ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
ص، قسم آهي قرآن نصيحت ڀرئي جو |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
پر اهي ماڻهو جن انڪار ڪيو آهي مڃڻ کان، وڏي وڏائي ۽ ضد ۾ پيل آهن |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
اسان هلاڪ ڪري چڪا آهيون انهن کان اڳي ڪيترين ئي قومن کي، ۽ جڏهن سندن شامت آئي ته رڙيون ڪيون پر اهو وقت بچڻ جو نه هو |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ ان ڳالهه تي کين عجب ٿيو ته اچي ويو ڊيڄارڻ وارو انهن مان ئي، ۽ چوڻ لڳا منڪر ته، هي جادوگر آهي وڏو ڪوڙو آهي |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
هن ٺاهيو آهي هيترن سارن خدائن جي بدلي ۾ فقط هڪ خدا؟ اها ڳالهه ته بنهه ئي عجب جهڙي آهي |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ هليا ويا قوم جا سردار ائين چوندي ته هلو ۽ مضبوط رهو پنهني خدائن جي عبادت تي، ضرور اها ڳالهه ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ چئي پئي وڃي |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
جيڪا نه ٻڌي آهي پنهنجي ڪنهن به ملت ۾ ويجهڙ ۾ ڪنهن کان، اها ته پنهنجي مرضيءَ سان ٺاهيل ڪا ڳالهه بنا ڪجهه جي |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
۽ جنهن تي نازل ڪيو ويو آهي الله جو ذڪر اسان مان، بس اهو ئي هو، اهي منهنجي ”ذڪر“ بابت شڪ ۾ پيا ۽ ڳالهيون ڪيون جو چکيو ناهي مزو منهنجي عذاب جو |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
ڇا انهن جي قبضي ۾ آهن خزانا تنهنجي رب جي رحمت جا، جيڪو ڏاتار ۽ وڏو پالڻهار آهي |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
ڇا اهي ئي آهن مالڪ آسمانن ۽ زمين جا ۽ انهن سڀني شين جا جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ته پوءِ اهي مٿي چڙهي عالم اسباب تي وڃي ڏسن |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
ٽولن مان هي هڪ ننڍو ٽولو آهي جيڪو انهيءَ هنڌ شڪست کائڻ وارو آهي |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
ڪوڙو چئي چڪا آهن انهن کان اڳي هرهڪ رسول کي قوم نوح ۽ عاد ۽ فرعون جيڪو ميخن وارو هو |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود ۽ قوم لوط ۽ اهي جيڪي ايڪه وارا، اهي ئي هئا ٽي ٽولا |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
انهن مان هرهڪ ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ مٿن لاڳو ٿيو منهنجي سزا جو فيصلو |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
۽ (ماڻهو ته بس) منتظر آهن فقط هڪڙي ڌماڪي جا، جنهن بعد ٻيو ڪوبه (ڌماڪو) نه ٿيندو |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ اهي چون ٿا، اي اسان جا رب! اسان جو حصو اسان کي ڏئي ڇڏ اڳي ڏينهن حساب کان |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
(اي نبي!) صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ ٻڌاءِ انهن کي اسان جي بندي داؤد جو قصو جيڪو وڏين صلاحيتن جو مالڪ هو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو (الله ڏي) |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان تابع ڪيو هو جبلن کي ان سان گڏ جيڪي تسبيح ڪندڙ هئا صبح ۽ شام جو |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ پکي گڏ ٿيندا هئا، (سندس تسبيح ڏي) متوجهه ٿي ويندا هئا |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ مضبوط بڻائي اسان سندس سلطنت ۽ کيس عطا ڪئي حڪمت ۽ فيصلي واري ڳالهه چوڻ جي صلاحيت بخشي هئي |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
