنجو حڪم نه مڃيو) |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
ابليس چيو ته مان هِن کان ڀلو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
(الله تعالى ) چيس ته هتان ٽري وڃ (بس!) تون هاڻي تڙيل آهين. |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
بيشڪ تنھنجي مٿان قيامت تائين منھنجي لعنت پوندي. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مھلت ڏي. |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
(الله تعالى ) چيس ته (ٺيڪ آ) توکي مھلت ڏني وئي. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
(اِها مھلت) هڪ مقرر ڪيل ڏينھن تائين هوندي. |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
چيائين ته (ٺيڪ آ) مون کي تنھنجي عزت جو قسم آهي ته مان آدم جي پوري نسل کي (سڌي رستي کان) گمراهه ڪري ڇڏيندس. |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
سواءِ تنهنجي مخلص ٻانهن جي جيڪي بچي ويندا. |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
(الله تعالى) چيس ته اها حق ڳالهه (تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾) پڪي ٿي وئي ۽ مان هميشه پڪي ڳالهه ئي ڪندو آهيان. |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته (هاڻي) مان جھنم کي توسان ۽ تنھنجي سڀني پوئلڳن سان ڀري ڇڏيندس. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان سمجهائڻ جو توهان کان ڪو اجرته نٿو گهران ۽ نه ئي مان ڪو پاڻ پڏائڻ وارو ماڻهو آهيان. |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
هي ته سڀني جھانن وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
(اي مڪي وارو!) توهان ماڻهن کي ڪجهه وقت کان پوءِ ضرور ان حقيقت جي خبر پئجي ويندي. |