القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ الصّٰٓفّٰت مَکِّیَّۃٌ آيتون : 182


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1)

قسم آهي قطارون ڪري صفون ٻڌي بيهندڙن جو

فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2)

پوءِ وري قسم آهي دڙڪا ڏئي تـڙيندڙن جو

فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3)

وري قسم آهي انهن جو، جيڪي نصيحت وارو ڪلام ٻڌائيندڙ آهن

إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4)

ته توهان جو اصلي معبود بس هڪڙو ئي آهي

رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5)

اهو جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي، جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ سج اڀرڻ وارن سڀني هنڌن جو مالڪ آهي

إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6)

بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي جنسار سان سينگاريو آهي

وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7)

۽ هرهڪ سرڪش شيطان کان محفوظ ڪري ڇڏيو آهي

لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8)

اهي شيطان ملاءِ الاعليٰ جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن، هر طرف کان چٽيا وڃن ٿا

دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9)

تـڙي ڪڍيا وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ لاڳيتو عذاب آهي

إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10)

ان هوندي به جيڪڏهن ڪو (شيطان) ڪجهه جــَـهٽي وٺي ٿو ته هڪڙو ٻرندڙ شعلو ڪڍ پويس ٿو

فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11)

پڇينِ ته کين خلقڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا انهن شين کي جيڪي اسان خلقيون آهن. انهن کي ته اسان چيڙهالي گاري مان پيدا ڪيو آهي

بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12)

تون (الله جي قدرت جي ڪرشمن تي) عجب ٿو کائين ۽ اهي انهن تي ٽوڪون ڪن ٿا

وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13)

۽ جڏهن سمجهائجين ٿو ته اصل نٿا سمجهن

وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14)

ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ان تي ٺٺوليون ڪن ٿا

وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15)

۽ چون ٿا ته "اهو ته پڌرو جادو آهي

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16)

ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ڇا ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير ٿي وينداسون ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون؟

أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17)

۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟"

قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18)

چوين ته هائو ۽ توهان ته (الله جي مقابلي ۾) بيوس لاچار آهيو

فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19)

رڳو هڪڙي وڏي هڪل ٿيندي ۽ امالڪ اهي (اهو سڀ ڪجهه جنهن جي کين خبر ڏني پئي وڃي) اکين سان ڏسندا

وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20)

ان وقت اهي چوندا ته "هاءِ ڙي اسان جو نڀاڳ! اهو ته حساب جو ڏينهن آهي"

هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21)

اِهو ته اُهوئي فيصلي وارو ڏينهن آهي، جنهن کي توهان ڪوڙو سڏيندا هئا

احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22)

(حڪم ٿيندو) آڻيو سڀني ظالمن کي ۽ سندن ساٿين ۽ انهن معبودن کي به، جن جي آهي عبادت ڪندا هئا

مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23)

الله کي ڇڏي ۽ پوءِ کين جهنم واري واٽ وٺايو

وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24)

ٿورو ترسايونِ جو انهن کان ڪجهه پڇڻو آهي

ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25)

ڇا ٿي ويو اٿوَ، ڇو نه ٿا هڪ ٻئي جي ڪا مدد ڪريو؟

بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26)

بلڪه اڄ ته اهي پنهنجو پاڻ کي (۽ هڪ ٻئي کي) پيش ڪن ٿا‍!

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27)

پوءِ وري هڪ ٻئي ڏانهن وڌي اهي هڪ ٻئي سان سوال جواب ڪندا

قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28)

(پوئلڳ اڳواڻن کي) چوندا ته "توهان ته اسان وٽ ساڄي پاسي کان ايندا هيؤ"

قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29)

هو جواب ڏيندا: "نه بلڪه توهان پاڻ ئي ايمان آڻڻ وارا نه هيؤ

وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30)

اسان جو توهان تي ڪو به زور زبردستي ڪونه هو، توهان پاڻ ئي حد کان لنگهندڙ هئا"

فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31)

نيٺ اسان پنهنجي رب جي انهيءَ فرمان جا حقدار ٿي وياسون ته اسان کي عذاب جو مزو ضرور چکڻو آهي

فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32)

سو اسان توهان کي ڀٽڪايو، جو اسان پاڻ ئي ڀٽڪي ويل هئاسون

فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33)

