وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
(عبادت يا جهاد ۾) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو (قسم)، |
فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
پوءِ (برن کي برائيءَ کان) جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارن جو (قسم)، |
فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
۽ وري قرآن کي پڙهڻ وارن جو قسم آهي، |
إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
ته اوهان جو معبود پڪ اڪيلو خدا آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ تي آهي (سڀني جو) پالڻهار آهي. پڻ (چنڊ، سج ۽ تارن جي) اڀرڻ (۽ لهڻ) وارن هنڌن جو به مالڪ آهي. |
إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي. |
وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
۽ (تارن کي) سرڪش شيطانن کان حفاظت جي لاءِ (به پيدا ڪيو آهي) |
لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
ته هاڻي اهي شيطان عالم بالا ڏي ڪن به لڳائي نٿا سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا، |
دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
بچائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي. |
إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالھ) جهٽي وٺي ٿو ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي (باھ جو تير) پوي ٿو. |
فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
پوءِ (اي رسول) تون انهن کان پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آهي يا (ٻين جو؟) |
بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
پوءِ (اي رسول) جن کي اسان پيدا ڪيو بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽي مان پيدا ڪيو آهي. |
وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
پر (اي پيغمبر) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو ۽ اهي (تو سان) مسخريون ڪن ٿا. |
وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان (به) نه ٿا ڪن. |
وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا. |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
۽ چون ٿا اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (وري) جيئرو ڪيو ويندو؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به؟ |
قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
(اي پيغمبر! تون) چوين ته هاءُ! (ضرور اٿاريا ويندو) ۽ اوهين خوار ٿيندو. |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
پوءِ اها (قيامت) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (قبرن مان جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا. |
وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
۽ چوندا ته هاءِ افسوس! هي فيصلي جو ڏينهن آهي! |
هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
(اسين چونداسون ته هاءُ) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو چوندا هئا. |
احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
۽ (ملائڪن کي حڪم ڪنداسون ته) انهن کي گڏ ڪريو جي سرڪشي ڪندا هئا ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن جي عبادت ڪندا هئا. |
مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
خدا کان سواءِ پوءِ کين دوزخ جو رستو ڏيکاريو. |
وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
۽ کين بيهاريو ڇو ته انهن کان ڪجھ پڇيو ويندو. |
ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
ته (اڙي بدبختو) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (دنيا وانگر هتي) هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪريو؟ |
بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
(جواب ڇا ڏيندا) پر اهي اڄ ڪنڌ نوائيندا. |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
۽ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿي هڪٻئي کان پڇندا. |
قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
(۽ انسان، شيطانن کي) چوندا ته اوهان ئي اسان وٽ سڄي پاسي کان چڙهي ايندا هئا. |
قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
اهي جواب ڏيندا ته (اسين ڇا ڄاڻون) اوهين پاڻ ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور نه هو پر اوهين حد کان لنگهدڙ قوم هئا. |
فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
پوءِ هاڻي ته اسان جي پالڻهار جو حڪم اسان تي ثابت ٿيو ته پڪ اسين سڀئي عذاب جو مزو چکينداسون. |
فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
جيئن ته اسين خود گمراھ هواسون ته اوهان کي به گمراھ ڪيوسون. |
فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
پوءِ پڪ اهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين ڏوهارين سان اهڙيءَ طرح ئي ڪريون ٿا. |
إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
