| وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
|
صِف ۾ صِف سَلام لئي، سَچا سي گَواھ، |
| فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ ڪاهِيندڙ ڪڪرن کي، ڪاهَن پٺيان ڪاھ، |
| فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ طالِب جي تنوار ۾، ڪن اَلله ۽ اَلله، |
| إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
|
ته آهي اوهان جو هيڪڙو، ڌَڻِي ڌُر، دَرگاھ، |
| رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
|
جو اُڀ ۽ عرش فرش جو، پالڻهار پَناھ، پڻ آهن اِن ٻِن ۾، جيڪي جوڙون جابجاءِ، پڻ والِي آهي واھ!، سَندو سَڀنِي اوڀرين. |
| إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
|
اَسان اوڏي اُڀ کي، سِينگاريو صَحِي، تارن جي جِھر مِر سان، |
| وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
|
پڻ پَهري لاءِ پَهِي، ۽ هر شامتِي شيطان کان، جو وِيو لَعنت هيٺ لهي، |
| لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
|
تان نه مَٿِينءَ مَجلس جِي، ٻُڌن ڪابه ڪَهِي، ۽ ٺوڪيون وَڃن ٺَهِي، چِڻنگون تَن چوڌار کان. |
| دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
|
سُور سَدائـِين اُنهن لئي، جو چَمڙِي تي چُهٽي، |
| إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
|
مگر جو جَھٽي، سو اُماڙ لائـِين، اُن پُٺيان. |
| فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
|
پوِ پُڇِينِ ته پيدا ڪرڻ ۾، اُهکا اِهي اِنسان؟ يا جيڪِي جوڙياسون اڳڀرا، اُڀ، ڀُون آسمان، خلقيا سون خان، جيڪِي مِٽِئ چَٻر مان. |
| بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
|
تون حيرت مَنجھ حضور!، ۽ هو مُرڳو ڪَن مَسخريون، |
| وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
|
جڏهن چَئجينِ چڱِي ڳالھ جو، ته مَت نه وَٺنِ مُور، |
| وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
|
جڏهن اَکِيين پَسَن اُهڃاڻ ڪو، ته ڪَن مَخوليون مَخمور، |
| وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
|
چي، ناھِ مگر هِي مَنڊ ڪو، ظاهر مَنجھ ظهور، |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
|
جڏهن مُئاسون، ۽ مِٽِي هونداسون، هڏچُور، ڇا، اَسِين، ته اَسِين اُٿـڻا آهيون؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
|
ڪِ اَسان جا اَڳيان، اَبا، ڏاڏا ڏُور، ڪِيئَن مَڃيون، هي مَذڪُور، |
| قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
|
چئو آنہ، ۽ اَوهِين آهيو، تابِعدار تمام، |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
|
فقط ڦوڪ هيڪ ري، ڪانهي هِي قيام، پوءِ مُئا مَنجھان مقام، اِجھو اَکيون ڦيرِينِ پيا. |
| وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
|
چي، حيف! اسان جي حال کي، هيِ هَي هَي! ڏِينهن حِساب، |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
|
جنهن کي ڪوٺيان ڪُوڙ ڪَذاب! هِي اُهو ڏينهن آچار جو. |
| احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
|
جوڙيو، جَن جاڙون ڪيون، پڻ سَندنِ جوڙيوال، پڻ ڌڻِئ ڌاران جَن کي، هُئا ڪندا سَڏ سُوال، |
| مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
|
سَندِي باھِ بَحال، واٽ وٺايو، اُنهن کي. |
| وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
|
۽ تَرسايو تن کي ته، پُڇڻا آهِن پاڻ، |
| ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
|
حِمايت هِڪ ٻئي سَندِي، ڪريونٿا ڇا ڪاڻ، |
| بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
|
اُٽلو اَڄ اَڄاڻ، سي سلامِي سَڀ ڳالھ ۾ |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
|
۽ اُنهن مان، ڪي ڪَن، ڪِن کي، سامهون ٿِي سُوال، |
| قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
|
چي، اِيندا سَڄيان ڪِين هُئا، اَوهِين اَسان کي ڪالھ، |
| قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
|
چي، اَوهِين نه مَڃِيندڙ مُورهين، هُئا حق جِي ڳالھ، |
| وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
|
۽ اوهان تي اَسان کي، مُور نه هُئـِي مَجال، بَلڪ ڀُليل واٽ کان، هُئا قوم ڪلال!، |
| فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ پَنهنجي پَروَر پاڪ جو، اڳيون قول ڪمال، ثابت پاڻ سَڀن تي، بي شڪ ٿيو بَحال، ته چَکندڙ چڱِي چال، آهيون چاش عذاب جِي. |
| فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
|
نپوءِ اَوتڙ وِڌو سون آن کي جِيئن اوتڙ هُئاسون پاڻ، |
| فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
|
پوءِ آهيون هيڪاندا هاڻ، اَڄ ڀيڙا سَڀئـِي باھِ ۾. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
|
ڪُل ڪانهيارن سان، ڪريون اَسِين اِهائـِي ڪار، |
| إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
|
اِهي آهن، سي صَحِي، جَن چئبو هو جنهن وار، ته ڪانهي ڪُل جھان ۾، ڪا درگاھ، ڌڻِئَ ڌار، ته ڪَن تڪبر تڪرار، مَڃڻ بَدران مُرڳو. |
| وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
|
۽ وراڻيو واتان، ته ڇا، اَسِين ڇَڏِيندڙ آهيون؟ پَنهنجا دَر داتا،ڪِنهن چَرئي سُگھڙ جي چَوڻ تي. |
| بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
|
آندائـِين سَچ، پڻ سَچاچَئـِين، نَبِي سُونهارا نُور، |
| إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
|
اَوهِين چکندڙ آهيو، ڪا سَزا سراسر سُور، |
| وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
|
۽ نه مِلندان، مگر مُور، جِنهن مُوجب ڪَريو ڪَمڙا. |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
مگر مالِڪ پاڪ جا، ٻانهان نِج نِبار، |
| أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
|
خاصا کاڄ اُنهن لئي، |
| فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
|
ميوا، مَڃر ڏار، |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
|
۽ اُهي باغ بهشت ۾، |
| عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
|
عِزّت ساڻ اَپار، وَهسن ويرو تار، سيجن مَٿي سامهان. |
| يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
|
وَهندڙ جي وَٽِيَن جِي، تَن تي وارو وار، |
| بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
|
اَڇو صاف سَواد لئي، تِڪِيندڙ تڪرار، |
| لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
|
جِنهن کان نه سِر ۾ سُور ڪو، نه ڪو کين خُمار، |
| وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
|
تَن وَٽ جيڏيون جويون، حُورون حيادار، وَڏِيُن اَکين واريون، نيڻن بَند نِهار، |
| كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
|
دَبلِي بَندن دِنجھ کان، تِنهن آني جي آچار، |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ سامهان ٿِي سَچار، حال پُڇَن هِڪ ٻئي ڪنان، |
| قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
|
جڏهن چَوندڙ چيو اُنهن مَنجھان، ته هو مُنهنجو هِڪ هَمراه، |
| يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
|
چي، آهِين ڇا؟ اُنهن مَنجھان، جي رکن هِي ويساھ، |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
|
ته جڏهن مُئاسون، جِسم مان، وِيو ساھ پَساھ، ۽ هُونداسون هَڏ ۽ مِٽي، ڀُور، ڀُڪابيواھ، ته اَسان کان اَلله، وٺندو حرف حساب جو؟. |
| قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
|
چَئـِبُن اِهڙِئَ چال، ته ڇا اِطلاع گُھرجي اُن جو؟ |
| فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ واقف ڪيو ويو اُن کي، هِڪدم ڪَنان حال، پوءِ باھ وِچ بَحال، اَ کِين ڏٺائـِين اُن کي. |
| قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
|
چي، سائـِينءَ جو سوگند، مون کي به اُڇلئي ٿي اُهڏ ۾، |
| وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
|
۽ جي مون تي نه هُئـِي مِهر ڪا، سَندمِ خداوند، ته توسان ڀيڙو بَند، هُئسِ حاضِرِيَنِ مان. |
| أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
|
مَرڻا نه آهيون مُور، |
| إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
|
پوءِ اَسِين پهرين موت ري، پڻ نه اَسِين آهيون، ڏِسندڙ سَختِي سُور، |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
|
سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي، ظاهِر مَنجھ ظهور، |
| لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
|
پوءِ گُھرجي پورهيت، پورهيو اُن جھڙو ڪن ضرور |
| أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
|
اِئَ مِهمانِي مَذڪور، وَڻندڙ، ڪِ وڻ ٿوهر جو؟ |
| إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
|
ڏاج ڪيوسون، ڏاڍن لئي، تِنهِين کي تڪرار، |
| إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
|
اصل تري مان آگ جي، سو نڪري وڻ نيڪار، |
| طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
|
ڪَر سِسا شيطانن جا، اُن جا ڏينهان، ڏار، |
| فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
|
اَوس آهِن اُن مَنجھان، کِيندڙ، سي خوار، پوءِ پيٽ مَنجھاسِ، پُورِئَ طرح ڀَريندڙ بَدڪار، |
| ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
|
وَرِي گَڏ، گَرم سان، اُنهن لئي اوتار، |
| ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
|
ٻَرندڙ ڏانهن ٻِيهار، مُقرّر موٽڻ اُنهن جو. |
| إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
|
اُنهن سَندنِ اَبن کي، مُوڙهل لَڌو مُور، |
| فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
|
پوءِ وَڃن، تَن جي واٽ تي، ڊوڙايا ضرور، |
| وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
|
۽ ويتر اَ ڳين مان وِرسيا، مَهندتِنيان مَغرور، |
| وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
|
۽ مَنجھنِ اَسان موڪليا، اِطلاعِي اَهڳور، |
| فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ پَس پَڇاڙِي اُنهن جِي، پيئـِي جَن پَرُوڙ، هڪ ٻئي پُٺِئَ هلاڪ ٿيا، دوست! ڪِنهن دستور، |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
|
مگر آجا اَقرضا، گولا ربَّ غفور، هَر صورت ڪنان سُور، صَحِي سلامت، سي رهيا. |
| وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
|
۽ نبي نُوح اَسان کي،ڪيا سَڏ سُوال، پوءِ وَھ! جا اَسِين واهرُو، |
| وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
|
ته اُو، ڪِ سَندسِ عيال، وَڏي ڪنان وَبال، آجو رکيو سون اُن کي. |
| وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
|
۽ باقِي رکيو سون ڀُون مَٿي، اُنهئ جو اولاد، |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
|
۽ سُهڻِي سَندسِ ياد، ڇَڏِيسون پويَن ۾. |
| سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
|
سَدا سَلام نُوح تي، جُملي مَنجھ جَھان، |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
|
ڪريون چڱايون چڱن سان، اِنهئ پَر اِحسان، |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
|
هوسَندمِ سَچن ٻانهن مان، بي شڪ بي گمان، |
| ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
|
موٽِي مَنجھ مِهران، ٻوڙيو سون ٻِئَن کي. |
| وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
|
۽ آهي اُن جي ڪيڙ مان، حضرت اِبراهيم، |
| إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
|
سائـِينءَ سَندسِ واٽ آئيو، جڏهن قلب ساڻ سَلِيم، |
| إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
|
پَنهنجي پئ ۽ پَهر کي، فَرمايو فَهِيم، ته ڪَن جِي ڪندا اهيو، تِيرٿ ۽ تَعظِيم، |
| أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
|
ڇا، ڪُوڙِيَن دَرگاهن ۾، آگي ري عَظِيم، رَکو اَمِيدون، آسرا مَن ۾ مُستقِيم؟ |
| فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
|
ڀَلا، بي ويساهِي ڪِهڙي، پوءِ آن کي، اي اَثِيم!، قادِر مَنجھ ڪَرِيم، جو پالڻهار پِرٿڻِيِين. |
| فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
|
پوءِ تارن ۾ تاثِير جِي، نَبِي ڪَئـِي نِهار، |
| فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
|
پوءِ ٻوليائـِين ٻِيهار، آئون ته اگھو آهيان. |
| فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
|
تڏهن موڙيؤن مُنهن اُن ڪنان، ٿيا پُٺيرا پاڻ، |
| فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
|
پوءِ اَچِي سَندنِ سانئيَن کي، سامهون ٿيو سُڄاڻ، چي، ڇو نه کائو کاڄ هِي؟ |
| ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
|
پڻ نه ڪُڇو ڇا ڪاڻ؟ |
| فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
|
پوءِ سَٽڻ لَڳنِ سامهون، سَڄڻ سَڄي ساڻ، |
| فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
|
آيا پوءِ اَڄاڻ، سامهون ڊوڙِي سيگھ مان. |
| قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
|
چي، پوءِ ڇا، تَن کي پُوڄيو؟ گَھڙيو جَن گُمراھ! |
| وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
|
اَوهان کي اَللهُ، جوڙيو، ۽ جيڪِي ڪَم ڪريو. |
| قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
|
چي، جَلد اُن لئي جوڙيو، ڪو کامڻ لئي کُورو، پوءِ اُڇليوسِ آڙاھ ۾، تان سڙي سَمُورو، |
| فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
|
پَہ پَهيائون پُورو، پوءِ ڪيوسون ڪِريل اُنهن کي. |
| وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
|
۽ چي، آئون لَڏڻو آهيان، پَنهنجي پَروَر پار، ڏيکارِيندمِ ڏاتار، مُلڪ مارُوئڙن جو. |
| رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
|
چي، پَروَر! پُٽ ڏيِينمِ ڪو، صالِحن مان سُڌِير، |
| فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
|
پوءِ خاصِي ڏِنِيسُونسِ کِير، ڇوڪر کانڌ ڇُڳير جِي. |
| فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
|
پوءِ جڏهن ساڻسِ ڊُڪ ڊوڙ ۾، رَسيو گل ريحان، چي، مِٺا! مُنهنجا پُٽڙا!، آءٌ خواب لَهان ٿو خان، ته توکي رَبَّ جي راھ ۾، ڪريان پِيو قُربان، ڪاتِئَ هيٺ ڪُسڻ کي؛ جاچ پوءِ جُوان!، چي، بابَل! ڀلي ڪرتون، جِيئن فائـِق جو فرمان، سِگھو لَهندِينمِ صابِرن مان، جي گُھريو رَبَّ، غُفران، |
| فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
|
پوءِ جڏهن جُھڪيا اَمر کي، ٻَئـِي دُولہ دِل و جان، پڻ مِٽ ڀَر مِهربان، ليٽايو تِنهن لال کي. |
| وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
|
۽ سُنَت سَڏيو سون اُن کي، ته اي اِبراهيم!، |
| قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
|
سارِي سوڻُو پَنهنجو، تو سَچو ڪيو سَلِيم! ڀَلن ساڻ ڀَلايو، ڪريون اِيئن قَدِيم، . |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
|
اِي اِمتحان عَظِيْم، بِلڪُل وَڏو بارهو |
| وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
|
۽ ڪئـِي سُون قُربانِي وَڏِي، پُٽ سَندسِ جو پارِ، |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
|
۽ چَڱِي ڇڏيسون اُن جِي، پويَن مَنجھ پَچار، |
| سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
|
سَلام اِبراهِيم تي، وَسن ويرو تار، |
| كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
|
ڀَلن اِهڙِئَ ڀَت ڏِيون، بَدلا بَرقرار، |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
|
ثابِت هو سَچار، مُنهنجي مَڃِيندڙ ٻانهن مان. |
| وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
|
۽ اُن کي ڏِنِي سُون اِسحاق جِي، بِشارت بَحال، جو صَحِي صالِحن مان، نَبِي نيڪ نِهال، |
| وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
|
اُن سان، پڻ اِسحٰق سان، بي حد ڪياسون ڀال، ۽ اُنهن جي اولاد مان، ڪي چڱا چَڱِئَ چال، پڻ پَڌرا پَنهنجي نال، آهِن ڪَندڙ ڪَلُور ڪي. |
| وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
|
۽ مُوسٰى ۽ هارون تي، اسان ڪيا اِحسان، |
| وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
|
ڪياسُون وَڏي وَبال کان، آجاٻَئـِي اخوان، |
| وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
|
۽ سوڀ ڏِنِيسونِ، پوءِ ٿيا غالِب بي گُمان، |
| وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
|
۽ بابن ساڻ بيان، توريت ڏِنوسون، تَن کي. |
| وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
|
۽ سَئـِين سُهائيسون اُنهن کي، |
| وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
|
پڻ نيڪ سَندنِ نام، ۽ باقِي رَکِي سُون بُنياد ۾، قائـِم تاقيام، |
| سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
|