ان طرح اهي سڀئي ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا

إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34)

اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون

إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35)

هي ته اهي ماڻهو هئا، جو جڏهن کين چيو ويندو هو ته "الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه سچو معبود ڪونهي" ته هوڏ ڪندا هئا

وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36)

۽ چوندا هئا ته "ڇا اسان هڪڙي چرئي شاعر جي ڪري پنهنجن معبودن کي ڇڏي ڏيون؟"

بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37)

هوڏانهن هن ته حق آندو هو ۽ رسولن جي پڻ تصديق ڪئي هئائين

إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38)

(هاڻي کين چيو ويندو ته) توهان پڪ دردناڪ عذاب جو مزو چکڻ وارا آهيو

وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39)

۽ توهان کي جيڪو به بدلو ملي ٿو، سو انهن ئي عملن جو ڏنو وڃي ٿو، جيڪي توهان ڪندا هيؤ

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40)

باقي الله جا چونڊيل ٻانها (انهيءَ بڇڙي حشر کان) محفوظ هوندا

أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41)

انهن لاءِ جيڪو رزق آهي سو ته اڳيئي ڄاڻايل آهي

فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42)

هر قسم جون لذيذ شيون، ۽ نعمتن سان ڀريل جنتون، جن ۾ هو وڏي مانَ سان رهايا ويندا

فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43)

هر قسم جون لذيذ شيون، ۽ نعمتن سان ڀريل جنتون، جن ۾ هو وڏي مانَ سان رهايا ويندا

عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44)

اوچن صندلن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺا هوندا

يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45)

شراب جي چشمن مان پيالا ڀري منجهن ڦيرايا ويندا

بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46)

جيڪو اڇو (چــِـلڪندڙ) پيئندڙن لاءِ ڏاڍو لذيذ هوندو

لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47)

نڪي ان کان ڪا مٿي کي ڦيري ٿيندن ۽ نه ان ڪري ڪو عقل ئي خطا ٿيندُن

وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48)

۽ وٽن اکيون هيٺ ڪندڙ سهڻين اکين واريون زالون هونديون

كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49)

اهڙيون نازڪ جهڙو آني جي کل جو اندريون پردو

فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50)

پوءِ هو هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪري خبرچار وٺندا

قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51)

منجهانئن هڪڙو چوندو ته "دنيا ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي هو

يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52)

جيڪو پيو چوندو هو ته ڇا تون به سچ ڀانئيندڙن مان آهين؟

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53)

ڇا جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير بڻجي چڪا هونداسون ته به اسان کان حساب ڪتاب ورتو ويندو؟"

قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54)

(۽) چوندو ته ڇا هاڻي ڏسندؤ ته اهو ڪٿي آهي؟

فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55)

ائين چئي جو ليئو پائيندو ته ان کي جهنم جي وچ ۾ پيل ڏسندو

قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56)

چوندس ته الله جو قسم! تو ته ذري گهٽ مونکي به تباهه ڪيو هو

وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57)

منهنجي رب جو فضل نه هجي ها ته اڄ مان به انهن مان هجان ها، جيڪي پڪڙجي آيل آهن

أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58)

ڇا هاڻي اسان اصل نه مرنداسون؟

إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59)

موت جيڪو آيو سو آيو؟ ڇا هاڻي اسان کي ڪوبه عذاب ناهي ٿيڻو؟

إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60)

بيشڪ اهائي ته شاندار ڪاميابي آهي

لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61)

اهڙيءَ ئي ڪاميابيءَ لاءِ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ گهرجي"

أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62)

ٻڌايو اها مهمان نوازي سٺي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟

إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63)

بيشڪ اسان انهيءَ وڻ کي ظالمن لاءِ وڏي ايذاءَ جو سامان بڻايو آهي

إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64)

اهو هڪڙو وڻ آهي، جيڪو جهنم جي تري مان ڦـٽي نڪري ٿو

طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65)

انهيءَ جا گوشا (ڇڳا) اهڙا آهن، جهڙا شيطانن جا مٿا

فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66)

جهنم وارا انهيءَ کي کائيندا ۽ انهيءَ سان ئي پيٽ ڀريندا

ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67)

پوءِ وري مٿان پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندن

ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68)

۽ وري سندن موٽڻ جهنم جي باهه ڏانهن ئي ٿيندو

إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69)