اهي ماڻهو اهڙا ته (شرير) هئا جو جڏهن کين چيو ويندو هو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ته وڏائي ڪندا هئا، |
وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
۽ چوندا هئا ته ڇا اسين هڪ چرئي شاعر لاءِ پنهنجا معبود ڇڏي ڏيون؟ |
بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
(اڙي بدبختو! هي شاعر يا چريو ته نه آهي) پر هن ته حق (سچ ڳالھ) آندي آهي ۽ (اڳين) نبين جي تصديق ڪري ٿو. |
إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
اوهين (جيڪڏهن نه مڃيندو) ته ضرور سخت عذاب جو مزو چکيندو، |
وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
۽ اوهان کي ته ان جو (ئي) بدلو ڏبو جو (دنيا ۾) ڪندا هئا، |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
پر خدا جا خالص بندا |
أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
انهن لاءِ (ته بهشت ۾) هڪ مقرر (ٿيل) روزي آهي. |
فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
(۽ اها به جهڙي تهڙي نه) هر قسم جا ميوا ۽ کين وڏي عزت ڏني ويندي. |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
نعمت وارن باغن ۾، |
عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
پلنگن تي هڪ ٻئي جي سامهون |
يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
انهن ۾ صاف شراب جي پيالن جو دور هلي رهيو هوندو. |
بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
جو اڇي رنگ جي پيئندڙن لاءِ مزيدار هوندو، |
لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
نه ان ۾ مٿي جي ڦيري هوندي ۽ نه ان جي ڪري نشو ئي ٿيندن. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
۽ سندن پاسن ۾ (شرم کان) هيٺ نهاريندڙ سهنين اکين واريون (حورون) هونديون. |
كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
(سندن گوري گوري رنگتن ۾ بلڪل هلڪي ڳاڙهاڻ ائين جهلڪندي هوندي) جو ڄڻ ته اهي “بيضا” آهن جيڪي ڍڪي رکيل آهن. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
پوءِ (هي جنتي) هڪ ٻئي ڏي ڏسي پڇندا، |
قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
انهن کي هڪ چوندو ته پڪ منهنجو هڪ سنگتي هو. |
يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
اهو چوندو ته ڇا تون (قيامت کي) مڃيندڙن مان آهين؟ |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اسان جي عملن جو) عيوضو ڏنو ويندو؟ |
قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
(وري پنهنجي جنت جي ساٿين کي) چوندو ته ڇا اوهين جهاتي پائي ڏسندا؟ |
فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
پوءِ (پاڻ به) جهاتي پائي ڏسندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. |
قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
چوندو ته خدا جو قسم ته تو مون کيذري گهٽ هلاڪ ٿي ڪيو، |
وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
۽ جيڪڏهن منهنجي پروردگار جو احسان نه هجي ها ته آءُ به (توسان گڏ دوزخ ۾) گرفتار هجان ها. |
أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
(هاڻي ٻڌائي) ڇا (آءُ تو کي نه چوندو هئس ته) اسان کي وري مرڻو نه آهي. |
إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
سواءِ هن پهرين موت جي ۽ نه اسان تي (آخرت ۾) عذاب ئي ٿيندو (ته توکي پڪ نه پئي ٿئي). |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
هيءُ بيشڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
اهڙي (ئي ڪاميابيءَ) لاءِ ڪم ڪرڻ وارن) کي ڪم ڪرڻ گهرجي. |
أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
ڀلا مهمانيءَ لاءِ اهو (سامان) چڱو آهي يا ٿوهر جو وڻ (جيڪو دوزخين لاءِ هوندو) |
إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
جنهن کي بيشڪ اسان ظالمن لاءِ هڪ آزمائش ٺهرايو آهي. |
إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
بيشڪ اهو وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان نڪري ٿو. |
طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
ان جو ڦر ڄڻ ته نانگن جون ڦيڻون آهن. |
فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
پوءِ (دوزخي) ان مان کائيندا ۽ ان مان پيٽ ڀريندا. |
ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
وري بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) تي (پيئڻ لاءِ) گرم پاڻيءَ جي ملاوٽ هوندي. |
ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
وري (کائي پئي) کين دوزخ ڏي موٽڻو پوندو. |
إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
بيشڪ انهن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراھ لڌو، |
فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
پوءِ هي به سندن (قدمن جي) نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا. |
وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
بيشڪ انهن کان اڳ پهرين مان گهڻا گمراھ ٿيا آهن. |
وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