مُوسٰى مِهتر دوست تي، پڻ هارُون سِر هُمام، آهِن اَسان جي طرف کان، سَدائـِين سَلام، |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
|
چَڱِي ڏِيون چڱن کي، اِنهِئَ پَر اِنعام، |
| إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
|
ٻَئـِي سَندئون ٻانهن مان، جي وِسهندڙ وَريام، |
| وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
|
پڻ اِلياس اِمام، آھِ مُرسلن مان مُورهِين. |
| إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
|
جڏهن چَيائـِين پَنهنجِي پَهر کي، ڇو ڪَنبو نَه ڀر قهار؟ |
| أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
|
ڪِ گَھڙِي گَھڙِي گھوٽ کي، پُوڪارِيو پينار! ۽ ڇڏيو سَڀنِيا سُهڻو، خالِق خَلقڻهار، |
| اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
|
جو اَنهنجو پالڻهار، پڻ اَنهنجي اَڳين اَبن جو. |
| فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
|
پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيؤن اُن کي، اُهي اَوس گِرفتار، |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
|
ٻاجَھون ٻانهن ربَّ جي، جي نِرا، نِج، نِبار، |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
|
۽ چڱِي ڇَڏِيسون اُنهن جِي، پوين مَنجھ پچار، |
| سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
|
آهي اِلياسِين تي، سلامَتِي سَهوار، |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
|
ڀَلن اِهڙِئَ ڀَت ڏِيون، بَدلا بَرقرار، |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
|
سَچ پَچ آھِ سَچار، مُنهنجن مَڃِيندڙ ٻانهن مان. |
| وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
|
۽ لُوط مَنجھارن مُرسَلِين، ڀَلو آھِ بَحال، |
| إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
|
آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ سَڀ سَندسِ آل عيال، |
| إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
|
مگر پوڙِهي پويَنِ ۾، رَهيل ريزالِي زال، |
| ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
|
موٽِي مِليا ميٽ ٻِئا، ڪياسُون ڪُلال، |
| وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
|
اَوهين لَنگھو ٿا اُنهن مَٿان، صُبح، سانجِھي، سال، |
| وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
|
پاڙا، پَڊ پيمال، پَسِي ڇو نه پَروڙيو؟ |
| وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
|
۽ يُونس مَنجھان مُرسلِين، ڀَلو آھِ بَحال، |
| إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
|
جڏهن ڀَڳو ٻيڙِئَ ڀَرِت ڏي، |
| فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
|
پوءِ فائـِق وِجھايو فال، ته ٿيو اُن مان پاڻ، پُکو نِڪتو جَنِين نال، |
| فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
|
پوءِ مَڇِي ڳِهيو پيٽ ۾، سو نَبِي نيڪ نِهال، ۽ اُهو هُئو جھڙي حال، اوسيڙي، اَرمان ۾. |
| فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
|
جي چَوندڙن مان، هُوند نَه هو، پَروَر کي پاڪ، |
| لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
|
ته پِيو اُن جي پيٽ ۾، رهيو غوطن ۾ غمناڪ، تان حشر هولناڪ، جڏهن کَڙا ٿِين سي خاڪ مان. |
| فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
|
پوءِ اُڇليو سون اُن کي، بَر اَندر بِيمار، |
| وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
|
ڪَدُو اُپاڙِيوسون اُن مَٿي، وَڻ خاصو خوشگوار، |
| وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
|
موٽِي مُڪو سونسِ لک ڏي، ڪِ اِنهائـِي اَپار، |
| فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
|
پوءِ آندائون اِعتبار، پوءِ وَرساياسونِ ڪِنهن وارسِين. |
| فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
|
پُڇينِ، ته تُنهنجي پاڪ ڌَڻِي ڌِييون ڌُيون پاڻ، ۽ اُنهن ڪُفارن ڪاڻ، پوٽا، پُٽ پَسند ڪيا. |
| أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
|
ڇا مَلڪن کي، مادِيون ڪري، پيدا ڪيو سون پاڻ؟ ۽ اَکِيين ڏِٺااَڄَاڻ، شاهد آهِن، شُوم سي. |
| أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