پوءِ توکي ڪا خبرپهتي آهي جهيڙي وارن جي، (اي نبي!) جيڪي ڀت ٽپي ماڙي ۾ آيا هئا |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏهن اهي پهتا هئا داؤد وٽ ته هو کين ڏسي گهٻرائجي ويو، انهن چيو، ڊڄ نه اسان فيصلي ڪرائڻ جون ٻه ڌريون آهيون، جن مان هڪڙي ٻيءَ تي زيادتي ڪئي آهي تون اسان ۾ حق مطابق فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ ڏيکارجانءِ اسان کي سڌي واٽ |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
هي آهي منهنجو ڀاءُ، جنهن وٽ نوانوي (99) گهيٽا (رڍون) آهن، مون وٽ رڳو آهي هڪڙو گهيٽو (رڍ)، هن مون کي چيو ته اهو هڪ به مون کي ڏي ۽ دٻائي ويٺو ڳالهائڻ ۾ |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
دائود جواب ڏنو، بيشڪ هن توتي ظلم ڪيو آهي اهو مطالبو ڪري، ته پنهنجي گهيٽن (رڍن) سان اها هڪ رڍ ملائي ۽ بيشڪ اڪثر طور تي ڪيترا ئي ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا (زيادتي ڪن ٿا) پر اهي بچيل آهن جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا (نيڪ) ڪيا ۽ ٿورڙا ئي آهن اهڙا ماڻهو. (اها ڳالهه چوندي) سمجهي ويو دائود ته بيشڪ اها اسان سندس آزمائش ڪئي آهي تنهن ڪري معافي گهري هن پنهنجي رب کان ۽ سجدي ۾ ڪِري رجوع ڪيائين |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ معاف ڪيوسين ان جو قصور، ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ ويجهڙائيءَ وارو مرتبو ۽ سهڻي پڇاڙي آهي |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(اسان کيس چيو) اي داؤد! بڻايو اسان توکي خليفو زمين ۾، تنهنڪري تون حڪومت ڪر ماڻهن تي حق سان ۽ پيروي نه ڪر نفس جي خواهش جي، ڇوته اها ڀٽڪائيندي توکي الله جي راهه کان، بيشڪ جيڪي ماڻهو ڀٽڪي ويندا آهن الله جي راهه کان، انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام سخت، ڇوته وساري ڇڏيو انهن ڏينهن حساب کي |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ ناهي خلقيو اسان هن آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪا انهن جي وچ ۾ دنيا آهي اجائي پيدا نه ڪئي آهي اهو ته گمان آهي انهن ماڻهن جو جن ڪفر ڪيو ۽ بربادي آهي اهڙن ڪافرن جي دوزخ جي باهه سان |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
ڇا هڪ جهڙو ڪري ڇڏيون انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ عمل سهڻا نيڪ ڪن ٿا ۽ انهن کي جيڪي فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾، ڇا ڪري ڇڏيون هڪ جهڙو پرهيزگارن کي نافرمانن جهڙو؟ |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
هي ڪتاب جيڪو نازل ڪيو آهي توڏي (اي نبي!) وڏو برڪت وارو آهي ته جيئن غور ڪن ان جي آيتن تي ۽ سبق پرائين ان مان سوچ سمجهه وارا |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ عطا ڪيوسين دائود کي (پٽ) سليمان بهترين بندو پنهنجي رب ڏي گهڻو ورڻ وارو |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
اهو واقعو بيان ڪرڻ جهڙو آهي جڏهن شام جو کيس بهترين پاليل گهوڙا پيش ڪيا ويا |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
ته ان چيو، بلاشڪ مال جي محبت مون اختيار ڪئي آهي پنهنجي رب جي خاطر، گم ٿي ويا نظرن کان گهوڙا |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
مون وٽ موٽائي آڻيو اهي (گهوڙا) پوءِ گهمائڻ لڳو هٿ انهن جي ڪنڌن ۽ ڄنگهن تي |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ اسان آزمائش ۾ وڌو سليمان کي ڦِٽو ڪيوسين سندس ڪرسيءَ تي هڪ ٿلهو جسم، پوءِ هن موٽ کاڌي |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين، رب منهنجا! معاف ڪر مون کي ۽ عطا ڪر اها بادشاهي جيڪا ڪنهن کي به نه جڳائي مون کان پوءِ، بيشڪ تون ئي اصل ڏاتار آهين |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ تابع ڪيوسين ان لاءِ هوا کي، اها سندس حڪم تي هلندي هئي جيڏانهن به گهري نرميءَ سان |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ شيطانن کي تابع ڪيوسين ۽ هر طرح جا ٽوٻا ڪاريگر |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ ٻيا جيڪي جڪڙيل هئا زنجيرن ۾ |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(اسان چيو) هي بخشش آهي اسان جي جنهن کي وڻيئي ڏي يا روڪي ڇڏ، بنا ڪنهن به حساب جي |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ قرب وارو مرتبو ۽ سهڻي پڄاڻي آهي |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ ذڪر ڪر اسان جي بندي ايوب جو، جڏهن ان پڪاريو پنهنجي رب کي ته حقيقت ۾ مبتلا ڪيو آهي شيطان بيماري ۽ عذاب ۾ |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(اسان حڪم ڏنو) پنهنجو پير زمين تي هڻ، هي اٿئي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ ڏناسين کيس سندس اهل عيال موٽائي ۽ ايترا ئي ٻيا به ڏناسين پنهنجي رحمت جي طور تي ۽ عقل رکڻ وارن جي لاءِ نصيحت جي طور تي |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (اسان کيس چيو) کڻ تيلين جو هڪ مُچو پوءِ هڻ اهو ان کي ۽ پنهنجو قسم نه ڀڃ، اسان ڏٺوسين کيس صابر، بهترين ٻانهو. بيشڪ اهو رب ڏي رجوع ڪندڙ هو |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ ذڪر ڪر اسان جي بندن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو جيڪي عمل جي وڏي طاقت رکندڙ ۽ بصيرت وارا هئا. |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان کين خاص صفت سان برگزيده ڪيو هو دار الآخرت جي ياد سان |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ انهن جو شمار اسان وٽ آهي چونڊيل نيڪ شخصن ۾ |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ ذڪر ڪر اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل جو، ۽ اهي سڀ ئي نيڪ ماڻهو هئا |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
اهو ته هڪ ذڪر هو، ۽ (ٻڌ) بيشڪ اهو پرهيزگارن لاءِ بهترين ٺڪاڻو آهي |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
اهي جنتون انهن جي لاءِ جن جا سدائين کليل دروازا هوندا |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
وهاڻا لڳائي اهي ويٺا هوندا انهن ۾، کائڻ جي لاءِ ڪيترا ئي ميوا ۽ پيئڻ واسطي شيون طلبيندا |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ انهن وٽ لڄاريون هم عمر زالون هونديون |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
هي ئي اهي نعمتون آهن جيڪي ڏينهن حساب جي ڏيڻ جو وعدو توهان سان آهي |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ هي ئي اهو اسان جو رزق آهي جيڪو ختم نه ٿيندو |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
هي آهي متقين جي پڄاڻي ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بدترين ٺڪاڻو آهي |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
جهنم، جنهن ۾ اهي ساڙيا ويندا ڏاڍي بري رهڻ جي جاءِ آهي |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
اهو انهي لاءِ ته چکن مزو ٽهڪندڙ پاڻي، رت ۽ پونءِ جو |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ اهڙين ٻين ڪڙين شين جو |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
(اهي دوزخ ڏي ايندڙ تابعدار ڏسي چوندا) هي هڪ لشڪر توهان وٽ هلندو پيو اچي، ڪوبه آڌرڀاءُ انهن لاءِ ناهي، بيشڪ اهي لهسجندا باهه ۾ |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
اهي کين جواب ڏيندا، نه پر توهان پاڻ پيا لهسجو، ناهي ڪابه آجيان توهان جي لاءِ، توهان اهو نتيجو آندو آهي اسان جي آڏو، ڪهڙي نه بڇڙي رهڻ جي اها جاءِ آهي |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
پوءِ اهي چوندا، اي اسان جا رب! جنهن اسان کي هن نتيجي تي پهچايو، ان کي ٻيڻو عذاب ڏي دوزخ جو |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ اهي پاڻ ۾ چوندا، ڇا ڳالهه آهي اسان نٿا ڏسون انهن ماڻهن کي ڪٿي جن کي اسان دنيا ۾ برو سمجهندا هئاسين؟ |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