۽ بيشڪ انهن ۾ (به) اسان ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته انهن ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
پر خدا جا خالص بندا (محفوظ رهيا). |
وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
۽ نوح پنهنجي قوم کان نااميد ٿي (بيشڪ اسان کي سڏيو هو ته (ڏسو ته اسان) ڪئين نه هن جو (سڏ) ٻڌو. |
وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي تمام (سخت) مصيبت کان بچايو. |
وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي رهندڙ ڪيو. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ (سندس) ساراھ ڇڏيسون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
نوح تي سڀني جهانن ۾ سلام هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙي طرح چڱو بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
بيشڪ هو اسان جي ايمان وارن بندن مان هو. |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
وري ٻين کي ٻوڙيوسون. |
وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
جڏهن پنهنجي رب ڏانهن (هر عيب کان) پاڪ دل کڻي متوجه ٿيو. |
إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
... |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
جڏهن هن پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته: اوهين ڪنهن جي عابدت ڪريو ٿا؟ |
أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
ڇا خدا کان سواءِ هٿرادو معبودن کي گهرو ٿا؟ |
فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
پوءِ ساري خدائي جي پالڻهار لاءِ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ |
فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
(پوءِ هڪ عيد ۾ انهن هلڻ جو چيس) ته ابراهيم ستارن ڏي هڪ نظر ڏٺو. |
فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
۽ چيائين ته آءُ جلد ئي بيمار ٿيڻ وارو آهيان. |
فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
ته اهي ماڻهو ابراهيم کي پٺ ڏئي ڦريا (ڇڏي ويس) |
فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
(بس) پوءِ ابراهيم لڪي لڪي سندن معبودن ڏي ويو ۽ (کين طعني سان) چيائين (اوهان جي اڳيان هيترا طعام رکيا آهن) آخر اوهين کائو ڇو ڪين ٿا؟ |
ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
(اڙي!) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو به نه ٿا. |
فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
پوءِ مٿن وڃي پيو (انهن کي) سڄي هٿ سان ڌڪ هڻڻ لڳو. |
فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
(۽ انهن کي ٽڪر ٽڪر ڪري هڪ وڏي بت جي ڪلهي تي ڪهاڙي رکي ڇڏيائين جڏهن انهن ماڻهن کي خبر پئي ته) پوءِ اهي ان ڏي ڊوڙندا آيا. |
قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
ابراهيم چين ته (افسوس) اوهين ماڻهو تن کي پوڄيو ٿا جن کي اوهين پاڻ گهڙي ٺاهيو ٿا. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
هوڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا تن کي خدا پيدا ڪيو آهي. |
قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
(اهو ٻڌي) انهن چيو ته هن لاءِ (کوري جهڙو هڪ جاءِ) بنايو ۽ کيس (باھ جي آڙاھ ۾) وجهو. |
فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
پوءِ انهن ابراهيم سان مڪاري ڪرڻ گهري ته اسان (باھ کي ٿڌو گلزار ڪري) سندن (ڪنڌ) هيٺ ڪيا. |
وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
۽ (جڏهن (آذر) ابراهيم کي ڪڍي ڇڏيو ته) چيائين آءُ پنهنجي پروردگار ڏي وڃان ٿو. اهو مون کي رستو لائيندو. |
رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
(پوءِ عرض ڪيائين) خداوندا! مون کي صالحن مان (ڪو پٽ) بخشي ڏي. |
فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
پوءِ اسان کيس هڪ بردبار نينگر (پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏني. |
فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ جڏهن اسماعيل پيءُ سان گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي پهتو تڏهن (هڪ دفعي) ابراهيم چيس ته : اي منهنجا فرزند! مون خواب ۾ (وحي ذريعي) ڏٺو آهي ته آءُ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان. پوءِ تون غور ڪر ته تنهنجي صلاح ڇا آهي؟ چيائينس ته اي منهنجا بابا! جو تو کي حڪم ڪيو ٿيو آهي سو (بيڌڙڪ) ڪر! جيڪڏهن خدا گهريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين. |
فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن ٻنهي حڪم مڃيو ۽ (ابراهيم) ان کي پيشاني ڀر ليٽايو، |
وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
تڏهن اسان کيس (تيار ڏسي) سڏي چيو ته اي ابراهيم! |
قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو (هاڻي اوهان ٻنهي کي وڏا درجا ملندا) اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
بيشڪ هي پڪ وڏو (سخت) امتحان هو. |
وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
۽ اسان اسماعيل جو فديو هڪ ذبح عظيم (تمام وڏي قرباني) مقرر ڪئي. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