|
سَمجھ ته، سَندنِ ڪُوڙ کان، ٿا چَون اِهڙِي چال، |
| وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
|
ته پَسند پُٽيلو ڪو ڪيو، مالِڪ بي مثال، ۽ اِهي خام خيال، ڪُوڙا آهن قول ۾. |
| أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
|
ڌَڻِي ڌُئو ڌِيَن کي، پُٽن مَٿي پاڻ، |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
|
ته نِياءُ ڪِيئن نبيريو، ڇا، آهي اوهان ڪاڻ؟ |
| أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
|
ساڃاءِ سُڄاڻ! پوءِ ڪِنهن پَر ڪِين پِرائيو؟ |
| أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
|
ڇا، اوهان وٽ آھِ ڪا، سَنَد برصواب؟ |
| فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
|
اِهو اَوهان جو ڪتاب، آهيو سَچا، ته آڻيو. |
| وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
|
۽ اُن ۽ جنن ۾ مائـِٽِي، مُقرّر ڪيائون مُور، ۽ هو هَرگز ڏِيَڻا حاضِري، اِي پَريَن کي پَرُوڙ، |
| سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
|
پَروَر تَنِيان پاڪ گھڻو، جيڪي موڳا ڪَن مَذڪور، |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
|
آهِن اِن کان دُور، سَندمِ ٻانهان سِهتڻا. |
| فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
|
اَوهِين ڪُل، ڪِ ڪريو، جَن جون، زيارتون ضرور، |
| ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
|
اَصل نه آهيو اُن وٽان، ڪِنهن کي، مُنجھائـِيندڙ مُور، |
| إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
|
مگر جو مَغرور، آهي ڄيري مَنجھ ڄِراٽڻو. |
| وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
|
۽ چي، اَصل اسان ناھِ ڪو، مگر هر هِڪ هارِ، مقرّر آهي ماڳ ڪو، دَرجا ڌارو ڌار، |
| وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
|
۽ اَسِين آهيون فوج جِيئن قطارو قطار، |
| وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
|
۽ اَسِين وصفون ويرو تار، ڪندڙ رَبَّ ڪَرِيم جون. |
| وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
|
۽ مَهند ڏِيندا هُئا مُورهين، اِهي قول قرار، |
| لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
|
اَصل اسان وٽ جي هُجي، اڳين جو اَذڪار، |
| لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
|
ته اَسِين هُجون، اَلله جا، ٻانهان نِج نِبار، |
| فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
|
پوءِ اُن کان ڪيؤن اِنڪار، پوءِ سَمجِھي وِيندا سِگھڙي. |
| وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
|
۽ مُنهنجي مُرسل ٻانهن لئي، لِکيو اسان، جو اَنگ، |
| إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
|
ساڻنِ مَددون مَهل تي، جِتي ڪٿي مَنجھ جنگ، |
| وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
|
۽ بنادير دَرنگ، فاتِح فوج اسان جِي. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
|
ڪِنهن ٽاڻي تائين، تن کان، موڙيو مُنهن مَهندار، |
| وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
|
ڏِس ڏُکيو اُنهن کي، اِهي به ڏِسن آزار، |
| أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
|
ڇو، تڪڙ ڪَن تڪرار، اسان جي عذاب تي ؟ |
| فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
|
سَندنِ اڱڻ ۾ اوچتو، آيو جڏهن عَذاب، پوءِ ڏهڪايلن جو، ڏِينهن ٿيو، بُڇرو بي حِساب، |
| وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
|
۽ ڪِنهن ٽاڻي تائين تَن کان، موڙيو مُنهن مَهتاب، |
| وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
|
۽ پَس تن کي نُور نَواب!، هِي به پَسندا پاڻهِين. |
| سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
|
سَٻر سائـِين تُنهنجو، عِزتدار، اَپار، پَڪ تَن کان پاڪ گھڻو جي ڏِين پَتا ۽ پار، |
| وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
|
مَٿي مِڙنِي مُرسَلِين، سَلامتي سَهوار، |
| وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
|
۽ آهن هِڪ اَلله لئي، هَردَم حَمد هزار، جو پَروَر پالڻهار، جُملي جھانن جو. |