هي اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ڏٺو

فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70)

ته وري پاڻ به انهن جي ئي پيرن تي ڊوڙندا ويا

وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71)

توڻي جو کانئن اڳ گهڻا ئي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا هئا

وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72)

۽ اسان منجهن خبردار ڪندڙ (رسول) موڪليا هئا

فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73)

پوءِ ڏسو، ته جن کي خبردار ڪيو ويو هو تن جي پڇاڙي ڇا ٿي

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74)

۽ انهيءَ حشر کان بچي رڳو الله جا اهي بندا ويا، جن کي هن رڳو پاڻ لاءِ پسند ڪري ڇڏيو آهي

وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75)

(ان کان اڳ) اسان کي نوح سڏيو هو ته پوءِ ڏسو، اسان ڪهڙا نه سٺا سڏ ورنائڻ وارا ثابت ٿياسون

وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76)

اسان کيس ۽ سندس اهل کي وڏي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ڏنو

وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77)

۽ سندس نسل کي باقي رکيوسين

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78)

۽ پويان ايندڙ نسلن ۾ سندس ناماچار ڇڏيوسون

سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79)

سلام آهي نوح تي ساري دنيا وارن ۾

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80)

اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙا ئي اجورا ڏيندا آهيون

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81)

بلاشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو

ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82)

ٻئي ٽولي (جن نوح تي ايمان نه آندو هو) کي اسان ٻوڙي ڇڏيو

وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83)

۽ نوح جي ئي طريقي تي هلندڙ ابراهيم به هو

إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84)

جڏهن هو پنهنجي رب وٽ صحيح سالم دل کڻي پهتو

إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85)

جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته "اهي ڇا آهن، جن جي عبادت پيا ڪريو؟

أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86)

ڇا الله کي ڇڏي ڪوڙ جا ٺاهيل معبود چاهيو ٿا؟

فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87)

ڀلا رب العالمين جي باري ۾ توهان جو ڇا رايو آهي؟"

فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88)

پوءِ هن تارن ڏي نظر ڪري ڏٺو

فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89)

۽ چيائين: "مان چاڪ ناهيان"

فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90)

پوءِ اهي ماڻهو کيس ڇڏي هليا ويا

فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91)

پوءِ هو سندن معبودن منجهه ڪاهي پيو ۽ کين چيائين: "توهان کائو ڇو نه ٿا؟

ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92)

ڇا ٿيو اَٿوَ، ڳالهايو ڇو نٿا؟"

فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93)

پوءِ ته ڪڙڪي پين ۽ سڄي هٿ سان ڏاڍا ڌڪ هنيائين

فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94)

(موٽي اچڻ تي) اهي ڏانهس ڀڄندا آيا

قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95)

هن چين: "ڇا توهان پنهنجي ئي گهڙيل شين کي پوڄيو ٿا؟

وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96)

هوڏانهن الله ئي ته توهان کي به پيدا ڪيو آهي ۽ انهن شين کي به جن کي توهان ٺاهيو جوڙيو ٿا؟"

قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97)

انهن پاڻ ۾ چيو: "هن لاءِ هڪڙو وڏو آڙاهه تيار ڪريو ۽ پوءِ کڻي باهه جي مــَـچ ۾ اڇلايوس"

فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98)

هــُـنن ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. پر اسان رهندو کين ئي دسي وڌو

وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99)

ابراهيم چيو: مان پنهنجي رب ڏانهن ٿو وڃان، هو ئي مونکي صحيح دڳ لائيندو

رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100)

"اي منهنجا رب! مونکي هڪڙو پٽ عطا ڪر، جيڪو صالحن مان هجي"

فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101)

(انهيءَ دعا جي موٽ ۾) اسان کيس هڪڙي سٻاجهڙي پٽ جي خوشخبري ڏني

فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102)

اهو (ڇوڪر) جڏهن ساڻس گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ جهڙو ٿيو ته (هڪ ڏينهن) ابراهيم کيس چيو ته "منهنجا پٽـڙا! مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته مان توکي قربان ڪري رهيو آهيان، ٻڌاءِ ته تنهنجو ڇا خيال آهي؟" هن چيو: "منهنجا ابا! جيڪو حڪم توکي ملي رهيو آهي ائين ڪري ڇڏ، جيڪڏهن الله گهريو ته تون مونکي صبر (سان سهڻ) وارن مان ڏسندين"

فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103)

پوءِ جڏهن ٻنهي حڪم مڃيو ۽ ابراهيم پٽ کي نرڙ ڀر ليٽايو

وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104)

ته اسان کيس سڏي چيو: "اي ابراهيم

قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105)

تو بيشڪ خواب سچو ڪري ڏيکاريو، اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙوئي اجورو ڏيندا آهيون

إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106)

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها هڪڙي ڏاڍي پڌري پرک هئي

وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107)

۽ اسان هڪڙي وڏيءَ قربانيءَ جي عيوض ان (ڇوڪري) کي ڇڏائي ورتوسون

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108)

۽ سندس ساراهه پويان ايندڙ نسلن ۾ رهائي ڇڏي سون

سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109)

سلام هجي ابراهيم تي

كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110)

اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111)

بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو

وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112)

۽ اسان وري کيس اسحاق جي خوشخبري ڏني، جيڪو به هڪ نبي هو صالحن منجهان

وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113)

۽ کيس ۽ اسحاق کي برڪت ڏني سون، هاڻي ته انهن ٻنهي جي پيڙهيءَ مان ڪو نيڪيءَ ۾ اڳرو آهي ته ڪو پنهنجو پاڻ تي ظاهر ظهور ظلم ڪرڻ وارو آهي

وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114)

۽ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو

وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115)

کين ۽ سندن قوم کي وڏيءَ مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنوسون

وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116)

سندن مدد ڪئي سون، جو پوءِ اهي ئي ڪامياب ٿيا

وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117)

کين چٽيءَ طرح سمجهايل ڪتاب عطا ڪيوسون

وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118)

کين سڌو رستو ڏيکاريوسون

وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119)

۽ کانئن پوءِ ايندڙ نسلن ۾ سندن تعريف کي قائم رکيوسون

سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120)

سلام هجي موسيٰ ۽ هارون تي

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121)

اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون

إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122)

بلاشڪ ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن مان ئي هئا

وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123)

۽ بيشڪ الياس به رسولن مان هو

إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124)

ياد ڪر، جڏهن هن پنهنجيءَ قوم کي چيو هو: "ڇا توهان (الله کان) ڊڄو نٿا؟

أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125)

ڇا توهان بعل (بت) کي سڏيندا رهو ٿا ۽ ڀلي ۾ ڀلي خالق کي ڇڏي ڏيو ٿا

اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126)

انهيءَ الله کي، جيڪو توهان جو توڙي توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو به رب آهي؟"

فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127)

پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، سو هاڻي ته اهي ضرور سزا لاءِ پيش ٿيڻا آهن

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128)

باقي الله جا چونڊي کنيل ٻانها انهن ۾ شامل نه هوندا

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129)

۽ الياس جو به ڀلو نالو اسان پوين ۾ قائم رکيوسون

سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130)

سلام آهي الياس تي

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131)

اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي ائين اجورا ڏيندا آهيون

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132)

هو بيشڪ اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو

وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133)

۽ لوط به انهن ماڻهن مان هو، جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا هئا

إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134)

ياد ڪر، جڏهن اسان کيس ۽ سندس سمورن گهر وارن کي بچائي ورتو

إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135)

سواءِ هڪڙيءَ پوڙهيءَ جي، جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي

ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136)

باقي ٻين سڀني کي برباد ڪري ڇڏيوسون

وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137)

توهان ڏينهن جو سندن اُجڙيل وٿاڻن وٽان لنگهندا رهو ٿا

وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138)

(۽ ڪڏهن) رات جو به، ڇا پوءِ به عقل نه ٿا ڌاريو؟

وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139)

بلاشڪ يونس به رسولن مان هو

إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140)

ياد ڪر جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانهن ڀڳو هو

فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141)

پوءِ ڪــُـڻن وجهڻ ۾ شريڪ ٿيو ۽ هارائجي ويو

فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142)

پوءِ مڇي ڳهي ويس جو هو ملامت ڪيل هو

فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143)

پوءِ جيڪڏهن هو تسبيح ڪرڻ وارن مان نه هجي ها

لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144)

ته قيامت جي ڏينهن تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها

فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145)