(ساري خدائي ۾) ابراهيم تي سلام آهي. |
كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
بيشڪ ابراهيم اسان جي (خاص) ايماندار بندن مان هو. |
وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
۽ اسان کيس اسحاق (جي) پيدا ٿيڻ جي خوش خبري ڏني جو صالحن مان (هڪ) نبي هو. |
وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
۽ اسان خود ابراهيم تي ۽ اسحاق تي پنهنجي برڪت نازل ڪئي ۽ انهن ٻنهي جي اولاد مان ڪو نيڪي ڪندڙ ۽ ڪو (نافرماني ڪري) پنهنجي جان تي پڌرو ظلم ڪندڙ آهي. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
۽ پڻ اسان موسى ۽ هارون تي (ڪئي) احسان ڪيا. |
وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
۽ خود انهن ٻنهي کي ۽ انهن جي قوم کي تمام (سخت) مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنوسون. |
وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
۽ (فرعون جي مقابلي ۾) اسان انهن جي مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب ٿيا. |
وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
۽ انهن ٻنهي کي پڌرو ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون. |
وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
۽ ٻنهي کي سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون. |
وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ سندن ذڪر خير ڇڏيوسون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
جو (هر هنڌ) موسى ۽ هارون تي سلام (ئي سلام) آهي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو عطا ڪندا آهيون. |
إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
بيشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن عبدن مان هئا. |
وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان هو. |
إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين (خدا جي عذاب کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟ |
أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
ڇا اوهين “بعل” (بت) جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ سڀني کا بهتر پيدا ڪرڻ واري کي ڇڏي ڏنو اٿو. |
اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
ان خدا کي جيڪو اوهان جو پروردگار ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو (به) پروردگار آهي. |
فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو ۽ اهي ماڻهو (پڪ) دوزخ ۾ گرفتار ڪيا ويندا. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
پر خدا جا خالص عبد (محفوظ رهندا). |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
۽ اسان سندن ذڪر خير پوءِ اچڻ وارن ۾ باقي رکيو. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
جو (هر طرف کان) آل يسين تي سلام (ئي سلام) آهي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
اسين پڪ نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي عوض ڏيندا (ڪندا) آهيون. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
بيشڪ اهو اسان جي (خالص) ايمان دار عبدن مان هو. |
وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته لوط يقيني پيغمبرن مان هو. |
إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
جڏهن اسان کيس ۽ گهر وارن سڀني کي بچايوسون. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
پر هڪ (سندس) ٻڏي زال کانسواءِ جا (پٺتي) رهيلن مان ٿي. |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
(ان کان) پوءِ اسان باقي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪيو. |
وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
۽ (مڪي وارو!) بيشڪ اوهان جو مٿن گذر ٿئي ٿو ڪڏهن صبح جو |
وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
۽ (ڪڏهن) رات ۾، ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو. |
وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
پڻ هن ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته يونس به پيغمبرن مان هو. |
إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
(اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن (اهو) ڀريل ٻيڙي ڏي ڀڳو. |
فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
ته (ٻيڙي وارن) پکو وڌو ته (سندس ئي نالو نڪتو ۽) يونس مغلوب رهيو. |
فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
(۽ دريا ۾ ڪري پيو) ته کيس مڇي ڳهي ويئي ته يونس خود (پنهنجي) ملامت ڪري رهيو هو. |
فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
پوءِ جيڪڏهن (خدا جي) تسبيح ۽ (ذڪر) ڪندڙن مان نه هجي ها. |
لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
ته ڏينهن قيامت تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها. |
فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
پوءِ کيس اسان (مڇيءَ جي پيٽ مان ڪڍي) هڪ کليل ميدان ۾ اڇليوسون ۽ اهو بيمار ٿي پيو. |
وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
۽ اسان مٿس (ڇانو لاءِ) هڪ ڪدوءَ جو وڻ آڳايوسين. |
وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
۽ (نيٺ) اسان کيس هڪ لک بلڪ (هڪ حساب موجب) وڌيڪ ماڻهن ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو. |
فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
ته انهن مٿس ايمان آندو پوءِ اسان (به) هڪ مدت تائين کين مزي ۾ رکيو. |
فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
ته (اي پيغمر) انهن ڪافرن کان (ته) پڇ! ته ڇا اوهان جي پروردگار جون ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ! |
أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
يا (سچ پچ) اسان فرشتن کي زالون ڪري بنايو آهي، ۽ اهي ڏسي رهيا هئا؟ |
أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
خبردار اهي ماڻهو يقينا پنهنجي دلئان هٿرادو ڪوڙ چون ٿا. |
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
ته خدا اولاد وارو يقينا آهي ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
ڇا پٽن کان ڌيئرن کي پسند ڪيو اٿس؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
(اڙي بدبختو!) اوهان کي ڇا (چريائي) ورتو آهي، جو ويٺي ويٺي) اهڙو فيصلو ڪريو ٿا! |
أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سوچيو! |
أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
يا اوهان وٽ (ان جو) ڪو پڌرو دليل آهي. |
فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجو (ڪو اهڙو) ڪتاب پيش ڪريو. |
وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
۽ انهن (ڪافرن) خدا ۽ جنن جي وچ ۾ هڪ (قسم جي) مائٽي مقرر ڪئي آهي.هوڏانهن جن چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پڪ (قيامت ۾ ماڻهن وانگر) حاضر ڪيا ويندا. |
سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
اهي ماڻهو جي ڳالهيون مڙهين ٿا تن کان خدا پاڪ صاف آهي. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
پر خدا جا خالص عبد (ائين نه ٿا چون) . |
فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
مطلب ته اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪريو ٿا، |
ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
(ڪنهن کي به) اوهين خدا کان ڦيرائي نه ٿا سگهو. |
إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
سواءِ ان جي جيڪو دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي. |
وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
(پڻ فرشتا ۽ امام ته هي چون ٿا ته) اسان مان هر هڪ جو درجو مقرر آهي. |
وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
۽ اسين ته بيشڪ (خدا جي عبادت لاءِ) صف ٻڌي بيٺا هوندا آهيون. |
وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
پڻ اسين ته يقينا (سندس) تسبيح پڙهندا ڪندا آهيون. |
وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
جيتوڻيڪ اهي ڪافر (اسلام کان اڳ) چوندا هئا ته، |
لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
جيڪڏهن اسان وٽ به اڳين ماڻهن جو تذڪرو (خدا جي ڪنهن ڪتاب ۾) هجي ها. |
لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
ته اسين به خدا جا خالص بندا ضرور ٿيون ها. |
فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
(پر جڏهن ڪتاب آيو ته) انهن ان کان انڪار ڪيو. خير! جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو. |
وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
۽ پنهنجي خاص بندن پيغمبرن سان اسان جي ڳالھ پڪي ٿي چڪي آهي. |
إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
ته انهن جي (اسان جي بارگاھ مان) پڪ مدد ڪئي ويندي. |
وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
۽ اسان جو لشڪر ته پڪ غالب رهندو. |
فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
ته (اي رسول) تون انهن کان هڪ خاص وقت تائين منهن موڙ. |
وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا. |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا؟ |
فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
پوءِ جڏهن سندن اڱڻ ۾ (عذاب) لهندو ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو. |
وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
۽ (اي پيغمر) تو کانئن هڪ وقت تائين منهن موڙ. |
وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
۽ ڏسندو رھ! پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا. |
سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
(اي پيغمبر) جيڪي اهي ماڻهو بيان ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پروردگار عزت جو مالڪ پاڪ صاف آهي. |
وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
۽ پيغمبرن تي (درود) سلام هجي. |
وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
۽ سڀ ساراھ خدا جي لاءِ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي. |