ساڻن ڪندا هئاسين ٺٺوليون ناحق يا اهي ٿڙي ته نه ويا آهن ڪٿي نظرن کان؟ |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ اها ڳالهه سچي آهي ته اهي جهيڙا ٿيڻا آهن دوزخين ۾ |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
(اي نبي!) کين چؤ، آئون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان ۽ ناهي ڪو ٻيو خدا سواءِ الله اڪيلي حقيقي جي جيڪو سڀني تي غالب آهي |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
اهو ئي رب آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن، اهو زبردست بخشڻهار آهي |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
چوين (اي نبي!) اها خبر تمام وڏي آهي |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
(جنهن کي ٻُڌي) توهان منهن موڙي ٿا وڃو |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
(کين چؤ) مون کي ته ان وقت جي ڪا خبر نه هئي جڏهن ملاءِ اعليٰ ۾ تڪرار هلي رهيو هو |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
اهي ته وحي جي ذريعي (مون کي ملن ٿيون) جو بيشڪ آئون خبردار ڪندڙ آهيان پڌرو |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
جڏهن چيو هو تنهنجي رب فرشتن کي، بيشڪ آئون ٺاهڻ وارو آهيان بشر کي مٽيءَ مان |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
پوءِ جڏهن آئون ان کي ٺاهي راس ڪريان ۽ ڦوڪيان ان ۾ پنهنجي روح کي ته ڪِري پئجو ان جي اڳيان سجدي ۾ |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ سجدي ۾ ملائڪ سڀ جا سڀ ڪِري پيا ان حڪم تي گڏيل طور تي |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
فقط ابليس جي، جنهن وڏائي تي ناز ڪيو ۽ اهو ٿي پيو ڪافرن منجهان |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
(رب سائين) فرمايو، اي ابليس! ڪهڙي ڳالهه منع ڪيو توکي ان کي سجدي ڪرڻ کان جنهن کي مون ٻنهي هٿن سان بڻايو آهي تون تڪبر پيو ڪرين يا تون آهين ئي ڪا وڏي هستي!؟ |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
جواب ڏنائين، آئون وڌيڪ ڀلو آهيان ان کان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي پيدا ڪيو آهي مٽيءَ مان |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
فرمايو (الله) چڱو نڪري وڃ هتان، بيشڪ تون تڙيل آهين |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ توتي رهندي منهنجي لعنت ڏينهن قيامت تائين |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
هن چيو، اي منهنجا رب! پوءِ مون کي مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن اهي ٻيهر اٿاريا ويندا |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
فرمايو، چڱو، پوءِ توکي ان ڏينهن تائين مهلت آهي |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
جنهن ڏينهن جو وقت مون کي معلوم آهي |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
هن چيو، پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آئون گمراهه ڪندس انهن سڀني ماڻهن کي |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
سواءِ تنهنجي انهن ماڻهن جي جن کي تو چونڊي ورتو آهي |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
فرمايو (رب) پوءِ حق جي ڳالهه اها آهي ته آئون حق ئي چوندو آهيان |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته آئون ڀري ڇڏيندس دوزخ کي تو سان ۽ انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي نبي!) ٻڌائي ڇڏ انهن کي ته آئون توهان کان هن تبليغ جو ڪوبه اجورو نٿو گهران ۽ نه وري ڪو ڍونگ رچائڻ وارن مان آهيان |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
هي ته هڪ نصيحت آهي سڀني جهان وارن لاءِ |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ خبر ٿوري وقت بعد توهان کي به پئجي ويندي |