نيٺ اسان کيس ڏاڍي بيمار حالت ۾ کڻي هڪڙي برپٽ ۾ اڇلايو

وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146)

۽ مٿانئس هڪڙو (ولِ جهڙو) جهڳٽيدار ٻوٽو ڦٽايوسون

وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147)

پوءِ اسان کيس هڪ لک يا اڃان به وڌيڪ ماڻهن ڏانهن اماڻيو

فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148)

هنن ايمان آندو ۽ اسان کين ڪنهن عرصي تائين حياتي ماڻڻ ڏني

فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149)

پوءِ پڇين ته ڇا (اها ڳالهه دل سان لڳين ٿي ته) تنهنجي رب لاءِ ته ڌيئر هجن ۽ انهن لاءِ پٽ هجن

أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150)

ڇا سچ پچ اسان ملائڪن کي ماديون بڻايو آهي ۽ اِهي اکين ڏٺي ڳالهه ٿا ڪن؟

أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151)

ٻڌو، حقيقت ۾ اهي ته پنهنجو ٺاهيل ڪوڙ هڻي ٿا چون

وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152)

ته الله کي اولاد آهي، اهي بلڪل ڪوڙا آهن

أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153)

ڇا الله پٽن جي ڀيٽ ۾ ڌيئر پسند ڪيون آهن؟

ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154)

ڇا ٿي ويو اٿوَ، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو؟

أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155)

ڇا ڌيان نه ڌاريندؤ؟

أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156)

يا وري اٿوَ ڪا انهن ڳالهين بابت چٽي ســَـنــَـدَ؟

فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157)

آڻيو ڀلا پنهنجو اهو لکيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو

وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158)

انهن الله ۽ ملائڪن جي وچ ۾ مٽي مائٽي گهڙي آهي، حالانڪه ملائڪن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو ڏوهاريءَ جي حيثيت ۾ پيش ٿيڻا آهن

سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159)

(۽ اهي چون ٿا ته) الله ته پاڪ آهي انهن ڳالهين کان

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160)

جيڪي سندس خاص بندن کان سواءِ ٻيا مٿس ٿـڦن ٿا

فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161)

پوءِ توهان توڙي توهان جا اهي معبود

ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162)

الله کان ڪنهن کي به ڦيرائي نٿا سگهن

إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163)

سواءِ ان جي جنهن کي ٻرندڙ باهه ۾ پوڻو آهي

وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164)

۽ اسان مان هرهڪ جو هنڌ مقرر ٿيل آهي

وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165)

۽ اسان ته سدائين خدمت ۾ صفون ٻڌي بيٺل هوندا آهيون

وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166)

۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهيون

وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167)

اهي ماڻهو اڳي ته چوندا هئا

لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168)

ته جيڪر اسان وٽ اهو ڪتاب هجي ها، جيڪو اڳين قومن کي مليو هو

لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169)

ته اسان الله جا خاص ٻانها هجون ها

فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170)

پر (جڏهن اهو اچي ويو ته) انڪار ڪري ڇڏيائون، هاڻي سگهوئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو

وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171)

پنهنجن موڪليل ٻانهن سان اسان اڳيئي وعدو ڪري چڪا آهيون

إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172)

ته ضرور سندن مدد ڪئي ويندي

وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173)

۽ اسان جو لشڪر ئي غالب ٿيندو

فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174)

تنهنڪري اي نبي! ڪجهه وقت تائين انهن کي بس ڇڏي ڏي

وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175)

۽ ڏسندو رهه، جلد ئي اهي پاڻ به ڏسي وٺندا

أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176)

ڇا اسان جي عذاب لاءِ ٿا تڪڙ ڪن؟

فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177)

جڏهن اهو اچي سندن اڱڻ ۾ لٿو، ته پوءِ اهو ڏينهن انهن ماڻهن لاءِ جن کي خبردار ڪيو ويو هو، ڏاڍو برو هوندو

وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178)

بس ڪو ٿورڙي وقت لاءِ ڇڏي ڏين

وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179)

۽ ڏسندو رهه، جلد ئي اهي پاڻيهي ڏسي وٺندا

سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180)

پاڪ آهي تنهنجو رب، عزت جو مالڪ، انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ٺاهين ٿا

وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181)

۽ سلام هجي رسولن تي

وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182)

۽ ساري تعريف الله جهانن جي پالڻهار لاءِ ئي آهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025